سندن آبادي گھٽ ٿيندي آهي. هو پاڻ ۾ ٽولا هئڻ جي
ڪري مرد عورتون ڪوشش ڪن ٿا ته سڀ اتحاد ڪن. گھڻو
ڪري هڪ هنڌ ڪونه رهندا آهن پر هاڻ رهڻ لاءِ مقرر
جڳهيون پڻ ٺاهيون اٿن. هاڻي هو پنهنجا گھر برف جي
بجاءِ گاري ۽ پٿرن سان ٺاهيندا آهن. اونهاري جي
موسم ۾ ڪجھ اسڪيموز ٻار اسڪولن ۾ پڙهڻ ويندا آهن ۽
هو ڏاڍا هوشيار هوندا آهن. ڪيترائي خاندان پنهنجن
ٻارن کي گھر ۾ تربيت ڏيندا آهن. جيئن ته هو سڌريل
دنيا کان پري آهن پر هو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته
آخرڪار ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن هو سڌريل دنيا ۾ پير
پائي، ٻين ملڪن وانگر ترقي جي راهه تي ايندا ۽
سهڻي نموني زندگي گذاريندا.
وسيم سومرو
اِحسان ڦرڙو
احسان احمد ڦرڙي سان، وسيم سومري جي ڳالهه ٻولهه
ڀاءُ احسان احمد ڦرڙو کان هيءَ ڳالهه ٻولهه سندس
مهان محنت ڪاميابيءَ تحت ورتي اٿم. هيءَ ڪا هن جي
آخري منزل به ڪانهي ڇو ته منزل اڳيان هڪ ٻي منزل
آهي. هونئن به مون کي هن جھڙا ڇوڪرا گھٽ نظر آيا
آهن. جن کي هن انهيءُ دور ۾ پنهنجي تعليم سان تمام
گھڻو چاه هجي. ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته ڪنهن ذهن کي
حالتون ساٿ نه ڏينديون آهن. ڪنهن کي وري حالتن
سٺين هوندي به ذهن ساٿ ڪونه ڏيندو آهي. احسان کي
ماحول ته بلڪل ساٿ ڪونه ڏنو آهي تنهن هوندي به
سندس والد کيس فاقا ڪڍي ميٽرڪ تائين تعليم ڏياري
آهي ۽ هن سڄڻ سندس انهيءَ لڳل پئسي کي سون جيان
چمڪائي ڇڏيو آهي. ايتريقدر جو هي سڄيءَ سنڌ ۾ هن
سال سائنس جي ڏهين ڪلاس ۾ ٻيو نمبر آيو آهي. ٻارن
کي گھرجي ته هن جيئن تمام گھڻي محنت ڪري پنهنجي
مائٽن جي اجھائل چهرن کي پنهنجيءَ ڪاميابيءَ جي
مرڪائين.
س: ادل احسان اوهان پنهنجي پوزيشن جو ٻڌي ڇا محسوس
ڪيو؟
ج: سائين مون کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي. رات سڄي آئون
هنڌ تي ننڊ جي ديويءَ کي سڏيندو رهيس پر هوءَ مان
کان اڏامي ويئي هئي. ۽ وڌيڪ جڏهن ماڻهن مون کي
مبارڪون ڏنيو ته مان خوشيءَ ۾ ئي نه پئي ماپيس.
س: ڇا اوهان جي امڙ به خوش ٿي هئي؟
س: ها هوءَ ته تما گھڻو خوش ٿي هئي ۽ هن ته پاڙي
جي سرتين کي ڪوٺي ڳيچ چورايا هئا.
س: واهه، ڀلا اهو ته هو خوشيءَ جو ردعمل. توهان
شروعاتي تعليم کان هيلتائين جي تعليم تي روشني
وجھندا؟
ج: شروعاتي تعليم اسڪول علي محمد ڦرڙو تعلقو
ڪنڊيارو ضلع نواب شاهه ۾ حاصل ڪيم. جتي استاد
منهنجو پنهنجو مامو محمد پناهه هو. مون اسڪول
لنواري شريف ۾ تعليم (جيڪو هينئر تصوف تي پي_ايڇ –
ڊي ڪري رهيو آهي.) ان کان پوءِ ورتي جتي به استاد
الهه جڙيو جوڻيجو ۽ استاد نور محمد ڪنڀار جھڙن
قابل استادن جي رهنمائي حاصل ٿي. جتان مون مڊل
اسٽينڊرڊ جو امتحان پاس ڪيو. ان کان پوءِ نائين ۽
ڏهين جي تعليم پنهنجي والد جي نگرانيءَ هيٺ رهي
ڪري ڊي- سي هاءِ اسڪول نواب شاهه مان هينئر حاصل
ڪري نڪتس جتي امير بخش، محمد سليم ميمڻ ۽ استاد
واشديو جي تعليم کان تمام گھڻو متاثر ٿيس.
