سج جو اهڙو جواب ٻڌي نادان ڪئو، ڪڪر ڏي ويو ۽ اُن
کي شاديءَ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو. جنهن تي ڪڪر چيس:
”اي ڪوئا، مان ڀلا سڀني کان طاقت ۾ وڌيڪ ڪيئن ٿيس،
مون کان وڌيڪ ته هوا آهي؛ جا مون کي به ڌڪي هٽائي
ڇڏيندي آهي.“
ڪڪر جو جواب ٻڌي، ڪئو هوا ڏي ويو ۽ اُن کي شادي
لاءِ راضي ڪرڻ لڳو.
هوا، ڪئي کي پيار مان سمجهائيندي چيو، ”اي ڪوئا،
مان ڀلا سڀني کان طاقت ۾ وڌيڪ ڪٿي آهيان، مون کان
ته طاقت ور پٿر آهي، جون ڪيترو به تکو گهِلان، پر
پٿر پنهنجي جاءِ تان ذور به نه چرندو آهي.“
هوا، جو اهڙو جواب ٻڌي ڪئو وري پٿر ڏي ويو ۽ ان کي
شادي لاءِ عرض ڪرڻ لڳو،پٿر ڪوئي جي ڳالهه ٻڌي چوڻ
لڳس. ”مان سڀني کان طاقت ۾ وڌيڪ نه آهيان، مون کان
وڌيڪ طاقت ور ته جهنگ جا ٻوٽا آهن، جو ڦٽي وڏا
ٿيندا آهن، ته مون کي به لڪائي ڇڏيندا آهن.“
مغرور ڪئو وري جهنگ جي ٻوٽن ڏانهن ويو ۽ انهن کي
پاڻ سان شادي ڪرڻ جون آزيون نيازيون ڪرڻ لڳو.
جهنگ جي ٻوٽن، جو ڪئي کي اهڙيون درد مندانه منٿون
ڪندي ڏٺو. سو يڪدم چئي ڏنائونس ”ڪٿي تون چريو ته
نه ٿي پيو آهين. جو اسان کي ٿو سڀني کان طاقت ور
سمجهين. اسان کان طاقت ۾ وڌيڪ ته توهان جي قوم
آهي، جو اسان جي پاڙن کي به کوٽي ڪرٽي پنهنجا
(گهر) ٻر ٺاهي ڇڏيندي آهي ۽ اسان سڪي سڙي ختم ٿي
ويندا آهيون.“
ٻوٽن جو اهڙو ڇرڪائيندڙ جواب ٻڌي، مغرور ڪئو ڏاڍو
شرمندو ٿيو ۽ پنهنجي مغرورائپ تي پشيمان ٿي ڪري
پنهنجي قوم جي ساڳين ساٿين سان اچي مليو ۽ انهن
کان به معافي ورتائين ۽ نيٺ پنهنجي ئي راڄ جي هڪ
ڪُئي سان وڏي ڌام ڌوم سان شادي ڪري ورتائين ۽ خوش
گذارڻ لڳو.
سحر ثناءُ الله چنجڻي
کاڌي جا قوت بخش
جزا
1912ع ۾ هڪ سائنسدان هاپڪنز (Hopkins)
هڪ تجربي دوران ڪوئن کي پروٽين ڪاربوهائيڊريٽ،
روغنيات ۽ غير نامياتي نمڪيات تي مشتمل مصنوعي
خالص غذا ڏني. هن مشاهدو ڪيو، ته ڪوئا ڪمزور ٿي
ويا ۽ مرڻ لڳا.
جڏهن هاپ ڪنز، انهن ٿورن ڪمزور ڪوئن کي انهيءَ غذا
سان گڏوگڏ ٿوري مقدار ۾ کير به ڏيڻ شروع ڪيو، ته
هن ڏٺو ته ڪوئا صحتمند ٿي ويا ۽ معمول موجب هلڻ
ڦرڻ لڳا.
