سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جولاءِ 1985ع

باب: --

صفحو :4

هر گهر ۾ سڪون ۽ خوشحالي هوندي. سون جي سگهه ۽ طاقت ان جي عوامي ملڪيت هجڻ جي سبب آهي. مان سون ٺاهڻ جي ترڪيب وارو ڪتاب به تو وٽ ڇڏيو ٿو وڃان.“

سڄيءَ رات ڪيميادان ۽ مشڪوب گڏجي سون جي هڪ سيخ ٺاهي.

مشڪوب ته اصل تپرس ۾ پئجي ويو ايتري تائين جو مسافر کي در تائين ڇڏي اچڻ به وسري ويس.

”جيڪڏهن ماڻهن کي منهنجي سون جي خبر پيئي ته هو اهو چوري ڪري ويندا.“

مشڪوب سوچيو ۽ لالچ سندس سوچ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا مت کسي ڇڏي .

”هاڻي مان وڏو دولتمند ٿي ويندس“

هن فيصلو  ڪيو.

”هر ماڻهو منهنجي عزت ڪندو  ۽ غلام ٿي رهندو پر مان ڪنهن کي به سون ٺاهڻ واري ترڪيب نه ٻڌائيندس.

هن پوءِ جاءِ ورتي، غلم ۽ غاليچا وڇايائين ۽ قيمتي ساز و سامان رکيائين ۽ عيش جي عمر گذارڻ لڳو.

کيس مسافر جي اها ڳالهه ڪڏهن به ياد نه آئي، ته سون جي طاقت عوام سان آهي ۽ عوام ۾ آهي.

سال کان پوءِ جڏهن سون جي سڄي سيخ ختم ٿي وئي، ته مشڪوب ڪيميائي ڪتاب کي ڳوليو ڦوليو، پر افسوس، جو اهو ڪتاب سون مان ڦري پٿر جي سِر ٿي پيو هو.

”مان لٽجي ويس. برباد ٿي ويس، تباهه ٿي ويس.“

مشڪوب روئڻ لڳو ۽ وري ساڳيو سڙڪن تي پاڻي وڪڻڻ لڳو. هڪ ڏينهن، هڪ پانڌيئڙو کيس گهوڙي تي سوار نظر آيو.

”او مشڪوب“ هن چيو.

”مون کي سڃاڻين ٿو. اڙي اسان ٻه ڀيرا اڳ به ملي چڪا آهيون. مان بو  علي سينا آهيان. مان ئي توکي عجيب و غريب دوا تيار ڪرڻ جو نسخو ڏنو هو. پر لالچ توکي انڌو ڪري ڇڏيو، ايتريقدر جو تون اها غريبن کي به ملهه سان وڪڻڻ لڳين. پوءِ مون اهو نسخو تنهنجي ذهن تان  ميساري ڇڏيو. تنهن کان پوءِ مون سوچيو ته شايد هاڻي توکي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو هوندو ۽ ڪئي تي  پيشمان هوندين، تنهنڪري مون توکي سون ٺاهڻ  جي ترڪيب ٻڌائي، پر ٻيهر به تو منهنجي نصيحت تي عمل نه ڪيو، تو ويساهه گهاتي ڪئي ۽ لالچ جو شڪار ٿي وئين. مون کي اهو نسخو  تيار ڪرڻ ۾ ٽيهه سال لڳا هئا ۽ مون اهو عوام جي ڀلائيءَ لاءِ تيار ڪيو هو. پر تون راز کي پاڻ تائين محدود رکڻ ٿي گهريو، تنهنڪري منهنجو ڪتاب پٿر ۾ بدلجي ويو. هاڻي فقط اهڙي ماڻهوءَ جي دل جي گرمي ان پٿر کي پگهاري سگهي ٿي ۽ ان جي حڪيمانه خاصيتن کي حاصل ڪري سگهي ٿي، جيڪو پنهنجي حياتي عام ماڻهوءَ جي چڱڀلائي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. علم سون سان نٿو خريد ڪري سگهجي.“ هاڻي، مشڪوب دانشمند بوعلي سينا کي سڃاڻي ورتو هو. ڏک وچان چيائين: ”اي عظيم انسان، مان لالچ سبب انڌو ٿي ويو هوس. مون کي معاف ڪر.“ پر بوعلي سينا رڳو ڪنڌ لوڏيندو ۽ چوندو ويو ته:“ ”سون جي سگهه ۽ طاقت عوام ۾ آهي.

