ظفر ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي ھئي مگر علي
يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ٻنهي دوستن جي جدائي علي
۽ ظفر کي وقتي طور پريشان رکيو مگر ڪجھ ڏينهن کان
پوءِ ھر دوست پنهنجي پنهنجي پڙھائي ۾ مصروف رھيو.
علي اڄ ڪسٽم افيسر ھو، علي جي شادي به ٿي چڪي ۽ ھڪ
خوبصورت پپو به علي جي خوشين کي ٻيڻو بڻائي
ڇڏيو.پپو جي اوچتي بيمار ھئڻ سبب علي ڊاڪٽر ظفر جو
نالو ٻڌي پپو کي ڪراچي کڻي آيو. ڊاڪٽر پوري وقت تي
اسپتال ۾ پهتو ۽ ظفر جي واتان رڙ نڪتي علي تون...
علي ڪجھ وقت ته پنهنجي دوست ظفر کي ڏسندو رھيو مگر
پوءِ ٻئي سيني سان لڳي ويا. ظفر کي به ٻه ٻار ھئا
۽ وحيد ملڪ جو مشهور انجنيئر ھو. ٻارو ڏسو ڪيئن نه
ھر دوست پنهنجي محنت سان پنهنجي منزل ماڻي.
محمود مغل
بنا عنوان جي
ھن ڪهاڻيءَ جو عنوان، اوھان پاڻ مقرر ڪري اسن
ڏانهن اھڙيءَ طرح ڏياري موڪليو جو اسان وٽ
20-فيبروري 1982ع تائين پهچي وڃي. جنهن به ٻار جو
عنوان سٺو ھوندو، ان کي ويهن روپين جا ڪتاب انعام
طور ڏنا ويندا. - ايڊيٽر
“ او ڪاڪا، خدا کي مڃ ، اٿي وڃ مدرسي. ڏس ته سج
به پاسي لڙڻ شروع ٿيو آھي.
ڪيڏي مهل ويندين اڃان؟ ان مهل جڏهين هرڪو پڙهي
ويندو اٿ پٽ اٿي .“
ماسي رضيه، عرفان کي ٻانهن کان وٺي اٿاريو. هو د
تُ هڻي پئجي رهيو. اکيون پوريل ۽ ڪنڌ وهاڻي تي
رکيل هئس. هو ائين ئي ليٽيو رهيو. ماسي کيس ڇڪي
ڇڪي ساڻي ٿي پئي. نڄاڻ ته هن هڪ هٿ سان نواڙ جي هڪ
رسيءَ کي مضبوطيءَ سان جھليو هو.
”ڪاڪا ڏس ضد نه ڪر اٿ پٽ وڃ مدرسي. ڏس ته نٽي ۽
نمن ٻئي ڪڏهوڪا هليا ويا. ڇا چوندو هوندو ملو به
ته سيٺ صاحب جا ٻه ڌيءُ پٽ ڪيئن ۽ هي پٽ ڪيئن.
اٿي... شابس.“
ان ڳالهه هن جي ڪن تي هلڪڙو ٺڙڪو ڪيو. عرفان
ڪارٽون مئگزين ۾ ايندڙ ڪارٽون جيان پهرين هڪ اک
کولي چؤطرف ڏٺو ۽ پوءِ ٻي اک کولي هڪدم وات ڦاڙي
اوٻاسي ڏئي رڙ ڪئي.
”وڃان ٿو ڙي. ٻه منٽ آرام ته ڪرڻ ڏي. پوءِ وڃان
ٿو.“
هن رڙيون ڪري ڳالهايو ئي پني ته ان مهل در کلڻ جو
کڙڪو ٿيو. پڻس منجھند جي ماني کائڻ لاءِ شايد دڪان
تي ئي ماني گھرائيندو هو پر اڄ گھر موٽڻ لاءِ چيو
هئائين، عرفان هڪدم رڙيون بند ڪيون ۽ چؤنپل پائي،
ماڻس جي هٿ مان ٽوپي قاعدو ۽ رحل ڦري وڃڻ لاءِ
تيار ٿيو.
پڻس اندر گھڙيو ته هن کي ويندي ڏٺائين.
اڙي... اڄ دير ڪئي اٿئي...“ ”هو...“ هو ڪجھ هٻڪو
پر پڻس کي شايد زور واري بک لڳي هئي ان به وڌيڪ
ڪجھ ڪونه پڇيو ۽ اندر هليو ويو. ۽ عرفان هڪدم
مدرسي جو رخ رکيو.
