سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل/ مئي 1992ع

باب: --

صفحو :3

مرزا قليچ بيگ

ماءُ پيءُ جي خدمت

ادب ماءُ ۽ پيءُ جو آهي ضرور،

ڪجي ڪونه هرگز انهيءَ ۾ قصور.

 

نه هو عقل يا زور تو ۾ جڏهن

لڌي سار تنهنجي انهن ٿي تڏهن.

 

رهيو رات ڏينهن تن کي ٿي هي خيال،

سدا خوش اسان جو رهي نونهال.

 

هو تڪليف سڀ پاڻ سهندا رهيا،

ڏکن ۾ تنهنجي سار لهندا رهيا.

 

ڏسي توکي ڏک ۾، ٿيا هو ڏکي،

سکيو توکي ڏسندي، ٿيا هو سکي.

 

چون جيڪي توکي ائين ڪر ابا،

ته توسان رهن خوش ۽ راضي سدا.

سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو

دلير دَرزي

ڪنهن زماني ۾ هڪڙو درزي هو جيڪو قد جو ڏاڍو بندرو هو. سندس خواهش هوندي هئي ته هو جيڪر پنهنجي اصلي قد کان ٻيڻو ٿي وڃي. رات ڏينهن گَهرَ جي دريءَ وٽ ويهي پيو ڪپڙآ به سبندو هو ته پنهنجي قد متعلق به پيو سوچيندو هو، ته ڪهڙي ريت سندس قد ديو قامت جيڏو ٿي وڃي.

هڪ ڏينهن صبح جو پنهنجو ڪم ڪري ساهي پٽي رهيو هو ته هن هڪ هارياڻي عورت ڏٺي جيڪا مُربو وڪڻي رهي هئي.

”او مائي“ هن رڙ ڪري چيو؛ مون کي ڏهين روپئين جو مربو ته ڏي“ عورت کيس ڏهين روپئي جو مربو ڏنو؛ هن جهٽ پٽ اَهو مربو پنهنجي مانيءَ تي هاريو ان خوشبودار مربي جي سڳنڌ تي ڪنيون مکيون ڀون ڀون ڪنديون آيون. هن بندري همراه گهڻيئي شو سُو ڪئي پر مکيون جهڙيون ڇتيون ٿي پيون. هن به ڪاوڙ مان ڪو ڪپڙي جو ٽڪرو کڻي گهمائي ڦيرائي هڻي هڪ ئي ڌڪ سان ست مکيون ماري وڌيون.

هن بندري ماڻهو وڏي فخر سان ستن مئل مکين ڏانهن بهادريءَ سان نهاريو؛ ست مکيون هڪ ئي ڌڪ سان ”هن آڪڙ مان چيو. دنيا کي هيءَ خبر ضرور پوڻ گهرجي ته مون ست مکيون ماريون آهن هن سوچيو.

پوءِ هن ڇا ڪيو جو هڪ ڪپڙي ٽڪر ڪتري اِن تي چمڪندڙ ڳاڙهي رنگ جي سڳن سان مڙهي لکيائين ”ست مار“

ان وقت هو ملڪ جي بادشاهه جو وڳو سبي رهيو هو تنهنکي اڌ ۾ ڇڏي کاڌي واري ڪٻٽ ڏانهن ويو ته جيئن بخت آزمائيءَ لاءِ وڃڻ کان اڳ ڪو چڱو چوکو کائي سگهي.

پر افسوس جو ڪٻٽ ۾ فقط هڪ مائي جو ٽڪرو پيو هو. اهو مائي ٽڪر کڻي پنهنجي کيسي ۾ رکيائين پوءِ اهو ڪپڙي ٽڪر جنهن تي ”هن ست مار“ اکر لکيا هئا سو قميص جي پٺئين پاسي چنبڙائي ٽپ ڏئي در مان نڪري بازار ڏانهن هليو ويو.

اهو بندرو درزي هلندي ويو تان جو وڃي هڪ شاهي رستي تي پهتو ۽ اهو رستو وٺي اڳتي هلندو رهيو. هن ڏٺو ته هڪ جهرڪي ٻوڙي ۾ ڦاٿي پئي آهي، هن ڇا ڪيو جو ڊوڙي وڃي ان کي ڇڏايائين ته جيئن اها بي زبان کيس دعائون ڪري.