خيال جا گل

ڪوئي شخص پنهنجي ڪمايل روزي کان وڌيڪ سُٺي روزي نٿو کائي.

ذلت کڻڻ کان تڪليف ڪرڻ بهتر آهي.

خوش اخلاقي سان پيش اچڻ سڀ کان وڏي نيڪي آهي.

عظيم گناهه جو ڪفارو، مصيبت زده ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ آهي.

جڏهن ماڻهن کي ڪو سٺو ڪم ڪندي ڏسو ته انهن سان شريڪ ٿي وڃو.

زندگي هڪ هيرو آهي، جنهن کي گهڙڻ انسان جو ڪم آهي.

- جيئل داس وارهه.

مقبول گهلو

سڪس ملين ڊالر مين

 

هي ڇا! منهنجي ٻانهن ۾ ايتري طاقت! جو ڳري ۾ ڳري شيءِ کي ڌڪ هڻي اڏائي ڇڏيان، ٽنگن جي حيران ڪندڙ طاقت سان ڪنهن تيز هلندڙ مشين يا ساهواري کي سيڪنڊ ۾ پهچي سگهان ٿو.

واهه سائين واهه! آءٌ پري، گهڻو پري کان هڪ ڀڄندڙ چيتي کي پنهنجو هڪ اک جي طاقت سان ڪيترو نه چٽي طرح ڏسي رهيو آهيان.

هي سڀ ڇاهي!؟ هي سڀ ڇا آهي!؟ هي سڀ ...!؟ آءٌ ڪير آهيان!؟ آءٌ ....!؟“

”تون سڪس ملين ڊالر مين“ هڪ آواز منهنجي ڪنن تي پوي ٿو هاها ها، دنيا جو طاقتور انسان سڪس ملين ڊالر مين، مان آهيان، مون سان ڪير به طاقت ۾ مقابلو ڪري نه ٿو سگهي، مان طاقتور ۾ طاقتور انسان آهيان، ها ها ها ها..... هوا ۾ منهنجا ٽهڪ خوشي مان گونجڻ لڳا.

اڙي هي ڇا!؟ پري تمام پري ڪي ماڻهو جن سان هڪ ٿلهو، ڊگهو ديو نما ماڻهو گڏ هو، هڪ شخص  کي ڌڪا ڏيندا. ڪاڏي وٺي وڃي رهيا هئا.

هڪ ماڻهوءَ وٽ پسٽول هو. جيڪو ان شخص جي پٺيءَ تي رکي هلي رهيو هو. ويچارو ڏاڍو هيسيل هو، جنهن کي ڌڪا ڏيندا اڳتي وٺي وڃي رهيا هئا. اهو سڀ ڪجهه آءٌ پنهنجي طاقتور مشينيءَ اک سان چٽيءَ طرح ڏسي رهيو هئس.

هي ڪاڏي وڃي رهيا آهن!؟ ڇا لاءِ وڃي رهيا آهن؟ ويچاري هيسيل شخص کي ڇو وٺي وڃي رهيا آهن؟ مون کي هنن جو پيڇو ڪرڻ گهرجي هيسيل کي انهن کان بچائڻ گهرجي. آءٌ انهن طرف پنهنجي مشيني طاقتور ٽنگن سان هوا ۾ اڏامندو وڏا جمپ ڏيندو ڊوڙان ٿو. اڳيان ڪيتريون ئي رڪاوٽون اچن  ٿيون، جن تان ڇلانگون ڏئي اڳتي وڌان ٿو.

انهن جي ويجهو پهچي ڪجهه مفاصلي تي سندن پويان پاڻ لڪائي پيڇو ڪرڻ لڳس، هڪ ڪارو شهپريل وڏين اکين سان قد جو ننڍو باڊي ڀريل جيڪو سڀني جي اڳيان  هئو، سو سندن سردار لڳي رهيو هو. هلندي سندن رخ وڏين، وڏين پهاڙن ڏانهن وڃڻ لڳو. آءٌ سندن ڇڏيل قدمن مٿان هلي رهيو هئس. اوچتو سردار جي رڙ سان سڀئي بيهي رهن ٿا.

