سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1988ع

باب: --

صفحو :3

منهنجي هڪ ٻي بيماري سواد مان مزو نڪري وڃڻ (Dysgeusia) آهي جنهن سبب مٺاڻ مان اوڪ ته گوشت مان ڪني بوءِ ايندي آهي. چاڪليٽ آئيس ڪريم کائڻ سان اها يا ته چهري لڳندي آهي يا اصل مڇيءَ جهڙي محسوس ٿيندي آهي. انهيءَ ڳالهه جي هاڻ خبر پيئي آهي ته هيءَ بيماري نه رڳو عام آهي پر گهڻائي اها تسليم ڪري ٿي ته هيءَ بيماري تڏهن ٿي پوي ٿي جڏهن جسم ۾ جست جو مقدار گهٽجي ويندو آهي. جست يا ته کاڌي ۾ گهٽ هوندو آهي يا وري جسم انهيءَ کي گهٽ مقدار ۾ جذب ڪندو آهي. ليس، بخار يا اهڙيءَ ڪنهن ٻيءَ بيماري جي ڪري به هيءُ گهڻو زيان ٿي ويندو آهي. اهڙين حالتن ۾ پوءِ جڏهن جست جو مقدار وڌائبو آهي ته سواد وري موٽي ايندو آهي.

منهنجي هڪ ٻي ڪني بيماري هائپو جيسيا (Hypogeusia) آهي. جنهن سبب کائڻ ۽ پيئڻ جي شين مان گهٽ سواد ايندو آهي، اڪثر ڪري کاڌو بي سوادي لڳندو آهي. روسٽ ٿيل گوشت نرم رٻڙ جيان ڀاسندو آهي. مون کي مٺاڻ جو سواد وٺائڻ لاءِ جانڻ لاءِ اهو ضروري ٿي پوندو آهي ته هو صبح جو نيرن وقت ۽ آفيس ۾ ڪافي پيئڻ لاءِ کنڊ جا لپوڙا استعمال ڪري. انهيءَ ڪري ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿي پونديون آهن جنهن ڪري منهنجن سوادي سيلن جي ڪم ۽ بناوت ۾ ڦيرو اچي ويندو آهي. گنڀير حالتن ۾ ته سواد ۽ ذائقي جو مزو بلڪل ختم ٿي ويندو آهي. جنهن سبب مريض نٻل ٿي ويندو آهي. اهڙين حالتن جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ اهو محسوس ڪري سگهبو آهي ته سواد يا ذائقو سڀني حصن مان وڌيڪ سوادي ۽ مزيدار آهي.

سچ ته اهو عجيب نه ٿو لڳي ته هڪ اهڙو عضوو جيڪو سڀني عضون کان وڌيڪ خدمتگار هجي انهيءَ کي ايترو گهٽ ڀانيو وڃي. عام طور تي جانڻ وارن ۽ نهن کان به مون ڏانهن گهٽ ڌيان ڏيندو آهي جيڪي سندس چڱ ڀلائي لاءِ ايترا مون جيترا ضروري به ناهن هوندا. مان پاڻ ۾ ايترو ست ڀانيان ٿي ته بنان ڪنهن ساهيءَ ۽ ٿڪ پٽڻ جي سندس لاءِ پنهنجيءَ ڪرت ۾ رڌل رهان ۽ سڄي عمر سواد وٺندي ۽ ڳالهائيندي رهان.

ترجمون: غلام مصطفيٰ سولنگي

ڪلفيون

ساجد حسابن جو ڪم ختم ڪري، ڪاپيءَ کي ٿيلهي ۾ رکيو ۽ ٿيلهي کي الماري ۾ رکي، هن هڪ گلاس پاڻي جو پيتو ۽ ڪمري جي لائيٽ بند ڪري بستري تي ليٽي، سمهڻ کان اڳ ساجد روزانو ڪجهه دعائون پڙهندو هو. اهي دعائون پاڻ ڪريم ﷺ جن پڙهندا هئا ۽ سڀني مسلمانن کي سمهڻ کان اڳ اهي دعائون پڙهڻ جي هدايت ڪئي هئائون. ساجد دعائون پڙهيون ۽ سمهڻ لاءِ اکيون بند ڪرڻ لڳو. ان ئي وقت ڀر واري ڪمري مان هن جي پيءُ جو آواز آيو:

”ساجد جي ماءُ! ٻڌين ٿي؟“ هو ساجد جي ماءُ کي سڏي رهيو هو.

