سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1988ع

باب: --

صفحو :4

ڊاڪٽر سهيل برڪاتي

اڪبرجسڪاڻي

ڏيڏرن جي دنيا

1.  ڏيڏر هڪ اهڙو جانور آهي، جنهن کي ڏسڻ سان ماڻهو کي ڪراهت ايندي آحي. پر آهي ڏاڍي ڪم جي شئي، جيڪي ڊاڪٽري پڙهندا آهن، اهي پهرين تجربا ويچاري ڏيڏر تي ڪندا آهن. ڇا ان کان سواءِ به ڏيڏر ڪنهن ڪم اچي سگهي ٿو؟

2.  سو به مئل ڏيڏر ها مئل ڏيڏر به ڪم اچي سگهي ٿو. سوئزرلينڊ جي هڪ ماهر، مئل ڏيڏر جو اهڙو استعمال ڪيو، جو اڄ به اهي سوئزرلينڊ جي عجائب گهر ۾ رکيل آهن.

3.  گذريل صدي ۾ اهڙا به ماڻهو پيدا ٿيا آهن، جن اهڙا ڪارناما ڪيا آهن، جيڪي اڄ به وساري نه ٿا سگهجن. سوئيزرلينڊ جي رهواسي فراسنيوا، مئل ڏيڏرن کي اهڙي نموني سان ٺاهيو، جو هو مشهور ٿي ويو. هو پهرين پوپ نائين جي محافظن ۾ شامل هو، اتان ڇڏڻ کان پوءِ، هو پنهنجي شهر اسٽاوايئرليلاڪ ۾ آيو.

4.  پنهنجي شهر ۾ هن اهو مشغلو اختيار ڪيو جو، مئل ڏيڏر جي گوشت کي اندران ڪوري ڪڍندو هو، باقي هڏا اندر هوندا هئا ۽ مٿان کل، پوءِ ان ۾ ضرورت آهر واري ڀريندو هو ۽ مٿان کل جي وارنش هڻي ڇڏيندو هو ۽ هو واري اندر اهڙي نموني سان ڀريندو هو، جنهن نموني سان ڏيڏر کي بيهارڻو هوندو هو. بس جڏهن پيريئر گذاري ويو. ان وقت تائين ان ٽن قسمن جي ڏيڏرن جا ٻه سؤ قسم ٺاهي ورتا هئا ۽ ان مان هڪ سؤ اٺ ڏيڏر محفوظ ٿي سگهيا.

5.  جيڪي ميونسپل ميوزم، ايٽائرلي لاڪ ۾ رکيل آهن. حقيقت ۾ اهي ڏيڏر پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو ڪارنامو آهن ۽ انهن ڏيڏرن جي ڪري ان ميوزم جي مشهوري به گهڻي ٿي آهي. ويهه ڏيڏرن جا اهڙا قسم آهن، جيڪي منفرد انداز ۾ ٺهيل آهن ۽ فرنيچر به اهڙي نموني سان ٺهيل آ جو ڏيڏرن جي دنيائي پنهنجي لڳي پئي آهي. توهان جيڪي تصويرون ڏٺيون آهن. انهن ۾ ڏسو ته ڏيڏر ڪيئن ويٺا آهن.

برڪت جيهو

سيمنٽ

پيارا ٻارو! اڄ مان اوهان کي سيمنٽ جي متعلق ڪجهه معلومات ڏيندس. اڄڪلهه سيمنٽ جو استعمال تمام گهڻو آهي وڏين وڏين جاين، هوٽلن، بلڊنگين ۽ پُلين جي اڏاوت ۾ سيمنٽ ئي استعمال ڪيو وڃي ٿو، ان کان علاوه ڀتين کي پلستر لڳائڻ، فرش جي تياري ۽ آرسي، سي ڇتين ٺاهڻ جي ڪم پڻ ايندو آهي. ان کان علاوه سيمنٽ مان سرون ۽ لنٽر وغيره به تيار ڪيا ويندا آهن.

سيمنٽ ٺاهڻ لاءِ چن جي پٿر، مٽيءَ کي پيهي سنهو ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ هن ۾ پاڻي ملائي سلري ٺاهي ويندي آهي. سلري کي خشڪ ڪرڻ کان پوءِ ان کي ٻيهر پائوڊر جي شڪل ۾ پيٺو ويندو آهي ته جيئن ان ۾ مختلف شيون جدا جد انه ٿي بيهن ان سنهي پائوڊر کي بٺيءَ ۾ داخل ڪيو ويندو آهي. جنهن کي روٽري بٺي چئبو آهي، جنهن کي تيل، گئس يا ڪوئلن ذريعي جنهن ۾ پهرين کان گرم ڪيل هوا به شامل هوندي آهي، پنڌرنهن سؤ ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرم ڪبو آهي، لوهه جي ٺهيل اها بٺي 46 ميٽر ڊگهي ٿيندي آهي.