مٿين تجربي وانگر، ٻيا گهڻا تجربا ڪرڻ کان پوءِ،
سائنسدان هن تجربي تي پهتا ته کير ۽ ٻين قدرتي
غذائن ۾ ڪجه اهڙيون شيون پاتيون وڃن ٿيون، جيڪي
پروٽين ڪاربوهائيڊريٽ، روغنيات ۽ نمڪيات کان مختلف
آهن ۽ اهي شيون صحت کي برقرار رکڻ ۽ نشونما جي
لاءِ ضروري آهن.
هاپ ڪنز، انهن شين کي غذا جي اضافي جزن جون نالو
ڏنو. بعد ۾ هڪ سائنسدان فنڪ (Funk)
انهن جزن کي غذا ۾ موجود قوت بخش جزن (Vitamins)
جي نئين نالي سان متعارف ڪرايو.
سائنسدان، انهن جزن کي مختلف گروپن ۾ تقسيم ڪري،
سندن اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڻ اهو هڪ سائنسي توڙي
سماجي مسئلو هو، ته جيئن مختلف قسم جي مرضن ۾ ڦاٿل
انسان مناسب طور تي پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن.
انهن وٽامنس (Vitamins)
۾ وٽامن (A)
کان ويندي ترتيبوار وٽامن (E)
مشهور آهن ۽ اڄ تائين ڪيترائي سائنسدان انهن تي
تحقيق ڪري ڪينسر ۽ ايڊز جهڙن مهلڪ بيمارين کان
بچاءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هيٺ وٽامنس (Vitamins)
جو مختصر طور بيان ڪجي ٿو.
(1)
وٽامن (A)
وٽامن ”A“
عام طور تي سرسبز گاهن، پتائي گجر، بند گوبي،
ٽماٽن، مڪئي، مڇي جي جگر ۽ مکڻ ۾ پاتي ويندي آهي.
ان سان گڏوگڏ آني جي زردي ۾ به هن جو وڏو مقدار
ٿئي ٿو.
وٽامن ”A“
صحت جي لاءِ نهايت ئي ضروري آهي، خصوصاً ننڍڙن
ٻارن لاءِ ته تمام ضروري آهي ۽ هن جي گهٽتائي سبب
ڇپڪوري پڻ پيدا ٿي پوندي آهي. ڏندن جي نشونما ۽
صحت جي لاءِ به هي وٽامن وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي.
اکين جي بيمارين جا مريضن پڻ هن مان فائدو حاصل
ڪري سگهن ٿا.
(2)
وٽامن ”B“
هي وٽامن دراصل ڪيترن ئي ڪيميائي مرڪبن جي مجموعي
جو نالو آهي. ان لاءِ هن کي وٽامن
B
ڪمپليڪس (Vitamin
B Comples)
چوندا آهن. هي وٽامن انساني صحت جي لاءِ بيحد
ضروري آهي. هن مجموعي
M
تقريباً ڏهه وٽامن شامل آهن. انهن ۾ ”B1“،
”B2“
۽ ”B12“
اهم آهن.
(3)
وٽامن ”C“
هي وٽامن گهڻو ڪري ڀاڄين، مثلاً گوبي، پالڪ ۽
سويابين ۾ پاتي وڃي ٿي. ان کان سواءِ ڪجهه مقدار
گوشت ۾ به ملي ٿو. هي وٽامن خون کي ڄمائڻ ۾ مددگار
ٿئي ٿو. ان ڪري هن جي گهٽتائي جي صورت ۾، جيڪڏهن
ڪو زخم وغيره لڳي وڃي، ته رت وهڻ شروع ٿي ويندو
آهي ۽ مشڪل سان ئي بند ٿيندو آهي.
(4)
وٽامن ”D“
هي وٽامن مڇي ۽ شارڪ (Shark)
مڇي جي جگر جي تيل ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ لڌي وڃي
ٿي، ان کان سواءِ هي کير، مکڻ ۽ آني جي زردي ۾ به
ملي ٿي. هن وٽامن جي ڪمي سبب هڏيون نرم، کلوکليون
۽ ڦڏيون ٿي وينديون آهن.
