سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل مارچ 1979ع

باب: --

صفحو :3

ڪئي ته پهرين کان ئي ساوڌان هئي. ٻليءَ جيئن ئي هن مٿان ٽپ ڏنو، تيئن هن کان به وڌيڪ ڦڙتيءَ سان ڪئيءَ ڳاڙها مرچ پوسي راڻيءَ جي اکين ۾ وجهي ڇڏيا، بس پوءِ هو! ڪئي ته اتان ڀڄي ويئي ۽ هوڏانهن پوسيءَ جون اکيون سڙڻ لڳيون. هوءَ سڌي نل طرف ڀڳي. منهن ڌوتائين، اکيون صاف ڪيائين تڏهن مس وڃي اکين جي جلن ٺيڪ ٿيس. ليڪن ان ڏينهن کان پوءِ حالت اهڙي ٿي ويس جو هن جي ويجهي نظر گهٽجي ويئي، هاڻي ٿيندو ڇا هو جو پريان کان ايندڙ ڪوئو ته هن کي ڏسڻ ۾ ايندو هو پر جيئن ئي ان جي ڀرسان اچڻ تي هوءَ ان مٿان جهپو هڻندي هئي ته هن جي اڳيان ڌنڌ ڇائنجي ويندو هو ۽ شڪار هن جي هٿن مان نڪري ويندو هو. هيڏانهن سڀ ڪوئا خوش ته نئين پيڙهيءَ جي ان ننڍڙي ڪوئي ته ڪمال ڪري ڏيکاريو. ليڪن پوسي راڻي به ڪٿي چپ رهڻ واري هئي! هوءَ سڌو پنهنجي فئملي ڊاڪٽر وٽ ويئي ۽ ان کان اکيون ٽيسٽ ڪرايون. ڊاڪٽر کيس نظر جو چشمو ڏنو ۽ چيو ته جڏهن به شڪار لاءِ وڃين ته اها عينڪ پائي وڃج. پوسيءَ ائين ئي ڪيو. هينئر ته ڪوئن لاءِ وري ساڳيو مسئلو پيدا ٿي ويو. سوچڻ لڳا ته هن ننڍڙي ڪئيءَ پنهنجي وسان ته ڪين گهٽايو هو، ليڪن هيءَ مئي پوسي به گهٽ چالاڪ ڪونهي، هينئر ته هوءَ چشمو لڳائي اچي پهتي آهي. سڀ ڪوئا وري فڪر ۾ پئجي ويا. سوچڻ لڳا ته هينئر ته پوسيءَ جي اکين ۾ مرچ ته نٿا وجهي سگهجن. هن جي اکين تي هينئر چشمو لڳل آهي. هينئر ڇا ڪيو وڃي. سڀني ڪوئن کي هن طرح چنتا ۾ ٻڏل ڏسي انهيءَ ننڍڙي ڪئيءَ وري چيو ”توهان گهٻرايو نه پوسيءَ جي چالاڪي جو علاج به مون وٽ آهي. توهان سڀ نشچنت (بي فڪر) رهو. سڀ مون تي ڇڏي ڏيو.“