سندس عمر ڏهه سال هئي. اولاد ۾ ٻئي نمبر تي هو پر
رضيه ۽ رزاق کي پنهنجو هر اولاد جند جان کان وڌيڪ
پيارو هو. ان ڪري نٽي، نمن ۽ وڏو ڀاڻس شوقي، ماءُ
پيءُ ٻنهي جا لاڏلا هوندا هئا. ٻيو اولاد ته لاڏ
ڪوڏ جي ڪري نه کريو پر هي ڪيئن نٺر ٿي ويو هو. ذهن
جو هوشيار پر ڪم جو ڪسو.
ڪابه شيءِ پڙهي وئي ته سڀ ياد. پر پڙهڻ کان
لهرائيندو هو. روز منجھند جو مدرسي ۾ موڪلڻ لاءِ
ويچاري ماڻس خوب مٿو هڻندي هئي. مس مس وڃي ڪو پٽ
وضو ڪري ٽوپي پائيندو هو. پوءِ ٽوپي ملندي هئي ته
قاعدو گم هوندو هو، جي قاعدو هوندو هو ته جتي گم
يا رحل جو ڪو پتو نه هوندو هو. ۽ جڏهن هرڪا شي
تيار هوندي هئي ته گيس يا ته پير ۾ سور هوندو هو
يا ڏاٺ ۾ ڪا شي اٽڪي درد ڪندي هئي. مطلب ته بهانو
تيار هوندو هو.
هونئن مولوي صاحب به ڪڏهن ڪڏهن ڪٽ ڪڍندو هئس پر
کيس ان ڳالهه جي ڄڻ پرواهه ئي نه هوندي هئي. هونئن
سبق ڪڏهن به ڪچو نه هوندو هئس. هميشہ هر ڪا هجي
هرڪو اکر بر زبان ياد هوندو هئس، پر کيس گسائڻ جي
عادت هوندي هئي. پڻس واپاري ماڻهو صبح جو دڪان تي
ويندو هو ته شام جو گھر موٽندو هو. وڏو ڀاڻس شوقي
به منجھند جو دڪان تي هليو ويندو هو، پوءِ ويچاري
ماسي رضيه پئي روزجي ان ريچڪ کي منهن ڏيندي هئي.
هو سڀ گڏ پئي آيا. نبو، راشد، لطيف، طاقن، عرفان ۽
رزقو. مدرسي جي موڪل هاڻي هاڻي ٿي هئي. عرفان
نٽيءَ ۽ نمن کي اٺ اٺ آنا ڏئي، شيءِ وٺڻ لاءِ
موڪليو هو ۽ پاڻ دوستن سان گڏ پئي آيو. روز مدرسي
ڏانهن موڪليندي سندن ماءُ کين اٺ اٺ آنا خرچي
ڏيندي هئي، جنهن جي هو موٽ تي شيءِ وٺي ايندا هئا.
هو سڀ ڪڏهن هليا پئي ته ڪيڏي ڪيڏي مهل ڳالهيون
ڪندي بيهي ٿي رهيا. اڄ ته طاقن قصا ئي الاءِ ڪهڙا
پئي ٻڌايا.
”او... هو جمن ڪنڀر هو نه، اڙي اهو ماريننگر وارو“
هن اشارو ڪري ماري ننگر جو طرف ڏيکاريو.
”ها، ها، ڇا ٿيو ان کي“ سڀ بيهي رهيا. ڪن کولي
طاقن کي ورائي ويا.
”اهو ڪالهه انڌو ٿي ويو.“ هن ڳيت ڏئي ڳالهه پوري
ڪئي.
”ڪيئن!؟“ عرفان ٽپ ڏئي وچ ۾ پيو.
”ياد ڪونهي، پَروءَ، قرآن تي ڪوڙو سنهن ڪونه کنيو
هئائين ته پٽس چوري ڪونه ڪئي آ. ۽ جي چوري ڪئي
هجيس ته نور نڪرندس. پوءِ ٽپڙ به نڪتا هئس جو چيو
هئائين اهي منهنجا آهن.“
”ها ها،“ هينئر نبوءَ ڳالهايو ”پٽس ته آهي به
هاڙهو چور. ان تي چوري به ڪئي هئي.“
”ته بس پوءِ ٿيو انڌو. پُٽَ قرآن تي ڪوڙو قسم کڻڻ
سولو آ. هونئن به هر هر قرآن جو خالي قسم کڻڻ به
گناهه آ.“
طاقن ڳالهه پوري ڪري سڀني ڏانهن ڏٺو. ڄڻ ڪا وڏي
رپورٽ پهچائي داد وٺندو هجي.
