بس پوءِ ته ايوان به ڪئي، هم نه تم ”کڻندي پنهنجو
ڪهاڙو شروع ٿي ويو، وڻ جي ٿڙ کي وڍڻ، هن اڃا وڻ جي
ٿڙ جو گھڻو حصو نه ڪٽيو هو ته هن کي محسوس ٿيو ته
وڻ اندران پورو آهي. بهرحال ڪجھ دير بعد هن کي ان
پور ۾ هڪ ڳوڻ ڏسڻ ۾ آئي ۽ ان ۾ هزارين سونا سڪا
چمڪي رهيا هئا ايڏي دولت! پر هي ايڏي دولت ڪنهن
جي ٿي سگھي ٿي! ايوان حيرانگيءَ جي حالت ۾
ڀڻڪيو...
هاڻي ايوان سوچيو ته شايد وڻ جو مقصد هي آهي ته
ڪيترا ورهيه اڳ هڪ چالاڪ چور منهنجي ٿڙ ۾ اها ساري
دولت لڪائي رکي هئي ۽ تون ئي اهو پهريون شخص آهين
جنهن ان کي ڳولهي لڌو آهي، تنهنڪري اها تنهنجي
ملڪيت آهي ڇاڪاڻ ته اها تنهنجي ڳئون جي قيمت آهي،
بس پوءِ ته ايوان سونين سڪن جي ڳوڻ کنئي پنهنجي
گھر ڏانهن واپس وريو.
جڏهن هي گهر پهتو ته وري سندس ڀائرن هن تي ٽوڪ ڪرڻ
شروع ڪئي. ”اچو صاحبو ڪيئن ٿيو اوهان جو واپار،
اسان جي خيال ۾ پاڻ ڦرائي آيو هوندين، توکي ڳئون
ته ڪانه ملي هوندي ستر روپيه به ڪونه مليا
هوندئي.“
ستر رپيه نه پر ستر هزار مليا آهن ايوان وراڻيو.
بهرحال هاڻي ايوان جو بخت کليو هو. هن پنهنجي لاءِ
تمام گهڻي زمين ورتي هئي ۽ ڪيترائي ڳُئن جا ڌڻ پڻ
۽ هي اتي تمام خوش گذاريندو هو ۽ هاڻي هن کي ڪو
ڀاءُ به تنگ نه ڪندو هو ۽ نه ئي ڪو ٻيو هن سان وري
مذاق ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
سهڻا سخن
·
حد کان زياده پيار به فراق جي نشاني آهي.“
شيڪسپيئر
·
”انتقام هڪ غير انساني لفظ آهي.“
سنيڪا
·
”توهان کي ڇا گھرجي؟ جيڪي ڪجھ به گھرجي اهو
مسڪراهٽ جي مدد سان حاصل ڪيو نه تلوار سان.“
شيڪسپيئر
·
عورتن جي چوڻ تي عمل نه ڪر، هميشہ سک ماڻيندين“
بقراط
·
”هڪ وقت ايندو جڏهن دنيا ۾ فقط پنج بادشاهه هوندا
هڪ انگلستان جو ۽ چار تاش جا.“
شاهه فاروق
_ موڪليندڙ: محمد امين سمورو
قاضي آصف
ٻلي ۽ ڪوئي جو ٺاهه
اتفاق ته گھڻائي ٿين، پر ههڙو اتفاق ڪو ورلي ٿيو
هوندو، ٿيو ائين جو_ هو ٻِر مان نڪري رهيو هو ۽ هي
ٻِر ۾ جھاتي پائڻ لاءِ وڃي رهي هئي. ٻڌائي سگھندؤ
ڪير؟ پر ٺيڪ آ، مان ٿو ٻڌايانوَ. ڪوئو، ٻرَ مان
نڪتو پئي، ٻلي ٻِر ڏانهن وئي پئي. ٻنهي جي نظر، هڪ
ٻئي تي پئجي وئي، جيڪو ٿيڻ گھربو هو، اهو ته نه
ٿيو.
ڪوئو گوهي هڻي ڀڄڻ بجاءِ ٻِر جي در تي بيهي رهيو.