(5)
وٽامن ”E“
هي وٽامن آني جي زردي، زيتون جي تيل، پستي، کير،
مکڻ ۽ ڀاڄين مثلاً: سلاد، بند گوبي، گجر، پٽاٽن
وغيره ۾ به پاتي ويندي آهي وٽامن ”E“
جي ڪمي سبب عضون کان سواءِ اعصابي بيماري پيدا ٿي
وڃي ٿي ۽ هن وٽامن جي گهٽتائي سبب عام طور تي
گنجائپ جي شڪايت پڻ ٿئي ٿي.
امام راشدي
ٽونيءَ جي ڪهاڻي
”مان هڪ گُلر آهيان. منهنجي عمر، هن وقت اٺ ڏهه
هفتا مس آهي. منهنجو رنگ اڇو-اڇو ڪپهه جهڙو آهي.
مان ڏاڍو صفائي پسند آهيان. انهيءَ ڪري مان هميشه
صاف سٿرو رهندو آهيان. الائي ڇو گندگيءَ کان مون
کي سخت نفرت آهي. منهنجي جسم تي نرم نرم وڏا وار
آهن. جنهن ڪري امڙ ۽ ٻيا ڀائر ۽ ڀينر مون کي
’بوجرو‘ چونديون آهن. منهنجي امڙ يا ڀينر ۽ ڀائر
ايترا صفائي پسند نه آهن. خبر اٿوَ ته مان صفائي
پسند ڇو آهيان؟ چڱو ته پوءِ مان، اڄ توهان کي
پنهنجي باري ۾ ڪجهه ٻڌايان ٿو. پر ياد رکجو منهنجي
ڳالهين تي کلجو نه، غور ضرور ڪجو!!“
”ها ٻارو! ٿيو هيئن، جو مون، جڏهن هوش سنڀاليو ۽
گهمڻ ڦرڻ جهڙو ٿيس؛ تڏهن پهريائين ته مون کي ماڻهن
کان ڊپ ٿيڻ لڳو هو. سوچيندو هوس، ته ڪڏهن انهن جي
پيرن ۾ لتاڙجي مري نه وڃا. پر، پوءِ اهو ڊپ مَس
لٿو ته روڊن تي وڏيون آفت گاڏيون ڏسي، منهنجو ساهه
ئي سڪي ويندو هو. نيٺ اهي سڀ ڀو لهي ويا.“
”منهنجا ٻيا ڀائر ۽ ڀينر سڀ امڙ سان گڏ کيڏندا ۽
گهمندا ڦرندا هئا. پر، مون کي ائين ڪرڻ ۾ مزو نه
ايندو هو.“
”هڪڙي ڏينهن منهنجي ننڍي ڀيڻ، مون کي زوريءَ
گهمائڻ لاءِ وٺي وئي. اهو صبح جو وقت هو. اسان
گهمندا رهياسين. شهر جون عمارتون، لاريون، ماڻهو
ڏسندا رهياسين. هڪڙي هنڌ، مون کي ڏاڍو عجب لڳو.
مان بيهي رهيس. ڏٺم ته ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا ۽
ٻارڙيون ڏاڍا سهڻا ۽ رنگ به رنگي ڪپڙا پايو. پويان
پٺيءَ سان ٿيلها ٻڌل، هڪڙي عمارت ۾ پئي ويا.“
”آءُ بيهي کين ڏسندو رهيس. مون کي اهو ٻارڙن وارو
منظر ايترو ته وڻيو هو، جو سوچيم ته، ”ڪاش آءُ به
جيڪر ٻارڙو هجان ها، ۽ ائين ڪيان ها.“ پر وري خيال
آيو، ته: ”اهي ٻارڙا پٺيءَ سان ڳنڍ ٻڌيون وڃن
ڪيڏانهن ٿا! مون اهو پئي سوچيو ته، منهنجي ڀيڻ
مونکي ڇڪڻ لڳي ۽ نه چاهيندي به ڀيڻ سان هلڻ لڳس.
