سنڌيا جو اهو سوال ٻڌي ماءُ به ڪجهه پريشان ٿي
ويئي. اها خبر کيس به نه هئي ته ڪوڏ جي ڳوٺ ۾
اسڪول ڪڏهن کلندو. پر هن سنڌيا کي سمجهائيندي چيو:
”ڌيءَ، تنهنجي بابلا توکي جيڪا دعا ياد ڪرائي آهي
نه جيڪا تون روز سمهڻ کان اڳ پڙهندي آهين. بس اها
دعا اڄ به پڙهي سمهي پئه هڪ نه هڪ ڏينهن ڪوڏ جي
ڳوٺ ۾ اسڪول ضرور کلندو. تنهنجي دعا ضرور
اگهامندي. ”چڱو“ سنڌيا ماءُجو چيو مڃيو ۽ پنهنجا
پتڪڙا هٿ ڪاري آڪاس ڏانهن، کڻي، نظرون ٽوڪندڙ تارن
۾ کپائي من جي گهراين سان دعا گهرڻ لڳي. سائين،
سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست تون دلدار، عالم
سڀ آباد ڪرين.
۽ پوءِ ٻنهين گڏجي چيو ”آمين“ سنڌيا جي ماڻڪين
مٿان وڏا ريشمي ڇپر هوريان هوريان ڇانو ڪرڻ لڳا ۽
سنڌيا ننڊ ننگر ڏانهن هوا جي لهرن تي اُڏامڻ لڳي.
سنڌيا خواب ۾ ڏسڻ لڳي، ڪوڏ جي ڳوٺ ۾ نم جي وڻ
سامهون وڏي کليل ميدان تي هڪ شاندار اسڪول جڙيل
هو جنهن جي هڪ ڪلاس ۾ سندس ڀر ۾ ڪوڏ اڳين بينچ تي
ويهي ڪتاب پڙهي رهيو هو.
عابد مظهر
ٻاتا ٻول
گل ننڍڙو ذهين ڇوڪرو، هر وقت عجيب عجيب مزيدار
ڳالهيون ڪندو آهي. جيڏو ذهين آهي اوتروئي شرارتون
ڪندڙ ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ جو دادلو ٻار، هن جون
ڳالهيون ٻڌي ماءُ پيءُ گدگد پيا ٿيندا آهن.
هڪ دفعي گل جي ماءُ جيئن ئي اٽو پئي گوهيو ته هن
کي ننڍڙي شرارت سمجهي آئي. آهستي آهستي پنهنجي
ننڍڙين ننڍڙين ٽنگن سان پير پير ۾ پائي پنهنجي
ماءُ جي ڳچي ۾ پٺن پاسي کان ڀاڪر وجهي ڪن ۾ وٺي
ڪوڪ ڪيائينس، سندس ماءُ جو ڇرڪ نڪري ويو. دڙڪو
ڏيندي چيائينس: ”ڇو نه حرڪت ڏسين نٿو آءٌ ڪم پئي
ڪيان.“ گل هيسجي چوڻ لڳو: ”امان مان حلڪت ڪاٿي ٿو
ڪيان. ان ڪلي ته چوندو آهيان ته جيڪل پکي ٿي وڃان
ته ڪيلو نه سٺو.“ ماڻس کلي ورندي ڏيندي چيس: ”پکي
ٿي ويندي ته ڪونه ڪو اچي شڪار ڪري ماري ويندئي يا
ڪو تو جهڙُ شرارتي ٻار گليلي هڻي زخمي ڪندئي.“
اون هون ڪو هيٺ ٿو لئي لهندس. رڳو ولن ولن ونن جي
چوٽين تي اڇي ويهندس ۽ هلوز پنهنجي ڀيڻ کي مٺڙيون
مٺڙيون ٻوليون ٻڌائيندس“
”ڀيڻهين کي ڪهڙي خبر ته هيءُ پکي منهنجو ڀاءُ آهي،
ڦاسائي ماري ڇڏئي ته پوءِ.“
”ها اها گال آهي.“ چئي سوچن ۾ پئجي ٿو وڃي. سوچي
سوچي چيائين ”پوءِ ڀلا ليڊيو بنجي وڃان ته ڪيلو
نه سٺو. توهان کي سٿا سٿا ڪلام ٻڌايان ۽ ادي کي
لوازانو بالن جو اليون پوءِ ته ادي جيڪا هينئل مون
کي نٿي کني سا ته پنهنجي ڪڇ ۾ کنيو پئي گهمندي.