”ٻڌان پئي، ڇا ٿيو؟؟“ ساجد جي ماءُ بورچيخاني مان جواب ڏنو.

”ٿورو هيڏانهن ته اچ.“ ساجد جي پيءُ گهٻرائيندي چيو، ”ڏس ته! هي ڇا ٿي ويو؟“

”ڇاٿيو؟“ ساجد جي ماءُ ڪمري ۾ اچي وئي. ٻنهي ڪمرن جي وچ ۾ ٺهيل دروازي تي پردو لٽڪيل هو. ڪمري ۾ روشني هئي، ان ڪري پردي تي ساجد جي ماءُ جو پاڇو چُرپر ڪري رهيو هو.

”هي کير خراب ٿي ويو آهي، ڏس ته سهي!“ ساجد جو پيءُ پريشان ٿي ويو.

”اوهو! ڪيئن ٿي ويو خراب؟“ ساجد جي ماءُ پڇيو.

”مون کي ڪهڙي خبر ته تون کير گرم ئي ڪونه ڪيو هوندو. “ساجد جو پيءُ ٿورو ڪاوڙيو.

”نه! گرم ته ڪيو هو، پر هاڻي ڇا ڪجي؟“ ساجد جي ماءُ چيو.

”هاڻي وري ڇا ٿيندو؟ نقصان ٿيڻو هو سو ٿي ويو.“

”هاڻي ڪلفيون ڪيئن ٺهنديون......؟“

”وڃان ٿو، ڪٿان کير جو انتظام ڪري ٿو اچان.“

”ٽيهن روپين جو نقصان ٿي ويو.“ ساجد جي ماءُ جي آواز مان ظاهر ٿي رهيو هو ته هن کي کير خراب ٿي وڃڻ جو ڏاڍو افسوس آهي،“ ٻڌ ته! هي کير ڪم نه ايندو ڇا؟“

”خراب کير جون ڪلفيون ٺاهيان ڇا...؟“ ساجد جي پيءُ پڇيو.

”مان وري ڪڏهن ٿي چوانءِ ته سڀ ئي کير استعمال ڪر؟ اَڌُ ئي کڻي استعمال ڪر، ڪم ته نڪري ويندو.“

”نه! مان تازو کير وٺي ٿو اچان ڪٿان.“ ساجد جو پيءُ اُٿيو، هن جو پاڇو به پردي تي حرڪت ڪرڻ لڳو.

”اهو ڇا ٿو چئين تون...؟“ ساجد جي ماءُ چيو، ”هي کير هاڻي وري ڪهڙي ڪم ايندو؟ ٽيهن روپين جو وري تازو کير ايندو، آهي ته غربين لاءِ مصيبت! منهنجي مڃ ته هن کير ۾ اڌ ٻيو کير ملائي ڪم هلاءِ.“

”چڱو ڀلا! جيئن تنهنجي مرضي.“ ساجد جي پيءُ چيو: ”ڀلا! ساجد ته سمهي پيو آهي نه؟“

”ها... ها! ڪڏوهوڪو.“ ساجد جي ماءُ بورچيخاني ڏانهن ويندي چيو.

ننڍڙي بلب جي ٿڌڙي روشنيءَ ۾ ساجد بستري تي ليٽيو، اکيون ڦاڙي ڇت ۾ لٽڪيل بلب کي گهوري رهيو هو. ڪمري ۾ ٿوري ٿڌ هئي، پر هن جي منهن تي پگهر جون بوندون ظاهر ٿي ويون هيون ۽ دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي هئي.

