سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل مارچ 1979ع

باب: --

صفحو :4

راڪيٽ جي انجڻ، پنهنجي طاقت ٻارڻ جي ٻرڻ مان ٿيندڙ گيسن جي هڪ ڦوهاري نيڪال ٿيڻ سان حاصل ڪري ٿي. راڪيٽ مان جيتري جهجهي گيس خارج ٿيندي اوترو راڪيٽ رفتار وڌائيندو ويندو آهي. راڪيٽ جڏهين خلا ۾ اهڙي جاءِ تي پهچي ٿو جتي آڪسيجن نه هوندي آهي ته سندس انجڻ ۾ خودبخود آڪسيجن پيدا ٿي ويندي آهي جنهن کي Oxidant چيو ويندو اهي. راڪيٽ ۾ ٺريل هائڊروجن پڻ ٻارڻ طور استعمال ٿيندي آهي. راڪيٽ جي انجڻ ۾ اهڙيون نلڪيون (Valve) لڳل هونديون آهن جيڪي هئڊروجن ۽ آڪسيجن کي ڪنٽرول ڪنديون آهن.

راڪيٽ جي ٻارڻ ٻرڻ ڪري، هن جي آخري حصي جي گرميءَ جو درجو ٽي سؤ سينٽي گريڊ تائين پهچي ويندو جو ڪنهن به قسم جي ڌاتوءَ کي پگهارڻ لاءِ ڪافي آهي.

دنيا ۾ جيڪي ملڪ راڪيٽ ٺاهين پيا، انهن بي شمار قسم جا راڪيٽ ٺاهيا آهن. انهن قسمن تي هڪ وڏو ڪتاب لکي سگهجي ٿو. پر اصول اهڙو ته سادو ۽ سولو آهي جو دنيا جا ڪيترائي شاگرد شوق طور راڪيٽ جا ماڊل ٺاهين ٿا. ۽ گهر ۾ موجود ڪيميائي جزن جي مدد سان ان جو ٻارڻ ٺاهين ٿا ۽ اڏائين ٿا. اهو به هڪ جذبو آهي جيڪو هر قوم جي ٻارن ۾ هجڻ کپي. ڇاڪاڻ ته ٻار آئندي جا ابا آهن، ان ڪري جيستائين اهي جدا جدا شين جي اندر جهاتي پائي نه ڏسندا، انهن جي شعور ۾ بلندي نه ايندي.
 

ننڍڙا اديب

محنت جي برڪت

هن جي چهري مان حسرت ۽ مايوسي جا سايا جهانڪي رهيا هئا. هن کي پري پري شهر ڏي وڏن وڏن بنگلن ۽ ڪوٺين جون بتيون ٻرندي ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون. هن هڪ ڀيرو ڪوٺين ڏي نظر وڌي پوءِ وري پنهنجي ڪکن ڪانن مان ٺهيل جهوپڙيءَ ڏانهن نهاريو جتي سندس ماءُ شهر مان آندل عورتن جا ڪپڙا سبي رهي هئي ۽ انهن ڪپڙن جي سباڻي مان جيڪي پئسا ملندا هئا سي هن جي تعليم ۽ کاڌي پيتي تي خرچ ڪندي هئي. پوءِ اوچتو هن جي منهن ۾ خوشيءَ جي لهر تري آئي. خبر ڪانهي هن ڇا سوچيو هو. هو آهستي آهستي هلندو جهوپڙيءَ ۾ گهڙيو. ماءُ هن کي ڏٺو ته پيار مان پڇڻ لڳي، ”ڪٿي هئين پٽ؟“ ”اِتيئي سامهون بيٺو هئس“ ۽ پوءِ يڪدم چيائين ”امان تون سڄو ڏينهن ڪپڙا ڇو ٿي سبين، آرام ڇو نه ٿي ڪرين؟“ ”پٽ، جيڪڏهن آءٌ ڪپڙا نه سبان ته تنهنجي تعليم ۽ گهر جو خرچ ڪيئن هلندو؟“ ماءُ آهستي جواب ڏنو. ”امان، هاڻ آءٌ پاڻ محنت ڪندس. توکي آءٌ ڪپڙا سبڻ نه ڏيندس.“ هن عزم سان ڀرپور لهجي ۾ چيو. ماءُ هن جي ڳالهه ٻڌي کلي ڏنو، ”پٽ تون ڪهڙي محنت ڪندين. تون ته اڃان ننڍو آهين.“ ”نه امان، هاڻ آءٌ ننڍڙو ڪو نه آهيان. اٺين درجي ۾ ته پڙهان ٿو.“ ليڪن ماءُ هن جي ڳالهه کلي ٽاري ڇڏي.