هاس آءٌ ليڊيو بنجي ويندس.
پياريون پياريون ڳالهيون ٻڌندي خوش ٿيندي چيائينس
”ابا تون نه پکي ٿيندين نه ريڊيو بنبين باقي تون
ريڊين ٺاهڻ وارن مان ضرور ٿيندين.“
اٽي مان هٿ ڪڍي کاڏي کي هڪ آڱر سان مٿي ڪندي
چيائينس. ”ليڊيا ڪيئن ٺاهيندس اما؟“
عجب وچان پڇيائينس. جڏهن پڙهي وڏو ٿيندين ته
انجنيئر بنبين پوءِ تون ريڊيا به ٺاهيندين.
’اهي جنجيل ڇا ٿيندا آهن.“
”جنجيل نه پٽ انجنيئر توهان جيترا ڇوڪرا سائنس
پڙهي پوءِ انجنيئر ٿيندا آهن.“
”پوءِ اها ڀلا ولو مانهو ٿي ٻيو ڇا بنبو آهي.
”ٻيو ڊاڪٽر بنبو آهي.“
”اهي جيڪي سيون هڻندا آهن.“ ”ها پٽ“.
”نه نه آءٌ اهو نه ٿيندس اهي ننڍلن ننڍلن ٻالن
(ٻارن) کي سيون هندا (هڻندا) اما اڳتي مان به
سيون نه هڻائيندس تو اگ ۾سئي هنائي هئي تيڏو نه
شول ٿيو هو.“
”ابا اهي ڊاڪٽر ٿيندا ئي آهن ته ڪو بيمار ٿئي ته
سيون هڻنس ته چاق ٿي وڃي، تون به ته چاق ٿي وئين
نه سيون هڻائڻ کان پوءِ .“
”ها اها ڳالهه آهي پر مان جنجنيل ٿيندس.“
”تنهنجي مرضي پٽ.“
”ها بس مان ليڊين ٺاهڻ والن مان ٿيندس، نوان نوان
سونا ليڊيا ٺاهيندس، جهلو (جهڙو) افو وارن وٽ آهي
نه ها اهلا ٺاهيندس. ٻڌ اما ٻڌ اواما، ماءُ جي
خيال نه ڏيڻ تي رڙ ڪندي چيائينس اما پوءِ اسين
شاهوڪال (شاهوڪار) به ٿي وينداسين نه“
”ها پٽ هلي پڙهو ته آءٌ ماني پچائي پنهنجي گل پٽ
کي کارايان.“
گل ننڍڙين ننڍڙين ٽنگن سان ڊوڙندو ڊوڙندو ڪتاب کڻي
وڃي کٽ تي پڙهڻ ويٺو، رڙ ڪري چوڻ لڳو ”آءٌ جنجنيل
ضرور بنبس وڏي هوندي.“ گل جي ماءُ دعا ڪندي
بورچيخاني ۾ ماني پچائڻ لاءِ هلي وڃي ٿي.
محمود مغل
ٻارن جو عالمي سال
اوچتو ڇت ۾ ڏسندي مون کي محسوس ٿي ته ڪو کَٿي جي
ڪنڊ کي پاڻ ڏانهن سيري پيو. مون ڇت تان نظرون
هٽائي اوڏانهن ڏٺو. مَنُون اکين مان پچيون ڪڍندي،
مون ڏانهن ڏسي رهيو هو.
دل ۾ پڪ ڪا هوار کورا هئس، ڪجهه پڇڻ ٿي چاهيائين.