”جيڪڏهن بابا خراب کير مان ڪلفيون ٺاهيون ته...؟“ هن جي پتڪڙي ذهن ۾ ڪافي سوچون اچي ويون هيون،“ جيڪڏهن ڪلفيون کائي ڪو ٻار بيمار ٿي پيو ته...؟“

ساجد جو تعلق هڪ غريب گهراڻي سان هو. هن جو پيءُ ڪلفيون ٺاهي ان ئي اسڪول ۾ وڪڻندو هو، جتي ساجد پڙهندو هو. اسڪول جي هيڊ ماستر صاحب ڳريل سڙيل ميوا وڪڻڻ وارن، ڇولن، وارن ۽ سستي ۽ خراب قسم جا بسڪوٽ وڪڻڻ وارن کي اسڪول ۾ اهي شيون کپائڻ کان روڪي ڇڏيو هو، هڪ ميوا وڪڻڻ واري ڪُراڙي هادن هيڊ ماستر صاحب سان واعدو ڪيو هو ته هُو هميشہ سُٺا ميوا وڪڻندو ۽ ساجد جي پيءُ به واعدو ڪيو هو ته هُو هميشہ سٺي کير مان ڪلفيون ٺاهي وڪڻندو.

”ساجد جي ماءُ! اچ، ٿورو کير وٺي آيو آهيان.“ ساجد جي پيءُ گهر ۾ داخل ٿيندي چيو.

”بس! ٺيڪ آهي، هي تازوکير خراب کير سان ملائي ڪلفيون ٺاهي ڇڏ.“ ساجد جي ماءُ چيو.

”اُف!“ ساجد گهٻرائيندي سوچيو.!“ هاڻي ڇا ٿيندو؟“ ڪجهه ڏينهن اڳ هن اخبار ۾ خبر پڙهي هئي ته زهريليون ڪلفيون کائڻ سان هڪ ئي خاندان جا ڇهه ماڻهو مري ويا ۽ ٻيا ڏهه ماڻهو بيمار ٿي پيا، هن سوچيو ته هو اُٿي پنهنجي پيءُ کي ڪلفين ٺاهڻ کان روڪي پر هُو ائين نه ڪري سگهيو ۽ دل ۾ ڪُڙهندو رهيو. پوءِ هن کي خيال آيو ته بابا، خراب کير استعمال ڪرڻ جو فيصلو ان ڪري ته ڪيو آهي جو گهر جون مالي حالتون سُٺيون ناهن. جيڪڏهن هو ٽيهن روپين جو کير ٻيهر وٺي اچي ها ته گهر جو خرچ ڪيئن هلي ها. بابا کي آخر منهنجي اسڪول جي في ڏيڻي پوي ٿي، ڪتاب خريد ڪري ڏيڻا ٿا پون. سال ۾ چار پنج ڪپڙن جا وڳا ٺهرائڻا ٿا پون، هر مهيني گَهرَ جي مسواڙ، سو طرح جا خرچ ته آهن ته پوءِ ويچارو بابا ڪيئن پورا ڪري. ان ئي وقت هن جي ڪنن ۾ پنهنجي اسڪول جي استاد عبدالرشيد جو آواز گونجڻ لڳو:

”جي ها سائين! توهان سان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.“ ساجد هٻڪندي چيو.

”آءٌ پٽ! اندر اچ.“ هيڊ ماستر صاحب ڊرائينگ روم جو دروازو کوليندي چيو.

ڊرائينگ روم ۾ ويهڻ کان پوءِ هيڊماستر صاحب هن کي سواليه نظرن سان ڏٺو ۽ پوءِ چيو،“ ها پٽ! ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي؟“

”سائين!.... هُو....“ ساجد جي  سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ڳالهه ڪٿان شروع ڪري.

”ڳالهاءِ پٽ! گهٻراءِ نه، خود اعتمادي پيدا ڪر پنهنجي اندر.“ هيڊ ماستر صاحب نرم لهجي ۾ چيو.

