سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون، آگسٽ 1997ع

باب: --

صفحو :3

ٻارڙن ته مون سان تعدي ڪئي هئي، هاڻي، ته مون کي پڙهڻ کانسواءِ ڪجهه به نظر نه پئي آيو. پوءِ ڪيترن ڏينهن تائين سوچي سوچي شهر ۾ نڪري پيس. شهر ۾ گهمندي گهمندي: آءُ تمام پري هليو ويس. اتي ڏاڍا سهڻا بنگلا هئا، صاف سٿرا روڊ هئا، ڪارون ۽ لاريون هيون. مون کي ته اتي تمام گهڻو مزو آيو. ان مزي ۾ نه ته کاڌي جو احساس رهيو ۽ نه وقت جو! جڏهن رات ٿي وئي. تڏهن گهر ياد آيو، امڙ ياد آئي، ڀائر ۽ ڀينر ياد آيا. هاڻي ته مون کي بک به ستايو ۽ ڊپ به ٿي رهيو هو. ان حالت ۾ مان روئڻ لڳس، پر ڪنهن به مون سان همدردي نه ڪئي. ڏاڍو دربدر ٿيس. گهر جو رستو ڀُلجي ويس. ڪا واهه نه رهي. مون هڪڙو وڏو بنگلو ڏٺو. ان ۾ وڏي گيٽ جي هيٺيان ٽپي ويس. اندر بتيون پيون ٻرن، ٻاهر ڇَٻر ۽ گل هئا، خوشبوءَ هئي. مان کاڌو ڳولڻ لڳس. جڏهن ڪا به شيءِ نه ملي ته، ڇَٻر تي ليٽي پيس ۽ سُڏڪڻ لڳس، ڏاڍو ڏڪي رهيو هوس. ايتري ۾ هڪ ڪار آئي. ان مان ٻه ٻارڙا ۽ هڪ مائي ۽ مرد به نڪتا. مون ٻارڙن کي ڏٺو ته رڙ نڪري وئي. سوچيم ته، ڄاڻ ٻار مون کي پڪڙي ۽ ماريندا. مون ڀڄڻ جي ڪئي. پر ڪري پيس، مٿو ڦرڻ لڳو. هڪ ٻارڙيءَ جي نظر مون تي پئجي وئي ۽ هُن رڙ ڪري مائيءَ کي چيو، ”ممي، هو ڊاگ ته ڏسو، ڪيڏو پيارو آهي.“ ان تي هنن سڀني مون کي ڏٺو ۽ تڪڙو اچي مون کي پڪڙيائون، منهنجو ته ساهه سُڪي ويو. سوچيم ته، ”هي به مون کي رسو ڳچيءَ ۾ ٻڌندا ۽ ماريندا. پر.... پر هنن مون کي هنج ۾ کنيو، پٺيءَ تي هٿ ڦيرائي پيار ڪرڻ لڳا. مونکي اندر ڪمري ۾ کڻي آيا. اتي مون کي کير، بسڪيٽ ۽ ٻيون شيون ڏنائون. مون به ڍو ڪري کاڌو ۽ پوءِ سامت ۾ آيس. پوءِ هڪڙو ٻيو ڪاڪو به آيو. ان مون کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو ۽ هڪ سُئي هڻي هليو ويو. کيس سڀ ’ڊاڪٽر‘ پيا چَون. مون کي ته سئي لڳڻ سان ننڊ اچي وئي.“