هو سچيءَ دل سان ان ڳالهه جو فيصلو ڪري چڪو هو ضرور ڪا ننڍڙي نوڪري ڳوليندو. جتي هو شام جو ويندو ۽ صبح جو هو اسڪول ته ويندو ئي هو. هن کي هڪ هڪ ڪري پراڻيون ڳالهيون ياد اچي رهيون هيون. هن کي چڱي طرح ياد هو. ان وقت هو پنجين درجي ۾ هو. جڏهن هن جو پيءُ گذاري ويو. هن جو پيءُ هڪ آفيس ۾ ڪلارڪ هو، مگر پوءِ به هنن جو گهر آساني سان هلي رهيو هو، والد جي انتقال کان پوءِ هنن وٽ ڪجهه به نه بچيو. انهي ڪري هنن مجبوراً اها جاءِ ڇڏي ڏني. ڇو ته اها مسواڙ تي هئي ۽ پوءِ هو ۽ هن جي ماءُ جهوپڙيءَ ۾ رهڻ لڳا ۽ تڏهن کان هنن جي ماءُ ڪپڙا سبي رهي هئي.

ٻئي ڏينهن جڏهن هو اسڪول پهتو ته انهن خيالن ۾ گم هو. ڪلاس ۾ استاد جو آواز ٻڌي هو خيالن جي دنيا کان ٻاهر نڪري آيو. جيڪو چئي رهيو هو، ”جميل ڪهڙن خيالن ۾ گم آهين؟ پڙهائي ۾ ڌيان ڏي.“ هو هڪ ذهين شاگرد هو، ان ڪري سڀ استاد هن جو خيال رکندا هئا.

پوءِ اُنهيءَ ڏينهن جڏهن هو اسڪول کان موڪل ملڻ کان پوءِ گهر وڃڻ لاءِ روڊ تي آيو ته هن جي نظر هڪ ڊاڪٽر جي اسپتال تي پيئي. اسپتال ان وقت بند هئي. ليڪن ان جي دروازي تي هڪ ننڍڙو بورڊ لڳل هو. جنهن تي وڏن وڏن لفظن ۾ لکيل هو. ”اسپتال جي لاءِ هڪ نوڪر جي ضرورت آهي. وقت: شام جو 4 بجي کان رات جو اٺين بجي تائين.

جميل جي اکين ۾ هيءُ ڏسي خوشي جي لهر ڊوڙي آئي ۽ هو سوچڻ لڳو ته هو ضرور ان اسپتال ۾ نوڪري ڪندو. هو تکو تکو هلندو شهر کان ٻاهر آيو جتي هن جي جهوپڙي هئي. جهوپڙيءَ جي ويجهو پهچي هن ساهه پٽيو ۽ جهوپڙيءَ ۾ داخل ٿيو. هن ماءُ کي ڪجهه ڪو نه ٻڌايو. پوءِ انهيءَ ڏينهن شام جو هن کي اسپتال ۾ نوڪري ملي ويئي. پگهار مناسب هو. 50 رپيا ماهوار. هن ماءُ کي پنهنجي نوڪريءَ جي باريءَ ۾ ٻڌايو ته ماءُ هن کي کڻي ڀاڪر پاتو، ۽ چيو، ”پٽ توکي تڪليف ته ڪا نه ٿيندي اتي؟“

”نه امان، ڊاڪٽر صاحب تمام ڀلو ماڻهو آهي.“ جميل جواب ڏنو، پوءِ جميل روز شام جو اسپتال وڃڻ لڳو. رات جو هو اسڪول ۾ ڏنل ڪم ياد ڪندو هو. پوءِ ڏينهن رات محنت جي زور تي پاڻ به ڊاڪٽر جميل صاحب بنجي ويو.