هن جي حملي سان پنهنجي اندر اوچتو تبديلي محسوس ڪئي. پوءِ هن مضبوط لهجي ۾ چيو: ”مان چاهيان ٿو ته سڀاڻي بابا کي ڪلفيون وڪڻڻ کان روڪي ڇڏيو.“

”ڇا...؟ هيڊ ماستر حيران ٿي ويو، تنهنجي پيءُ کي ڪلفيون وڪڻڻ کان روڪي ڇڏيان، پر ڇو...؟“

”ٻارو! هيءَ ڳالهه چڱيءَ طرح ياد رکو ته اسان جي پياري رسول ﷺ جن فرمايو آهي ته حرام مال سان پرورش پائڻ وارو جسم جنت ۾ نه وڃي سگهندو، ان جي لاءِ دوزخ جي باهه ئي بهتر آهي.“

”دوزخ!“ ساجد کان ڇرڪ نڪري ويو،“ ڪيتري نه تڪليف واري جاءِ هوندي دوزخ.“ هن جي نظرن جي سامهون باهه جا وڏا وڏا ڀَڀڙَ رقص ڪرڻ لڳا.

”نه، نه! ساجد گهٻرائي ويو،“ مان دوزخ ۾ وڃڻ نه ٿو چاهيان پر مان ڇا ڪيان؟ مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مان بابا کي ڪيئن روڪيان ته هو ڪلفيون نه ٺاهي؟ ڇا هو منهنجو چيو مڃيندو؟ مون کي هن کان خوف به ته ٿيندو آهي.“

هُو ڪجهه سوچي اُٿيو، ڪمري مان ٻاهر نڪتو ۽ غسل خاني جي طرف وڃڻ لڳو. هن جو پيءُ ڪلفيون ٺاهي رهيو هو. هن جي ماءُ هن کي ڏسي چيو،“ پٽ! کنڊ صفا ختم ٿي وئي آهي، تون اٿيو به آهين ته وڃي وٺي اچ.“

”ها! امان.“ ساجد ائين چئي غسل خاني ۾ ويو. واندو ٿي هن پنهنجي ماءُ کان پئسا ورتا ۽ گهر کان ٻاهر نڪري آيو. هن جو رُخ دڪان طرف نه پر اسڪول جي طرف هو. اسڪول جي ويجهو پهچي هُو هڪ گهر جي دروازي وٽ رُڪجي ويو. ڏڪندي هن گهنٽيءَ جي بٽڻ تي آڱر رکي. ڪجهه گهڙين کان پوءِ دروازو کليو، دروازو کولڻ وارو هيڊ ماستر هيو. هن ساجد کي ڏسي حيرانيءَ مان پڇيو،“ ساجد پٽ! تون! هن وقت، خيريت ته آهي؟“

”ان ڪري جو اڄ بابا جيڪي ڪلفيون ٺاهيون آهن انهن ۾ خراب کير استعمال ٿيو آهي.“

”توکي پَڪ آهي پٽ...؟ ”هيڊ ماستر پڇيو.

”جي ها! سائين، مون کي پڪ آهي ته کير خراب ٿي ويو هو، پر بابا ان ۾ ڪجهه تازو کير ملائي ڪلفيون ٺاهيون آهن.“

هيڊ ماستر صاحب جي چهري تي گِهري سنجيدگيءَ ڇانئجي وئي. هو ڪجهه دير تائين ساجد جي طرف ڏسندو رهيو، پوءِ هن پڇيو، ”مان سخت حيران آهيان ته تون پنهنجي پيءُ جي شڪايت کڻي بي خوف مون وٽ آيو آهين. ڇا تون ٻڌائي سگهين ٿو ته ائين ڇو ڪيو...؟؟“

توهان وٽ اچڻ کان اڳ مان خود به پريشان هيس ۽ دير تائين سوچيندو رهيس. ساجد چوڻ شروع ڪيو،“ پوءِ مون کي خيال آيو ته هڪ خراب کير مان ٺهيل ڪلفين جي ڪمائي ناجائز ٿيندي، ٻيو ته ڪلفيون کائي ڪوئي ٻار مري پيو ته... ان ٻار جي پيءُ جو حال ڇا ٿيندو...؟ سائين! سڀاڻي توهان بابا کي روڪجو نه ته... نه ته... ”ساجد جي اکين ۾ ڳوڙها تَري آيا.