صبح جو اٿيس ته پاڻ کي تمام نرم نرم ۽ گرم بستري ۾ سُتل ڏٺم. مان وائڙو ٿي ويس ۽ حيرانگيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس. مون کي مزو به پئي آيو، پر، ان وقت امڙ ڏاڍو ياد آئي. مون روئڻ شروع ڪيو ته، ٻارڙا اچي مونکي تمام گهڻو پيار ڪرڻ لڳا. مون کي سٺو کاڌو کاريائون. ٻارڙن جي اهڙي پيار مون کان هر ڳالهه وساري ڇڏي. پوءِ ته هُنن مون کي صابڻ سان وهنجاريو، ڦڻي ڏنائون. مونکي ڏاڍو صاف رکيائون، آءٌ به هنن سان ڏاڍو هِري مِري ويس. سمهاريندا به پنهنجي ڪمري ۾ هئا. مونکي هنن پڙهائڻ شروع ڪيو. رات جو ٽي-وي تي ڪارٽون فلم ڏيکاريندا هئا. مون کي ٻاهر باغن ۾ گهُمائڻ وٺي ويندا هئا. مان هاڻي هُنن جو هڪ ساٿي بڻجي ويو هوس. هنن منهنجو نالو ”ٽوني“ رکيو. هنن جو پيار مون کان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو. هُو مون سان هڪ سچي دوست جيان پيار ڪرڻ لڳا. مون کي آهستي آهستي هر شيءِ جي خبر پوڻ لڳي هئي. هاڻي ته مون کي اها به خبر پئجي چڪي هئي ته، پڙهڻ ڇا آهي ۽ علم جي روشني ڇا ٿيندي آهي.“

”ڪافي عرصي کان پوءِ، مون کي امڙ جي ڏاڍي سڪ لڳي ۽ ڀائرن ۽ ڀينرن جي ياد ستائڻ لڳي ۽ ائين هڪ ڏينهن آءُ، امڙ سان ملڻ لاءِ، پنهنجي ساٿين جي اجازت کان سواءِ نڪري پيس، ۽ ڀائرن ڀينرن کي ڳوليندو رهيس. گهڻي گهڻي ڳولا کان پوءِ مون پنهنجي ڀيڻ کي ڏٺو ۽ کيس سڃاڻي وڃي مليس. هُن به مون کي سُڃاتو ۽ وڃي امڙ سان مليس ۽ ٻين ڀائرن ۽ ڀينرن سان به مليس. هُنن ته مون کي ايئن گم ٿي وڃڻ تي، مون کي مري ويل ڄاتو هو. پر اڄ مون کي جيئرو ۽ اهڙو ٺاڪ ڦوڪ سان ڏسي ڏاڍو خوش ٿي رهيا هئا.“

اوچتو منهنجي نظر انهن ٻارن تي پئي، جيڪي ڳوليندا اتي اچي پهتا هئا ۽ منهنجا ساٿي پري کان بيهي اهو لڪاءُ ڏسي رهيا هئا، مون انهن کي ڏسي، امڙ، ڀائرن ۽ ڀينرن کان موڪلايو ۽ اهو واعدو ڪيو ته: ”آءُ ساڻن هر هفتي ملڻ ايندس.“ ۽ پوءِ پنهنجي ساٿين سان واپس وريس.

”سچ پچ ته، اڄ آءُ تمام گهڻو، تمام گهڻو خوش آهيان. توهان ٻارن کي به نصيحت ڪريان ٿو ته، اسان جانورن سان پيار ڪريو، اسان کي ايذايو نه!.... اميد ته منهنجو ڳالهيون توهان کي ضرور وڻيون هونديون.

زاهد ٻپڙ

غزل

منهنجي ساهه سندا سينگار

ننڍڙا ننڍڙا گلڙا ٻار

پيءُ ۽ ماءُ کي پيارا آهن

تن جي هينئڙي جا سي هار

مون لئه آهن موتيءَ داڻا

نت نت منهنجا نيڻن ٺار

مٺڙن کي ٿو مٺڙيون ڏيان مان

آءُ ونڊيان ٿو تن سان پيار

پنهنجن جي لئه بوند بهاري

ويريءَ جي لئه سي ڏهڪار

شال هجن سي باغ بهار

زاهد هجن سارا گل گلزار.

 

عبدالله شجاع سنڌي

پوپٽ

دل کي وڻندڙ پيارو پوپٽ،

رنگ برنگي سارو پوپٽ.