مون پڇيو ”ڪا ڳالهه آهي مَنُون؟“
”نه“ هن پاسو ورايو.
”صبح ساڻ ننڊ ڦٽي وئي اٿئي ڇا؟“ ”نه“
”اڄ ته ننڊ ڪر. اسان غريبن لاءِ هڪڙو موڪل جو
ڏينهن ئي ننڍن ڪرڻ لاءِ هوندو آهي، تون ۽ مان ان
ڏينهن واندا جو هوندا آهيون. نه توکي ڪجهه وٺڻو
هوندو آهي ۽ نه وري مان ئي توکي ڪجهه وٺي ڏئي
سگهندو آهيان. ڪٿي توکي اڄ جو ته ڏک ڪونه ٿيو آ ته
اڄ به مان سڄو ڏينهي گهر ۾ گذاريندس.“
”نه“
”ته پوءِ“.
هو ڪجهه ڪونه ڪڇيو. ماٺ ڪري کٿي جو هڪ ڇيڙو ڇڪي
منهن تي وجهي ڇڏيائين. مان هن جي طبيعت کان چڱي
طرح واقف آهيان، هو منهنجو پٽ آهي، اٺن سالن جو
مَنُون مون کي ساهه کان به وڌيڪ پيارو آهي. هر
پيءُ ۽ ماءُ کي پنهنجو اولاد پيارو هوندو آهي.
اسان زال مڙس به رڳو هڪڙو ئي ٻار هٿ ڪري سگهيا
آهيون، نه ٻيو گهرجي ٿو ۽ نه ضرورت اٿئون.
جمعي جو ڏينهن اسان لاءِ واندڪائي جو ڏينهن هوندو
آهي. ان ڏينهن ڪارخانو به بند هوندو آهي ۽ منهنجو
هيڪلو پٽ به اسڪول ۽ ڪمن ڪارين کان واندو هوندو
آهي.
هن وري کٿي جي ڪنڊ منهن تان پري ڪئي. چرپر تي مون
به ڪنڌ کڻي ڏٺو. هو ۽ مان هڪ ئي کٿي ۾ ويڙهجي
سيڙهجي پٽ تي ستل هئاسين. اڄ صبح جو الائي ڇو
منهنجي ننڊ ڦٽي هئي ۽ هينئر هن کي به الا ڇو ننڊ
نه پئي آئي. مون کي ڪجهه به نه ٿي چيائين. ماٺ ڪري
ڇت جي ڀڳل سرين کي ڏسندو رهيو. هو منهنجو اولاد
آهي، مان سندس نس نس کان واقف آهيان. سمجهي ويس ته
هو ڪجهه پڇڻ ٿو چاهي.
”ڪجهه سمجهڻو اٿئي مَنون.“
”نه بابا.“
”ته مون کي ڪجهه سمجهائيندي ڀلا.“
”ڇا سمجهايانءِ“ هن وڏڙن وانگر پڇيو.
”سمجهاڻيءَ کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه سمجهاءِ“ هن کي
کلائڻ چاهيم. هو الائي ڇو اُداس اُداس هو.
”مان راتوڪي پڪوڙن جي ويڙهيل پنيءَ تي غور ڪري
رهيو آهيان،“
هن کٿي هيٺان ڀڪوڙيل هٿ ٻاهر ڪڍيو. هٿ ۾ رات کاڌل
پڪوڙن ويڙهيل ڪاغذ هئس.
جمعي جي رات مان، منهنجي زال ۽ منهنجو پٽ سڀاڳي
رات ڪري ملهائيندا آهيون. اُن رات اسين سوا رپئي ۾
ڪا به شيءِ خريد ڪري. ڪارخاني جي سيٺ جي روح کي
ختمو بخش ڪري کائيندا آهيون. سٺين جا ڪروڙين ڪرم
آهن، ايترو ته ڏين ٿا جو هفتي ۾ هڪ گولڊن نائيٽ
ٿيو وڃي.