”صبر ڪر پٽ! تون ڪوبه فڪر نه ڪر انشاءالله سڀاڻي خراب ڪلفيون ڪونه وڪامنديون. بس! هاڻي تون وڃ.“

ساجد، هيڊ ماستر صاحب کان موڪلائي، هن جي گهر کان ٻاهر نڪري آيو، رستي ۾ هن هڪ دڪان تان کنڊ خريد ڪئي ۽ پنهنجي گهر آيو ته هن جي ماءُ انتظار ڪري رهي هئي.

”ايتري دير ڪيئي؟ تنهنجي اها عادت خراب آ ته رستي ۾ ڪوئي دوست ملي ويو ته اتي ئي بيهي وئين.“

”ساجد، ڪوئي به جواب نه ڏنو ۽ کنڊ جي ٿيلهي ماءُ کي ڏئي وڃي، پنهنجي بستري تي ليٽي پيو، ڪافي دير تائين هن جي ذهن ۾ خيالن جي جنگ ٿيندي رهي ۽ هو اچڻ واري سڀاڻي جي متعلق سوچيندو رهيو، آخر سوچيندي سوچيندي هن کي ننڊ اچي وئي.

صبح جو سوير هُو ننڊ مان اٿيو. اَذان اچي رهي هئي، وضوع ڪري هن فجر جي نماز ادا ڪئي ۽ دعا گُهري ته، ”الله سائين! اسان کي هميشہ هلال رزق ڏي ۽ ان ۾ برڪت ڏي ۽ اسان سڀني جي حفاظت ڪر. اي منهنجا رب! سڀني کي خراب ڪلفين کان بچائجانءِ.

تيار ٿي هن جلدي ماني کاڌي ۽ اسڪول پهچي ويو. ساجد جي اسڪول پهچڻ کان ٿوري دير پوءِ، هن جو پيءُ به ڪلفين جي ريڙهي ڪاهي اسڪول آيو. ان ئي وقت اسڪول جي پٽيوالي هن کي چيو، ”توهان کي هيڊ ماستر صاحب سڏي رهيو آهي.“

”ها! اچان ٿو.“ ساجد جو پيءُ ريڙهي، اتي ئي ڇڏي اندر هليو ويو، هيڊماستر صاحب پنهنجي آفيس ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو هو ۽ هي به آيو ته هن کي به ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين جڏهن ساجد جو پيءُ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو ته هيڊ ماستر صاحب چيو، ”مان توهان کي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ گُهرايو آهي.“

”پر ڪهڙي ڳالهه جي مبارڪ سائين؟“ ساجد جي پيءُ حيران ٿيندي چيو.

”ان ڳالهه جي مبارڪ ته الله پاڪ توهان کي ايترو پيارو، سعادتمند ۽ ايماندار پٽ عطا ڪيو آهي.“

”جي... سائين...“ ساجد جو پيءُ اڃا به ڪجهه نه سمجهي سگهيو هو.

”مان وڌيڪ ڪجهه چئي توهان کي شرمندو ڪرڻ نه ٿو چاهيان. صرف توهان کي هي اطلاع ڏيڻو آهي ته اڄ توهان منهنجي اسڪول ۾ ڪلفيون وڪڻي نه ٿا سگهو. ”ساجد جي پيءُ ڪجهه چوڻ لاءِ وات کوليو ته هيڊ ماستر صاحب هٿ جي اشاري سان هن کي روڪيو ۽ چيو، ”مون کي توهان جي پٽ ساجد تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. شل خدا پاڪ هن جي ڄمار وڏي ڪري مان هن کي انعام ڏيڻ چاهيان ٿو.“ اهو چئي هن گهنٽي وڄائي پٽيوالي کي گهرايو ۽ ساجد کي ڪلاس مان سڏي اچڻ جو چيائين.