گلڙن تي پيو ٽلندو آهي،

سائو، ڦڪو، ڪارو پوپٽ!

هن کي آ سينگار خدائي،

دل بهلائڻ وارو پوپٽ.

هن جا رنگ سڀن کي پيارا،

روح جي راحت وارو پوپٽ.

چاهه سڀن جو هن سان آهي!

هر پل جيءَ جيارو پوپٽ.

ٻيا ڀي جيت شجاع آهن پر،

جيتن منجهه نيارو پوپٽ.

انور حسين عباسي

پنهنجن جي محبت

اسرار هڪ تمام حساس ۽ غريب ڇوڪر هو. ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهندو هو. پر، اتي گهڻيون سهوليتون ميسر نه هيون. هن جي دل چاهيندي هئي، ته هي ڪنهن وڏي شهر ۾ پڙهي ۽ اتي سٺا سٺا ڪپڙا پائي اسڪول وڃي، جيئن ته هن جا ماءُ، پيءُ غريب هئا. ان ڪري هن کي اسڪول کان پوءِ ٻيو ڪو ڪم ڪار ڪرڻو پوندو هو ۽ هن کي اهو بالڪل پسند ڪونه هو.

هي چاهي پيو ته، ”آئون آزاد ٿي رهان.“ پر، هن جي اها خواهش پوري نه ٿي. پر، هن جي دل ۾ اها خواهش، تڏهن کان اڃا وڌي وئي. جڏهن کان هن هڪ امير گهر ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي.

هي انهن جي قيمتي سامان کي ڏسي انهن جي ڪپڙن کي ڏسي، سوچيندو هو ته: ”منهنجا ماءُ- پيءُ مون سان پيار نٿا ڪن. ان ڪري مون کي سٺا سٺا ڪپڙا نٿا وٺي ڏين ۽ مون کان ڪم ڪار ٿا ڪرائين.“ پر، هن جي معصوم ذهن کي ڪهڙي خبر ته ماءُ پيءَ ڪيترو دل تي جبر ڪري هن کي پورهيو ڪرائين ٿا. ۽ ڇو ته هو مجبور آهن.

اسرار، جو هڪ چاچو هو، جيڪو هڪ سٺي نوڪري تي هو. اهو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڀاءُ سان ملڻ ڳوٺ ايندو هو. اسرار سمجهندو هو، ته ان ڀائر ان جا ماءُ پيءُ سڀ ان کان نفرت ٿا ڪن ۽ ڪير به ان سان پيار نٿو ڪري. ان ڪري هن سوچيو ته، ”جڏهن منهنجو چاچو هتي ايندو، آئون اُن سان گڏ ان جي گهر ويندس. ان ڪري هو چاچي جو انتظار ڪرڻ لڳو.“

جڏهن، هن جو چاچو هنن سان ملڻ آيو، ته اسرار انکي چيو، ”چاچا، تون مونکي به پاڻ سان گڏ پنهنجي گهر وٺي هل. آئون اتي رهندس ۽ اتي پڙهندس.“

چاچي چيو، ”آئون ته توکي وٺي هلڻ لاءِ تيار آهيان، پر تون پنهنجي ماءُ پيءُ کان سواءِ رهي سگهندين.“

اسرار تي شهر ۾ رهڻ جو جنون سوار هو. ان ڪري هن چيو ته: ”ها چاچا! هونئن به وري، جڏهن توهان هيڏانهن ايندا ته آئون به توهان سان گڏجي، امان، بابا سان ملي ويندس.“ چاچي چيو: ”ٺيڪ آهي، تون تياري ڪري وٺ. سڀاڻي پاڻ گڏجي هلنداسين.“