”مان توکي کنيون ٿو هلان“ هن جهرڪيءَ کي چيو“، تون منهنجي کيسي ۾ سکي ۽ آرام سان رهندين.“

هو ان رستي سان هلندو ويو. اهو رستو هڪ گهاٽي جهنگ مان ٿي ويو، تنهن کان پوءِ هڪ ٽَڪري آئي ۽ ان کان پوءِ هڪ وڏو جبل کيس نظر آيو. پر هو ڊنو ڪونه پوءِ هڪ وڏي جبل تي چڙهندو ويو جڏهن هو چوٽيءَ تي پهتو ته هن ڏٺو ته هڪ لسي گول مول پٿر تي هڪ جادوگر ويٺو هو. جادوگر جيڪڏهن ويٺل نه هجي ها ته هن بندري ماڻهوءَ کي ڏسي ڪونه سگهي هان. جڏهن هنجي مٿس نظر پئي ته هن گجگوڙ ڪري چيو، هتان هيٺ لهي وڃ، ڇا ٿو چاهين“؟

ست مار درزي جادوگر جي ڀؤ کان ڊنو ڪونه، هن ڏانهن نهاريندي مرڪي چيائين ته دوست خوش آهين نه مان دنيا ۾ پنهنجي بخت آزمائيءَ لاءِ نڪتو آهيان. جيڪڏهن تون به مون سان سنگت ڪري هلين ته وهه واهه.

اهو ٻڌي جادوگر وٺي ٽهڪ ڏنا. پوءِ هن گجگوڙ ڪري کيس چيو ته ”تون..... تون تِڏا توکي مون سان ائين ڳالهائڻ جي جرئت ڪيئن ٿي.

مان توکي اِهو ڏيکاريندس ته مان جُرئت ڇو ڪئي. ائين چئي هن پٺي ڏني ته جادوگر ڪپڙي ٽڪر تي لکيل اکر پڙهي سگهي.

”ست هڪ ئي ڌڪ سان“ جادوگر، ننڍڙي ماڻهوءَ ڏانهن ڏسي اچرج ڪندي چيو. هن سوچيو هن ننڍڙي بندري ماڻهوءَ ست ماڻهو هڪ ئي ڌڪ سان ماري ڇڏيا آهن، ها اهو صحيح آهي ”ست هڪ ئي ڌڪ سان“ درزي چيو.

پوءِ اچ ته مقابلو ڪريون ته خبر پئي ته اسان مان ڪير وڌيڪ طاقتور آهي. جادوگر چيو پوءِ هن وڏو پٿر هٿ ۾ کڻي جو ان کي زور ڏنو ته منجهائنس پاڻي ٽمڻ لڳو.

”اها ته سولي ڳالهه آهي، درزي چيو. هن وري ڇا ڪيو جو پاروٿو مائي ٽڪر جيڪو سندس کيسي ۾ رجي ذري گهٽ گپ جهڙو ٿي ويو هو تنهن کي مٺ ۾ ڪري کڻي جو زور ڏنائين ته منجهائنس اڇي کير جهڙي ڪا شيءِ لار ڪري وهڻ لڳي.

جادوگر بيوقوف هو سو لاجواب ٿي پنهنجو مٿو کنهڻ لڳو. پوءِ هڪدم هن هڪ ٻيو پٿر کڻي ڏاڍي زور سان مٿي اڇلايو. اهو ايترو ته مٿي ويو جو درزيءَ پنجاهه تائين ڳڻيو تڏهن وڃي مس هيٺ ڪريو.

”خير تنهن تي درزي چيس ته تنهنجو اڇلايل پٿر هيٺ ته ڪريو، پر جڏهن مان اڇلائيندس ته تون وري ان کي ڏسي ئي ڪونه سگهندين.“

پوءِ هن ڇا ڪيو جو کيسي وارو پکي ڪڍي ٻاهر کڻي مٿي اڇلايو. پکيءَ کي آزادي ملي. سو خوشي مان کڻي آسمان ۾ اکيون وڌائين، تان جو نظر کان گم ٿي ويو.