خاص ڪري سائين لياقت علي جو ٿورائتو آهيان، جنهن
مون کي مفت ۾ ٽيوشن ڏني ۽ سڀئي اُستاد مون کي پڙهڻ
لاءِ همتائندا رهيا منهنجي ڪاميابيءَ جو خاص ڪارڻ
منهنجو والد (خادم ڦرڙو) آهي، جنهن مون کي هميشه
پاڻ سان رهائي پڙهائيءَ جو بندوست ڪيو. حالانڪ هو
هڪ پرائمري استاد آهي. جنهن جو مختصر پگھار آهي.
اسان جو- ڪٽنب نون ڀاتين تي شامل آهي.
منهنجا ٻيا ڀائر ۽ ڀيڻون پڻ ذهين آهن.
س: معنيٰ ته اوهان جو خاندان ئي ذهين آهي.
مون پڇيو:
س: اوهان کي تعليم سان گڏوگڏ ڪنهن راند روند سان
به دلچسپي آهي جنهن سان اوهان جي ذهن جو خاص آنس
هجي؟
ج: مون کي پهرين نمبر تي ته پنهنجو گل ڦل رسالو
پسند آهي. سنڌ ۾ ٻارن لاءِ واحد معياري رسالو آهي.
س: سچ پچ!
ج: يقين نه اچي ته پراڻا گل ڦل جا رسالا کولي ڏسو.
خاص ڪري (ڪالم اوهان جو امتحان) ۽ ٻيو ته شام جي
وقت مان ڪرڪيٽ پڻ ڪندو آهيان.
س: ادل ڪيترن جو خيال آهي ته اها راند ٻارن کي
پڙهائيءَ کان پري ٿي ڪري ڇڏي اوهان جي راءِ ڇا
آهي؟
ج: انهيءَ جو پڙهائي تي خاص اثر ڪونه ٿو پئي. ڇوته
انهيءَ کي شام جي وقت ڪري سگھجي ٿو. آئون سمجھان
ٿو اهي جڏا ڇوڪرا آهن. جن جو اهڙو خيال آهي.
س: مستقبل لاءِ ڪا من ۾ رٿا جوڙي هجيو ته اسان کي
ٻڌايو.
ج: جيئن ته منهنجو والد پرائمري اُستاد آهي.
تنهنڪري آئون انهيءَ جي مختصر پگھار کي سامهون رکي
ڳالهائيندس. سو ٿي سگھي ٿو آئون اڳتي ايتريءَ
هوشياريءَ جي باوجود به پڙهي نه سگھان. البته
حڪومت کي التماس ڪندس ته هو منهنجي مستقبل جي باري
۾ ويچار ڪري مون کي اڳتي تعليم وٺرائي. انهن جي
ڪوشش سبب آئون هڪ سٺو انجنيئر ٿي سگھان ٿو. ڇو ته
منهنجو رياضيءَ سان تمام گھڻو لڳاءُ آهي.
س: ادا اوهان جو ايندڙ ٽهيءَ لاءِ خاص سنيهو؟
ج: تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
(شاهه)
منهنجي اُنهن دوستن کي گذارش آهي جيڪي محنت جي
فلسفي کي سمجھڻ گھرن ٿا ته هو مٿئين بيت کي ذهن ۾
رکي ڪري مون جيان محنت ڪن. آخر۾ آئون ميٽرڪ جي
پوزيشن ۾ ايندڙ ٻين ڀينرن ۽ ڀائرن کي به دلي مبارڪ
ڏيان ٿو.