”ها ها، ان ڏينهن امان به چيو پئي ته قرآن شريف
پڙهڻ کان نه نٽائجي جيڪو ٻار نٽائيندو آ نه ان جا
ماءُ پيءُ يا ته ڪنگلا ٿي ويندا آهن يا پوءِ وري
مري ويندا آهن“ راشد هاڻي وارو وٺرايو.
”جائي“ لطن ڪن ٽيها ڪيا.
”ٻيو نه ته. او روشيءَ کي ڪونه ڏئي. ماڻس رڙيون
ڪري ڪري ٿڪجي پئي پر ڪونه ٻڌندو هو. پوءِ هاڻي مري
ويس ته ڪيئن نه قرآن شريف پڙهڻ ايندو آ.“ هن مثال
ڏئي ڄڻ وڏو ڪو ڪارنامو موڪليو هجي.
”ادا مان ته دل جان سان پڙهڻ ايندو آهيان. نٽايان
بلڪل ڪونه ٻڌ. منهنجن مائٽن کي ته ڪجھ ڪونه ٿيندو
نه“ لطيف پڇا ڪئي.
”نه نه، هاڻي ائين به ڪيئن ٿيندو. پريان طاقن
ڳالهايو.“
هو پينگھي ۾ ليٽي پيو هو. هڪ ئي نموني سان ليٽي
کيس ويهه پنجويهه منٽ ٿي ويا هئا. ماسي رضيه ٻيو
دفعو اندر آئي ته کيس ائين ئي ليٽيل ڏسي پريشان ٿي
وئي.
”ڪاڪا، ڇا ٿيو اٿئي“ هن ٻانهن کان وٺي لوڏيو.
”ڪجھ ڪونهيم، چاڪ آهيان“ هن ٿورڙو جواب ڏئي پينگھي
جي ڦرڻيءَ کي ڦيرايو.
ماسيءَ جي دل ۾ آيو ته کيس مدرسي وڃڻ لاءِ چوي، پر
سندس لٿل منهن ڏسي ماٺ ڪري ٻاهر هلي وئي. هونئن به
ڪجھ ڏينهن کان هن عرفان جي پچر ڇڏي ڏني هئي. آخر
ڪيستائين ماريس ها يا ڪڍ ڊوڙيس ها.
هو ائين ئي ليٽيو رهيو. مدرسي جو ٽائيم ڀرجڻ ۾ اڃا
ويهه منٽ کن هئا. سندس دل چيو ائين ئي پينگھي ۾
ليٽيو پيو هجي، مدرسي نه وڃي. هن اکيون پوري وهاڻو
ٽيڪ ئي ڪيو هو ته محسوس ٿيس ڪنن ۾ ڄڻ ڪو چوندو
هجيس ”قرآن شريف پڙهڻ کان نه نٽائجي. جيڪو
نٽائيندو آ ته ان جا ماءُ- پي مري ويندا آهن
روشوءَ وانگي“.
کيس هورا کورا ٿيڻ لڳي. ٻاهر ماڻس نٽيءَ کي تيار
ڪرڻ ۾ لڳي پئي هئي. کيس ساهه ۾ الائي ڇا چڀجڻ لڳو.
”اسان جي امڙ، اسان جو پيءُ ڪيڏا نه سٺا آهن. ٻين
جي مائٽن وانگر مارين به ڪونه اهي جي هليا وڃن ته
پوءِ ڪير اسان کي سنڀاليندو.“
سندس اکيون ڀرجي آيون.