”ننڍڙا ماڻهو تون ڪو ڏاڍو ڏکيو آهين“ جادوگر چيو.“ اچ ته ڀلا ان وڏي بڙ جي وڻ کي مٿي کڻي زور آزمائي ڪريون، جيڪو هُتڙي هيٺ ڪريو پيو آهي.“

ها، ها درزيءَ چيو، تون کڻ ڪلهي تي ٿڙ ته مان کڻا ٽاريون. مون تي، وڌيڪ بار هوندو.“

جادوگر ان ڳوري بڙ جي ٿڙ کي مٿي کڻي ڪنجهڻ لڳو. درزي ڏٺو ته هاڻي ڇا ڪجي سو ٽپ ڏئي بڙ جي ٽارين تي چڙهي انهن ۾ لڪي ويو. جادوگر سهڪڻ لڳو ۽ چيائين ته هاڻي مان وڻ کي هيٺ اڇليان ٿو.

”مان به لامن کي هيٺ اڇليان ٿو.“ درزيءَ چيو هو وڻ اڇلڻ کان اڳ هيٺ لهي بيٺو.

سهڪندي سهڪندي جادوگر درزيءَ ڏانهن نهاريو جيڪو آرام سان کلي رهيو هو نه ته کيس ٿڪ هو ۽ نه وري سهڪو ۽ نه وري ڪا پگهر جي بوند سندس مُنهن تي هئي.

مان تنهنجي طاقت کي مڃيان ٿو، توکي مان پنهنجن ٻن ڀائرن سان ملائيندس هن درزيءَ کي چيو.

”اها ته خوشي جي ڳالهه آهي ان کان وڌيڪ خوشيءَ جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿيندي“ درزيءَ کيس چيو.

ٽيئي جادوگر هڪ غار ۾ رهندا هئا. درزي اڳ ڪڏهن غار ڪانه ڏٺي هئي، تنهن ڪري هن سمجهيو ته ڪو وڏو محلات آهي. هن دوستاني نموني انهن ٻنهي جادوگرن ڏانهن ڏٺو يڪي باهه جي مچ جي چوڌاري هڪ هڪ پڪل رڍ هٿ ۾ کنيو کائي رهيا هئا.

”هيءُ ڪير آهي“؟ جادوگرن درزي کي ڏسي چيو.

”هيءُ منهنجو دوست آهي. هن کي ڪجهه کائڻ لاءِ ڏيو ۽ رات ٽڪڻ لاءِ جاءِ به“

سو درزي کي اوترو پڪل رڍ جي گوشت جو ٽڪر ڏنائون جيترو درزي پاڻ هو. فقط چار چڪ هنيائين ته ڍؤ ٿي ويس ننڍي جادوگر وٺي وڃي کيس ڪمري ۾ سمهاريو، جڏهن هن پنهنجي ڀائرن کي طاقت آزمائي ۾ پنهنجي هارائڻ جي ڳالهه ٻڌائي ته ننڍي رڙ ڪري چيو ته ننڍڙي تڏڙي کي دنيا ۾ وڏي طاقتور هئڻ جي ٻٽاڪ هئڻ لاءِ جيئرو ڪونه ڇڏينداسون اڄ رات ئي سندس خاتمو آڻينداسون، هيڪر ننڊ پئي، جڏهن هُو ننڊ ۾ پئجي ويو ته ننڍي جادوگر اٿي سندس بستري تي خوب ٺونشا هنيا، پوءِ هن سمجهيو ته هينئر هُو مري ويو هوندو، هُو جڏهن صبح جو اٿيا ته ڇا ڏسن ته اهو پتڪڙو درزي ميز وٽ ويٺو آهي.

مون کي يقين آهي ته توهان آرام سان ننڊ ڪئي هوندي ۽ مان به ڏاڍي فرحت سان ننڊ ڪئي آهي پتڪڙي ماڻهوءَ چيو، واقعي درزي ڏاڍي آرام سان سمهيو هو هُو ان بستري تي ڪونه ستو هو پر، جنهن وقت جادوگار باه جي چوڌاري سرٻاٽن ۾ مشغول هئا ته هو کسڪي هليو ويو ۽ غار جي تمام اونداهيءَ ڪنڊ ۾ رڇ جي کل ۾ وڃي ستو هو.

اهي ديوَ کيس جيئرو ۽ خوش خرم ڏسي اچرج جي بدران ڊڄي ويا. پوءِ ڊپ ۾ غار مان نڪري گجگوڙون ڪندا هيٺ ڀڄي ويا.