ننڍڙا اديب
ويڇو
سيءُ پنهنجي جوڀن ۾ آهي. اتر اوتجي پيو آهي، وڻن ۾
پکي جھيڻي آواز سان راڳ چئي رهيا آهن. ڳوٺي، اوٺي
صبح ساڻ ڪمن ڪارن تي وڃي رهيا آهن، ههڙي سخت سيءَ
۾ به قاسم ساجھر صبح کوهه جي ٿڌي پاڻيءَ سان هٿ
منهن ڌوئي شهر ڏانهن اچي رهيو آهي. سندس اکين ۾ ڪي
آسون جرڪي رهيون آهن، ڇو ته اڄ سندس نائين سائنس
ڪلاس جي رزلٽ اچڻي آهي، هو ڪافي سج مٿي چڙهڻ سان
شهر جي بڪ اسٽال تي ويو آهي ۽ کيسي مان هڪ مريض
روپيو ڪڍي اخبار خريد ڪئي اٿس ۽ انهيءَ کي کولي
تڪڙ تڪڙ ۾ پنهنجو نمبر ڳولي رهيو آهي. اچانڪ ”اي“
گريڊ کان ٿيندي ”ڊي“ گريڊ تي سندس نظر پنهنجي نمبر
تي پئجي ويئي آهي، اکين مان ايندڙ آسائتي جوت علم
جي اونده ۾ بدلجي وئي اٿس ۽ هو اداس ٿي ويو آهي ۽
هو وري پڪ ڪرڻ لاءِ ”اي“ گريڊ کي جانچي ٿو جتي هن
جي نظر سندس دوست اختر جي نمبر تي پوي ٿي ۽ اخبار
جي ٻئي صفحي تي اختر جو فوٽو ڏسي ٿو، جنهن هيٺان
انهيءَ کان ورتل انٽريو پڙهڻ لڳي ٿو.
س: توهان جيئن ته اٺاسي سيڪڙو کڻي سنڌ ۾ پوزيشن
حاصل ڪئي آهي، يقيناً توهان پنهنجي زندگيءَ جي
مقصد ۾ ڪامياب آهيو! ڀلا اهو ٻڌائيندا ته توهان جي
زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟
ج: منهنجي زندگيءَ جو مقصد آهي ته مان پڙهي ڊاڪٽر
ٿيان ۽ پوءِ پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪيان .....!
پوءِ قاسم کي اخبار ۾ فلم جي پردي وانگي ماضي جا
ڌندلا عڪس چٽا ٿيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ هن کي اهي سڀ
ڏينهن ياد اچن ته گذريل اٺن سالن ۾ ڪيئن نه هيءُ
پنهنجي ڪلاس ۾ نمبر کڻندو آيو آهي پر اڄ ته هو
فيل........!!
پوءِ وري هن کي اختر جون يادون به اچن ٿيون ته
اختر ته اڳ ڪڏهن به گريس کان سواءِ پاس نه ٿيو هو
ته سدائين پيو فلمون ڏسندو هو ۽ اسڪول ۾ به رسيس
کان پوءِ ڪڏهن نه ويهندو هو، ڇاڪاڻ ته هن کي ڪوبه
استاد ڪونه ماريندو هو. ها شايد ان ڪري جو هو هر
سال ٻه يا ٽي ٽيوشنون ضرور وٺندو هو. ڀلا شاهوڪار
جو هو. کيس پئسي جي ڪهڙي پرواهه. هو ته سدائين پيو
رلندو هو ۽ ڪجھ ڏينهن اڳ به جڏهن قاسم اختر سان
ملڻ آيو هو ته تڏهن به اختر سکر ويل هو ۽ پوءِ وري
سوچي ٿو ته ايتري رلڻ جي باوجود به اختر پوزيشن
۾؟!
پان پا... ن! هڪ ٽرڪ زور سان هارن وڄائيندي گھوگھٽ
ڪندي وڃي ٿي ۽ قاسم جي خيالن جو سلسلو ٽٽي پوي ٿو
۽ هو اخبار کي لوڏيندي اڳتي وڌي ٿو.