هو سوير رات جو سمهي رهي ٿو. رات جو هو خواب ۾ ڇا ٿو ڏسي، ته هن جي سامهون هن جي گهر جا سڀ ڀاتي بيٺا آهن، هن جو ڀاءُ چوي ٿو: ”ادا مون کي معاف ڪر، مون توکي دڙڪا ٿي ڏنا. هاڻ آئون توسان پيار ڪندس ۽ توکي خرچي به ڏيندس، بس تون هتان نه وڃ.“ وري هن جو پيءُ هن کي چوي ٿو. ”پٽ مونکي خبر آهي تون مون کان ڪاوڙيل آهين. تون سمجهين ٿو، ته آئون توسان پيار نٿو ڪريان. پر توکي ڪهڙي خبر، ته آئون توسان ڪيڏي نه محبت ٿو ڪريان“ ڪو به پيءُ پنهنجي اولاد کي نفرت نه ڪندو آهي. پر هاڻي ڪاوڙ ختم ڪر ۽ شهر نه وڃ.“

ان کان پوءِ ٻيا به سڀ گهر جا ڀاتي هن سان ڳالهيون ڪن ٿا ۽ هن کان معافي وٺن ٿا.

وري هي ڏسي ٿو، ته هي چاچي جي گهر ۾ آهي. هن جو چاچو سرڪاري ڪم سان ٻئي شهر ويل آهي، هاڻ گهر ۾ هن جي چاچيءَ ۽ ٻار آهن. اهي هن سان تمام خراب سلوڪ ڪن ٿا ۽ چون ٿا: ”ابو ڪهڙي ڄَٽَ کي هتي وٺي آيو آهي. جنهن کي ڪٿي ويهڻ جو سليقو ڪونه ٿو اچي.“ ۽ چاچي به هن سان سٺو سلوڪ نه ٿي ڪري، هن کي سندن بچيل کاڌو کائڻ لاءِ ڏئي ٿي ۽ هن کي ٽي وي وغيره ڏسڻ جي اجازت نٿي ڏئي.

هي ٻنهي ڳالهين تي غور ڪري ٿو، ته هڪ پاسي پنهنجي سڀني گهر وارن جي محبت ۽ ٻئي پاسي چاچي ۽ ان جي ٻارن جي نفرت ۽ صرف چاچي جي محبت، غور ڪرڻ کان پوءِ هي سمجهي وڃي ٿو ته پنهنجن جي محبت آخرڪار وڌيڪ آهي.

صبح جو ماءُ جي سڏ تي هن جي اک کلي ٿي. ماءُ چئي رهي هئي ته، ”پٽ جلدي اٿي تيار ٿي وٺ، چاچا سان گڏ ڪونه ويندين ڇا؟“ اسرار روئيندي جواب ڏي ٿو.

”اما، مون کي معاف ڪر آئون ڪيڏانهن به نه ويندس. رات جو مون خواب ڏٺو ته مون کي خبر پئجي وئي، ته پنهنجن ۽ پراين ۾ ڪهڙو فرق آهي. هتي جيڪي توهين مونکي دڙڪا ۽ سمجهاڻيون ڏيو ٿا. اهي مون کي سڌارڻ لاءِ ۽ منهنجي اصلاح لاءِ آهن. امان، آئون واعدو ٿو ڪريان ته آئون وري ڪڏهن به ڪنهن شيءِ لاءِ اجايو ضد نه ڪندس. آئون چاچي سان گڏ نه ويندس ۽ آئون هتي ئي پنهنجن جي محبت جي ڇانوَ ۾ رهندس. آئون هتي ئي پڙهندس ۽ انشاءَ الله وڏو ٿي توهان جو نانءُ روشن ڪندس.“

اهو ٻڌي، اسرار جي ماءُ ۽ پيءُ جي اکين مان لڙڪ وهي پيا ۽ انهن پيار سان پنهنجي پٽ کي سيني سان لاتو.