هاڻ جميل ۽ سندس ماءُ هڪ شاندار بنگلي ۾ رهندا آهن. هن وٽ هڪ ڪار آهي، ۽ هو غريبن جي علاج تي خاص توجه ڏئي ٿو.

جان محمد ڳاهو- ڦلهڏيون

منهنجي ڀُلَ

ڪالهه منهنجي پيءُ هڪ ڊزن ڪيلا آندا. مون پنهنجي ڀاڱي جو هڪ ڪيلو کنيو ۽ دريءَ وٽ بيهي کائڻ لڳس. ڪيلو کائي ان جي کل ٻاهر بازار ۾ اڇلائي ڇڏيم، ۽ پاڻ گهر جي اڱڻ ۾ اچي ننڍي ڀيڻ حليمان سان راند ڪرڻ لڳس. ڪلاڪ کن کان پوءِ بازار مان گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. بابا گوڙ ٻڌي ٻاهر نڪتو آئون به ڊوڙيس دريءَ وٽ وڃي بيٺس ڇا ٿو ڏسان ته هڪ ٻڍڙي مائي زمين تي ڪري پئي آهي ۽ ماڻهو ان کي ٻانهن کان اٿارين پيا. ويچاري ڪنجهي رهي هئي منجهس اٿڻ جي طاقت به نه هئي ٽنگ به سڌي نٿي ٿيس ٿوري دير ۾ ٻيا به ڪيترا ماڻهو اچي مڙيا ۽ پڇڻ لڳا ته هو. ڪيئن ڪري؟ ڪنهن کي به خبر نه هئي. ٻڌائي ڪير؟ ماڻهن ٻڌڙيءَ کي اٿاريو ته هيٺ ڪيلي جي کل پيئي هئي. بابا چيو ”افسوس ڀانئجي ٿو ته ويچاري هن کل تان ترڪي آهي ڪهڙي ته خراب ڳالهه آهي، جو ماڻهو کل ڪنهن ٽوڪري ۾ نٿا اڇلين پر بازار ۾ اڇلي ٿا ڇڏين. ڏسو ڪنهن ماڻهو جي ٿوري ڀل جي ڪري ويچاري ٻڍڙي جي ٽنگ ڀڄي پئي.“ ماڻهن ٻڍڙي کي ٽانگي تي چاڙهيو ۽ هڪ ماڻهو ان کي ڊاڪٽر ڏي وٺي ويو ۽ ٻين ماڻهن اتي ئي بيٺي پاڻ ۾ ڳالهايو هڪڙي چيو شهر جا آفيسر شهر جي صفائي نٿا ڪرائين ٻئي چيو اهو ته اسان جو ڪم آهي، ته بازار ۾ کلون نه اڇلايون. مون گهر جي دريءَ مان سڀڪجهه بيٺي ٻڌو ۽ سوچيم پئي ته منهنجي ٿوري ڀل جي ڪري ٻڍڙي جي ٽنگ ڀڄي پئي. هاڻي هوءَ هلندي ڪيئن؟ ڪم ڪيئن ڪندي. کيس ڪيترو نه سور ٿيندو. الائي هوءَ هلي سگهندي يا نه؟ منهنجي ٿورڙيءَ ڀل، ڪيڏو نه نقصان پهچايو ان لاءِ مون کي ڏاڍو ڏک آهي.