”الله سائين مان تنهنجو قسم ٿو کڻي چوان ته مان
آئيندي ڪونه گسائيندم. مدرسي ويندم. قرآن جو قسم
مان...“
هو هلڪي هلڪي چئي رهيو هو. پر انهن لفظن کان مٿي
وات مان نڪري نه سگھيس. طاقن ياد اچي ويس ”قران جو
قسم کڻڻ گناهه آ.“
هن هڪدم وات بند ڪري دل ئي دل ۾ چيو ”الله پاڪ
الله سائين مان واعدو ٿو ڪيان. آئيندي ڪڏهن به
ڪوڙو قسم ڪونه کڻندم،تون رڳو منهنجن مائٽن کي نه
مارجانءِ... کين ڪوبه ڏک نه ڏجانءِ.“
ماسيءَ نمن کي تيار ڪرائيندي، اوچتو سامهون ڏٺو.
پريان ڪمري مان عرفان مٿي تي ٽوپي پايو هٿن ۾
قاعدو ۽ رحل کڻي پئي آيو. پهريون ڀيرو هو پاڻ تيار
هو. وضو ڪري منهن ته اُگھي آيو هو پر منهن جا
ڪنارا ڪجھ آلا هئس.
ماءُ وٽ پهچي هن چيو ”مان مدرسي ٿو وڃان.“
هن ڪجھ نه ڪڇيو، ماٺ ڪري کيس پيشانيءَ تي مٺي ڏئي
کيسي ۾ رپيو وجھي ڇڏيائين.
ظفر عباسي
حرڪتي حليم
حليم حرڪتي، ظفر عباسيءَ جو نئون ڪالم آهي جيڪو
اسان نئين سال کان شروع ڪري رهيا آهيون. هي هڪ
مزاحيه ڪالم آهي، جنهن ۾ کل جھڙيون مزيدار ڳالهيون
نصيحتون ۽ سمجھاڻيون پيش ڪيون وينديون اميد آهي ته
اوهان کي ضرور پسند ايندو.
پيارو ٻارو!
مان سڀني دوستن جو خادم آهيان پر ٽمون شرارتيءَ
ماڻهن کي ايترو ته برغلائي ۽ مون کي بدنام ڪري
ڇڏيو جو ماڳهين ظاهر ٿيڻ لاءِ دل ئي نه چوي. پر
ڳالهه ڪجي سچ جي، مون کان ٻڌي مرڻ اصل ڪونه ٿيندو
سو في الحال کڻي پاڻ کي ظاهر ڪيو اٿم. منهنجي
دوستن طرفان مون کي ڏاڍيون تڪليفون سهڻيون پيون.
پهريائين ته مون واري دوست ’اڱڻ‘کي جو خبر پئي ته
مون ميدان ۾ قدم رکيو آهي ته پنجين آني جي مٺائي
کائڻ کان پوءِ چيائين ته اڳ ۾ توکي ماٺ ميٺ ڇڏي
ويو هئم ۽ هاڻي تون ظاهر ٿيو آهين ته حرڪتيءَ جو
پڇ ٻڌي اهو ثابت ٿو ڪيان ته جن ڇڏئي ڀوت ڇڏئي مان
نه ڇڏيانءِ.
هڪ ٻيو ڇوڪرو مليو. ان کي جو اڱڻ ٻڌايو ته هي اٿئي
حليم. سو هن وري گلاس پاڻيءَ جو ڀري هٿ ڌوئي گرڙي
ڪري چيو ”ڪٿي آهي؟“ اڱڻ سمجھي ويو ۽ چيائينس ته
کائڻ وارو ٿوروئي هي، هي جيڪو کٽ تي ڦڙهه لڳو پيو
آهي. هن وري سمجھيو ته هي هن سوڙ لاءِ چئي رهيو
آهي ته حليم جھڙي نرم آهي. سو چمپل لاهي چڙهي ويو
مون مٿان اصل لهي ئي نه! ڄڻ کيس مون ۾ ۽ سوڙ ۾ فرق
ئي نظر ڪونه آيو. پوءِ جڏهن کيس خبر پئي ته حليم
ڪنهن سوڙ وهاڻي پٿراڻي يا رلهيءَ جو نالو نه آهي
پر ماڻهوءَ جو نالو آهي ته هڪدم ٽپ ڏئي لهي پيو ۽
پيرن تي هٿ رکي معافي وٺي، منهنجي ڀر ۾ ويهي چوڻ
شروع ٿي ويو.
”سائين- مون کي ڪتابن پڙهڻ سان صفا چاهه ڪونه هو.
اصل ڪتاب کان ائين لهرائيندو هوس جيئن اسڪول کان.
