سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل/ مئي 1992ع

باب: --

صفحو :2

سائين خدا بخش نه رڳو هڪ مثالي استاد هو، مگر ٻيون به ڪيتريون ئي خوبيون هن ۾ موجود هيون. صوم و صلواه جو پابند، خوش آواز مؤذن (مسجد جي منبر تي ٻانگ چوندڙ) سهڻو راڳي، سڀ کي وڻندڙ نعت خوان ۽ سماج سڌارڪ توڙي قومي خدمت گار، نه سني نه شيعو نه ديوبندي نه بريلوي. بس هڪ اڇو اجرو انسان. آئيني جيان صاف سٿرو.

سائين خدا بخش نه رڳو پنهنجي ڪلاس کي پر سڄي اسڪول جي سڀني ڪلاسن کيرنگين تصويرن، تعليمي چارٽن ۽ نقشن سان سينگارڻ جو وڏو شوقين هو.

اسڪول جي عمارت سائينءَ کي پنهنجي گهر کان به وڌيڪ پياري هئي، ان ۾ ڄڻ ته سندس ساهه سمايل هو.

تعليمي عملدار انهيءَ دور ۾ ڪن وڏن اسڪولن ۾ علمي ۽ ادبي ڪانفرنسون ڪوٺائيندا هئا، ته سائين پيش پيش هوندو هو. اتي پنهنجي ڏات، ڏاهپ ۽ ڏانءَ جا ڏيئا ٻاري ڇڏيندو هو.

سندس هوشياريءَ ۽ تجربيڪاريءَ جا داستان هر محفل جو سينگار هوندا هئا.

ڪڙمي ڪاراوا، منشي مَڙا ۽ ڪي ٻيا اڻ پڙهيل ۽ اٻوجهه ماڻهو پنهنجا ليکا ۽ چوکا ۽ مُنجهيل مسئلا سائين مرحوم وٽ اچي صاف ڪرائيندا هئا.

سائين وڏو پنهنجي زندگيءَ جا ڇٽيهه سال تعليم کاتي کي ڏئي ڌام ڌوم سان رٽائرڊ ٿيو.

هڪ الوداعي بيٺڪ ٿي اوسي پاسي ۽ اوري پري جي استادن، شاعرن ۽ مقررن اهڙيءَ سدا بهار شخصيت لاءِ شاندا عقيدت جا گل نڇاور ڪيا. وات مٺا ٿيا. مگر اسڪول جي عمارت خاموشيءَ ۽ صبر سان پنهنجي محسن لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندي پئي رهي.

اها حالت ماڻهن ته محسوس نه پئي ڪئي مگر خدا کان اهو راز لڪل نه هو.

سائين خدا بخش پنهنجي سموري نوڪري وڏي اعتماد ۽ اڪير سان پوري ڪئي. اسڪول ڏي وڃڻ ۽ اچڻ ۾ هن هڪ گهڙيءَ جي غفلت نه ڪئي. نيڪيءَ جي راهه تان هَلندي هن ڀُلجي به ڪڏهن ٿڪاوٽ محسوس نه ڪئي.

سائينءَ مرحوم وقت جي عملدارن جي بي جا خوشامد ۽ جي حضور نه ڪئي. هن کي پنهنجي ايمانداريءَ تي ناز هو.

”مرزا پور“ جو خوبصورت شهر اڄ به لکي غلام شاهه ۽ مديجيءَ جي وچ ۾ موجود آهي. مگر سائين خدا بخش موجود ڪونهي. مگر هن جون ڳالهيون، هن جا ڳڻ، هن جا چرچا ۽ گهٻا هن جون ڪيل تقريرون ته زنده آهن!

پٽيوالي کان سيشن جج تائين عهديدار اڄ به سنڌ ۾ موجود آهن. جيڪي سائينءَ مرحوم جي نوازشن ۽ مهربانين جا مداح آهن. تاريخ 14- آگسٽ سنه 1990ع اڱاري جي ڏينهن پنجين بجي شام اهڙو سٻاجهو ۽ سياڻو انسان هن دنيا کي ڇڏي اوڏانهن روانو ٿي ويو؛ جتان ڪوبه واپس نٿو وري.

تازو مرزاپور جي باشعور نوجوانن ”استاد خدا بخش خان جوڻيجو“ جي حوالي سان ون وڊي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪوٺائي هڪ محبِ وطن ۽ ماهر- تعليم جي نالي کي ياد ڪيو.