”مائي ٻلي اتي ئي بيهي رهه“
ڪوئي تارا ڦوٽاريندي چيو، ”اهي ڏينهن کائي
وئيئن...“
”ڳالهاءِ خيال سان“ ٻلي ڪوئي جي ڳالهه اڌ ۾ ڪَٽي،
ڦونڊجندي چيو ”مان ڏينهن نه، پر ڪوئا کائيندي
آهيان.“
”هاڻي ڪوئا ٻلين کي کائيندا.“ ڪوئي جوش ۾ چيو.
”بس ڪر ٻليءَ جا پُٽ.“ ٻلي ڪوئي کي دڙڪو ڏيندي
چيو.
”مان جي ڪنهن ٻليءَ جو پُٽ هجان ها ته“ ڪوئي اکيون
مچڪائيندي چيو ”تنهنجو مڙس هجان هان“
ٻلي جو اهو ٻڌو، سو آپي کان نڪري وئي. ڪاوڙ مان
ڪوئي ڏانهن ڏسي، ڪوئي کي کائڻ لاءِ، وٺي ڪوئي
ڏانهن ڊوڙ پاتائين.
ڪوئي جو ڏٺو ٻليءَ کي، پاڻ ڏانهن ايندي، سو،
پنهنجي ٻِر ۾ هليو ويو. ٻلي جيئن تيز ڊوڙندي آئي،
ڪوئي جي ٻرَ جي سوراخ مان اندر نه وڃي سگھي، نرڙ
وڃي ڀت سان لڳس ۽ اتي ئي، ساڻي ٿي ڪري پئي.
ڪوئو اندران اچي ٻِر جي در وٽ، چيلهه تي هٿ رکي
کلڻ لڳو. ٻلي کي هڪ ڌڪ لڳو ڏاڍو، رهندو ڪوئو به
پاڻ تي کليس پئي، سو ڪاوڙ ۾ ڪوئي کي چيائين، ”ڏند
نه ڪڍ ته ڀڃي نه ڇڏيانءِ.“
”حالي ته پنهنجو مُنهن ڀڄي پيو اٿئي.“ ڪوئي ٽهڪ
ڏيندي چيو. ”بيهه ته چڱيءَ طرح ٿي پٽيون
پڙهايانءِ!“ ٻلي سور پيئندي چيو: ”مان پٽي نه
پنجون درجو پڙهندو آهيان.“ ڪوئي ٽوڪيندي ٻليءَ کي
چيو، ”هونءَ ته تو راڄ پڙهائي ڇڏيا آهن.“
”ڇو ته، مون شينهن کي پڙهايو“
ويچاري ٿيندي چيائين، ”پر اکين ٻوٽ مون کي ئي کائڻ
آيو.“
”مان ٻڌايانءِ ڇو.؟“
”ٻڌاءِ.“
”پر هڪ شرط.“
”ڪهڙو؟“
”پنهنجي ساڳي جاءِ تي وڃي بيهه، توهان جي ذات تي
اسان جو اعتبار مڙئي گھٽ آ “
”چڱو“ ٻلي جتي پهريون بيٺي هئي اتي ئي وڃي بيٺي، ۽
چيائين. ”ها هاڻي ٻڌاءِ“
”ان ڪري شينهن توکي کائڻ آيو جو کيس خبر هئي ته،
ٻليون چونديون آهن، سڀ انڌا ٿين ته مان کانوان.“
”ڀلا تون مون کي هڪ ڳالهه ته ٻڌائي“، ڪوئي ڳالهه
جاري رکندو چيو ”توهان هروڀرو اسان کي ڇو
کائينديون آهيو.“
”ڪنهن کي کائون؟“
”آنُ، ڪتابن جا پنا، جيڪي اسان کائيندا آهيون.“
”اَن انسانن ۾ ته پوروپوي، اسان کاڌو!!“
”هڪ ڳالهه ياد اچي وئي.“ ڪوئي اکيون مهٽيندي چيو.
”ڪهڙي؟“ ٻلي ششدر ٿيندي پڇيو.