تحرير: مير آصف پنهور

ليزر (Laser)

(Knowledge about Laser Machine)

اڄ، جي جديد دور ۾ ڪير آهي. جيڪو ليزر جي نالي کان واقف ڪونه آهي. اسان سڀ اڪثر ليزر مشين ۽ ليزر ڪرڻن جو ذڪر ٻڌندا ۽ پڙهندا رهندا آهيون. اڄڪلهه انساني طب کان وٺي صنعت تائين زندگيءَ جو ڪوبه اهڙو شعبو ناهي، جيڪو ليزر ڪرڻن جي استعمال کان وانجهيل هجي، ليزر جي ڪري انهن سمورن شعبن ۾ انقلابي تبديلي آئي آهي، ۽ سماجي؛ سائنسي ۽ صنعتي ترقيءَ جي رفتار ۾ چڱو خاصو واڌارو ٿيو آهي.

هي لفظ ”LASER“ اصل ۾ ڪجهه انگريزي لفظن جو مخفف آهي. ”LASER“ جو سڄو نالو هي آهي، "Light Amplification by Stimulated Emmision of Radiation"

”يعني شعاع ريزي جي تحريڪي اخراج ذريعي روشني جي قوت جو وڌڻ آهي.“

ليزر هڪ اهڙو اوزار (Machine) آهي، جيڪو روشني جي ڪرڻن کي سهيڙڻ ۽ گڏ ڪرڻ کان پوءِ، کين سگهارن ۽ ڳتيل ڪرڻن ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن روشني جي شعاع، ڪنهن مخصوص جسم سان ٽڪرائجن ٿا. ته اهو مادي جسم جوش يا تحرڪ ۾ اچڻ سبب، شعاع ريزي (Radiation) ڪرڻ شروع ڪري ٿو، شعاع ريزي؛ جو اهو عمل روشنيءَ جي اصل ڪرڻن کي سهيڙڻ ۽ گڏ ڪرڻ کان پوءِ، نيٺ کين ليزر ڪرڻن ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو.

ليزر روشني عام روشنيءَ کان الڳ ٿئي ٿي عام روشني جي هر ڪرڻي جي لهري ڊيگهه (Wave Length) الڳ الڳ ٿيندي آهي. اهي مختلف لهري ڊيگهه وارا ڪرڻا، جڏهن پاڻ ۾ ٽڪرائبا آهن، ته سندن سگهه جي اثر ۾ ڪافي گهٽتائي اچي ويندي آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي، جو روشنيءَ جا عام ڪرڻا ڪمزور ۽ ڇڙوڇڙ هوندا آهن. اهي مختلف طرفن ۾ ڦهلجڻ ڪري؛ پنهنجي قوت گهٽائي ڇڏين ٿا، پر ليزر ڪرڻن جو معاملو ٻين کان بلڪل مختلف آهي. سمورن ليزر ڪرڻن جي ڊيگهه ساڳي هوندي آهي. اهي مختلف رخن ۾ ڦهليل ۽ ڇڙوڇڙ به نه هوندا آهن. لهري ڊيگهه ساڳي هجڻ ڪري؛ اهي پاڻ ۾ ٽڪرائجي، هڪ ٻئي جو اثر زائل نه ڪندا آهن. تنهنڪري اهي شعاع، بي حد سگهارا هوندا آهن. عام ڪرڻن جي ابتڙ اهي نهايت ڳتيل ۽ گهاٽا ٿيندا آهن.

ليزر جو تصور ۽ ايجاد:-

جوش واري اخراجي عمل ((Simulated Emmision جي پٺيان، جيڪي بنيادي اصول ڪم ڪن ٿا. اهي 1917ع ڌاري جڳ مشهور سائنسدان آئنسٽائن بيان ڪيا هئا، پر ليزر جو تصور 1950ع واري ڏهاڪي ۾ پيش ٿيو. اهو تصور ٻن آمريڪي طبيعاتدانن آرٿر شئالو ۽ سي-ايڇ ٽائونيس ۽ اڳوڻي سوويت يونين جي ٻن پارکوئن. اين-جي باسوف ۽ اي-جي پراخورف، پاران پيش ڪيو ويو. هڪ آمريڪي سائنسدان ٿيو ڊور ايڇ-ميمسن، ان خيال کي عملي جامو پهرائيندي 1960ع ۾ ليزر مشين ٺاهي ورتي، اهڙي ريت 1960ع ۾ پهريون ڀيرو هڪ ليزر عملي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. اڳتي هلي آمريڪي سائنسدانن گئس-ليزر ۽ پاڻياٺ ليزر به ٺاهي ورتا.