چند گهڙين کان پوءِ ساجد، هيڊ ماستر صاحب جي آفيس جي دروازي وٽ موجود هو. هن جي چهري مان ظاهر هيو ته هُو گهٻرايل آهي.

”اچ پٽ ساجد!“ هيڊ ماستر صاحب چيو،“ اندر اچ مان توکي صرف هي ڏيڻ لاءِ گهرايو آهي.“ هن هڪ لفافو ساجد جي طرف وڌايو، ”هن ۾ ٽي سئو روپيا پيا آهن، اها ڪا خيرات ناهي، پر تنهنجو انعام آهي ۽ اصل انعام ۽ اَجُر توکي خدا پاڪ ڏيندو. تو اڄ ڪيترن ئي ٻارن جي جان خطري ۾ پوڻ کان بچائي آهي. مون کي خبر آهي ته توهان جي گهر جون مالي حالتون خراب آهن، پر تنهن هوندي به تون ٿوري فائدي جي خاطر بي ايمانيءَ کي پسند نه ڪيو ۽ ان معاملي ۾ پنهنجي پيءُ جي پرواهه نه ڪئي. مان توکي سلام ٿو ڪريان پٽ! ۽ اميد ٿوڪريان ته تون هميشہ سچائيءَ جو ساٿ ڏيندو ايندين.“

”مون کي معاف ڪيو سائين!“

ساجد جو پيءُ سڏڪن ۾ پئجي ويو.“ مان وساري ڇڏيو هو ته رزق ڏيڻ واري ذات صرف الله تعاليٰ جي آهي.“

ڪمري ۾ خاموشي ڇانئجي وئي. ساجد جي اکين ۾ ڳوڙها هئا... شايد خوشيءَ جا ڳوڙها!!

تبصرو

لفظن جا رانديڪا

ذوالفقار سيال اهو شاعر آهي، جيڪو ٻارڙن کي پرڀائڻ لاءِ انهن کي شاعري ۾ سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌائي ٿو. ذوالفقار انهن اديبن مان نه آهي جن شروع واري دؤر ۾ ته ٻاراڻي ادب کان شروعات ڪئي، پر پوءِ چيائون ته هاڻ اسان ٻارن لاءِ نه ٿا لکي سگهون، سبب شايد اهو آهي ته ٻاراڻي ادب تخليق ڪرڻ وقت کين اها شهرت نه ٿي ملي، جيڪا هونئن ملين ٿي.

ذوالفقار سيال نه رڳو ٻارن لاءِ لکيو آهي پر ٻاراڻي شاعري کي مجموعي جي صورت ۾ پڻ ڇپرايو آهي. تڏهن ته نورالهدا شاهه چوي ٿي ”مان ذوالفقار سيال جا نظم پڙهان ٿي ته مون کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته هو ٻارن کي ڀاڪرن ۾ ڀري هلڻ ٿو چاهي، ٻار بنجي خواب ٿو گيتن ۾ ڀري ۽ ائين ڪرڻ ۾ هو سڦل به ويو آهي.

مان سوچيان ٿي.

مان ٻار هجان ها، ننڍڙي پتڪڙي،

اٺن نون سالن جي،

ذوالفقار سيال ايترو ئي هجي ها، ٻاراڻا گيت لکندڙ شاعر، مان هر ڀيري

اقبال ۽ صوفي غلام مصطفيٰ جا نظم، پڙهڻ بدران سندس گيت پڙهان ها.“

لفظن جا رانديڪا مجموعي جي قيمت صرف ست رپيا آهي ۽ هر بڪ اسٽال تي ملي سگهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com