مون کي حيراني تڏهن ٿي، جڏهن ڏٺم ته اهڙا ٻارڙا
ڪيترن هنڌن تي نظر آيا. بس پوءِ ته مون کي شهر
گهمڻ ۾ ايترو مزو نه پيو ڏئي جيترو ٻارڙن کي ڏسندي
آيو.“
مون ڀيڻ کان پڇيو ته، ”ادي! هي ٻارڙا ڪيڏانهن ٿا
وڃن؟“ مون واري ڀيڻ وات تي هٿ رکندي چيو هو،
”ڀائو، انهن جو نالو نه کڻ. اهي ڏاڍا حرڪتي آهن.
اما چوندي آهي، ته اهي توهان ننڍڙن گُلرن کي
ماريندا آهن!“
ڀيڻ، جي اها ڳالهه ٻڌي مون کي ٿورو ڊپ ٿيو، پر وري
سوچيم ته: ”ڀيڻ کي رُلڻ تي امڙ دڙڪو ڏنو هوندس. نه
ته هي ته تمام پيارا ٻارڙا آهن. اهي اسان سان ڇو
وڙهندا! اسان هنن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي! خير.....
مون کڻي ماٺ ڪئي.“
رات جو مون امڙ کان پڇيو هن به چيو ته، ”ٻچا، اهي
ٻارڙا ڏاڍا ڏنگا اٿئي! انهن جي ويجهو نه وڃجانءِ!“
امڙ کان، جڏهن مون اهو پڇيو ته؛ ”اهي ٻارڙا پٺيءَ
تي ڇاجيون بُجڪيون کنيون ڪيڏانهن پيا وڃن؟“ ته امڙ
چيو هو؛ ”ٻچڙا، اهي اسڪول ۾ پڙهڻ پئي ويا.“ مون
حيران ٿيندي، امڙ کان پڇيو ته، ”اما، اهو اسڪول ڇا
آهي ۽ اهو پڙهڻ ڇا آهي؟“ امڙ مون کي مٿي تي هٿ
ڦيرائيندي چيو هو، ”پُٽڙا، اسڪول ۾ ٻارڙا سبق
وٺندا آهن.، علم پڙهندا آهن، دنيا جهان جي خبر
رکندا آهن، ملڪ کي هلائڻ جا طريقا سکندا آهن. ۽
پوءِ پڙهي پڙهي وڏا آفيسر ٿيندا آهن. موٽرن ۽
گاڏين جا ملڪ بڻبا آهن. هي جيڪي به روڊ، رستا،
وڏيون عمارتون آهن، اهي سڀ انهن پڙهي ٺاهيون
آهن....، ”مار! چئبو ته علم ڪا وڏي شيءِ آهي ۽
ٻارڙا به ڏاڍا ڪم ڪن ٿا!“
”پر، اما، علم ڇا آهي؟“
”پٽ، علم روشني آهي، جيڪا انسان جي عقل کي سنواري
ٿي.“ مون حيران ٿيندي، امڙ کان پڇيو هو، ”اما، علم
جي روشني رات جو روڊن تي ۽ گهرن ۾ ٻرندڙ بتين کان
به وڌيڪ روشن ٿيندي آهي؟“
”ها پٽ!“
”پوءِ ته امڙ، مان به علم جي روشني پڙهان.“
”چريا پٽ، بس هاڻي وڌيڪ تنگ نه ڪر، جانور ناهن
پڙهندا.“
”اما، جانور ڇو ناهن پڙهندا؟“ امڙ چوڻ لڳي، ”حرڪتي