اڄ رات به اسان سوا رپئي جا پڪوڙا کاڌا هئا ۽
هينئر مَنون پنهنجي هٿن ۾ پڪوڙن کي ويڙهيل ڪاغذ
جهلي ستل هو.
”اهو ڪاغذ پڪوڙا کائي، هٿ صاف ڪري اڇلي ڇڏڻ لاءِ
هوندو آ مَنون. ان تي غور نه ڪبو آ. غور ڪرين ته
صبر پٽاٽن تي ڪر. جيڪي اڄ ڪلهه مهانگا ٿي ويا
آهن.“
”مان هن پني جي لکيل خبر تي غور ٿو ڪيان.“ هن
منهنجي ڳالهه تي ڪو به ڌيان ڪونه ڏنو.
”اهو پنو سڻڀو آهي ۽ اسان غريبن جو معدو سڻڀين
تحريرن کي هضم ڪري نه سگهندو آهي.“ ڇت جي سرين ۾
ڏسندي چيائين ”اڄ کان ٻارن جو عالمي سال شروع ٿي
رهيو آهي.“
”هر ڪو سال شروعات ۽ آخر تي ٻڌل هوندو آمنون، تو ۽
مون جهڙا انسان ڪٻاڙيءَ جي دڪان تي پراڻن سالن جي
آخري ڏينهن جون تصويرون اخبارن ۾ ڏسي، هلندڙ سال
جي آخري مهيني ۾ ان جي پڪ ڪندا آهن.“
”بابا، منهنجي ڳالهه نه اڏاءِ“ هن ڪاوڙ ڪندي چيو.
اکيون ڪجهه ٽمجي آيون هئس.
”مان ڪا شيءِ ڪونه اڏائي سگهندو آهيان. اڏائي
سگهان ها ته پوءِ پاڻ ائين پراڻي سراڻي جاءِ ۾ نه
رهون ها، پوءِ مان
pan Am
اڏايان ها ۽ تون ڪنهن به ڪنوينٽ ۾ پڙهين ها، مان
تنهنجي ڳالهه ڪيئن اڏائيندس.“
مون حد کان وڌيڪ ڳالهائڻ ٿي چاهيو. سوچيم هن کي
عالمي سال تي سوچڻ نه ڏيان. هو آخر به ٻار آهي
نيٺ ته عالمي سال تي ٿيندڙ خوشين ۾ حصو وٺڻ تي ضد
ڪندو. ان مهل مون لاءِ ڏچو ٿيندو. مان هن کي روڪي
نه سگهندس ۽ پوءِ غريب جو ٻار هجڻ جي ڪري هو جڏهن
ڌڌڪارجي ويندو ته سندس دل ٽٽي پوندي. مان کيس
الائي ڪيترا ڀيرا غربت ۽ امارت ۾ فرق ٻڌائي چڪو
آهيان. پر لڳي ٿو هو هن ڀيري ڪونه مڙندو. ضرور ڪٿي
نه ڪٿي وڃي شريڪ ٿيندو، آخر ته ٻار آهي. ۽
........
”بابا، هن سال ٻارن کي هر هنڌ ترجيح ڏني ويندي .
هو کڻي ڪهڙا به هجن هر هنڌ افضل هوندا، ٺيڪ آ نه
بابا.“
”افضل يا ته عارباڻي آ يا سومرو، مان ڪنهن ٻئي
افضل کي ڪونه سڃاڻان.“
”بابا، مان عالمي سال تي ٻارن جي اهميت تي ٿو
ڳالهايان.“ هن رڙ ڪئي. چڙ وڌي وئي هئس.
”رڳو وڏن ماڻهن جا ٻار اهميت رکندا آهن منون. غريب
جي ٻارن کي اهميت رکڻ جو ڪو به حق ڪونهي.“
”هي سال غريبن کي پنهنجا حق ڏياريندو.“
”تون عالم فاضل نه ٿي. اهميت حيثيت سان سنئون سڌو
لاڳاپو رکندي آهي غريب جي ڪهڙي اهميت جڏهن هو ڪا
حيثيت ئي نه ٿو رکي.“
”پر، غريب ٻار کي هينئر حيثيت ڏياري ويندي.“
”ڪهڙي.“ مون کانئس پڇيو. هو منجهي پيو.