_ اسلم پرويز ڏاهري، مصر جي واءِ
گڏو
هو تمام ننڍو هو. ايترو ننڍو هو جو گھر جا سڀئي
ڀاتي کيس ڪڇ تي کڻي پيا هلندا هئا. سڀني گھر وارا
توڙي پاڙي وارا کيس ڏاڍو ڀائيندا هئا، هو به پيار
ڪرڻ جھڙو هو. سهڻو به اهڙو جھڙو جپاني گڏو گول
مٽول ڳٽا، ٻه روشن اکيون رنگ جواڇو هر وقت کيچل ۾
مصروف هوندو هو. هر وقت پيو کلندو ۽ ڪڏندو هو. جي
ڪنهن وقت روئي ڏنائين ته ائين پيو لڳندو ڄڻ سڄو
گھر مصيبت ۾ مبتلا هجي- ڪو پاڻي پيو پياريندس. ڪو
کٽمٺڙا پيو کارائيندس، ڪو پئسا پيو آڇيندس. مطلب
ته جيستائين پرچيو نه آهه، تيستائين کيس ڪير به نه
ڇڏيندو. جيڏي مهل پرچي کلي ڏنائين تيڏي مهل گھر جي
ڀاتين کي ائين پيو لڳندو ڄڻ ڪو کين خزانو ملي ويو
هجي. سندس پيءَ جڏهن ڪم تان ٿڪل ٽٽل گھر موٽندو هو
تنهن وقت کيس کلندو ڏسي سڄي ڏينهن جو ٿڪ لهندي
محسوس ڪندو هو. ۽ هن کي ڪڇ تي کڻي پاڙي واري دڪان
تان کيس شيءِ وٺي ڏيڻ لاءِ وٺي ويندو هوس هو سڄي
پاڙي ۾ ”گڏي“ جي مشهور نالي سان سڃاتو ويندو هو.
سندس ماءُ هر وقت پئي مٿائنس نظر لاهيندي هئي ته
متان منهنجي لعل کي ڪا نظر لڳي وڃي. وقت گذرندي
ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي آخر گڏو اچي پنجن سالن جو ٿيو
۽ اسڪول وڃڻ لڳو. گڏو پڙهڻ ۾ ڏاڍو هوشيار هو. هو
جلدئي ڪلاس ۾ مانيٽر مقرر ٿي ويو. سڄو اسڪول کيس
ڏاڍو ڀائيندو هوس. هونءَ اسڪول جيڪو ويران پيو
لڳندو تنهن ۾ گڏي جي اچڻ جي ڪري ڄڻ ڪا نئين زندگي
پئجي وئي-
گڏو ڳالهائڻ جو ٿورو ٻاتڙو هو. جيڏي مهل لفظ منهن
مان ٻاتڙجي نڪرندا هئا تيڏي مهل چوڌاري خوشيون
ڦلهجي وينديون هيون. گڏو منجھند تائين اسڪول ۾
ويندو هو ۽ پوءِ ننڊ ڪري شام جو دوستن سان وڃي
راند کيڏندو هو ۽ رات کان ٿورو اڳ موٽي ايندو هو.
هڪ شام جو جڏهن گڏو گھر موٽي آيو ته ڏٺائين ته
سندس پيءُ ماءُ پاڻ وڙهي رهيا هئا. هن ڪڏهن به
پنهنجي ماءُ پيءُ کي وڙهندي ڪونه ڏٺو هو سو هراسجي
وڃي ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ بيهي جھيڙو ڏسڻ لڳو. وڙهندي
وڙهندي سندس پيءُ سندس ماءُ کي چيو، ”جي هاڻ تون
مون مان تنگ آهين ته پوءِ اڳ پوءِ مان هتان هليو
ٿيو وڃان“. اهو چئي بيگ ۾ ڪپڙا وجھي ٻاهر وڃڻ لڳو.
گڏي جي ڏاڏيءَ جو پنهنجي پٽ کي هيئن ويندو ڏٺو ته
ڊوڙندي پٽ وٽ آئي ۽ روئيندي چيائين ”نه وڃ پٽ. نه
وڃ.“
پڻس چيس، ”نه امان، مان هاڻ وڃان ٿو. هاڻ هن گھر
کي منهنجي ڪابه ضرورت ڪانهي.“
ائين چئي ماءَ کان پاڻ ڇڏائي ٻاهر هليو ويو. سندس
زال چپ چاپ خاموش بيٺي کيس ڏٺس. کيس پنهنجي غلطي
جو احساس ٿيو پئي. پر هاڻ ڪيئن واپس وٺي اچيس.