سردار خوشيءَ مان ٽهڪ ڏئي هڪ عار ڏانهن سڀني کي اشارو ڪري ٿو. سندس ساٿي سردار لاءِ نعرا هڻن ٿا. ان هيسيل شخص کي پنهنجي ٽولي جي اڳيان ڪري، پنهنجون ٽارچون ڪڍي ٻاري ان غار جي اندر وڃن ٿا. آءٌ به سندن پويان غار اندر وڃان ٿو. سڄي غار ۾ اونداهي هئي، پر منهنجي مشيني اک روشن هجڻ ڪري مون کي اوندهه محسوس نه ٿي رهي هئي. هڪ هنڌ اهي ماڻهو بيهي رهن ٿا. سردار هيسيل شخص کان ڪجهه پڇي ٿو. مان هڪ وڏي پٿر جي اوٽ ۾ بيهي، کين ڏسان ٿو ته هاڻ ڇا ڪندا.

اهو هيسيل، سردار کي پنهنجي هٿ سان هڪ پٿرن جي دڳ ڏانهن اشارو ڪندي ڪجهه چوي ٿو سردار پنهنجي ساٿين کي ان ڍڳ کي کوٽڻ لاءِ چوي ٿو. سندس ساٿي کوٽڻ ۾ جمڀي وڃن ٿا. ڪجهه وقت کان پوءِ کوٽيندي کين هڪ ڏاڪڻ هٿ لڳي جيڪا زمين جي هيٺ ڪنهن تهه خاني ۾ وڃي رهي هئي. ڏاڪڻ تان پٿر هٽائي  رستو صاف ڪيو ويو.

هيسيل کي ڌڪو ڏئي وري ٽوليءَ جي اڳيان ڪري ڏاڪڻ وسيلي هيٺ لهن ٿا. آءٌ کائن ٿوري مفاصلي تي پويان آهستي آهستي هيٺ لهان ٿو ۽ جلدئي ڏاڪڻ جي ڀرسان تهه خاني جي هڪ ٺلهه جي اوٽ ۾ بيهي کين ڏسان ٿو.

سندن ٽارچن جي ڪري سڄو تهه خانو روشن ٿي ويو. هيسيل شخص کان سواءِ سردار ۽ ديو سوڌو سڀني کان خوشيءَ مان وڏا ٽهڪ نڪري وڃن ٿا ڇاڪاڻ جو سڄو تهه خانو، سون، هيرن ۽ جواهرن جي پيتين سان ڀريو پيو هو.

ٽهڪ ڏيندي، ڏيندي سردار جي اوچتي دڙڪي سان سڀ خاموش ٿي وڃن ٿا، سردار غصي ڀريل اکين سان هيسيل ڏي نهاري ٿو، هو کيس ڏسي وڌيڪ  هيسجي ويو ۽ خوف کان ڪنجهڻ لڳو. سردار پنهنجي ور مان هڪ چمڪندڙ خنجر ڪڍي ٽهڪ ڏئي ٿو، ساڻس ساٿي به وڏا وڏا ٽهڪ ڏين ٿا. هيسيل کيس ٿڙڪندي هٿ جوڙڻ لڳو. سردار هڻڻ لاءِ خنجر مٿي ڪري، هوا ۾ لهرايو. آءٌ هڪدم اوٽ مان نڪري سردار کان خنجر کسيان ٿو ۽ طاقت جو مظاهرو ڪندي خنجر کي هٿن ۾ جهلي ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏيان ٿو سڀيئي ڇرڪجي مون کي حيرت مان ڏسڻ سان گڏ غصي ۾ باهه ٿي ويا. سردار کي مون تي ڏاڍو غصو آيو. هن پنهنجي هڪ ساٿيءَ کان پسٽول وٺي مون ڏانهن فائر ڪيو. پاڻ کي ڦڙتيءَ سان بچائڻ سردار کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي مٿي کڻي سردار کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي مٿي کڻي پري ڦٽو ڪيم. سردار کي اهڙو ڌڪ لڳو جو اٿندي، اٿندي ٿڌو ٿي ويو، سندس ٻيا ساٿي منهنجي چوڌاري ڦري آيا، سڀني جي هٿن ۾ خطرناڪ قسم جا خنجر هئا، هڪ مون کي خنجر هڻڻ لاءِ الر ڪئي، آءٌ ڦڙتيءَ سان پاڻ بچائي ٽپ ڏئي سندن گهيري مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ۽ تهه خاني ۾ پيل خزاني جي هڪ، هڪ پيتي پنهنجي طاقت سان کڻي انهن مٿان اڇلائڻ لڳيس.