”هر غريب ٻار کي...................“ سوچڻ لڳو.
”غريب ۽ امير جو فرق تون چڱي طرح ٿو سمجهين. مان
توکي وڌيڪ ڇا سمجهايان.“
هن ڪجهه نه ڪڇيو. ماٺ ڪري ڪاغذ جي تحرير کي وري
پڙهڻ لڳو. هن سان ڳالهائڻ دوران منهنجا پير کٿٻي
کان ٻاهر نڪري ويا هئا، سيءُ پي لڳم، مون پير ڇڪي
اندر ڪيا. اسان ٻئي گهر ۾ اڪيلا هئاسين، منهنجي
زال ڪجهه ڏينهن لاءِ پنهنجي مائيٽن ويل هئي، ۽ هتي
مان ۽ منهنجو پٽ، پَٽ تي ليٽي پيٽي راڪ ائنڊرول
ڪري رهيا هئاسين. حقيقت ۾ مان بي- اي جي ڊگريءَ
هٿ ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڪارخاني ۾ ٽائم ڪيپر آهيان.
منهنجو پٽ صبح جو اسڪول پڙهندو آهي ۽ شام جي شفٽ ۾
ننڍڙو دڪان هلائيندو آهي. زماني جي گردشن ايترو ته
قرضي ڪرائي ڇڏيو آهي جو اڃان اڌ قرض به مس لٿو
آهي. منهنجو پٽ منهنجو صلاحڪار آهي. اٺن سالن ۾
ئي هو تمام ذهين آهي. هرڪا ڳالهه الاءِ ڪيئن کوٽي
کوٽي ڪڍي وٺندو آهي.
هو ماٺ ڪري اخبارون پڙهندو رهيو. ڪافي وڏو ٽڪر هو.
مون کي پڪوڙڻ واري تي چڙ اچڻ لڳي.
سوا روپئي جي پڪوڙن تي ايترو ڪاغذ ويڙهڻ جي ڪهڙي
ضرورت هئي.
اوچتو هن ڪنڌ مٿي ڪندي رڙ ڪئي.
”بابا.“
’جي پٽ.“
”بابا، مان تقريبن ۾ شريڪ ٿيڻ ٿو گهران؟“
سوچيم آخرڪار ريچڪ کنيس نه. هاڻي ڇا چوانس.
”ڇا ڪندين؟“ پڇيم.
”مان مئگزينن ۾ ڪهاڻيون لکندس، اخبارن ۾ مقالا
لکندس، تقريرون......
ها بابا، مان نيشنل سينٽر ۾ وڃي تقرير به ڪندس.
اتي مذاڪرو آ، ٻيا ٻار به ايندا.“
”ڀلي وڃي ڪجانءِ پٽ.“
دل ۾ چيم هن کي حقيقت ٻڌايان، اهي موقع رڳو وڏن
ماڻهن جي ٻارن لاءِ هوندا آهن، اسان جهڙن ماڻهن جو
اولاد وڌ ۾ وڌ نيشنل سينٽر ۾ ڪرسيون سيٽ ڪري سگهي
ٿو، کيس اسٽيج تي بيهڻ جو ڪهڙو حق!
”بابا، مان ڪهاڻيءَ سان گڏ پنهنجو فوٽو به ڏيندس.“
هن اکيون ٽمڪايون منهنجو اندر جهرڻ لڳو. خدايا،
غريب جي اولاد کي ته گهٽ ۾ گهٽ حقيقت کان واقف
ڪري پيدا ڪرين ها، هي هيڏا وڏا سپتا، خواهشون
۽.....
”منهنجا پيءُ“ هن وري سڏيو. جڏهن به خرچي وغيره
وٺڻي هوندي اٿس ته ائين ئي سڏ ڪندو آهي.