درزي نيرن ڪري پنهنجي سفر تي روانو ٿي ويو. هلندي هلندي اچي هڪ محلات ۾ پهتو. اتي ڏاڍي ٿڌڪار هئي، سو ڪوٽ جا ٻيڙا لاهي آرام سان سائي گاهه تي سمهي پيو جلدئي کيس ننڊ کڻي وئي. اتفاق سان هڪ وزير اچي اتان لنگهيو ته سندس ڪپڙن تي ”ست مار“ جا لفظ پڙهي هن سوچيو ته، پڪ ئي پڪ کيس فوج ۾ وڏو عهدو ڏيندو. وزير اچي بادشاهه کي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي .اسان کي ته اهڙي ماڻهوءَ جي ڏاڍي گهرجي آهي.“ بادشاهه وزير جي ڳالهه ٻڌي چيو“ کيس هن وقت ئي فوج ۾ وڏو عهدو ڏنو وڃي.

پوءِ هن ننڍڙي درزي کي فوج ۾ هڪ وڏي عهدي تي رکيو ويو، جنهن سبب ٻيا وڏا فوجي جنرل ۽ ڪرنل ناراض ٿيا.

”اسان هن بندري ماڻهو جي زيردستي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسون، هڪ هفتي گذرڻ کان پوءِ هنن بادشاهه کي چيو، هي صحيح معنيٰ ۾ ڪو فوجي ناهي.

بادشاهه سڌو سنئون درزيءَ کي چوڻ کان ڊنو پئي ۽ اهو به نه ٿي چاهيان ته فوج ڪنهن جنرل ۽ ڪرنل کانسواءِ هجي. سو بادشاهه کي هڪ ڳالهه سجهي آئي ۽ درزيءَ کي گهرائي چيائين ته اسان جي بادشاهي ٻن ديوَن کان خطري ۾ آهي. هڪ آهي ڳارهو مٿو ۽ ٻيو ڪارَ مٿو ديوَ اسان جي خواهش آهي ته کين ماري ختم ڪري اسان جي بادشاهي کي هن ظلم کان بچايو وڃي. جيڪڏهن تون انهن ظالمن مان جان ڇڏائين ته اسان ۽ اسان جي رعايا گهڻو خوش ٿيندي.

”اهو ته مان خوشيءَ سان ڪندس، پَر پوءِ منهنجو انعام ڇا هوندو“ درزيءَ چيو.

”مان تنهنجي، پنهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرائيندس“ بادشاهه چيو ڇاڪاڻ ته بادشاهه کي پڪ هئي ته ديوَ کيس ماري ختم ڪري ڇڏيندا.

”مون کي قبول آهي“ درزي چيو.

هن ۾ وڏي همت پيدا ٿي چڪي هئي، هلندي هلندي هو اچي ان وڻ وٽ پهتو جنهن جي هيٺان اهي ديوَ رهندا هئا. چپ چپات ۾ وڻ تي چڙهي ويو. پوءِ ٽارين تان سرڪندو هيٺ لٿو هن پنهنجي ڪوٽ جي کيسي مان پٿر ڪڍيا ۽ ٺڪاءُ ڪڍايائين ڳاڙهه- مٿي ديوَ کي جو وڃي کيس نڪ ۾ لڳو.

ڳاڙهه- مٿي ديوَ جو اکيون کوليون نڪ کي مهٽيو ۽ پنهنجي ساٿيءَ ڏانهن ڪاوڙ مان ڏٺائين ”اهڙو ڀوڳ مون کي؛ نه وڻندو آهي“ هن گجگوڙ ڪري چيو،“ مهرباني ڪري اها مسخري ڇڏي ڏي، سندس ساٿي ننڊ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”ڇا ڳالهه آهي، مڙئي خير آهي“ چئي وري ننڊ ۾ کونگهرا هئڻ لڳو.