سڀني ڪوئن کي هيلتائين ان ننڍڙي ڪئيءَ جي سمجهه تي وشواس ٿي ويو هو سو اهي چپ رهيا ته ڏسون، هن دفعي هيءَ ننڍڙي ڪئي ڪهڙو ٿي ڪرشمو ڏيکاري. هن دفعي ننڍڙيءَ ڪئيءَ ڇا ڪيو جو پنهنجو وات ۾ ٿورو تيل کڻي هوءَ ٻر مان ٻاهر پئي نڪري ۽ جڏهن ڏسي پيئي ته پوسي اتي ڪانهي تڏهن اهو تيل هوءَ ٻر جي ٻاهران ڦهلائي پيئي اچي. اهڙيءَ طرح ٻاهر جي زمين کي هن چڱيءَ طرح ترڪڻ جهڙو ڪري ڇڏيو. جڏهن پوسيءَ جي اچڻ جو وقت ٿيو ته بلڪل ساوڌانيءَ سان هن ننڍڙي ڪئيءَ ٻر کان ٻاهر ليئو پائي ڏٺو. ٻليءَ کي به سڻس پئجي ويئي ته ڪوئي شڪار ٻر کان ٻاهر نڪرڻو آهي. هن پنهنجو چشمو ٺيڪ ڪيو، ڪن کڙا ڪري ۽ چپن تي ڄڀ ڦيرائي هوشياريءَ سان اٿي بيٺي. ننڍڙي ڪئيءَ به اڄ اهڙي چالاڪي ڪئي جو ٻر مان ان طرف ٻاهر نڪتي جنهن طرف ترڪڻ هئي. ٿلهي پوسي جيئن ئي شڪار کي هٿ ڪرڻ لاءِ ٽپو ڏنو، تيئن ئي زمين ترڪڻي هئڻ ڪري هن جو پير ترڪي پيو ۽ هوءَ خود به ڪري پيئي ۽ سندس چشمو ڪيترا ميٽر پري ڪري ڀڄي پيو. هينئر ته پوسي سمجهي ويئي ته هن کي ٻئي ڪنهن هنڌ وڃي شڪار جي تلاش ڪرڻي پوندي. هتي هن جي هڪ به چالاڪي نه هلندي. ڪوئن جي هن ٽوليءَ ۾ سمجهه واري سنتان (لهر) پيدا ٿي ويئي آهي.

اهڙيءَ طرح نيئن پيڙهيءَ جي ننڍڙي ڪئيءَ جي سياڻپ سان ڪوئن جي جان بچي ويئي ۽ ٻلي راڻيءَ کي اتان ڀڄي وڃڻو پيو.

]سنڌيڪار: هوندراج بلواڻي. ماهوار گلستان ڪٻير ننگر، احمد آباد ماهه جنوري 1979ع تان ٿورن سان ورتل[

هڪ پاسي لکو

اوهان جيڪو به مواد موڪليو، اهو پني جي هڪ پاسي لکو. اکر صاف ۽ سهڻا لکو. ڪاٽ ڪوٽ نه ڪريو. ان طرح سان اوهان جو مواد پڙهڻ ۽ ڇپڻ ۾ سولائي ٿيندي.

ايڊيٽر

ظفر جوڻيجو

بنا عنوان جي..........

هن ڪهاڻيءَ جو عنوان اوهان پاڻ مقرر ڪري اسان ڏانهن اهڙي طرح ڏياري موڪليو جو اسان وٽ چوڏهين اپريل کان اڳ پهچي وڃي. جنهن به ٻار جو عنوان سٺو هوندو، ان کي ويهن رپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. رڳو هڪ عنوان لکو، هڪ ئي نالي سان گهڻا عنوان مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا. عنوان لکڻ لاءِ پنو گهٽ ۾ گهٽ اٺاس ڪتب آڻيو. 

- ايڊيٽر.

غريبي انسان جي لاءِ وڻ ويڙهيءَ وانگر آهي. جيئن هوءَ وڻ جو رت چُوسي وڌڻ ويجهڻ جون خاصيتون پوريون ڪري ڇڏي. تيئن غريبي به انسان جي ذهني صلاحيتن ۽ ترقيءَ کي نپوڙي ڇڏيندي آهي.