”بس! ڄاڻ تون به مئين ته مان به مئس“ ڪوئي چيو.“
مان پنهنجي ٻِر ۾ ويهي، گھر مالڪ جو ريڊيو ٻڌندو
آهيان. خبرن ۾ ته حشر لڳو پيو آ. انسان پاڻ ۾ وڙهي
پيا آهن، اهڙا هٿيار ٺاهيا اٿن جو، پڻ ته مرن، پر
پاڻ سان گڏ هر ساهه وارو به ماريو وڃن، رڳو ڀتيون،
جايون ۽ ڌرتي وڃي بچي سا به اهڙي جو ڪيترائي سال
ڪو فصل نه اُپائي سگھي.“
”اڙي مُٺيس!!“ ٻليءَ کان رڙ نڪري وئي.
”مُٺيس،
ٻُٺيس ڇڏ.“ ڪوئي رازداريءَ ۾ ٻلي کي چيو،
”توهانجو، اسانجو جھيڙو صدين کان هلندو ٿو اچي. اچ
ته پنهنجا سڀ ويڇا وساريون، جھيڙا ختم ڪريون. اڳي
انسان پاڻ ۾ ٺهيل هوندا هئا ته اسان کي فڪر نه
هوندوهو، هاڻي انسان هڪ ٻئي کي ته ٺهيو، سڄي
ڪائنات کي تباهه ڪرڻ تي سندرو ٻڌيو ٻيٺا آهن، تون
ئي ٻڌاءِ سڄي ڪائنات جو تباهه، ٿي ته ڇا بچندو.
تون ۽ مان، اسان جا ننڍڙا ٻچڙا تُنهنجا ٻلونگڙا سڀ
مري ويندا. سڀ ڪجھ ختم ٿي ويندو.“ ڪوئي جي ننڍڙين
اکين مان ڳوڙها وهي پيا.
”ڪوئا، تون ته روئارڻ جھڙيون ڳالهيون ٿو ٻڌايئن. “
ٻليءَ جو منهن به ويچارو ٿي ويو.
”۽ ها. ظلم ته ڏس.“ ڪوئي ڳوڙها اگھندي چيو، ”رات
خبرن ۾ ٻُڌم ته ايٿوپيا نالي ملڪ ۾ ڏڪر پيو آ، سو
ننڍڙا معصوم انسانن جا ٻار به بک وگھي ڦٿڪي مري
رهيا آهن. روز هزارين ماڻهو ٿا مرن، ته به انسانن
کي پنهنجي ذات تي قياس نه ٿو اچي!؟ مون خبرون
ٻڌيون ته روئي ويٺس!“
”پر به، اسان ڪريون ڇا _؟“
ٻلي پڇيو.
”ٺاهه ڪريون.“ ڪوئي جواب ڏنو.
”ٺاهه ڪري پوءِ ڇا ڪريون؟“
ٻليءَ پڇيو.
”مان انسانن جو اَن کائڻ ڇڏي ڏيان. تون مون کي
کائڻ ڇڏي ڏي.“
ڪوئي چيو
”ان کان پوءِ ڇا ڪجي؟“
”هاڻي تون مون کان وڏي آهين، تون به ته ڪجھ ٻڌاءِ
”ها. پوءِ هيئن ٿا ڪريون جو، تون اناج گڏ ڪري ڏڪُر
واري ملڪ ۾ کڻي هل ۽ مان خطرناڪ اوزارن جي ڪارخانن
۾ وڃي، انهن جا اوزار خراب ڪري اچان.“
”واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي. مان پنهنجي ڪوئا برداري
کي ان ڪم لاءِ تيار ٿو ڪريان. ۽ تون پنهنجي ٻِلا
برداريءَ کي پنهنجي چونڊيل ڪم لاءِ تيار ڪر. ڀل
انسانن کي خبر پوي ته اسان جي گڏ ٿيون ته ڇا ڪجھ
نه ٿا ڪري سگھون.“
ايتري ۾ گھر مالڪ جو ننڍڙو معصوم ٻار بانبڙا
پائيندو اتان اچي لنگھيو، ڪوئي ۽ ٻليءَ کي اکيون
مچڪائيندو ڏسندو رهيو. ٻليءَ، ۽ ڪوئو پنهنجي جاءِ
تان نه چريا، پر ڏاڍي پيار سان معصوم کي ڏسندا
رهيا. ڄڻ چوندا هجن، ”انسان تون ڪيڏو نه پيارو،
ڪيڏو نه ظالم آهين، پاڻ سان گڏ، اسان جا ٻچڙا به
مارين ٿو. ايٿوپيا ۾ به ته هن جھڙا، هن جيترا
معصوم ٻار بک وگھي ڦٿڪندا مرندا هوندا، الا! انسان
تون...“ ٻلي ۽ ڪوئي جي اکين مان ڳوڙها وهي پيا.