- سريش ڪمار مهيشوري، شادي پلي

ڪاميابي جي ڪنجي

حامد ۽ خالد ٻئي ڀائر هوندا هئا. هو ٻئي ستين ڪلاس ۾ پڙهندا هئا. جنهن وقت هنن ڇهون پاس ڪيو ته هنن جو پيءُ هڪ بس جي حادثي ۾ گذاري ويو. جنهنڪري حامد ۽ خالد کي تمام گهڻو صدمو رسيو ۽ هنن جي پڙهائي ۾ رنڊڪ پيدا ٿي پئي. پر هنن دل نه هاري.

هنن جي ماءُ پاڙي واري گهر ۾ ڪم ڪرڻ تي لاچار ٿي پئي، ڇاڪاڻ ته هنن کي پنهنجي پٽن جو مستقبل روشن ڪرڻو هو، جنهن لاءِ پئسن جي سخت ضرورت هئي. هنن کي ڪجهه پئسا ملندا هئا. جيڪي هنن جي گهر جو خرچ ٿيندا هئا ۽ بچت ڪا نه ٿيندي هئس، جو پٽن جون فيون وغيره ڀري سگهي. ان ڪري هوءَ سدائين پريشان رهندي هئي.

حامد ۽ خالد ٻنهي گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اسان کي ڪو نه ڪو ڪم ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اسان جي ماءُ تمام غريب آهي. جيڪي پئسا ملندا اٿس سي گهر جي خرچ ۾ پورا آهن. اسان جون فيون انهن پئسن مان ڪو نه ٿي سگهنديون. هنن فيصلو ڪيو ته سڀاڻي اسڪول ٽائيم کان پوءِ ڪنهن نه ڪنهن ڪم جي ڳولا ۾ نڪرنداسين. ٻئي ڏينهن ٻئي ڀائر اسڪول جي ٽائيم کان پوءِ گهر آيا ماني کائي ڪنهن ڪم جي ڳولا ۾ نڪتا. هڪ سائيڪلن جي دڪان تي آيا ۽ دڪان واري سان ڳالهايائون. هن هنن کي پنجن رپين روز تي بيهاريو. هنن هن کي چيو ته اسان سڀاڻي اسڪول ٽائيم کان پوءِ اينداسين، پوءِ گهر موٽي پنهنجي ماءُ کي ڏسيائون. پر ماءُ صاف انڪار ڪيو. چيائين ته توهان پڙهو، جيڪڏهن توهان ڪو ڌنڌو ڪندو ته توهان پڙهي نه سگهندو.

حامد پنهنجي ماءُ کي سهڻي نموني چيو ته ”اسان جي اڳيان هڪ عظيم مقصد آهي ۽ اهو هي آهي ته اسان پڙهون. علم دنيا جي عظيم نعمت آهي، انهيءَ نعمت کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي پئسن جي ضرورت آهي. جيڪي پئسا توهان کي ملن ٿا. سي گهر ۾ خرچ ٿيو وڃن. تنهنڪري اسان کي ڪو نه ڪو ڪم ڪرڻ گهرجي. جيڪي پئسا ملندا سي اسين گڏ ڪنداسين، ۽ پڙهائي ۾ خرچ ڪنداسين.

خالد چيو ته، ”امان حامد بلڪل صحيح ٿو چوي. اسان رات جو پڙهنداسين علم حاصل ڪرڻ لاءِ اسان سخت جدوجهد ڪنداسين.“