گلڻ به هڪ انسان جي اکين جو ٺار هو. نُور هو. پر مسڪين جي گهر ۾ ڄائو هو. دنيا ۾ ڪي اهڙا انسان به هوندا آهن، جي مجبورين کي مرڪي منهن ڏيندا آهن، پر منزل کي ماڻيندا آهن. گلڻ جي پيءُ به پڪو ارادو ڪيو هو، ”ڇا به ٿي پئي گلڻ کي ضرور پڙهائيندس.“ گلڻ ذهين هو، سلڇڻو هو. اخلاق جو مجسمو هو غريب هر ڪنهن جي نظر ۾ ائين آهي جيئن اڇي ڪپڙي تي رت جو داغ. ان ڪري هر امير ساڻس همدردي ڪرڻ بدران نفرت ڪندو هو. گلڻ کي پنهنجي غربت جو احساس هو. ماڻهن جي چال چلت به هن جي ذهن تي ڏنڀ ڏنا هئا. اُهي به هيانءَ تان ڪو نه لٿا هئا. رات ڏينهن محنت ڪري مئٽرڪ ۾ پهتو هو. هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته ”دنيا وارن وٽ نه ڪنهن جي غربت جو احساس آهي، نه ئي ڪنهن جي محنت جو قدر آهي، ۽ نه ئي وري مون کي وري اُنهن جي زبان ڏي ڏسڻ گهرجي. انسان پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ، وسان نه گهٽائي. آخر ته ڪوشش رنگ لائيندي. محنت ساب پوندي.“

هو صبح جو اسڪول ويندو هو. موڪل کان پوءِ چڻا کڻي وڪڻندو هو. پنهنجي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ هن پنهنجو بار رڳو پيءُ جي ڪمزور ڪلهن تي رکڻ نه ٿي چاهيو. رات جو چمني ٻاري پڙهندو هو. ڪلاس ۾ سڀني کان هوشيار هو. ڳوٺ جي وڏيري نواز خان جو پٽ نعيم به هن سان گڏ پڙهندو هو. جيڪو سڄو ڏينهن پيو هوٽلن سينما تي ڌڪا کائيندو هو. ڪلاس ۾ به جهڙو ڏَڏُ!

جڏهن امتحان شروع ٿيا ته ساڳي ئي بلاڪ ۾ ٻنهي جا نمبر هڪٻئي پٺيان هئا. اڳ ۾ گلڻ جو، انهيءَ جي پٺيان ٻئي بينچ تي نعيم جو نمبر هو. گلڻ محنتي هو. پيپر هن جي لاءِ ڏکيا ڪو نه هئا. پيپر ملندي ئي گلڻ شروع ٿي ويندو هو. پر وڏيري نواز خان جي پٽ نعيم لاءِ قيامت هئي. هن پڙهيو ئي ڪو نه هو. سمجهه ۾ ڪا ڳالهه ئي نٿي آيس. هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ کان ڪٿي ڪا اميد نظر ڪا نه آيس اکين جي آڏو اوندهه. ڀَر پاسي وارن کي گهڻيون ٿي ٺوٺيون ٺوڪيائين پر ڪجهه ڪونه وريس اتي ڪير ساٿي ڪو نه هو. نيٺ گلڻ کي چيائين ”ڪجهه منهنجي به وٽ وراڻ ڪر“ پر اُنهيءَ به جواب ڏنس-

امتحان جو پهريون ڏينهن هو. هن کي به سر سان اچي لڳي. گلڻ جون هيٺانهيون مٿانهيون گهڻيون ئي ورتائين. پر جواب ڏنائينس. ”ادا تون ته آهين اميراڻو ٻار، مان غريب جو ٻار آهيان. توکي ڪاپي ڪرائيندس ته پڪڙجي پوندس- منهنجا لاهه نڪري ويندا سڄي ڄمار ڳري ويندي. نعيم چيو ”پرواهه نه ڪر. سائين ممتحن پنهنجو آهي.“

”پر مان مجبور آهيان. گلڻ نٽائيندي چيو.“ نعيم ٻي ڪا واهه نه ڏسي اُٿي بيٺو. ممتحن اڳي ئي ويٺي اهو لڪاءُ ڏٺو. ”ڇا آهي ابا“. ممتحن ڪرسيءَ تان اُٿندي چيو ۽ وڌندي اچي نعيم جي ويجهو پهتو. ”سائين!“ نعيم هٻڪي بيهي رهيو. ”چئوپٽ ڪٿان آيو آهين؟ ڇا ڳالهه آهي“.