”ٺيڪ آ، نه.“
”ڇا پٽ؟“ مون کٿٻي کي پاڻ ڏانهن سيريو.
”اهو ئي نيشنل سينٽر جنهن ۾ تقرير ڪرڻ. پر....
بابا....“
اوچتو هن وري اخبار کنئين.
”هتي ته لکيو پيو آحي ته داخلا صرف پاس تي آهي.
اها پاس ڪنهن وٽ هوندي؟“ هن اخبار پڙهندي پڇيو.
”اها ڊائريڪٽ
Issue
ڪندو آهي پٽ ۽ صرف ميمبرن لاءِ هوندي آهي.“
”پوءِ تون ڇو نه ٿو ميمبر ٿئين؟“
”مان ٽئين گريڊ جو ٽائيم ڪيپر آهيان ۽ اتي صرف
سترهين گريڊ کان پاسو شروع ٿينديون آهن، مون کي
پاس نه ٿي ملي سگهي.“
”ڇو نه ٿي ملي سگهي!“ هن غور سان مون ڏانهن ڏٺو.
”بابا، پاس وٺ نه“ هن ضد ڪيو. هيلتائين هن جو سڄو
وجود ڪڏهن وساميو پئي ته ڪڏهن ٻريو پئي. هنن سڀني
ڳالهين کي هن الاءِ ڇو اچي ڇيڙيو هو.
الاءِ ڇو مون کي چڙ اچي وئي، چڙٻيندي چيومانس ”تون
اهي ڪم نه ٿو ڪري سگهين. منون، نه تون سينٽر ۾ وڃي
سگهين ٿو ۽ نه وڃي اتي تقرير ڪري ٿو سگهين، تقرير
ڪي مخصوص ٻار ڪندي ئي سٺا لڳندا آهن، ۽ تون انهن
مان ناهين، اسان جهڙا انسان جيڪڏهن تقرير ڪرڻ
ويندا ته پوءِ دڪان ڪير هلائيندو پٽ؟“
هن ڪجهه چوڻ لاءِ وات کوليو پر کيس شايد هينئر
ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هئي. هن پنو اڇلائي ڇڏيو.
ڪجهه دير سوچي، چيائين“ مان ڪو به ڪم ڪونه ڪندس
بابا. مان اڄوڪي ڏينهن ننڊ ڪري، سڀاڻي کان پنهنجي
ڪم کي لڳي ويندس.
عالمي سال ڪهڙو اسان تي مٺيون ڀري لٽائيندو، جو
اسان پنهنجو پورهيو ڇڏي رلندا وتون.“
مون غور سان هن ڏانهن ڏٺو.
هن ڇڪي کٿٻي جي ڪنُڊ منهن تي رکي ڇڏي.
قمر شبير
بنا عنوان جي .........
هن ڪهاڻيءَ جو عنوان اوهان پاڻ مقرر ڪري، اسان
ڏانهن ڏياري موڪليو، جو اسان وٽ 20 جنوري 1980 کان
اڳ پهچي وڃي. جنهن جو به عنوان سٺو هوندو، ان کي
ويهن روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا.
- ايڊيٽر
هڪڙي ڏهاڙي اسڪول جي بينچ تي ويٺل، ۽ هٿ ۾ ڪارڙي
سيلٽ تي اُبتا سبتا ليڪا. پوءِ ڪنهن ڇوڪري سندس
ڀرسان ايندي، گهوريندي چيو هوس ”ڪارڙي سليٽ
وانگيان تنهنجا ڀاڳ به ڪارڙائي ٿي پيا آهن“. هٿن
مان سليٽ ڪِري پئي هيس ۽ لڙڪ چولي جي ڪنڊ ۾ لڪي
ويا هئس. تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون ڀري نڪري آيو
جيئن نه ٻڌي سگهي، ڪنهن جا به ٽهڪ .....ڪؤڙا.....
جهڙا ٽوه...