هينئر ته هو ڪاوڙيل هو. جي پاڻ ٿي پرچائيس ته مرڳو
وڌيڪ ڪاوڙجي وڃيس، سو ان ڊپ ڪري پاڻ نه ٿي وڃي
پرچائي سگھي. هاڻ ڇا ڪري؟ سوچيندي سوچيندي آخري
ڪنڊ ۾ بيٺل گڏي تي نظر پيس. گڏي کي ڏسي چيائين،
”وڃ گڏا. وڃي پنهنجي پيءُ کي پرچائي وٺي اچ.“
گڏو اهو ٻڌي ننڍڙن قدمن سان ڊوڙندو پيءُ ڏانهن وڃڻ
لڳو. ڏٺائين ته پيءُ رستي جي ٻئي پاسي بس جي
انتظار ۾ بيٺو هو. گڏو اتان پري کان ئي رڙيون ڪري
چوڻ لڳو، ”نه ون (وڃ) بابا موتي (موٽي، اچ،نه (ون)
وڃ بابا، موتي (موٽي) اچ.“ پر سندس سنهڙو آواز
سندس پيءُ بلڪل ٻڌڻ ۾ ڪين آيو. هو ڊوڙندو ڊوڙندو
روڊ تائين پهچي ويو. هو اڃان به رڙيون ڪري چئي
رهيو هو، ”نه ون (وڃ) بابا، موتي (موٽي) اچ، نه ون
بابا موتي اچ“ . هن ڀيري آواز سندس پيءُ جي ڪنن
تائين پهتو. هن ڪنڌ ورائي هن ڏانهن نهاريو. گڏو
روڊ جي وچ ۾ پهچي ويو هو اڃا به هو چئي رهيو هو،
”نه ون بابا موتي اچ.“ ايتري ۾ هڪ تيز رفتار ڪار
اچي ننڍڙي گڏي کي ٽڪر هنيو. ننڍڙو گڏو بولاٽيون
کائيندو وڃي پري ڪريو. پيءُ اهو منظر ڏسي دانهون
ڪندو وٽس پهتو ۽ رت ۾ وهنتل گڏي کي روڊ تان کڻي
پنهنجي هنج ۾ ليٽايائينس. گڏي اکيون کوليون.
چيائين، “ ”نه ون... بابا،.... موتي اچ.“
اتي بيٺل ماڻهن اوڏي مهل گڏي کي کڻي اسپتال تائين
پهچايو. گڏي کي صحت ياب ٿيڻ ۾ مهينو کن لڳي ويو پر
اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن سندس پيءُ غصي کي ماري ڇڏيو
نه وڙهيو نه ڪاوڙيو ۽ گڏي کي گلاب بنائڻ لاءِ
جدوجهد ڪندو رهيو.
_ خالد حسين نوراني، مورو
غريب جي عيد
اڪو پنهنجي ماءُ جو اڪيلو پٽ هو. هو ٻئي هڪ ڦاٽل،
ٽٽل ۽ ڇنل جھوپڙي ۾ رهندا هئا. اڪوجو پيءُ هڪ هاري
هو.
هو ڪجھ وقت اڳ ٽي-بي جي موذي مرض کان شڪست کائي
فوت ٿي چڪو هو. جڏهن اڪو جو پيءُ هن فاني دنيا مان
لاڏاڻو ڪيو ته سندس عمر فقط ڏهه ورهيه هئي. اڪو جي
ماءُ وڏيري کي ايلاز منٿون ڪري کيس ڪم ڪار لاءِ
بيهاريو. ڇاڪاڻ اڪو فقط سندس سهارو هو ۽ هڪ ڏيئي
مثل هو. جو سندس اڪيلي سردنيا جي سختين آڏو غربت
کان مجبور ٿي سر نوازيو بيٺو هو. فقط ماءُ لاءِ ۽
پنهنجن اڌورين خواهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ دنيا جا ظلم
۽ ستم سهندو رهيو. اڪو وڏيري وٽ مال چاريندو هو.