”سائين پيپر ڏکيو آهي. منهنجي مدد ڪريو. آئون وڏيري نواز خان جو پٽ آهيان، چيو.

ممتحن به ظاهري ڏيکاءُ کي ڏسي تاڙي ورتو، ته واقعي وڏيرو نواز خان هلنديءَ وارو ماڻهو آهي. جيڪڏهن مان هن جي مدد ڪندس ته ڪڏهن هيءُ به ضرور منهنجي مدد ڪندو.“

”ڇا توهان هڪ ئي اسڪول جا آهيو“ ممتحن گلڻ کان پڇيو.

”ها سائين“ گلڻ جواب ڏيئي لکڻ کي لڳو رهيو.

”نه رڳو هڪ اسڪول جا پر هڪ ڳوٺ جا آهيون ۽ هن جو پيءُ منهنجي پيءُ جو هاري به آهي.“ نعيم چيو.

گلڻ کي ڏاڍيون جکون پي جاڳيون پر سن کائي پي ويو. ڀلا هڪ غريب جو ٻار جو هو.

”تون هن کي ڏسڻ ڏي.“ ممتحن گلڻ کي چيو.

گلڻ حيرت سان ممتحن ڏانهن نهاريندي چيو ”نه سائين، مان ڪاپي ڪرڻ ڪونه ڏيندس. منهنجي محنت جون مارڪون هي کڻي وڃي. ٿي سگهي ٿو ته نمبر به کٽي وڃي. جتي ڪٿي وڏيرن جي بادشاهي ڪا نه هلندي“. گلڻ وري لکڻ ۾ شروع ٿي ويو.

ممتحن جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي ويو، هن گلڻ کي وڌيڪ ڪجهه ڪو نه چيو. پر هو نعيم جي ڀرسان ٿي بيٺو ۽ کيس سڀڪجهه لکرائيندو رهيو. جڏهن پيپر ختم ٿيو ته نعيم گلڻ کي دڙڪا ڏنا ۽ چيو ته ”ڏسان ته ڪيئن ٿو پاس ٿين!“ گلڻ ڪجهه نه ڪڇيو ۽ پنهنجي راهه ورتائين.

روزانو پيپر ٿيندا رهيا. نعيم جي مدد اهو ساڳيو ممتحن ڪندو رهيو. امتحان ڏيئي گلڻ جڏهن ڳوٺ آيو ته ڪڏهن ڪڏهن نعيم جا گفتا سندس ذهن ۾ چهنڊڙي پائي وٺندا هئا پر پڻس کيس پيو دلاسا ڏيندو هو.

ٻن ٽن مهينن کان پوءِ نتيجو ظاهر ٿيو. گلڻ کي پنهنجي محنت تي ناز هو، خوشيءَ وچان اخبار ورتائين پر هن جي اکين اڳيان اوندهه وري ويئي جو سندس نمبر هو ئي ڪو نه ۽ نعيم جو نمبر فرسٽ ڪلاس ۾ هو. سندس اکين آڏو امتحان هال، ممتحن ۽ نعيم جا گفتا فلم وانگر ڦرڻ لڳا ۽ کيس پنهنجي غربت ۽ بي وسيءَ جو شديد احساس ٿيو ۽ ڏک وچان روئي ڏنائين.

علي اڪبر ابڙو                                سائنس

راڪيٽ

اڄ ڪلهه اسين جنهن دور ۾ رهون ٿا ان کي عام طرح ”خلائي دور“ سڏيو وڃي ٿو. هن دور ۾ انسان نه رڳو خلائن جا ڏکيا رستا لتاڙيا آهن پر هن هڪ نئين دنيا تي به پير رکيا آهن.