قاضي عطا محمد

نظم

رکو علم سان دوستي ٻارڙو،

سنواريو سڄي زندگي ٻارڙو.

اها روشني علم جي ئي ته آ،

جا منزل تي پهچائي ٿي ٻارڙو.

کپائڻ سان هر شيء کٽي ٿي وڃي،

وڃي علم پر ٿو وڌي ٻارڙو.

پراون ۽ پنهنجن جي پهچان ۾،

ڪري علم ٿو رهبري ٻارڙو.

جتي علم پهچي وڃي ٿو اتان،

جهالت وڃي ٿي ڀڄي ٻارڙو.

ڏسو پيار جنهن به رکيو علم سان،

ملي تنهن کي آ هر خوشي ٻارڙو.

وڃو چين ڀل علم لئه جي وڃو،

آ فرمايو پياري نبي صه ٻارڙو.

رهي علم کان جو پري ٿو اهو،

نه آ، آدمي، آدمي ٻارڙو.

توهان جي سهاري وطن ئي ته آ،

سنڀاريو لکي ۽ پڙهي ٻارڙو.

نصيحت لکي آ توهان لئه عطا،

ڇڏيو پنهنجي دل تي لکي ٻارڙو.

ذوالفقار علي سهارڻ

گيت

مان ننڍڙو ٻار آهيان مائٽن کي پيارو،

هن ديس جو کلندڙ ٽلندڙ آهيان نظارو.

 

پڙهڻ ڪڙهڻ سان سمجهه وڌي ٿي،

تعليم سان منهنجو آهي پيار ٻارو.

 

پنهنجي وطن سان پيار آ مون کي،

اسان جو ديس ٻين کان نيارو.

 

سچ ڳالهائڻ آ منهنجي فطرت،

ڪوڙ ڳالهائڻ کان ڪيان ٿو ڪنارو.

 

سهارڻ سڀني ٻارن کي نصيحت ڪيان ٿو،

اوهين به وٺو علم جو ساٿ سهارو.

وزير گل

گيت

روز ڪڍن ٿا پارڙا

ساري ٿر جا ٻارڙا.

وڳو وٺي نه ڪو عيد تي پائن

ڏٿ چاڙهي ٿا گڏجي کائن

گرميون، چيٽ سيارڙا.

روز ڪڍن ٿا پارڙا

ساري ٿر جا ٻارڙا.

در در اٽي لپ گهرن ٿا

جيءَ ئي جيءَ ۾ جهڄن جهرن ٿا

ڪين ڪڇن ويچارڙا

روز ڪڍن ٿا پارڙا

ساري ٿر جا ٻارڙا.

سياڻا سورهيه سوڍا بڻبا،

ديس دلير هي دودا بڻبا.

جيجن جيءَ جيارڙا.

روز ڪڍن ٿا پارڙا

ساري ٿر جا ٻارڙا.

احمد علي چنه

ٻار هنئين جا هار

ماءُ ۽ پيءُ جا اکين ٺار،

هي ٻار آهن هنئين جا هار.

 

ٻاتا ٻاتا ٻول ٿا ٻولين،

گيتن جي ڄڻ ڪن گفتار.

 

پياري پياري جن جي صورت،

سهڻا سهڻا جن جا وار.

 

پاڻ ۾ هردم کيڏن ٿا،

پاڻ ۾ اٿن ڏاڍو پيار.

 

”احمد دعاگو آهي تن لاءِ،

علم پڙهي سي ٿين هوشيار.

برڪت مهيسر

وقت جي ڳالهه

ٽڪ ٽڪ ٽڪ .......

هيءَ آواز گهڙيال جو نه پر وقت جو آهي.

وقت ڪيڏو نه تيز رفتاريءَ سان هلي رهيو آهي، سيڪنڊن مان منٽ، منٽن مان ڪلاڪ. ڪلاڪن مان ڏينهن. ڏينهن مان هفتا. هفتن مان مهينا، مهينن مان سال. سالن مان صديون. صدين مان....

جن وقت جو قدر ڪيو ۽ وقت سان گڏ هليا سي ڪامياب ويا ۽ جن وقت جو قدر نه ڪيو ۽ ان سان گڏ نه هليا سي ناڪام ويا ۽ مايوس رهيا.

تڏهن ته وقت پنهنجو پاڻ کي بادشاهه ڪوٺيو آهي. جيڪو ڪنهن جي به ڪاڻ نه ٿو ڪڍي ۽ نه ڪنهن لاءِ انتظار ٿو ڪري.