هن وري ڪار مٿي ديوَ تي پٿر وسايا ته هُو جاڳي پيو ”اڙي تو ته منهنجون اکيون ڪڍي رکيون“ هن گجگوڙ ڪندي چيو، ”پنهنجي اها گندي راند بند ڪر.“

”ادلي جو بدلو“ ڳارهه مٿي رڙ ڪري چيو. درزي اڃا ڪجهه ٻيو ڪري تنهن کان اڳ ٻئي ديوَ هڪ ٻئي کي ڳٿڙ کان جهلي بيهي رهيا. ننڍڙو درزي وڻ ۾ لِڪو ٻنهي جي ويڙهاند ڏسي رهيو هو. پهريون هنن مڪن سان مارا ماري ڪئي، پوءِ وڻ جون ڏانگون کڻي هڪ ٻئي تي آهوڙا لائي ڏنائون. اُهي ڏاڍو وڙهيا ۽ گهڻو وقت وڙهندا رهيا تان جو هڪ ٻئي کي هڻي ماري ختم ڪري ڇڏيائون.

جڏهن درزيءَ ڏٺو ته ديوَ مري چڪا آهن، ته هن وڻ تان هيٺ ٽپ ڏنو ۽ بادشاهه کي ٻڌائڻ لاءِ محلات ڏانهن ڊوڙيو، محلات ۾ پهچي هن بادشاهه سلامت کي ٻڌايو ته هن ديوَن جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي واعدي موجب شهزاديءَ جي ساڻس شادي ڪرائي وڃي، بادشاهه پنهنجي ڪاوڙ ۾ اچرج لِڪائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر کيس هر حالت ۾ واعدو پورو ڪرڻو هو ٻئي ڏينهن تي ان بندري درزيءَ جي شهزاديءَ سان شادي ٿي وئي.

اهو شاديءَ وارو سڄو ڏينهن ته هن ڏاڍو خوش گذاريو. پر رات هن پنهنجي دڪان متعلق هڪ خواب ڏٺو ۽ ننڊ ۾ ڏاڍيان وڦلڻ لڳو، “مون کي ماپ وارو وال کڻي ڏيو، واسڪوٽي ضروري پوري ڪندس.“ اهي لفظ سندس سهڻيءَ ڪنوار ٻڌي ورتا هوءَ بستري مان اٿي پنهنجي پيءُ بادشاهه ڏانهن ڊوڙي.

”مون کي يقين آهي ته اهو پتڪڙو ماڻهو هڪ عام قسم جو درزي آهي“ هن پنهنجي پيءُ کي روئندي ٻڌايو.

بادشاهه کيس يقين ڏياريو ته“ سڀاڻي رات اوهان جي شاهي بستري جي چؤطرف پهرو بيهاريو ويندو. ”هن پنهنجي ڌيءَ کي چيو، سندس ننڊ جي وُلڻ وارو هر لفظ مون کي اچي ٻڌائيندا.“

پر چالاڪ درزي سمجهي ويو ته سندس ڪنوار اوچتو بسترو ڇڏي هلي ڇو وئي ۽ کيس سندس ڏٺل خواب به چٽيءَ طرح ياد اچي ويو. ٻئي رات ننڊ جو گهيگهه ڪري هن خواب لهڻ جو مڪر ڪيو. اهو ماپ ڪرڻ لاءِ وارو وال کڻي منهنجي واسڪوٽي ڇو نه سبي پوري ڪئي اٿئي، توکي خبر نه آهي ته مان هڪ ڌڪ سان ست ماريا آهن؛ اهو ٻڌي بادشاهه جا نوڪر جيڪي شاهي بستري جي چوڌاري پهري تي بيٺل هئا ڊڄي وٺي ڀڳا ۽ سندس ڪنوار هن جي وارن تي آڱريون ڦيريندي کيس چيو ته؛ ”تون منهنجو سورمون آهين“ اهڙيءَ ريت لاءِ سڀ خير ٿي ويو. جڏهن بادشاهه مري ويو ته کيس بادشاهه بڻايو ويو. ور ڪنهن بني بشر کي اها ڪل ڪانه هئي ته جيڪي هن ست شيون ماريون هيون سي مکيون هيون، پر همت ۽ اٽڪل سان مکين مار هڪ ڏينهن بادشاهه بڻجي ويو.