سڀئي پيتين هيٺيان دٻجي پورا ٿي ويا. اهو باقي ڪارو ٿلهو ديوئي وڃي رهيو هو، جيڪو مون کي ڏسي ڪاوڙ مان مڇرجي مونڏانهن وڌي رهيو هو، سندس وات مان غصي جي ڪري گف وهي رهي هئس، آءٌ پوئتي هٽي وري ديو ڏانهن ڊوڙي سندس پيٽ ۾ فلائنگ ڪڪ زور سان هنيم،  ان ڌڪ جو ديو تي ڪو به اثر نه ٿيو. هو مون کي ڪاوڙ مان ڏسي ٽهڪ ڏيڻ لڳو، ٻيهر ڊوڙي سندس مٿي  ۾ فلائنگ ڪڪ هنيم، اهو ڌڪ کيس سٺو لڳو ۽ وڃي زمين تي ڦهڪو ڪيائين، پر جلدئي زمين تان اٿي مقابلي لاءِ تيار ٿي بيٺو، هاڻي سندس اکين ۾ غصي جي باهه ڀڙڪي رهي هئي، مان کيس فلائنگ ڪڪ هڻڻ وارو هئس ته هن جو هٿ منهنجي ٽنگن ۾ پئجي ويو ۽ زور سان گهمائي، گهمائي، مون کي زمين تي سٽيائين  گهمائي، مون کي زمين تي سٽيائين زوردار ڌڪ لڳڻ ڪري دانهن نڪري ويم، مان ٽنگن کي ديو جي هٿ مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس، پر هو مضبوطيءَ سان ٽنگ پڪڙي مون کي لٽڪائي رهيو هو.

آءٌ مدد لاءِ پڪارڻ لڳس، ان ماڻهوءَ جنهن جي مون مدد ڪئي هئي. ان پٽ تي پيل پسٽول کڻي ديو ڏانهن فائر ڪيو، ديو جو هٿ منهنجي ٽنگ مان ڇڏائجي ويو ۽ ڦيراٽيون ڏيندو منهن ڀر وڃي زمين تي ڪريو وري چر پر نه ڪيائين. آءٌ  ان اجنبي جا ٿورا مڃڻ لڳس، ”ادا تنهنجي مهرباني  جو هن خطرناڪ ديو کان تو بچايو ۽ منهنجي ٽنگ آزاد ڪرائي.“

”چوين ڇاٿو؟ آ ديو؟“

”هان، ها، ها....!؟ اوچتين ٿـڦڪين تي اک کلي پئي.

”اڙي چريا تنهنجي ٽنگ ته کٽ جي پيرانديءَ واريءَ واڏڻ ۾ ڦاٿي پئي هئي تون ڦٿڪي رهيو هئين، مون اچي تنهنجي ڦاٿل ٽنگ ڪڍي جهليندو آهيان توکي ته انگلش فلمون نه ڏس رات وري وڃي سڪس ملين ڊالر مين ڏسي ائين ننڊ ۾ اهڙي حالت ٿي رهي هئي تنهنجي، جي ٻڌايائين ته کل اچي وڃئي، خير! ڇڏ ان ڳالهه کي جلد تيار ٿي اسڪول وڃ دير نه ٿي وڃئي.“ ان اجنبي بدران منهنجو وڏو ڀاءُ آفيس وڃڻ لاءِ تياريءَ سان گڏ کلندي مون سان ڳالهائي رهيو هو.

اقوال زرين

1- ٻن مسلمانن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ نماز، روزي ۽ صدقي کان بهتر آهي.

   (حديث نبوي صلي الله عليہ وسلم)

2- ان ڏينهن تي پنهنجا ڳوڙها وهاءِ جيڪو تنهنجي عمر جو گذري ويو ۽ تو ان ڏينهن ڪا به نيڪي نه ڪئي.

(حضرت ابوبڪر صديق رضه)

3- جيڪو توکي تنهنجي عيبن کان واقف ڪري، اهو تنهنجو دوست آهي.

(حضرت عمر فاروق رضه)

4- دنيا جنهن جي لاءِ قيد آهي قبر ان جي لاءِ آرام گاهه آهي.

(حضرت عثمان غني رضه)

5- توهان وڏن جي عزت ڪريو، ننڍا توهان جي عزت ڪندا.