”ادي ٻلي تون ڇو ٿي روئين؟“ ڪوئي پنهنجا ڳوڙها
اگھندي ٻليءَ کان پڇيو.
”ڀائو ڪوئا روئين ته تون به ٿو. پوءِ به سبب مون
کان ٿو پڇين.“ ٻلي ڪوئي ڏانهن نهاريندي چيو.
اوچتو هڪ ٺڪاءُ ٿيو. سڄي شهر ۾ عجيب چڀندڙ،
هنيانءُ ٻوساٽيندڙ دونهون پکڙجي ويو.
ڪوئو ۽ ٻلي جنهن گھر ۾ بيٺا هئا، ان گھر ۾ به
دونهون ٽپي پيو. معصوم ٻار جيڪو بانبڙا پائي رهيو
هو. اهو ساهه ٻوساٽجڻ ڪري اتي ئي ڦٿڪڻ لڳو. ڪوئي ۽
ٻليءَ جو هنيانءُ ٻوساٽجڻ لڳو، ڪوئي رڙ ڪري ٻلي کي
چيو، ”ادي ٻلي ڏٺئي انسانن جا ڪم: هاڻي تنهنجا،
منهنجا ۽ انسان جا ٻچڙا گھٽجي، ٻوساٽجي مري ويندا،
اسان، اسان ته...“
ڪوئي جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو، ٻلي به ڪري پئي انسان
جي معصوم ٻار سان گڏ، ڪوئو ۽ ٻلي به ٻوساٽجي مري
ويا. ۽ ڪٿي پري سڃ مان ڪو ٻوساٽجندڙ آواز اچي رهيو
هو.
”دنيا جا ٻارؤ، ايندڙ وقت ۾ توهان اهڙن حالتن کي
پيدا ٿيڻ نه ڏجو. توهان ايندڙ وقت جي آس پوري ڪجو،
ڪائنات کي بچايو،“
۽ سج آهستي آهستي ٻڏي رهيو هو. وري صبح ٿيڻ لاءِ.
شيخ سعديؒ
انسان جي پيرن هيٺان بي شمار ڪئليون اچن ٿيون ۽
مري وڃن ٿيون، ليڪن انسان کي ڪئلين جي مصيبت جو
احساس نٿو ٿئي. انسان جي پيرن جي هيٺان ڪئلي جو
اهوئي حال ٿئي ٿو جيڪو هاٿي جي پيرن هيٺان انسان
جو ٿي سگھي ٿو.
جيڪڏهن انسان ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکي ته شايد ان جو
پير ڪڏهن به ڪئلي تي نه پوي.
يعني انهي احساس جي بدولت انسان ماڻهن کي ستائڻ
کان باز اچي وڃي.
چونڊيندڙ: ڀاڳي _ ڪي _ وارهه
علي حسن عباسي
اَن ۽ ايمان
اوندهه وٽڙڻ لڳي ۽ آهستي آهستي سوجھرو ٿيندو ويو.
صبح جي ٿڌڙي هوا جا جھوٽا ننڊ جي خمارن سان ڀرپور،
هر اک ۾ خمار ڀريندا ٿي ويا. سج جا ڪرڻا به پري
پري تائين پنهنجي رفتار سان ڦهلجڻ لڳا. هرڪو ماڻهو
اوٻاسيون ڏيندو اکيون مهٽيندو پنهنجي پنهنجي بستري
تان اٿندو ٿي ويو.
امان ته هميشہ مڙني کان سوير اٿي ڏڌ ولوڙيندي آهي.