ليزر جي ڪم ڪرڻ جو اصول:-

ليزر جي ڪم ڪرڻ جو اصول بلڪل اهوئي آهي. جيڪو تير ڪمان جي استعمال دوران لاڳو ٿئي ٿو. هڪ تيز انداز تير نڪرڻ وقت، وڌ ۾ وڌ اها ڪوشش ڪندو آهي، ته تيز رفتاري سان وڃي، ۽ نشاني تي وڃي پورو لڳي. جڏهن هڪ تير باز، تير ڪمان مان ڪشيندو آهي؛ ته سگهه يا توانائي سندس ٻانهن مان منتقل ٿي، ڪمان ۾ جمع ٿي ويندي. اها توانائي ڳجهي (مخفي) توانائيءَ جي صورت ۾ جمع ٿيندي آهي، جڏهن تيرانداز تير کي ڇڏيندو آهي، ته ڳجهي توانائي ڪمان مان منتقل ٿي، تير ۾ حرڪي توانائيءَ جي صورت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي؛ اهڙي ريت اها حرڪي توانائي تير کي تيز رفتاريءَ سان نشاني تي پهچائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

ساڳيءَ طرح سان ليزر به روشنيءَ جي توانائيءَ کي جوش يا تحريڪ کائيندڙ مادي جي اليڪٽرانن يا ماليڪيولن ۾ جمع ڪندو آهي؛ پوءِ انهن کي حرڪي توانائيءَ جي روپ ۾ سگهارن ڪرڻن جي صورت ۾ خارج ڪندو آهي. اهو عمل انهن مخصوص مادن مان ٿي گذرندو آهي. جن جي اليڪٽرانن يا ماليڪيولن ۾ جوش کائڻ يا تحرڪ ۾ اچڻ جي سٺي صلاحيت موجود هجي، جڏهن روشنيءَ جا ڪرڻا، ان مخصوص مادي تي پوندا آهن، ته سندن اليڪٽرانڪ ڪرڻن جي توانائي کي جذب ڪري وٺن ٿا، اهڙي ريت اهي اليڪٽران ڦهلجڻ لڳن ٿا ۽ سندن جسامت به وڌي وڃي ٿي. اليڪٽرانن جي ڦهلجڻ ۽ وڌڻ جو اهو عمل جڏهن هڪ خاص حد کي رسي ٿو، ته اهي وري واپس پنهنجي اصل حالت (يعني اصل سائيز ۽ بيهڪ) ڏانهن موٽڻ لڳن ٿا. ان موٽ دوران هو جمع ٿيل توانائيءَ کي فوٽان جي شڪل ۾ خارج ڪرڻ لڳندا آهن.

ساڳئي طريقي سان ڪي مخصوص مادا، اهڙا به آهن، جن ۾ اهو عمل اليڪٽرانن بدران سندن ماليڪيولن (پرماڻن) سان ٿيندو آهي. ان شيءِ جا ماليڪيول روشنيءَ جي ڪرڻن جي توانائي جذب ڪرڻ سبب تحرڪ ۽ جوش ۾ اچي ڦهلجڻ ۽ وڏا ٿيڻ لڳندا آهن. هڪ خاص حد تي پهچڻ کان پوءِ، جڏهن اهي پنهنجي واپس اصل صورت ڏانهن موٽڻ لڳن ٿا. ته هو جذب ڪيل توانائي کي فوٽان جي شڪل ۾ خارج ڪرڻ شروع ڪندا آهن.