معمول مطابق اڄ به کيس ماءُ اچي ننڊ مان جاڳايو ۽
چيائين ته ”اُٿ پٽ ملان ٻانگ ڏني آهي جلدي ڪر متان
دير نه ٿي وڃئي ۽ وڏيرو ڪاوڙجي نه پوي.“ اڪو اکيون
مهٽيندو ننڊ مان اٿيو.“ اڃا منهن بيٺي ڌوتائين ته
کيس ياد آيو ته سڀاڻي عيد آهي. سو ماءُ کي چيائين
ته ”امان توکي خبر آهي نه، ته سڀاڻي عيد آهي؟“ عيد
جو لفظ ٻڌي سندس ماءُ جو منهن ڪومائجي ويو. اڪو
کيس هڪ تمنائين جو مجسمو بڻجي خاموش نظرن سان
تڪيندو رهيو. آخر جواب نه ملڻ تي ساڳيو سوال
ورجائين. ماڻهس ڇرڪ ڀري چيو ته ”ڇا پٽ تو ڪجھ وري
چيو ڇا؟“
”ها امان مون چيو ته سڀاڻي عيد آهي نه!“ اڪوءَ
نماڻي صورت انداز ۾ جواب ڏنو. ”ها پٽ_ “ ماڻهس
جواب ڏنو ”امان پوءِ نوان ڪپڙا ۽ را... را...“
ماڻهس ڳالهه، اڌ ۾ ڪٽيندي چيو ته ”چڱو پٽ جلدي ڪر
دير ٿي وئي اٿئي_“ اڪبر نراس ٿي ڦاٽل ڪائنچ ۽
چتيون لڳل قميص واري حالت ۾ معمول جيان پراڻو ڦاٽل
بوڇڻ ڪلهي تي رکيو آهستي آهستي وکون ڀريندو جھوپڙي
کان ٻاهر نڪرڻ لڳو هلندي وري هن جا قدم بيهي رهيا
هن ڪنڌ ورائي ماءُ ڏانهن ڏٺو جيڪا هڪ ڇنل کٽولي تي
ڦاٽل رئي سان ڳوڙها اگھي رهي هئي. هي وري هلڻ لڳو.
هلندي هلندي سردي کان هن کي سيءُ ۽ ڏڪڻي محسوس ٿي.
هن بوڇڻ ڪنن کي ويڙهيو. پر سردي معمول کان اڄ تمام
گھڻي هئي جنهن سبب هو ايترو ڏڪي رهيو هو. پير سردي
سبب ڦاٽي پيا هئس جنهنڪري کيس پيرن ۾ به تمام گھڻو
سور محسوس ٿيڻ لڳو. پر هي ويچارو ڪري به ڇا پئي
سگهيو. سواءِ پنهنجي غرب جي حال ڪري. ڇاڪاڻ ته
غربت ئي سندس سڀني ڳالهين جو حل هئي. رستي تي ڪجھ
سوچيندو رهيو ته امان کي به چيم امان به ڪو جواب
ڪونه ڏنو. ڀلا امان پئسا ڪٿان آڻيندي. ها: هن جي
ذهن ۾ هڪ خيال آيو ته اڄ وڏيري کان پئسا گھرندس.
ان مان ڪپڙا ۽ رانديڪا وٺندس. تمنائن جا محل
جوڙيندو اچي وڏيري جي اوطاق تي پهتو. اڃا پهتو ئي
مس ته ڪمدار رڙ ڪري چيس ته ”اڙي ڇورا!
ايتري دير سان آيو آهين ڪو گورنر جو پٽ ته ڪونه
آهين جو وقت کان به دير اچين.“ اڪبر آرام سان اچي
پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو.
صبح اڄ به معمول مطابق گم ٿيڻ جا سعيا ڪري رهيو
هو. آسمان تي هلڪي ڳاڙهاڻ ڇانيل هئي. ان مهل اڪو
مال کي چاري موٽائي آيو پر معمول کان اڳ آيو هو.
ڇاڪاڻ ته وڏيري کان اڄ عيد لاءِ پئسا گھرڻا هئس.
اڃان اوطاق تائين مس پهتو ته وڏيري هن کي ساجھر
ايندو ڏسي رڙ ڪري چيو ته ”اڙي ڇورا! اڄ ايترو سويل
ڇو آيو آهين؟“ اڪوءَ وراڻيو ته سائين سڀاڻي عيد...
عيد جو لفظ ٻڌي وڏيري جي لونءِ لونءِ ڪانڊارجي
وئي، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو لال ٿي ويو. پوءِ ته وڏيرو
مڇرجي پيو ۽ اچي بکايل بگھڙ جيان معصوم اڪوءَ تي
اچي ڌڪن، مڪن؛ لتن، چنبن ۽ چهبڪن جو وسڪارو ڪيائين
معصوم کي ايترو به ماريائين ڄڻ ڪو مٿس انعام رکيل
هجي جڏهن پنهنجي طاقت آزمائي پوري ڪيائين تڏهن چوڻ
لڳو ته ”توهان حرامي ته لائق به انهيءَ جي آهيو.“
پوءِ اڪو سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائين ته ”سائين
سڀاڻي عيد آهي ڪجھ پئسا ڏيو.“
”عيد عيد جا پٽ“ وڏيري اڪوءَ کي ٿڏو هڻي چيو. اڪو
نيڻن مان نير وهائي اتان اٿيو ۽ ساڳيو پراڻو ڦاٽل
بوڇڻ مٿي کي ويڙهيو ۽ اوطاق کان ٻاهر نڪري گھر
ڏانهن هلڻ لڳو. معصوم جي دل جا تمنائن جو محل بنجي
آئي هئي سا واريءَ جي دڙي وانگر ڊهي پئي. گلن جي
خواهش ڪندڙ اڄ ڪنڊن جو ڍير وٺي واپس وريو.