پٽ! جانورن لاءِ اسڪول نه ٿيندا آهن.“
”ڇو نه ٿيندا آهن؟“ امڙ، انهيءَ سوال تي مون کي
چماٽ هڻي ڪڍي ۽ مان به ماٺ ڪري سمهي رهيس. دل ۾
خيال آيو ته: ”ڪنهن ڏينهن انهن ٻارڙن سان گڏ اسڪول
۾ وڃي ته ڏسان!“
هڪڙي ڏينهن، آءُ صبح جو سوير اٿي، ڪنهن کي ٻڌائڻ
کانسواءِ، ٻارڙن جي اسڪول ڏانهن هليس. ڏٺم ته ٻار
به اسڪول ۾ تڪڙا تڪڙا پئي ويا. آءُ به انهن جي
پويان لڳي پيس. ڪي ٻار ته مون کان ڊڄن پيا ۽ ڪي
وري هڪلون ۽ ٻچڪارون ڏيڻ لڳا. اسڪول ۾ وري گھڙيس،
ڏٺم ته سڀ ٻار قطار ٺاهي هٿ ٻڌي راڳ ڳائي رهيا
هئا. راڳ مون کي سمجھ ۾ نه آيو، پر وڻندڙ هيو. آءُ
ٿورو پري بيهي پُڇ لوڏيندو سڀني ٻارن کي ڏسي رهيو
هوس. ڪي ٻارڙا مون کي سڏي رهيا هئا ۽ ڪي وري
اُلرون ڪري دڙڪا ڏئي رهيا هئا. پر، مان خاموشيءَ
سان انهن کي ڏسي رهيو هوس ۽ سوچي رهيو هوس، ته:
”علم جي روشني ڪٿي آهي، اها ته ٻري ئي ڪونه ٿي.“
تان جو گھنڊ جي آواز تي سڀ ٻار هٿ هيٺ مٿي ڪندا
قطارن ۾ اندر هليا ويا.
آءُ به هڪ قطار جي پٺيان هلي پيس. هڪڙي ماڻهوءَ
مون کي ”هلا هلا“ ۽ ”نڪر نڪر“ چيو. مون کي ٿورو ڊپ
ٿيو. مون ٿوري ڀؤنڪ ڪئي، ته هُن ڏنڊي کنئي ۽ مون
کي پيرن سان ڌڪا ڏنائين. مون پوئتي ڊڪ پاتي ۽ گلن
۾ لڪي ويس. گلن جي سُرهاڻ مون کي ڏاڍي فرحت ڏئي
ڇڏي ۽ انهيءَ سرهاڻ جو مزو وٺندي ويهي رهيس ۽ ائين
ويٺي ويٺي مون کي به ننڊ وٺي وئي. ۽ اک تڏهن کُلي،
جڏهن زور زور سان گھنٽي وڄڻ لڳي. مون کان ڇرڪ نڪري
ويو. ڏٺم ته سڀ ٻارڙا اندران ڊڪندا نڪتا. منهنجون
وايون بتال ٿي ويون ۽ وٺي ڀڳس. مان جيئن ئي ڀڳس ته
ٻارڙا به رڙيون ۽ هُل ڪندا، اچي منهنجي ڪَڍ پيا.
مون ڊپ ۾ رڙيون ڪيون، پر اڳيان به ”ٻاڪرا ڦر“ هئا.
اچي مون کي سوگھو ڪيائون. مون گھڻيون ئي رڙيون ۽
ڪُوڪون ڪيون، پر ٻارن نه ڇڏيو. نيٺ مون کي ڳچيءَ ۾
رسو ٻڌي گھليندا رهيا. ڪي ٻار لتون ۽ ڌڪ هڻڻ لڳا؛
ته ڪي وري پيار ڪرڻ لڳا.