- موڪليندڙ: خليل احمد شيخ.

نبي بخش قمر چانديو                                 (سائنس)

ائٽم بم جي تباهي

اڄ کان چند سال اڳ سن 6- آگسٽ 1945ع وارو ڏينهن. جپان جي شهر هيروشيما تي تباهي ۽ برباديءَ  جو طوفان بڻجي آيو. سج اڀرندي ئي  ماڻهن عام ڏينهن وانگر گهٽين، بازارين ۽ ڪارخانن ۾ اچ وڃ شروع ڪئي. صبح جو نو ٿيڻ ۾ ڪجهه منٽ دير هئي، جو هڪ هوائي جهاز شهر جي مٿان 9 هزار پونڊ وزن  جيترو 10  فوٽ ڊگهو ۽ 28 انچ ويڪرو ائٽم بم تيز پرواز سان اڇلائي ويو. اوچتو هڪ تيز شعاع ٿيو. جنهن جي اڳيان سج جي روشني به جهڪي پئجي وئي بس پوءِ جهٽ پل ۾ ڪک پن، مٽي ريتيءَ ۽ سرن جي ڌوڙ سان گڏ دونهين جا ڪارا  ڪڪر آسمان ڏانهن اٿڻ لڳا، وڌي  وڌي، چئن ميلن جي ايراضي ۾ ايڏي  ڌماڪي جي حرارت ٿي جو (90000) نوي هزار گهر ڊهي تباهه ٿي ويا ۽ (80000) اسي هزار انساني جانيون اجل جو شڪار ٿي ويون. ٽن ڏينهن بعد وري 9 آگسٽ 1945ع ناگاساڪي شهر تي 10 هزار بوند وزني، 10 فوٽ ۽ چار انچ ڊگهو ۽ پنج فوٽ ويڪرو ائٽم بم ڪيرايو ويو، ناگا ساڪي شهر جي ڪنهن به  جاءِ يا جڳهه جو ڪو به نشان نه رهيو ۽ (40000) چاليهه هزار ماڻهو موت جو شڪار بڻيا، هي  پهريون ائٽم بم هو، هن کان وڌيڪ تباهي آڻيندڙ ٻي ڪا به شيءِ انسان ذات ان وقت تائين ڪانه ٺاهي هئي.

جڏهن ائٽم به ڦاٽندو آهي، ته پنجاهه فوٽ ويڪرو اڇي ۽ ڳاڙهي رنگ جو باهه جو گولو پيدا ٿيندو آهي جنهن جي گرمي ۽ تپش جي ڪري ڀر واري هر شيءِ سڙي راک ٿئي ٿي ائٽم بم جي گرمي سج جي حرارت کان به پنجاهه ڀيرا گرم ٿيندي آهي. هن جي باهه چار پنج ميل مٿي وڃي هڪ ڇٽي جي شڪل اختيار ڪري بيهي  رهندي آهي. هن جا تابڪاري اثرات زمين ڏانهن اچڻ شروع ٿيندا آهن. جيڪا به ان اندر جاندار شيءِ آئي بس هميشہ لاءِ ختم ٿي وئي. ان جا تيز تابڪاري اثرات هر شيءِ کي متاثر ڪن ٿا، مثلاً کائڻ پيئڻ جون شيون پاڻي، هوا، نباتات ۽ جمادات واريون شيون به اچي وڃن ٿيون، ان ۾ اهڙو ڪيميائي زهريلو مادو آهي جو سندس اٿر صدين تائين قائم رهي ٿو. زمين ۾ اندر ئي اندر ٽوڙ ڦوڙ جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. ان لاءِ اتي ڪا به نباتات اڀري نه ٿي سگهي ۽ انسان جي بچي وڃن ته لولالنگڙا ٿي ويندا.