ڌڪن جي سور کان رستي تان ٿڙندو ٿاٻڙندو اچي پنهنجي
جھرَيل جھوپڙي وٽ پهتو. سندس ماءُ جيڪا پنهنجي لال
جو انتظار ڪري رهي هئي سا پنهنجي اکين جي نور کي
هن حالت ۾ ڏسي زار قطار روئڻ لڳي پنهنجي ٻچڙي کي
کڻي ڇنل کٽولي تي سمهاريائين. کيس بخار ٿيڻ لڳو.
سڄي رات معصوم ڌڪن جي سور کان لڇندو، ڪجھندو ۽
ڦٿڪندو رهيو. صبح جو کيس تمام گھڻو بخار ٿي چڪو
هو. اڪوءَ جي ماءَ وٽ پائي به ڪونه هئي ۽ کڻي سندس
علاج ڪرائي.
اڪوءَ جي ماءَ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي دوا جي پئسن
لاءِ سڌو وڏيري ڏانهن وئي. وڏيرو ان وقت عيد نماز
جي لاءِ گھران نڪتو. اڪوءَ جي ماءُ کي ڏسي ڪاوڙ ۾
ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين ته ”مون کي خبر آهي ته تون
هتي ڪهڙي ڪم لاءِ آهين. بهرحال جنهن به ڪم لاءِ
آئي آهين اهو ناممڪن آهي.“ اڪوءَ جي ماءُ هٻڪندي
چيو ”اڪو... بيمار... دوا...“ ”هڪ دفعو چيم ته
جيڪو به هجي ناممڪن آهي مري وڃي ته مرڻ ڏينس.“
وڏيري رڙ ڪري چيو. آخر نااميد ٿي اڪوءَ جي ماءُ
سڌو پنهنجي جھوپڙي طرف آئي. هاڻي ته فقط اڪوءَ کي
بچائڻ وارو خدا ئي هو. جڏهن هو پهتي ته اڪو ان وقت
زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ هو. هن جون اکيون بند
هيون. ڪجھ وقت کان پوءِ هن جون اکيون هڪ ڀيرو
کليون ۽ وات مان صرف ”عيد“ جو لفظ ڪڍي اڪو هميشہ
لاءِ خاموش ٿي ويو. هو به وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ
سان وڃي مليو.
اڪوءَ جي ماءُ پنهنجي پٽ جي ڪفن لاءِ وڏيري ڏانهن
ويئي. کانئس ڪفن لاءِ پئسا گھريائين. ”پئسا پئسا
پئسا ڪٿان جي بڪواس آهي، انهيءَ لفظ مان هاڻي مان
تنگ اچي چڪو آهيان، مون وٽ پئسا ڪونهن وڏيري ڪرسي
تان اٿي زوردار رڙ ڪري يڪساهي چئي ويو. اڪبر جي
ماءَ کتو جواب ٻڌي وڏيري جي پيرن تي ڪري پئي.
وڏيري کيس ٿڏو هڻي چيو ته هڪ دفعو چيم ته پئسا
ڪونهن ڪمدار ٽوڪ طور چيو ته ”سائين ڪجھ پئسا کڻي
ڏيوس ته پنهنجي سڪيليڌي اڪوءَ کي پوري“ وڏيري چيو
ته ” اهي غريب گندي ناليءَ جا ڪپڙا هوندا آهن ۽
ڄمندا مرندا به ائين ئي آهن.“ آخر وڏيري کيس پئسا
ڪونه ڏنا.
ڪجھ ڏينهن بعد ٻڌو ويو ته اڪوءَ جي ماءُ پنهنجي پٽ
جو حال ڏسي چري ٿي پئي ۽ اڪوءَ جو لاش پاڙي وارن
دفنائي ڇڏيو.
شام ڪمار اداسي نئين باڊه |