ليزر جا قسم:-

ليزر جي لاءِ ٻن ڳالهين جو هجڻ لازمي آهي، هڪ توانائي جو ذريعو ۽ ٻيو ’روشنيءَ کي ڦهلائيندڙ مادو‘ توانائي جي ذريعو ابتدائي توانائي مهيا ڪندو آهي، جنهن ڪري ان مادي جا اليڪٽران يا ماليڪيول حرڪت ۾ ايندا آهن، ليزر پاران پيدا ڪيل توانائي جي مقدار، ان توانائيءَ کان هميشه گهٽ هوندو آهي، جيڪا توانائي جي ’ذريعي‘ مان خارج ٿئي ٿي؛ پر ليزر جي پيدا ڪيل روشني جي توانائي بيحد سگهاري ۽ منظم هوندي آهي.

توهان ڄاڻو ٿا، ته ليزر ۾ هڪ اهڙو مادو ڪتب ايندو آهي؛ جيڪو روشنيءَ کي وڌائي ۽ ڦهلائي ٿو، اهو مادو مختلف قسمن جو ٿي سگهي ٿو. ان مادي جي حالتن (State) جي بنياد تي ليزر کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: پهريون قسم نهرو ليزر (Solid Laser) سڏجي ٿو. هن ۾ جيڪو مادو ڪتب ايندو آهي، اهو نهري حالت ۾ هوندو آهي، اهڙي قسم جي ليزرس (Lasers) ۾ مختلف شفاف قلم ۽ نيم پسرائيندڙ مادا ڪم آندا وڃن ٿا. ڪرسٽل ليزر، گلاس ليزر ۽ نيم پسرائيندڙ مادي وارا ليزر، خاص طور تي مشهور آهن.

ليزر جو ٻيو قسم، گئس ليزر سڏجي ٿو. ان ۾ روشني ڦهلائيندڙ مادي طور ڪنهن هڪ گئس يا ٻن گئسن جي ملاوت کي ڪم آندو وڃي ٿو، اهڙي قسم جي ليزرس ۾ اڪثر ڪري آرگان گئس کي يا هيليم ۽ نيان گئس جي ملاوت کي ڪم آندو وڃي ٿو. گئس ليزر سڀ کان پهرين 1961ع ۾ هڪ آمريڪي سائنسدان علي جاوان ٺاهيو هو. اهڙا ليزر گهڻو ڪري مواصلات ۽ طب جي ميدانن ۾ ڪتب آندا وڃن ٿا.

ليزر جو ٽيون بنيادي قسم، پاڻياٺ ليزر سڏجي ٿو. ليزر جو اهو، اهم قسم 1966ع ۾ هڪ آمريڪي ماهر، پيٽر سوروڪن ٺاهيو هو. اهڙن ليزرس کي اڪثر ڪري ائٽمي ۽ ماليڪيولي سرشتي جي خاصيت جو اڀياس ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

ليزر جا ڪارج:-

1-   طب (Medical):-

ليزر شعاعن، طب جي ميدان ۾ هڪ انقلابي تبديلي آندي آهي. انهن جي استعمال سان ڪيتريون ئي ڏکيائيون دور ٿي ويون آهن. اکين جا ماهر ڊاڪٽر (Eyes Specialists) اکين جي تنتي پردي يعني (ريٽينا) جي ڍري ٿي وڃڻ يا اصل جاءِ کان ٿڙي وڃڻ جي صورت ۾ ليزر ڪرڻن کي ڪتب آڻيندا آهن، جنهن سان تنتي پردو پنهنجي اصل جاءِ تي اچي. مظبوطيءَ سان بيهي رهندو آهي. اک مان موتيي (Cataract) کي ڪڍڻ لاءِ به ڊاڪٽرن کي ليزر شعاعن جو سهارو وٺڻوپوي ٿو.

عام جراحي (Surgery) جي ڀيٽ ۾ ليزر ۾ ڪرڻا، موتيي کي آسانيءَ سان ٻاهر ڪڍي ڇڏن ٿا ۽ سندن منفي اثر به گهٽ هوندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com