”جيڪي ٻار پيار ڪري رهيا هئا. اهي مون کي به ڏاڍو
وڻن پيا. مون ڏٺو ته مون سان پيار ڪرڻ وارا ٿورا
ٻار هئا. باقي ايذائڻ وارا گهڻا هئا. هڪڙي حرڪتي
ٻار ته مون کي ڳچي ۾ ٻڌل رسي کان جهلي، گول ڦيرائڻ
شروع ڪيو. مون رڙيون ڪيون، ڪِيهاٽ ڪيم. پر، هن نه
ڇڏيو. منهنجو ساهه مُنجِهڻ لڳو، مٿو ڦرڻ لڳو. اکين
اڳيان اوندهه اچي وئي، ۽ پوءِ ته مون کي ڪو به هوش
نه رهيو، ته ڪنهن مهل هنن مون کي ڇڏيو.“
”جڏهن سامت ۾ آيس ۽ اکيون کوليم، تڏهن، پاڻ کي
گندگيءَ جي ڍير تي پيل ڏٺم، تڏهن مون کي امڙ واري
ڳالهه ياد آئي ته، علم روشني آهي. پر هتي ته مون
کي علم وارن اوندهه ۾ پهچايو آهي. پوءِ وري مون کي
خيال آيو، ته شايد ٻارڙن کي علم واري روشنيءَ اهو
به سيکاريو هجي. اها ڄڻ ته پڪ ٿيم. ڇو جو ويچاري
امڙ کي ڪهڙي خبر. ڀلا هوءَ ڪڏهن اسڪول ۾ آئي
هوندي! جيڪڏهن آئي به هوندي ته، ان سان به اها
حالت تي هوندي. تڏهن ته مون کي به جهليندي آهي.“
”خير...... ان کان پوءِ مون کي ٻارڙن کان ڏاڍو ڊپ
ٿيڻ لڳو. سڄي جان ۾ سُور پئجي ويو. جان ڏڪي رهي
هئي. رڙهندو رڙهندو گهر آيس. امڙ به پريشان هئي.
هن ڏٺو ته مون کي سخت بخار هيو. پوءِ ته امڙ
ڇاتيءَ سان لائي، زور ڏيڻ لڳي. مون امڙ کي ڪجهه به
نه ٻڌايو. توڙي جو هُوءَ مون کان هر هر پُڇندي
رهي. کيس ڪُوڙ هڻي ٻڌايم ته: ”اڄ ڏاڍو گهميو ڦريو
آهيان، ان ڪري بخار ٿي پيو اٿم.“
اهڙي حالت ۾، مون ڪافي ڏينهن تائين لوڙهيو. جڏهن
خوش ٿيس ۽ ٻارن جي ڪرتوتن وارو خيال به مٽجي ويو،
جڏهن، هڪڙي ڏينهن مون امڙ کان پڇيو، ’امڙ، هي
ٻارڙا جيڪي اسڪول ۾ پڙهن ٿا ۽ علم جي روشني حاصل
ڪن ٿا، انهن کي علم جي روشني اهو ٿي سيکاري ته،
اسان جهڙن پتڪڙن جانورن کي تنگ ڪندا رهن، مارين ۽
ڪُٽين ۽ اسان سان بدسلوڪي ڪندا رهن!“ امڙ سياڻي
هئي، سمجهي وئي ۽ چوڻ لڳي ته: ”هاڻ...... پڪ توکي
ان ڏينهن حرڪتي ٻارن وَٺ ڪئي آهي ۽ توکي ماريو
اٿن!“........
”مان حيران ٿي ويس، ته، امڙ کي ڪيئن خبر پئجي
وئي!“ خير، امڙ مون کي نصيحت ڪئي ۽ سمجهايو ته:
”ٻچا، ايئن اڪيلو شهر ۾ نه گهمندو ڪر. ٻار ماري
ڇڏيندئي!“ مون وري امڙ کي چيو هو ته: ”اما، مون کي
اسڪول ۾ پڙهڻ جو ۽ علم جي روشني وٺڻ جو ڏاڍو شوق
ٿيو آهي. مان به هاڻي اسڪول ويندس!“
”اڙي چريا پٽ، تون ته صفا عقل جو انڌو آهين. ڪڏهن
جانور به اسڪول ۾ پڙهيا!؟“
”ڇو اما؟ جانور نٿا پڙهي سگهن؟ هتي جانورن جو
اسڪول ڪونهي ڇا؟ هُوءَ مون کي بڪواس بند ڪرڻ جو
دڙڪو ڏئي هلي وئي.“ پر، منهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ
مچي ويل هئي، ته، مان ڪيئن به ڪري اسڪول ۾ ضرور
پڙهندس ۽ علم جي روشني حاصل ڪندس، پر ڪيئن؟“ |