1957ع ۾ اسپتونڪ پهرئين (جو دنيا جو پهريون هٿرادو گروهه هو) کي زمين جي چوگرد ڇڏڻ کان پوءِ سوين خلائي جهاز، خلا ۾ ڇڏيا ويا، جن مان ڪن ۾ انسان چڙهيل هئا ۽ ڪي بنا انسان جي هئا.

اها ڳالهه واقعي سوچڻ جي لائق آهي ته خلائي جهازن کي ڌرتيءَ تان اڏائي خلا تائين پهچائڻ ۾ ڪهڙي شيءَ مدد ڪري ٿي. ان کان سواءِ اها ڪهڙي شيءِ آهي جا ان کي طرف ۽ رفتار جي سلسلي ۾ ڪنٽرول ڪري ٿي. هڪ هٿراڌو گرهه، ڌرتيءَ جي چوٿير، هڪ خاص رفتار سان ڦري ٿو. گرهه کي مدار ۾ قائم رکڻ لاءِ 17500 ميل في ڪلاڪ، گهٽ ۾ گهٽ رفتار گهربل هوندي آهي جا يقيناً هڪ وڏي رفتار آهي.

چون  ٿا ته بارود جي ايجاد جو سهرو چيني قوم تي آهي. پر چينين جڏهين بارود ايجاد ڪيو ته هنن پهريائين ڦٽاڪا ٺاهيا، انهن ڦٽاڪن کي ڪنهن لٺ ۾ ٻڌي ٻاريو ويندو هو ته هو لٺ سميت هوا ۾ اڏامي ويندو هو. ان بنياد کي آڏو رکي راڪيٽ ٺاهيو ويو. جيڪو يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ته باهه ڀڙڪائڻ واري لٺ. جڏهين راڪيٽ اڏامي ٿو ته پويان باهه ڀڙڪائيندو ويندو آهي، ان ڪري يوناني ان کي راڪيٽ چوڻ لڳا. راڪيٽ، نيوٽن جي ٽئين (هر عمل جو ردعمل ٿيندو آهي) اصول تي ڪم ڪندو آهي. پراڻي دور ۾ جڏهن تيرن ۽ تلوارن سان لڙايون ڪيون وينديون هيون، ته ضرورت پئدا ٿي ته اهڙو ڪو هٿيار استعمال ڪجي جيڪو دشمن کي ترت نقصان پهچائي سگهي. ان وقت ڪنهن عقلمند سپاهيءَ لٺ ۾ نلڪي ٻڌي ان ۾ بارود وجهي ان کي منهن تان باهه ڏني ته، اها لٺ اڏامندي باهه ڀڙڪائيندي وڃي دشمن جي وچ ۾ ڪري ۽ دشمن ڀڄڻ لڳا. انهن سڀني ڳالهين کي آڏو رکي موجوده دور جو راڪيٽ بنايو ويو.

ڪنهن به جسم کي ڌرتيءَ جي ڪشش مان ڪڍي، خلا ۾ موڪلڻ لاءِ تمام گهڻي طاقت جي درڪار ٿيندي آهي. پر اها قوت هڪ راڪيٽ مان حاصل نه ٿي ٿئي ان ڪري ڪيترن ئي راڪيٽن کي گڏي هڪ مضبوط ۽ طاقتور راڪيٽ ٺاهيو ويندو آهي. اهڙي راڪيٽ جو هيٺيون حصو سڀ کان گهڻو مضبوط هوندو آهي. جيتوڻيڪ اهو حصو اڏامڻ مهل تمام ٿورا منٽ ڪم ڪندو آهي پر تيستائين خلائي جهاز جي رفتار ڪافي تکي ٿيندي ويندي آهي، ۽ اهو راڪيٽ سڙي ٻي کي باهه لڳائي پاڻ زمين تي ڪري پوندو آهي ۽ ٻيو راڪيٽ ڪم ڪرڻ شروع ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح ٽيئي راڪيٽ 15 منٽن ۾ 17,500 ميل في ڪلاڪ جي رفتار تي پهچي وڃن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com