پر پوءِ جڏهن توهان جون ڪهاڻيون پڙهيم تڏهن اصل
کلي کلي کيري ٿيڻ کان سواءِ سنڌي ۾ اوهان جا ڇپيل
سڀئي ڪتاب پڻ خريد ڪيم ۽ اوهان جي انهن ڳالهين ۾
اصل ايترو گم ٿي ويندو هئم جو ماني ته خير ياد اچي
ويندي هئي پر اسڪول وڃڻ ۽ سبق ياد ڪرڻ ئي وسري
ويندو هو. ۽ ٻئي ڏينهن موچڙا کائڻا پوندا هئا. پر
اهي سڀئي اوهان جي ڪري سهي ويندو هئس. اوهان جو
ڪتاب جڏهن به ڪٿي ڏسندو هئس ته پهريون ته پڙهڻ
بهاني کڻي وڃي واپس ڪونه ڪندو هئس پر جي ڪنهن دڪان
کان نظر چڙهي ويندو هو ته به بابي جي کيسي مان
لڪائي پئسا ڪڍي به وڃي وٺندو هئس. پر سائين ڳالهه
ته ٻڌو توهان وڏن ماڻهن لاءِ ته کوڙ ڪجھ لکو ٿا
ڪجھ اسان لاءِ ڇونه ٿا لکو. لڳو ته مون جيترا ٿا.
پوءِ هروڀرو ايڏيون وڏيون ۽ وڏن ماڻهن جون ڳالهيون
ته نه لکو نه!“
هو منهنجي تعريف ڪندو ڪندو رهيو ۽ مان ٻڌي لوهر جي
ڏوڻ جيان آهستي آهستي ڦوڪيو ۽ سڄندو ٿي ويس!
”سائين ڪاتاري مزيدار ڪهاڻي ته ٻڌايو؟“ سندس اوچتي
۽ اهڙي سوال منهنجي هوا ئي ڪڍي ڇڏي.
منهنجا تاڪ لڳي ويا سوچڻ لڳس ته هاڻي ڇا چوان ته
اوچتو ! اڱڻ وٺي رڙ ڪئي. ايترو وقت الائي ڪهڙين
سوچن جي سواريءَ ۾ سير ڪري رهيو هو. اوچتو سواري
روڪجي ويس. جڏهن خبر پيس ته هي هن کي حليم بروهي
(مزاحيه ڪهاڻيڪار) سمجھيو ويٺو آهي ته رڙ ڪري
چيائيس ”اڙي هي بروهي ٿوروئي آهي هي ته حليم حرڪتي
آهي جنهن پنهنجي حرڪتن سان ڳوٺ ئي تنگ ڪري ڇڏيو
آهي.“ ۽ جڏهن کيس خبر پئي ته هي پاڻ وارو پراڻو
سنگتي آهي ته مون سان ٻنهي گڏجي اهڙي ڪئي جھڙي
ٻرڙي به ٻارن سان نه ڪئي هوندي ۽ مان به سنگت ڇڏي
کٽ جي هيٺيان لڪي، نڪري وٺيو ٿو ڀڄان ۽ هڪل ڪئي
مان ته اچي پڄو ۽ کين سهڪائي مان گوهي ڏيئي وڃي
گھر پهتس.
خليل الله لاکو
(سائنس)
اِسڪيموز
پيارا ساٿيو، اڄ آئون توهان کي هڪ اڻ سڌريل انساني
مخلوق جي باري ۾ ٻڌائي رهيو آهيان. هي مخلوق تندرا
جي علائقي ۾ (جيڪو ائنٽارڪٽڪ کنڊ ۾ آهي) رهندا
آهن. هي برفاني علائقو آهي، هن انساني مخلوق جو
نالو اسڪيموز (معنيٰ ڪچو گوشت کائيندڙ) آهي. هنن
جا قد ننڍا، رنگ پيلو، وار ڪارا، نڪ منو، اکيون
ڊگھيون ۽ سنهيون ۽ ڳٽن جا هڏا ٻاهر نڪتل آهن. مردن
کي مڇون ڪونه ٿين، ان ڪري مرد ۽ عورت سڃاڻڻ ۾
تڪليف ٿيندي آهي. هن خطي تي ڇهه مهينا سج ڪونه
اڀري ته به اتي اونداهي ڪونه ٿئي. هن علائقي ۾
ڪڏهن ڪڏهن اتر کان هڪ عجيب روشني پيدا ٿيندي آهي.