ماءُ جي عظمت

ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي. (حديث نبوي)

آسمان جو بهترين ۽ آخري تحفو ماءُ آهي. (ملٽن)

دنيا جو ڪو به رشتو ماءُ کان وڌيڪ پيارو ڪونهي. (شيلي)

ماءُ  کان سواءِ گهر قبرستان لڳندو آهي. (اورنگ زيب)

مون زندگيءَ ۾ ثابت قدميءَ جو سبق ماءُ کان سکيو. (ڪانٽ)

مون سڀ کان پهريائين ماءٌ جي اکين ۾ محبت جو رنگ ڏٺو. (انگفيلو)

ماءُ ، وقار، ايثار، نيڪي، مروت ۽ صحت جو سبق ڏيندي آهي. (والٽرز)

ماءُ جي خوبصورتي ان جي محبت آهي. (محمد علي جوهر)

مون کي گل ۽ ماءُ  ۾ ڪو به فرق نظر نه ٿو اچي. (نادرشاهه)

-      موڪليندڙ: علي گل گهمرو


 

فياض هاشماڻي                      اچو ته سنڌ گهمون

سجاول

هي ٺٽي ضلعي جو سڀ کان وڏو ۽ اهم شهر آهي. هي شهر ڪن روايتن مطابق 1805ع ۾ ”سجاول خان“ نالي هڪ زميندار وڌو ۽ چوندا آهن ته هو حيدرآباد جي گادي جي ميرن جو خاص ماڻهو هو. هن سنڌ جي پهرين ٽالپر حڪمران ”مير فتح علي خان“ کي سندس پُٽ ڄمڻ  جي مبارڪباد  ڏني ۽ چيو وڃي ٿو ته اِن وقت مير صاحب جو آخري وقت هو ۽ دنيا کان موڪلائن کان اڳ ۾ سجاول کي مبارڪ باد جي عيوض سندس پاسي ۾ رکيل جواهر دار تلوار ۽ لازم جتي هينئر سجاول جو شهر آهي. اِها زمين کيس بخشيائين. اهڙي نموني سان سجاول خان پنهنجون زمينون آباد ڪرائڻ لاءِ اُتي ئي ڳوٺ ٻڌي ويٺو. روينيو جي رڪارڊ مطابق سجاول خان کي خاص خدمتگار لکيو ويو آهي.  مگر ڪن روايتن موجب هو دايو يا خاصخيلي هو. پر شهر کي اوج ۽ مشهوري سائين ”حاجي عبدالرحيم شاهه“ کان نصيب ٿي. جنهن صاحب  پنهنجي مرحوم ڀاءُ سيد محمد هاشم شاهه جي ياد ۾ هڪ عاليشان جامع مسجد تعمير ڪرائي شهر کي هڪ زبردست علمي موڙ تي آڻي  ڇڏيو. سائين جن مٽيارين ۾ پيدا ٿيا هئا. سندس وفات 1947ع ۾ ٿي. سندس نالو اڃا تائين ڳائجي پيو ۽ ڳائبو رهبو.

اڄ ڪلهه ”سجاول“ ۾ ميمڻ، کتري خواجه، ڪڇي، ملاح، ڪنڀر، ۽ ڀان قوم وغيره  رهيل آهن. هتي هندو به اڪثريت  ۾ آهن سندن هڪ پاڙو“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.  اسان جي پاسي کي ماڃر چوندا آهن. هتان جا اصل رهاڪو ”ماڱر“ نالي دراوڙي نسل جا آهن. ڪن ماهرن جو خيال آهي ماڃر اصل لفظ ”ماڱر“ آهي. ميرن جي صاحبي ۾ هن کي هڪ پرڳڻي جي حيثيت حاصل هئي ۽ ڪارڊ مطابق ماڃر 1985ع تائين حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ شاهه بندر ضلعي جو هڪ پرڳڻو هو.

74 ايڪڙن تي مشتمل هن شهر ڪافي ترقي ڪئي آهي- شهر کي گهوٽارو واهه جنهن کي هينئر گندي نالي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي سو شهر کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو.

هتي انٽر ميڊيٽ ڪاليج، هاءِ اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول، گرلس پرائمري اسڪول، ڇوڪرين جو ڀرت جو اسڪول ۽ ڪجهه پرائمري اسڪول آهن تازو ٻه شاپنگ سينٽر بنام ”رحيمي  شاپنگ سينٽر“ ۽ مهراڻ شاپنگ سينٽر کليا آهن جيڪي ترقي جي راه تي آهن. شهر جي سماجي  سرگرمين لاءِ ڪميونٽي سينٽر آهي ۽ خواتين ڪميونٽر سينٽر زير تعمير آهي. شهر  ۾ ٻه لائبرريون ”محمد بن قاسم“ ۽ ”پبلڪ لائبرريون“  قائم آهن. سجاول گذريل ڪجهه سالن کان تمام گهڻي ترقي ڪري رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com