شڪارپور شهر جا روڊ خالي گهٽيون ٻُسيون، ٽرئفڪ جو
ختم ٿي ويل سلسلو، هوٽلن، ڪولڊڊرنڪ، ۽ پڙين ۾
ماڻهو اندر ويٺل. ڪي بوتلو پي رهيا هئا، ۽ ڪن
شڪارپوري ڪلفي کائي گرمي ۽ ڪاڙهي لڳل ڏينهن کان
بيزاريءَ جون ڳالهيون پي ڪيون. پرائمري اسڪول جي
گهنٽي لڳي ته، نينگرڙا، ٿيلها ڪنڌ ۾ وجهي ڀڄندا،
هڪٻئي کي چيڀاٽيندا، لتون ڏيندا، اسڪول کان ٻاهر
نڪري آيا. پرائمري اسڪول جي اُن ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾،
هڪڙو نينگرڙو، بينچ تي ويٺو هو، هن جو پيارو مُکُ
ڏاڍو، نماڻو پي لڳو. ڳپل مهل ٿي هئي، اسڪول جا هڙ
ڇوڪرا، هليا ويا هئا، هو دَرَ ۾ اک کُپايو، ڪنهن
جي اچڻ جي آس ۾ ويٺو هو. پٽيوالي جڏهن در بند پئي
ڪيو ته، هن کي اڪيلو ڏسي ڊوڙي هن ڏانهن آيو.
”ظفر بابا، طبعيت ته ٺيڪ آهي نه. هيئن اڪيلو ويهبو
آ. ڏس سڀ ڇوڪرا هليا ويا آهن“.
”منهنجو سنگتي ”مقو“ آهي نه،اُن چيو هو، تون مان
گڏجي هلنداسين“.
”ٻاهر ڏاڍي گرمي ٿي پوي تون وڃ. تنهنجو سنگتي تو
لاءِ ضرور آيو هوندو“.
هو پتڪڙيون وکون کڻندو، پرائمري اسڪول کان ٻاهر
نڪري آيو. ٻاهر شڪارپور جو شهر ڀَت وانگر رَڌو
پئي. ننڍو نينگر چونڪ لتاڙي علامه آءِ. آءِ. قاضي
روڊ تي پهتو ته سامهون ڪتابن واري جو بڪ اسٽال هو،
هو روز اُتي ايندا هئا، ۽ ڪي ڳالهين جا ڪتاب
چونڊي، چاچي کان وٺي، کلندا، پڙهندا، چونڪ کي پري
ڇڏي ويندا هئا. ”سنڌو ڪتاب گهر“ جي چاچي وٽ پهچي،
هُن اُٻاڻڪو ٿي کانئس پڇيو ”چاچا، مقو ته ڪونه
آيو!؟“
”ٻچا، ٻاهرڏس ڪيڏي گرمي ۽ ساڙيندڙ سج آ. هن ۾ ڀلا
ڪير ٻاهر نڪرندو“.
هو سنڌو ڪتاب گهر وٽان ٿي مين روڊ تان هلندو،
ڪلفين واري کان پڇا ڪندو، جاچيندو، نهاريندو پئي
ويو، پر کيس مقو ڪٿي به نظر نه آيو. مين روڊ تي،
ٽاڪ منجهند جو، ٻهاري ڏيندي ننڍي ڇوڪر کي ڏسندي
کيس ڳپل مهل لنگهي وئي هئي. ننڍي ڇوڪر جي هٿ ۾
ٻهاري هئي، ۽ هو روڊ تي گهمائيندو، پيرن سڙڻ جي
درد کان، هر هر ڊوڙي وڻ جي ڇانوَ ۾ پئي ويٺو. جي
ڪڏهن ڪڏهن ڪا موٽر پئٽرول هاڻو دونهون ڇڏيندي روڊ
تان لنگهي پئي وئي ته ڇوڪر جهٽ کي لاءِ ٻهاري بند
ڪري پريان بيٺل ماءُ کي هر هر پي ڏٺو. جيڪا گند،
گڏ ڪري رهي هئي ۽ جيڪو ڇوڪر، مين روڊ تي بيهي،
ٻهاري ڏيندڙ ڇوڪر کي ڏسي رهيو هو، تنهن کي اها به
ڄاڻ نه هئي ته ايندڙ ويندڙ کيس گهوريندا ڏسندا پئي
ويا، پوءِ اوچتو هن ڪلهي تي هٿ محسوس ڪيو، هن جڏهن
مڙي ڏٺو ته سندس سامهون، هن جو سنگتي ظفر هو.