اڄ به پنهنجي معمول مطابق اڳئي اٿي ڏڌ جي چاڏي ۾
مانڌاڻي ڦيرائي رهي هئي. مانڌاڻي کي هڪ ٽنگڙو
ويڙهيل هو، جنهن کي امان توڙي ٻيون ڳوٺ جون زائفون
نٿ به چونديون آهن. امان نٿ کي اڳتي پوئتي ڇڪيو ٿي
ته ڏڌ جي چاڏي مان ڏاڍو سريلو آواز ٿي نڪتو
جھوجھو! جهوجهو!! لڳاتار انهيءَ آواز مان ايئن پئي
معلوم ٿيو ڄڻ ڪو گويو رياض ڪري رهيو هجي.
منهنجي ڀيڻ جيڪا دالي وٽ ڀرسان اٽو ڳوهي رهي هئي.
امان ان کي چيو ”ڌيءَ ڀاڻي کي ڌونئرو ماني آڻي
ڏي.“ ادي اٿي ۽ جاري مان ڌونئرو ماني کڻي اچي
منهنجي اڳيان رکيائين. مان وٽي ۾ پيل ڌونئري جو ڍڪ
۽ پنڊيءَ تي راتوڪي ماني ڏسي گلاب جي جيان ٽڙي
پيس، هونئن به بکايل جي اڳيان جيڪڏهن مانيءَ ڀور
اچي وڃي ته ان لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ
قيمتي نه هوندي آهي.
مان سڄي ڪائنات ان وٽي ۾ سمايل سمجھي ۽ ان جي هر
خوشي پنڊيءَ جي مٿان جھومندي ڏٺم. ۽ پوءِ جلدي
جلدي انهن خوشين جو ذائقو چکڻ لاءِ مانيءَ ٽڪر
ڀڃندو انهيءَ تي ڌونئرو کڻدو وات ۾ وجھندو
چٻاڙيندو پيٽ ۾ اُماڻيندو رهيس. جڏهن ماني کائي
ميدان صاف ڪري ڇڏيم، تڏهن امان پيار مان مٺي ڏيندي
چيو، ”هاڻي وڃي راند کيڏ. رانجھن ۽ راڻي به اٿيا
هوندا ۽ وڃي انهن سان راند کيڏ.“
رانجھو ۽ راڻي به منهنجي پاڙي جا آهن ۽ منهنجا هڪ
جيڏا آهن. راڻي رانجھوءَ جي ڀيڻ آهي. پر هوءَ مون
کي رانجھوءَ کان به وڌيڪ سٺي لڳندي آهي_ ۽ رانجھو
اصل ڪنو آهي_ هو مون کي ککوڙيون به ڪين ڏيندو آهي
۽ راند ۾ به ڊوهه ڪندو آهي_ پوءِ به الائي ڇو مان
هنن سان ئي راند ڪندو آهيان_ هنن جو پيءُ ڪجھ
پڙهيل به آهي ۽ بابا ڪالهه ڳالهه پئي ڪئي ته هو،
نوڪريءَ جي ڪوشش ۾ آهي_ هن کي پنهنجي پيءُ ڌار ڪري
ڇڏيو آهي، ان ڪري هن کي ٻيو ته ڪو ڪم به ڪونهي.
پوءِ ڀلا نوڪريءَ لاءِ ئي ڪوشش ڪندو. امان وري
چيو، ”اٿي پٽ هاڻي ٻاهر وڃ.“ امان جي سڏ تي مان
سوچ جي سمنڊ مان ٻاهر نڪتس کٽ کان هيٺ لهڻ لڳس،
هڪڙي ٽنگ کٽ کان هيٺ لاٿم ۽ هڪڙي اڃان کٽ تي هئي.
ته ياد آيم. ڪالهه شام ته هو ٻئي راند کيڏڻ آيا ئي
ڪين هئا_ سو هينئر وري ڪٿي آيا هوندا_
مان لٿس ۽ سڌو هنن جي گھر ويس_ ڏٺم ته رانجھو ۽
راڻي ٻئي هڪڙي کٽ تي پاسيرا لڳا پيا آهن ۽ اکيون
پيا ٿا ٽمڪائين_ ٻنهي جا چپ خشڪ هئا ۽ اکيون
اڃايل، منهن مان رونق ختم ٿي چڪي هئن، جسم جي ستو
ٿي لڳن. ڀرسان سندن ماءُ به مٿي کي هٿ ڏيو ويٺي
هئي_ هيءَ به مايوس ٿي ڏسڻ ۾ آئي ۽ منهن لٿل هئس.