نيٺ هنن جي ماءُ اها ڳالهه مڃي. پوءِ ٻئي ڏينهن هو منجهند جي ماني کائي دڪان تي ويا. پهريائين ته هنن کي سائيڪلن جا ميرا پرزا ڌوئڻ لاءِ ڏنائون، هنن خوشي سان اهو ڪم ڪيو. شام جو گهر آيا. هنن ٻنهي کي پنج رپيا مليا. هنن پنج ئي رپيا رکي ڇڏيا. رات جو گهر ۾ پڙهڻ لڳا. هو ٻئي ڀائر اسڪول ۾ تمام هوشيار رهندا هئا. هنن کي استاد به گهڻو چاهيندا هئا. هنن جي امتحان جو نتيجو ڏسي سندن ماءُ ڏاڍي خوش ٿي. سال ڏيڍ ۾ هو سائيڪل جو ڪم سکي ويا. جنهنڪري هنن کي وڌيڪ پئسا ملڻ لڳا. هاڻي هنن پنهنجي ماءُ کي پاڙي واري گهر ۾ ڪم ڪرڻ تي روڪيو. هو پڙهندا به هئا ۽ ڪمائيندا به هئا. اهڙيءَ طرح هنن ستين جماعت کان وٺي انٽر تائين پاڻ ڪمايو. جنهن مان گهر جو خرچ به هليو، ۽ امتحانن جون فيون به ڏنيون. ان کان پوءِ هنن پوسٽ آفيس ۾ نوڪري ڪئي. هو شام جو 4 وڳي ويندا هئا ۽ 9 وڳي رات جو موٽي ايندا هئا. ائين هو پڙهندا به رهيا ۽ نوڪري به ڪندا رهيا.

ڪجهه سالن بعد حامد ڊاڪٽر ۽ خالد وڪيل ٿيو. هنن جي ماءُ بيحد خوش ٿي هوءَ ڪپڙن ۾ نه پي ماپي. اڄ هن جي اڳيان هڪ نئين دنيا هئي هن جي دل جون اميدون پوريون ٿيون هيون.

ٻارو، ڪنهن بزرگ چيو آهي ته ”ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.“ جيڪڏهن اوهان محنت ڪندؤ ته ضرور ڪامياب ٿيندؤ. پيارا ٻارو، ڪو به ڏکيو ڪم هجي ته توهان ان کي همت ۽ بهادريءَ سان ڪريو.

- فريد حسين ڀٽو، خيرپورميرس.

ماءُ

دنيا جي سڀني نعمتن کان اوچي ۽ اُتم نعمت ماءُ جو پيار آهي. ماءُ، جا ڌرتيءَ تي ايشور جو اقتدار آهي سا اهڙي ته مهربان، قربان ٿيندڙ ۽ پاڻ صدقو ڪندڙ آهي جو اسان جي واسطي تڪليفون ۽ سختيون سهي ٿي. ماءُ جي مهرباني جو ذڪر ڪرڻ هن ننڍڙي زبان جي طاقت کان ٻاهر آهي. جڏهن اسين ٻاهر هئاسين، ۽ پنهنجي پاڻ سنڀال ڪرڻ لاءِ اشڪتيوان هئاسين، تڏهن ڪيئن نه هن پيار سان اسان کي پاليو هنج ۾ کڻي سمهاريو، ۽ هر طرح خاطري ڪئي. جڏهن اسين ڪجهه بي مزي ٿي ٿياسين تڏهن ڪيئن نه سڄيون راتيون منتظر ٿي رهي ۽ اسان جي سنڀال ٿي لڌائين.

سمنڊ جي تري جا ماڻڪ ۽ موتي اهڙا قيمتي نه آهن، جهڙا ماءُ جي پيار جا ٻاجهارا ترورا آهن. هن جو پيار نه ميٽجڻ جو، نه ٿڪجڻ جو آهي. پٽ پيءُ کي ڀلي نه ڪڍي ڇڏي، ڀائر پاڻ ۾ ڀلي وڙهي ڍانگا ٿي پون، پر ماءُ جو پيار ڏک توڙي سک ۾ ساڳيو ئي هليو اچي. سڄي دنيا ڪري سندس اولاد تي ڦٽ لعنت وجهي، پر ماءُ جي مٿن اها ئي پيار جي نظر.