ظفر هن جي گل تي هلڪي ٿڦڪي هڻندي چيو.
”مقو، مان ٿيلهو ڪنڌ ۾ وجهي. شڪاپور جي گهٽيءَ ۾
توکي ڳوليو ٿم. چاچي سنڌوءَ کان پڇائيندو، ڪلفين
واري کان ٿي ٽاور تائين توکي جاچيم، پر تون ڪٿي به
نه هئين. خبر ٿئي اسڪول ۾ به تو بنا مزوئي نٿي آيو
جڏهن پٽيوالي ٻڌايو ته ٻاهر ڏاڍي گرمي آهي، ته مان
توکي ڳولڻ لاءِ هليو آيم، تون اتي ڇو بيٺو آهين“؟
مقوءَ ظفر سان لفظ به نه ڳالهايو، ڪارين ماڻڪين
مان ٻه لڙڪ، نڪري هن جي تِرين تي اچي پيا.
”ظفر، جيڪي ڪارا هوندا آهن سي ڇڙو، تتل ڏينهن ۾
ڏامر واري روڊ تي ٻهاري ئي ڏيندا آهن.“
هن ٻهاري ڏيندڙ ٻار ڏانهن آڱر جو اشارو روڪندي
چيو. ظفر جومَنُ موهي ويو. هن اُٻاڻڪي منهن تي مرڪ
آڻي، مقوءَ کي ڳراٽڙي پائيندي چيو.
”نه مقو نه. سائينءَ اُن ڏينهن ٻڌايو هو نه، ته جڳ
۾ رنگ کي ڪونه ڏٺو ويندو آ. پرمقو تون ته مون کي
پيارو لڳندو آهين.“
چولي جي ڪنڊ سان مقوءَ لڙڪ اُگهيا. ظفر چيچ ۾ هٿ
ملائيندي چيس.
”تون اهڙيون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين مقو!“
”تنهنجي بابا چيو هو نه، ته تون ظفر جهڙو ٿي ڪونه
سگهندين. پوءِ ظفر سان ڇو ٿو گهمين؟“
”توکي خبر ناهي مقو، پاڻ ٻئي جڏهن گڏجي گهمندا
آهيون ته موهنداس ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿيندو آهي. سنڌو
ڪتاب گهر جو چاچو پيار ڏيندو آهي ۽ ڪلفين وارو جهٽ
ڪلفي کارائيندو آهي ۽ اسڪول جا ته هڙ ڇوڪرا سڙندا
آهن، ساڙيلا جو ٿيا.
”مقو، مسيت ۾ سائين وٽ سيپارو پڙهندي، مان الله
سائينءَ کان دعا گهري هئي، خبر اٿئي؟“
”نه. ڪهڙي؟“
”ته. مان ڪارو ٿي پوان.“
”پوءِ ڇا ٿيندو؟“
”تڏهن پوءِ دنيا جو ڪو به ماڻهو ڪارن سان نفرت نه
ڪندو. ڇو ته مان سرمائيندار جو پٽ آهيان“.
مقو کلي ظفر جي سيني سان چهٽي پيو. ٻئي سنگتي هٿ ۾
هٿ ڏئي ٽاڪ ٽاڻي تتل ڏينهن ۾ شڪارپور جي سنهين
گهٽين مان پنڌ ڪندا، ٽڙي پکڙي ويا. لڳو ائين پئي
ڄڻ شڪاپور شهر مٿان ميرا بادل برسي پيا هجن، ۽ سڄو
شهر جرڪي پيو هجي، اُجرو.... اُجرو، هر ميراڻ کان
آجو ............... پيارو پيارو................. |