هتي رات ۽ ڏينهن ۾ ڪوبه فرق نه آهي. کين وقت جي
ڄاڻ لاءِ واچ نه آهي، هنن جا پنهنجا وقتي اصول
ٺهيل آهن.
هتي برفاني علائقي جي ڪري گھر به برف جا ٺهيل آهن،
جن کي ايگلوز چئبو آهي. جيئن ته اسان جا گھر ڇت
سان ٺهيل ۽ ڍڪيل آهن، پر اتي ڪو ٻيلو نه آهي، جنهن
مان ڪاٺي ملي ۽ ان ڪري ڇت به برف سان ٺهيل آهي.
گھرن جو نقشو پري کان اونڌي ٿيل پيالي وانگر نظر
ايندو آهي. گھرن کي نه در نه دري ۽ نه وري روشندان
ٿئي. اندر وڃڻ لاءِ هڪ سوڙهو سوراخ ٿيندو آهي، جن
مان هو ريڙهيون پائي اندر ويندا آهن. جڏهن گھر جا
سڀ ڀاتي اندر ويندا آهن ته ان کي هڪ برف جي ڇپ سان
بند ڪيو ويندو آهي. هنن کي ڪوبه فرنيچر، بسترو
ڪمبل يا ڪوچ نه هوندو آهي. سندن گھر اندران گرم
هوندا آهن. ڏيئي کي ٻارڻ لاءِ گوج مڇي جي چرٻي
استعمال ڪندا آهن. هو مڇين، ڦاڙهن، قطبي رڇن ۽
لومڙن جو شڪار ڪندا آهن. گرمين ۾ کين سمنڊ مان
گھڻي تعداد ۾ مڇي ملندي آهي ۽ انهي گوشت کي ڪچو ئي
ڪچو، ڏاڍو مزي سان کائيندا آهن. هو انهي شڪار جي
ننڍن هڏن مان سُيون ۽ آنڊن مان ڌاڳا ٺاهي استعمال
ڪندا آهن.
اسڪيموز ۾ سادا هٿيار جھڙوڪ، تير ڪمان، مڇين جو
ڄار، ڪنڍيون ۽ ٻيا اوزار، شڪار ڪرڻ ۽ ٻين ڪمن ۾
استعمال ڪندا آهن، اهي گھڻو ڪري پٿرن جا ٺهيل
هوندا آهن.
هتي جانور بلڪل گھٽ لڀندا آهن ۽ هتي پوک به ڪانه
ٿئي. انڪري هو ڀاڄين، مکڻ، ڏڌ، کير، گوشت، بيدن ۽
ميون کان اڻواقف آهن. هنن کي سواري لاءِ بسون يا
جھاز نه هوندا آهن پر کين هڪ عجيب قسم جي گاڏي
سليج هوندي آهي جنهن کي سواري ۽ بار لاءِ استعمال
ڪندا آهن. اها برف تي هلندي آهي هن گاڏي کي گھلڻ
لاءِ ڪتا يا رينڊيئر (جيڪو هرڻ جو قسم آهي) ڇڪيندا
آهن. هي گاڏي بنا ڦيٿي هوندي آهي.
سمنڊ جي آرپار وڃڻ لاءِ هڪ خاص قسم جي ٻيڙي ڪياڪس
تي سواري ڪندا آهن.
سندن لباس به عجيب ٿيندو آهي جيڪو کلن جو ٺهيل
هوندو آهي، ان ۾ ٽوپلو، قميص ۽ شلوار جي بدران هڪ
ئي چوغو هوندو آهي. هو بوٽ ۽ جوراب پڻ پائيندا
آهن، جيڪي کلن جا ٺهيل هوندا آهن. هو سياري جي
موسم ۾ پنهنجي بدن کي گرم کلن سان ڍڪيندا آهن.
اونهاري ۾ ٿلهن تي سمهندا آهن.
اسڪيموز، ”ناممڪن“ لفظ کان واقف نه آهن. هنن جي
نظر ۾ سڀ ڪم آسان ۽ ڪري سگھجي ٿو. سندن خيال آهي
ته انسان ۽ حيوان ۾ روح موجود آهي. هنن کي رنگن جي
باري ۾ ڪابه ڄاڻ نه آهي، ڇو جو، هنن وٽ باغ نه
آهن، جن ۾ رنگ برنگي گل هجن. |