اسان جي ٻاراڻي مرڪ، ٻاراڻيون چلولايون، خوشي ڀريل ڪيڪون ۽ وڏي ٿيڻ جا آسرا ڏسي هن جي ڇاتي خوشي سان ٽمٽار ٿي وڃي ٿي. هن جو پيار حياتي جي سردي خواهه گرمي ۾ هر وقت سرهائي ۽ خوشيءَ جون بوندون وسائي ٿو. تڪليفون گهٽائي آرام ڏئي ٿو ۽ غم مٽائي خوشي رکي ٿو. خودغرضي سندس پيار کي ميٽي يا ڍرو ڪري نٿي سگهي. اسان جي خوشيءَ ۾ هو پنهنجي خوشي سمجهي ٿي ۽ غم وقت اسان کي دلداري ڏيئي خوش رکي ٿي.

ماءُ ٻار لاءِ آب حيات آهي، هڪ بهشت جو ملائڪ آهي. جڏهن هو محتاج آهي، تڏهن هو سندس خدمت ڪري دلين کي آٿت ڏئي ٿي. ماءُ ٿڪلن جو آٿت ڳڻتي ڳاريل جو دلاسو آهي.

جيڪڏهن توکي ماءُ آهي ته توکي سڀڪجهه آهي. جيڪڏهن تو ڪڏهن به ڀلجي پنهنجي ماءُ جي نازڪ دل کي زخم پهچايو آهي ته روءُ، ڳوڙها ڳاڙ، پڇتاءُ ڪر ۽ هن کان معافي وٺ نه ته خدا جي پيار جو ڪڏهن به ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيندين.

- اشوڪ ڪمار آزاد، عمرڪوٽ

سون جي ٿالهي

گهڻن ورهين جي ڳالهه آهي ته هڪ ڳوٺ ۾ هڪ غريب هاري رهندو هو. ان کي هر ڪاهيندي هڪ ڏينهن ٻنيءَ مان هڪ ٿالهي هٿ آئي جا سڄي سون جي هئي. ان تي چٽن اکرن ۾ لکيل هو ته ”هي ٿالهي ان ماڻهوءَ جي آهي جيڪو سڀني سان محبت ڪندو هجي.“ هاري اها ڳالهه سڄي ڳوٺ ۾ پکيڙي ڇڏي. گهڻائي ماڻهو ان وٽ آيا ۽ هرڪو چوڻ لڳو ته هيءَ ٿالهي منهنجي آهي ڇاڪاڻ ته آءٌ سڀني سان محبت ڪريان ٿو. هاري ويچارو سادو سودو هو تنهنڪري ڏاڍو پريشان ٿيو ته هيءَ امانت ڪنهن کي ڏيان.

هڪ ڏينهن وٽس هڪ ماڻهو آيو جنهن چيس ته هيءَ ٿالهي، مون کي ڏي ڇاڪاڻ ته مان دنيا ۾ سڀني سان محبت ڪريان ٿو. مون نه رڳو ضرورتمندن جي مدد ڪئي آهي. پر ڳوٺ جي جانورن جي پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جو انتظام به ڪيو آهي. هاريءَ ان کي ٿالهي ڏني ته اها سڄي پٿر ٿي پيئي، ۽ زمين تي ڪري پيئي. اهو ماڻهو ماٺ ڪري ٿالهي ڇڏي ڀڄي ويو. درحقيقت اهو هڪ سکيو ماڻهو هو ۽ ماڻهن کي وياج تي پيسا ڏيندو هو، ۽ جيڪي جانور سندس ٺهرايل حوض مان پاڻي پيئندا هئا تن جي مالڪن کان پيسا وصول ڪندو هو. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪئين ماڻهو آيا پر ٿالهي اصل شڪل ۾ ڪنهن وٽ به نه رهي.