ترجمو: مسز مختيار ڏوگر

ذهانت ۽ دولت

پراڻي زماني جو ذڪر آهي ته فارس ملڪ تي هڪ رحم دل بادشاهه حڪومت ڪندو هو. بادشاهه تمام گهڻو سخي ۽ رعايا جو دل ۾ درد رکڻ وارو هو، ليڪن کيس پٽ جو اولاد ڪونه هو. بادشاهه سلامت کي صرف هڪ ڌيءَ هئي. بادشاهه سلامت پنهنجي ڌيءَ کي علم جي زيور سان مالا مال ڪيو هو. شهزادي تمام گهڻي سهڻي هئي، سندس سونهن سوڀيا ۽ علم جي واکاڻ ملڪان ملڪ مشهور هئي. شهزاديءَ جو نالو دلارام هو. هوءَ تمام گهڻي ذهين هئي. شهزادي دلارام سان شادي ڪرڻ لاءِ هرهڪ خواهان هو. ليڪن شاديءَ جي لاءِ شهزادي دلارام ٽي شرط مقرر ڪيا هئا. جيڪو به شخص اِهي ٽي شرط پورا ڪندو ان سان وعدي مطابق سندس شادي ٿيندي. اُهي شرط هي هئا. (1) شهزادي لاءِ دنيا جي قيمتي کان قيمتي شيءِ آندي وڃي (2) شهزاديءَ لاءِ دنيا جو قيمتي کان قيمتي لباس آندو وڃي. (3) شهزادي جي ڪاري ۽ بدصورت ٻانهيءَ کي خوبصورت بڻايو وڃي.

ڪيترائي امير، ڪبير، شهزادا، شهزاديءَ لاءِ دنيا جون قيمتي کان قيمتي شيون لال جواهر هيرا، موتي کڻي آيا، ليڪن شهزادي چيو ته هي منهنجون شرطون پوريون نه ڪيون اٿائون، ان ڪري مان هن مان ڪنهن سان به شادي نٿي ڪري سگهان. اهڙيءَ طرح سان ڪافي عرصو گذري ويو. ڪيترائي شهزادا ۽ ٻيا ماڻهو واپس موٽي ويا پر شرط پوري ڪري نه سگهيا. انهيءَ ملڪ ۾ هڪ غريب هاريءَ کي هڪ عقل مند ۽ ذهين پٽ هو. هاري پنهنجيءَ غربت ۾ به پٽ کي تعليم جي زيور سان روشناس ڪرايو هو.

ان غريب هاريءَ جي پٽ جو نالو سڪندر هو. سڪندر کي جڏهن شهزادي جي شادي لاءِ شرطن جي خبر پئي، پنهنجي قسمت آزمائي لاءِ الله تي توڪل ڪري محلات جو رخ ڪيائين.

جڏهن شهزاديءَ وٽ آيو تڏهن کيس ساڳيا ئي شرط ٻڌايا ويا. سڪندر واپس گهر اچي سوچڻ لڳو ته آخر اهو ڪهڙو قيمتي لباس يا قيمتي شيءِ آهي. گهڻي سوچڻ بعد کيس انهن شرطن جا جواب ذهن ۾ آيا. محلات ڏانهن رخ ڪيائين. ٻن مهينن بعد سڪندر محلات ۾ شهزادي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته مان اوهان جي ٽنهي شرطن جا جواب ڳوليا آهن. پهرين شرط پوري ڪندي سڪندر چيو دنيا ۾ قيمتي شيءِ وقت آهي ڇو جو وقت دنيا جي ڪنهن به دولت سان خريد نٿو ڪري سگهجي ۽ اگر هي گذري وڃي ته وري واپس نه ايندو آهي. ان لاءِ اهو ضروري آهي ته وقت ڪڏهن به ضايع نه ڪجي. ان مان پورو پورو فائدو وٺجي. شهزادي دلارام چيو ته بلڪل صحيح. تو مون کي قيمتي وقت جو احساس ڏياريو آهي. مان تنهنجو جواب ٻڌي خوش ٿي آهيان. سڪندر ٻئي شرط کي پورو ڪندي هڪ سادو، سفيد ۽ گلابي رنگ جو وڳو شهزادي جي خدمت ۾ پيش ڪيو ۽ چيو ته شهزادي صاحبه سادگي دنيا جو بهترين لباس آهي جو حُسن سادگي ۾ آهي. اُهو بناوٽ ۾ نه آهي. اسان جو پيارو نبي حضرت محمد صه هميشہ صاف ساده لباس پائيندو هو. اِهو ٻڌي شهزادي دلارام ڏاڍي خوش ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com