هن جي چهري مان ڏک جون ريکائون نظر اچي رهيون
هيون.
سندن پيءُ جي به ساڳي حالت هئي. هر طرف خاموشي
ڇانيل هئي_ هتي ته اڃا ڄڻ ڪا صبح آئي ئي ڪين هئي،
يا هيءَ ٽڪري چرندڙ پرندڙ انسانن جي واديءَ کان
ڌار گھڻو پري هئي_
اهو نظارو ڏسي گھڙي پل لاءِ ته آءٌ خاموش ٿي ويس.
ڪجھ دير کان پوءِ رانجھو ۽ راڻيءَ جي ماءُ کي چيم
”ماسي، رانجھو ۽ راڻي راند کيڏڻ ڇو نٿا هلن.“
رانجھوءَ جي ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙهن جو درياءُ وهڻ
لڳو. هن ويچاريءَ کان آواز ڪين ٿي نڪتو ۽ اکر ڪين
ٿي اڪليا. آخر بند ٽٽي پيو ۽ ڪارن ڪڪرن مان وسندڙ
مينهن جيان هن جي اکين مان هڪ ٻئي پويان ڳوڙها ڪرڻ
لڳا. منهنجو به هنيانءُ ڀرجي ويو ۽ ذري گھٽ روئي
پيس. روئندي چيائين ”پٽ علڻ (علي محمد) ڪالهه
منجھند کان وٺي مانيءَ ڀور ڪين مليو اٿن. ٽيون
ويلو ٿيو آهي ته بک تي آهن. گھر ۾ ڪجھ به ڪين آهي.
ڪنهن کان اڌارو به ڪين ٿا گھرون ته ان کي ڏينداسين
ڪٿان! هنن جي پيءُ کي به ڪٿي نوڪري ڪين ٿي ملي.
ماسيءَ جي اها ڳالهه ٻڌي ۽ عجيب ڪشمش ۾ پئجي ويس.
بک جي شدت کان ته پاڻ به واقف هوس.
جو ڪجھ ڏينهن اسان لاءِ به اهڙا آيا هئا. پر اها
خبر نه هئم ته ڪي ڪي ٻار يا ماڻهو ٽي ٽي وقت به
بنان مانيءَ جي گذاريندا آهن. ۽ پوءِ پنهنجي لڄ ۽
ڀرم جي خاطر ڪنهن اڳيان هٿ ڪين ٽنگيندا آهن. ۽ نڪي
ڪنهن کي ٻڌائيندا آهن.
مان هيٺ ڪنڌ ڪري وڌيڪ ڪجھ چوڻ کان بغير پوئتي
موٽيس، پنهنجي گھر آيس ۽ سڄي ڳالهه امان کي ڪري
ٻڌايم، اتي بابو به بيٺو هو، جنهن ڳالهه ٻڌي هڪ
اونهون ساهه کنيون. اديءَ اٽو ڳوهي چلهه تي رکيو.
امان اٿي ۽ اها اٽي جي پاٽ کڻي مونسان گڏ هلي.
امان ۽ مان رانجھي ۽ راڻيءَ وارن جي گھر وياسين ۽
پاٽ اٽي جي وڃي ماسيءَ کي ڏنيسين. اٽو ڏسي سڀني جي
منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ مان به هنن سان خوشيءَ ۾
شريڪ ٿيڻ لاءِ ٿورو مرڪيس.