ان ڳوٺ ۾ هڪ مسيڪن ماڻهو رهندو هو. جو جيتوڻيڪ مسڪين هو پر دل جو غني هو. هڪ رات گهر ۾ ويٺو هو ۽ ماني کائڻ جي تياري ڪري رهيو هو، پر سوچي رهيو هو ته اڄ رات لاءِ ته آهي پر سڀاڻي لاءِ ڪجهه نه آهي، هاڻي ڇا ٿيندو؟ ايتري ۾ هڪ انڌي فقير اچي در تي صدا هنئي ”بابا، مان بکايل آهيان، ڪجهه کارايو“ هن ماڻهوءَ وٽ جيڪا ماني هئي ان جو اڌ ان فقير کي ڏنائين ۽ باقي اڌ پاڻ گهر جي ڀاتين سان گڏجي کائڻ لاءِ ويٺو، ته ٻي فقير اچي سوال ڪيس. هن ويچار باقي بچل ماني ان فقير کي ڏني. پاڻ ۽ سندس ڀاتي بکيا ئي سمهي رهيا.

صبح جو سويل، ان پهرئين فقير اچي ان ماڻهوءَ کي سڏيو ۽ کيس وٺي ان ٿالهيءَ واري هاريءَ وٽ ويو. ان فقير، هاريءَ کي چيو ”هن ٿالهيءَ جو اصل حقدار اهو ئي آهي“. هاريءَ ٿالهي ان ماڻهوءَ کي ڏني ته اها ٿالهي تهائين وڌيڪ چمڪڻ لڳي. اتي بيٺل ماڻهو ڏاڍا حيران ٿيا. سوناري ان ٿالهيءَ جون هڪ سؤ اشرفيون ڏنيون. غريب ماڻهو پنهنجي نيڪ نيتي ۽ سخا دليءَ باعث هڪ وڏو امير ماڻهو بنجي ويو.

- ظفرالله شيخ، لاڙڪاڻو.

عبدالقيوم ميمڻ

روشن تارا

ميمڻ عبدالرسول سنڌي

انٽرويو ڏيندڙ:

ميمڻ عبدالرسول سنڌي

انٽرويو وٺندڙ: عبدالقيوم ميمڻ

چوندا آهن ته صحبت جو اثر ضرور ظاهر ٿئي. منهنجو هم ڪلاسي ۽ ننڍي لاءِ جو دوست ميمڻ عبدالرسول سنڌي اسان هڪ جيڏن ۾ ڄاتل سڃاتل آهي. جڏهن به ڪلاس ۾ ايندو آهي، ته سندس نرڙ جي گهنجن مان ڪتابن جي ورق گرداني معلوم ٿيندي آهي. ڪڏهن به کيس واندو ويهندي مون ڪو نه ڏٺو.

گورنمينٽ پراونشلائيزڊ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ انگريزي تعليم لاءِ ٻنهي داخلا ورتي. عبدالرسول ميمڻ شروع کان ئي ذهين هو، جنهن ڪري سندس ذهانت ڪلاس جي مانيٽري ڏياريس. اڄ هو خير سان ڏهين ڪلاس جو شاگرد آهي.

جيتري قدر معلوم آهي ته هو پنهنجي خانداني ورثي مطابق ڪافي ڪتابن جا ڪٻت اٿلائي بيٺو آهي. خاص ڪري ڪهاڻين جي ڪردار ۾ سندس مٽ ڪو ڇڊو ملي. سندس ڀاءُ ميمڻ عبدالغفور سنڌي جيڪو هڪ سٺو اديب ۽ ليکڪ آهي، ان جي صحبت ۾ هي ننڍڙو جوان پنهنجي عمر جي حساب سان وڏو مطالعو ڪري چڪو آهي. سؤ سوا سوَ صفحن جو ڪتاب سندس ڪلاڪ جو قوت آهي، جنهن ڪري شايد وڏو به پهچي نه سگهي. هيٺ آئون پنهنجي ميمڻ عبدالرسول جي هڪ ملاقات قلمبند ڪري گل ڦل جي پڙهندڙن تائين پهچايان ٿو:

س: توهان اسڪول کان پوءِ پنهنجو وقت ڪيئن گذاريندا آهيو؟

ج: اسڪول کان گهر پهچڻ تي سوا گهڙي آرام ڪري، پوءِ ٽائيپ سکڻ لاءِ ٻيهر اسڪول ويندو آهيان. جتان هڪ ڪلاڪ جي اندر واپس موٽندو آهيان. پوءِ اسڪول جو مليل ڪم اڪلائيندو آهيان، تان ته ٽپهري جو ٽائيم به ٿي ويندو آهي. پوءِ پنهنجي وندر ۽ ورونهن لاءِ ڪڏهن ڪرڪيٽ راند، ڪڏهن فٽ بال راند ته ڪڏهن وري مند مطابق لغڙ به اُڏائيندو آهيان.

س: اڄ ڪلهه ڪهڙي راند ڪندا آهيو؟

ج: خبر اٿئي ته اڄڪلهه لغڙ اڏائڻ جي مند آهي ۽ اسان جي گهرن جي آڏو مهرشاهه بخاريءَ جي ميدان تي شام جي وقت وڏو مزو لڳو پيو هوندو آهي، جتي ڪن جا لغڙ ڪاٽا پيا ٿين ته ڪن کي اُڏائڻ پيا سيکاريون.

س: توهان کي ڪهاڻين سان دلچسپي ڪيئن ٿي؟

ج: اسان جو گهر علم ۽ ادب جو خزانو آهي. خاص ڪري منهنجن ڀائرن وٽ علم جو وڏو چرچو هوندو آهي. اخبارون، رسالا ۽ نوان نوان سنڌي ڪتاب ڏسي منهنجي چاهت وڌي، جنهن ڪري پهريائين ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ قصا پڙهندو هوس. هينئر ته خدا جي فضل سان پنهنجي وڏي ڀاءُ جي لئبرريءَ جا چار سؤ کن ڪتاب پڙهيا اٿم، جن منهنجي دلچسيپي ڪافي وڌائي آهي.

س: توهان کي پڙهڻ سان وڌيڪ دلچسپي آهي يا لکڻ سان.

ج: لکڻ کان اڳ پڙهڻ تمام ضروري آهي جيستائين معلومات نه هوندي ته ڇا لکبو، ڪيئن لکبو!

س: توهان جون ڪي ڪهاڻيون به ڇپيون آهن؟

ج: هائو، گهڻو اڳ رسالي گل ڦل ۽ گلن جهڙا ٻارڙا ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون لکندو هوس. هينئر ته امتحان ويجها آهن، سو فرصت ڪٿي آهي. باقي جهٽ هڻي ڪنهن نه ڪنهن رسالي يا ڪتاب مان ڪجهه ورق سو ضرور پڙهندو آهيان.

س: توهان جي نظر ۾ صحيح تعليم ڪهڙي آهي؟ مهرباني ڪري پنهنجن هڪجيڏن لاءِ اهڙو ڪو پيغام ڏيو.

ج: علم اها دولت آهي، جنهن کي جيترو به کپائجي ته اهو هرگز نه کٽندو، پر ويتر وڌندو ويندو. دنيا جا عالم، وڏا وڏا فيلسوف ۽ اديب به تڏهن بڻيا، جڏهن هنن ڪتاب کي پنهنجو دوست بڻايو. آئون ته هڪ جيڏن کي اها صلاح ڏيندس ته هو به ڪتابن کي پنهنجو دوست بڻائين، ۽ اها ئي سندن صحيح تعليم آهي. ساڳئي وقت گل ڦل جي پڙهندڙن لاءِ اهو پڻ سنيهو ڏيان ٿو، ته هو گهڻي ۾ گهڻو مطالعو ڪن جنهن سان ئي سندن صحيح زندگي بڻجي سگهجي ٿي ۽ پنهنجي حياتيءَ لاءِ اهو نعرو بنائين ته پڙهو ٻارو، وڌو ٻارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com