ربّ نواز ”آزاد“ سمون

پوپٽ

رنگ برنگي پيارا پوپٽ،

سهڻا جيءَ جيارا پوپٽ.

 

گلڙن تي لامارا ڏيئي،

اڀ تي اڏرڻ وارو پوپٽ.

 

رنگ رنگيلا پرڙا تنهنجا،

سونهن سريلا پيارا پوپٽ.

 

سندر سهڻو ڍنگ آ تنهنجو

سونهن چمن جي سارا پوپٽ.

 

جيتن ۾ تون پيارو آهين،

رنگن وارا نيارا پوپٽ.


 

شميم ميمڻ

پوپٽ

پوپٽَ پيارا پوپٽَ تُنهنجا رنگ نيارا

هو تُنهنجا رنگَ نيارا

اُڏرين ٿو تون باغن ۾

گُلن ڦُلن وڻڪارن ۾

سُهڻا تُنهنجا سڀ نظارا پوپٽَ پيارا

هو تُنهنجا رنگَ نيارا

مالڪَ توکي خوب بنايو

رنگ برنگي روپ رچايو

ڳاڙها پيلا نيرا ڪارا پوپَٽ پيارا

هو تُنهنجا رنگَ نيارا

هلڪو جهڙو ڪاغذَ جيان

پَل کَنَ ۾ آڪاشَ مٿان

نٽَ کٽَ نٽ کٽ نازن وارا پوپٽَ پيارا

هو تُنهنجا رنگَ نيارا


 

رحيم بخش بلوچ

سانول جا سڏڪا

ننڍڙن ٻارڙن جي به عجيب فطرت آهي، پاڻ ۾ ٻه چار گڏيا ته ٻاڪري مال جيان سندن کونڌ ۽ خسارو به ويتر وڌي ويندو آهي. سڄي ماحول کي مٿي تي کڻي ڏيندا. اصل اوک جي پهائي آهن. ڪلاس سان به ايڏو قرب اٿن جو مقرر وقت کان به گهڻو وقت اڳ پهچي ٿا وڃن اڄ پڻ معمول موجب مون کان اڳ موجود هئا ۽ پينجوڙن وانگر چرپر لڳي پيئي هئي. گهنڊ لڳو ته ائون ڪلاس ڏانهن وڌيس، مون کي ايندو ڏسي چپ چاپ لڳي ويئي. ڄڻ ڪلاس ۾ ڪوئي ڪونهي. يا ڪو مِينهن وسي اوڪاڻي ويو جتي گهڙي اڳ ۾ گهمسان لڳو پيو هو، تن مولائن مٿان ڄڻ پاڻي پئجي ويو. جيئن ئي ڪلاس ۾ داخل ٿيس، ته سڀئي ٻار احترامن اٿي بيٺا. کين ويهڻ لاءِ چئي، آئون پڻ ڪرسيءَ تي وڃي ويٺس. رجسٽر کولي حاضري ڀرڻ لڳس. آخر ۾ ننڍڙي سانول جو نالو ورتم، جيڪو اڄ نئون داخل ٿيو هو. هن پڻ ٻين جيان ”حاضر سائين“ چيو پر، هٻڪندي هٻڪندي. سوچيم نئون آيو آهي، تنهنڪري هٻڪي ٿو، بهرحال سڀني شاگردن جي حاضري ڀري، جيئن ئي چاڪ کڻي بورڊ ڏانهن وڌيس، ته ڪلاس مان ڪنهن ڇوڪري جو آواز آيو. ”سائين سانول روئي پيو“.

”سانول پٽ ڇا ٿيو؟“ مون پڇيو.

ننڍڙي سانول ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ سڏڪي رهيو هو.

”بابا، توسان ڪير وڙهيو؟“ مون وري پڇيو. ”سا... سائين ڪي... ڪير ڪونه“ ننڍڙي سانول سڏڪندي جواب ڏنو.

مون هن کي ويجهو گهرائي پيار ڏنو ۽ ڳوڙها اگهيا، پر هن جي سڏڪن جي رفتار ويتر وڌي ويئي. سندس هرهڪ معصوم سڏڪي، منهنجي دل تي ائٽم جيان ڌماڪو ٿي ڪيو. منهنجي دل جو دامن ڄڻ هيروشيما ۽ نانگا ساڪي بنجي ويو.