محبوب علي جوکيو
سفارش
شاگرد: ”سائين، مون ڪنهن درسي ڪتاب ۾ پڙهيو آهي،
ته هڪ سيٺ، پاڻ وٽ منشي رکڻ لاءِ، اميدوار گهرايا،
جن مان سڀني وٽ سفارشي چٺيون هيون ۽ صرف هڪ
اميدوار وٽ اهڙي چٺي ڪانه هئي، پر پوءِ به،
انهيءَ اميدوار کي نوڪري ملي، ڇا سبب؟“
استاد: ”پٽ، ڳالهه اها هئي، ته انهيءَ اميدوار وٽ
ڪا سفارشي چٺي ته ڪانه هئي، پر هن جو اٿڻ ويهڻ،
ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ سوالن جا جواب ڏيڻ، اهڙا ته
وڻندڙ هئا، جو سيٺ صاحب ڏاڍو متاثر ٿيو. هو
اميدوار اخلاقن جو ڀنڊار هو ۽ اهي سهڻا لڇڻ هن
لاءِ سفارشي چٺين کان به وڌيڪ ڪار آمد ثابت ٿيا.
حقيقت اها آهي ته سهڻا لڇڻ ئي انسان لاءِ سٺا
سفارشي آهن.“
شاگرد:” سائين، ڀلا ڇا سبب آهي، جو ماڻهو سفارشون
ڪندا آهن.“
استاد: ”پٽ، عام طرح، سفارش ڪندڙ ڪنهن جي سفارش
صرف هن ڪري ڪندو آهي، جو اهو ماڻهو کيس پنهنجو
هوندو آهي. مطلب آهي ته سفارش ڪندڙ، اقربا پروري،
پاسخاطري يا دوست نوازيءَ جي جذ بي تحت سفارش ڪندو
آهي. انهيءَ وقت، سفارش ڪندڙ اهو خيال نه رکندو
آهي، ته هي سفارشي ماڻهو، ڪو انهيءَ ڪم جي اهل به
آهي يا نه، يا انهيءَ فرض کي ڪو خوش اسلوبيءَ سان
به نباهي سگهندو يا نه، لائق هجي يا نالائق، اهل
هجي يا نااهل، موزون هجي يا ناموزون بهرحال هن جو
ڪم ٿيڻ گهرجي، سفارش ڪندڙ جون اکيون، نتيجن کان
پوريل ۽ ٻوٽيل هونديون آهن.“
شاگرد:”سائين، ڀلا ڇا سبب هوندو آهي، جو سفارش
ڪندڙ، اهڙين حالتن ۾ به يعني نااهل ماڻهن جي به
سفارش ڪندو آهي؟“
استاد: ”پٽ، اصل حقيقت اها آهي، جو ائين ڪرڻ ۾
هنجو به مفاد هوندو آهي، جنهنڪري هو ته ننهن
چوٽيءَ جو زور لڳائيندو آهي. سفارش ڪرڻ وارو،
ڪندو ئي اهڙي ماڻهوءَ جي سفارش آهي، جنهن جي موٽ ۾
هن کي ڪو ذاتي فائدو پهچي، ڪنهن تي ٿورو ڪري، ان
کان فائدو وٺندو آهي. ههڙي قسم جي سفارش ڪندڙ
لاءِ، اهو ضروري آهي ته هو مفاد پرست، خود غرض ۽
تنهن سان گڏجي ضمير ۽ بي اصول هجي ۽ اهڙي سفارش
ڪرڻ وقت، ڪابه هچڪ محسوس نه ڪري.“
”ٻي ڳالهه اها آهي ته سفارش اهي ماڻهو ڪرائيندا
آهن. جيڪي گهڻو ڪري نااهل ۽ ناڪار هوندا آهن.“
شاگرد: ”ڀلا، اهڙي قسم جي سفارش، مان ڪهڙو نقصان
آهي.“
استاد: ”ابا، ان مان نقصان اهو آهي، جو نااهل ۽
غير موزون ماڻهو، اهڙين جاين تي پهچي ويندا آهن،
جن جا هو لائق نه هوندا آهن ۽ فائدي بدران،
هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن. نه رڳو ايترو، پر لائق ۽
اهل ماڻهن جا حق غضب ٿيو وڃن ۽ اهي ويچارا ڌڪجيو،
پوئتي رهجيو وڃن، ۽ انهيءَ ۾، شخصي نقصان سان گڏ،
قومي نقصان به آهي.“
شاگرد: ”سائين، ڏاڍي عمدي نصيحت ڀري ڳالهه ڪئي
اٿو. ڀلا، سفارش بابت، ٻيو به ڪجهه ٻڌايو.“ |