ان جو اندروني قطر 2.5 کان 4.5 ميٽرن تائين هوندو آهي. هي بٺي هڪ يا ٻن منٽن ۾ پورو چڪر ڦري ايندي آهي بٺيءَ جي اندر اليومينا ۽ مئگنيشيا جي آتشي سرن جو تهه چڙهيل هوندو آهي ته جيئن گرمي ڪافي دير تائين برقرار رکي سگهجي، بٺي ٿورڙي ٽيڏي هوندي آهي ته جيئن ان ۾ گرم ٿيندڙ پائوڊر آهستي آهستي گردش ڪندو ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ مٿان کان هيٺ ايندو آهي، هن عمل ۾ ڪافي نهريون ۽ سخت گوليون ٺهنديون آهن جن جي سائيز 1.3 کان 1.8 سينٽي ميٽرن تائين هوندي آهي، ان کي ڪلنڪر چئبو آهي.

ڪلنڪر کي وڏين وڏين ڦرندڙ مشينن ۾ فولادي گولن جي مدد سان پيهي پائوڊر جي شڪل ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي انهيءَ طرح سان سيمنٽ جو پائوڊر تيار ڪيو ويندو آهي. جنهن کي پوءِ ٻورين ۾ پيڪ ڪري عام استعمال ۾ آندو ويندو آهي اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو تعمير جي ميدان ۾ دنيا ۾ جيڪا هن وقت ترقي ٿي آهي ان ۾ سيمنٽ جو تمام گهڻو هٿ آهي.

قربان جعفري                                      (سئزوايت)

وليم ٽيل

گهڻا ورهيه اڳ، سئزرلينڊ  جي اَوکي ۽ اُڀن پربتن تي وليم ٽيل نالي هڪ شخص رهندو هو. ٽيل بهترين شڪاري ۽ بهادر انسان هو ۽ سڄي تر ۾ ڪمان سان نشانو چٽڻ ۾ سندس ڪو مٽ ڪين هو.

اُنهن ڏينهن ۾ ملڪ تي گيسلر نالي هڪڙو اَرڏو ماڻهو، حڪومت ڪندو هو. گيسلر کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻ جو گهمنڊ هو ۽ هن ڪيئي سخت قانون لاڳو ڪري ڇڏيا هئا، جن تي عوام کي عمل ڪرڻو پوندو هو. هن پنهنجي ٽوپي هڪڙي ڊگهي ٿنڀي مٿان ٽنگرائي هئي ۽ حڪم ڏنو هو ته جيڪو اتان لنگهي، سو انهيءَ ٽوپيءَ آڏو ڪنڌ نمائي لنگهي.

بهادر انسانن کي ڪنهن ٽوپيءَ اڳيان ڪنڌ نمائڻ کان نفرت هئي، تنهن ڪري جنهن هنڌ ٿنڀي مٿان ٽوپي ٽنگل هئي، هنن اُتان لنگهڻ ئي ڇڏي ڏنو هو.

لکيو منجهه نراڙ، وليم ٽيل جيڪو اُڀن پربتن جو رهواسي هو، تنهن اُنهيءَ اچرج جهڙي قانون جي باري ۾ ٻڌو ئي ڪين هو ته حاڪم جي ٽوپيءَ آڏو ڪنڌ به نمائڻو آهي.

هڪڙي ڏينهن هو پنهنجي پٽ کي هٿ کان وٺي ڳوٺ اچي پهتو ۽ ڪنڌ کڻي، سڌو ٽوپيءَ وٽان پئي لنگهيو ته هڪڙي سپاهيءَ جيڪو هر وقت اتي پهري لاءِ موجود رهندو هو، رڙ ڪئي: ”ترس! تون پنهنجي حاڪم جي ٽوپيءَ اڳيان ڪنڌ ڇو ڪين نمايو؟“

”مان ڪنهن ٽوپيءَ اڳيان ڪنڌ ڇو نمايان؟“ ٽيل پڇيو.

”هيءَ ٽوپي اوهان جي حاڪم گيسلر جي آهي. هن جو حڪم آهي ته هرڪو انهيءَ اڳيان ڪنڌ نمائي.“

”مون کي پرواهه ناهي ته اهو ڪنهن جو حڪم آهي. مان ڪڏهن به ڪنهن ٽوپيءَ اڳيان ڪنڌ ڪين نمائيندس.“ ٽيل ترت وراڻيو.

”ته پوءِ مون سان گڏجي جيل هل.“ سپاهيءَ حڪم ڏنو.

”نه ئي مان ٽوپيءَ اڳيان ڪنڌ نمائيندس ۽ نه ئي جيل هلندس.“ پٺتي وک کڻندي ٽيل پنهنجي ڪمان ڪشڻ لاءِ تير ۾ هٿ وڌو.

انهيءَ مهل گيسلر سپاهين جي هڪ دستي سان گشت تي اچي نڪتو. ”هي گوڙ ڇا جو آهي؟“ هن پڇيو.

”هي شخص وليم ٽيل، اوهان جي ٽوپيءَ اڳيان ڪنڌ نٿو نمائي.“ سپاهيءَ چيو.

”ته تون ٽيل آهين؟“ گيسلر گهوڙو وڌائي سندس ڀرسان آڻيندي چيو. ”ماڻهو چون ٿا ته سموري راڄ ۾ ڪمان سان نشاني چٽڻ ۾ تنهنجو ڪو مٽ ڪين آهي. ٻڌاءِ ميان، ڇا اهو سچ آهي؟“

”مان چڱن ڀلن سان چٽا ڀيٽي ڪئي آهي.“ ٽيل نوڙت سان وراڻيو.

”منهنجو ارادو آهي ته تنهنجي مهارت آزمايان.“ گيسلر جواب ڏنو. ”۽ مان توسان واعدو ٿو ڪيان ته جيڪڏهن تون منهنجي ڏسيل نشاني کي چٽي ورتو ته توکي آزاد ڪري ڇڏيندس.“

”مون کي تنهنجو ڏسيل نشانو چٽي خوشي ٿيندي.“ ٽيل چيو. .تنهنجو نشانو ڪٿي آهي؟“

”ڇا هي تنهنجو پٽ آهي؟“ گيسلر ڇوڪر ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو.

”هائو“.

”ڇا هي بهادر نينگر آهي؟“

”منهنجي ويچار موجب ته آهي.“

”ته پوءِ هي تنهنجي مدد ڪري سگهي ٿو. ڇوڪر کي وٺي وڃي هن وڏي بڙ جي اڳيان بيهاريو ۽ هڪ صوف کڻي سندس مٿي تي رکيو. جيڪڏهن تو صوف جو نشانو چٽي ورتو ته پوءِ ٻئي آزاد آهيو.“ هي اکر اچاريندي، ڪٺور انسان مرڪيو، جيتوڻيڪ سندس سپاهين کي ڊپ کان ڏڪڻي وٺي وئي.

”تون مون کي پنهنجي پٽ جو نشانو وٺڻ لاءِ چئين ٿو ڇا؟“ ٽيل رڙ ڪئي. ”مان ائين ڪين ڪندس.“ پر نينگر کي ڪو ڊپ ڪين هو ۽ هن پنهنجي پيءَ جي منهن ۾ نهاريندي چيو. ”بابا، مان سڌو ۽ سانت سان بيهندس. اوهان جو نشانو ڪڏهن خطا ڪين ٿيو آهي. مون کي پڪ آهي ته اوهان صوف کي چٽي وٺندا.“

ڇوڪر هٿ ڊگهيري گيسلر جي هٿ مان صوف ورتو، پوءِ وکون کڻندو بڙ وٽ آيو ۽ صوف کي سنڀالي پنهنجي مٿي تي رکيائين.

”هاڻي بابا،“ هن چيو. ”مان بلڪل تيار آهيان.“

ٽيل ڪمان مٿان چتائيندي ٻه ڊگها ۽ سڌا تير ڪڍيا. هڪڙو هن ڪمربند ۾ رکيو ۽ ٻيو سنڀالي ڪمان ۾ چاڙهيو، پوءِ احتياط سان نشانو وٺي ڌاڳي کي ڇڏي ڏنو.

تير سڌو وڃي نشاني ۾ کُپيو. صوف اچي وٽ تي ڪريو ۽ تير وچو وچ پار ٿي چڪو هئس. ڇوڪر پيءَ ڏانهن ڊوڙيو، جنهن کي پنهنجي سگهاري ٻانهن ۾ وڪوڙي ورتو.

گيسلر، وليم ٽيل ڏانهن وريو. ”ٻيو تير تون پنهنجي ڪمر بند ۾ ڇو رکيو هو؟“ هن پڇيو. ”مون کي ٻڌاءِ ته توکي ڪو ڇيهو ڪين رسندو.

ٽيل گيسلر جي اکين ۾ گهوريو ۽ چيائين ”ٻيو تير سڌو تنهنجي دل لاءِ هو، جيڪڏهن منهنجي پٽ جو وار به ونگو ٿئي ها.“

اهي بهادريءَ جا ٻول ٻڌي، گيسلر کي ڊپ کان ڪنبڻي وٺي وئي. هن پنهنجي سپاهين ڏانهن منهن ورائي چيو: ”هن ماڻهوءَ کي پڪڙيو ۽ کيس تلاوَ جي پار منهنجي قلعي جي مضبوط ترين جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو.“

”سائين ڇوڪر کي ڪيڏانهن ڪريون؟“ سپاهين جي اڳواڻ گيسلر کان پڇيو.

”ڇڏي ڏيوس ته وڃي مٽن مائٽن کي خبر رسائي،“ گيسلر آڱر سان اشارو ڪندي چيو. ”جيئن جيئن لوڪ، پڻ ٽيل جي حشر حشر مان عبرت حاصل ڪري ۽ سرڪشيءَ لاءِ ڪين سوچي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com