بهرحال جيئن تئين ڪري کيس ماٺ ڪرايم ۽ پنهنجي جاءِ تي ويهڻ لاءِ چيم، مون کي وقت جي احساس ستايو، سو جلدئي پڙهائيءَ  جي ڪم ۾ مشغول به ٿي ويس. پر اڄ معمول جي خلاف پڙهائيءَ جي ڪم ۾ بي دلي پئي محسوس ٿي ۽ سڄو ڏينهن ڪلاس جي ماحول تي پڻ بي خوابيءَ جو عالم طاري هو. موڪل جو گهنڊ لڳو، ته ننڍڙي سانول کي گهرائي کانئس وعدو ورتم، ته هو سڀاڻي پنهنجي روئڻ جو سڄو سبب ٻڌائيندو. سڀئي ٻار ڪلاس کان نڪري، پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيا. ننڍڙو سانول به سڀني جي پٺيان هلڪيون هلڪيون وکون کڻندو، وڃي اسڪول جو ٻاهريون در ٽپيو. آئون به ڪلاس مان نڪري، چاڪ مان اڇا ٿيل هٿ ڌوئڻ لاءِ اسڪول جي نلڪي تي پهتس. نلڪو کوليان ته اتي به اڄ منهنجي دل وانگر سڃ لڳي پيئي هئي پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪونه هو. خير پاڻيءَ جي ته نئين ڳالهه ڪانهي، ڇو ته اسان جو اسڪول تاريخ ۽ موجوده داخلا جي لحاظ کان مالا مال آهي. پر سهوليتن جي لحاظ کان ڪڏوهه ڪو ڪنگال آهي. اها به اسان جي سرهيالن جي مهرباني آهي. خير آئون پاڻيءَ کان آسرو پلي، کيسي مان رومال ڪڍي هٿ صاف ڪندو، گهٽيون لتاڙيندو وڃي گهر پهتس.

آڱرين تي گهڙيون ڳڻيندي وڃي شام ٿي. صبح جي انتظار ۾ سانجهي به ٿي ويئي. ڪاريءَ رات ڪٽ ڇڏيو، ته مائي ننڊ به اچي نازن ۽ نکرن سان نروار ٿي ۽ قرب ڏيئي کڻي ڪوڙي ۾ ڪيائين.

ٻئي ڏينهن حسب دستور جيئن ئي ڪلاس ۾ ڪرسيءَ تي ويٺس، ته مانيٽر ٻڌايو، ته سائين سانول جا مائٽ ٻاهر بيٺا آهن ۽ توهان سان ملڻ ٿا چاهين. آئون يڪدم ٻاهر نڪتس، ته ننڍڙو سانول هڪ پوڙهي ۽ پوڙهيءَ سان گڏ مليو. مون هنن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ڪوٺي کين ڪلاس ۾ آندو. پوڙهي مون کي مخاطب ٿيندي چيو، ته سائين، سانول سڄي رات روئي روئي پنهنجون اکيون سڄائي ڇڏيون اٿس. چوي ٿو ته ”سائينءَ منهنجي بابا جو نالو حاضريءَ ۾ سانوڻ پڪاريو. پوءِ اهو منهنجو بابا ڪيڏانهن ويو؟ توهان جو ته نالو پير محّمد آهي!“

پوڙهي ڳالهه کي جاري رکندي چيو، ته هاڻي سانول اسان تي اعتبار ئي نه ٿو ڪري. پوڙهي آهستگيءَ سان چيو، ته ننڍڙي سانول جا اسين ناناڻا آهيون هن جا ماءُ ۽ پيءُ سندس سانڀر کان اڳ ئي الله وٺي ويو. هن کي اڃا اها ڪل ئي نه رهي آهي. هاڻي جو توهان کان پيءُ جو نالو ٻيو ٻڌو اٿس، ته اسان تي اعتبار ئي نه ٿو ڪري ۽ چوي ٿو ته اسان جو سائين جيڪي چوندو، سو سچ آهي. هاڻي توهان ئي کيس وسايوس. مون ننڍڙي سانول طرف نهاريو، جيڪو پنهنجون معصوم ۽ نماڻيون نظرون کڻي اسان ڏانهن ڏسي رهيون هو. ٻئي پاسي منهنجي سامهون سندس نانو ۽ ناني اشڪبار اکين سان بيٺا هئا. سندس اها ڪهل جهڙي ڪيفيت ڏسي منهنجي دل پڻ درد مان ڀرجي ويئي. مون کين آٿت ڏني ۽ يقين ڏياريو ته توهان ڀلي وڃو ۽ آئون پاڻهي سانول کي سمجهائيندس ۽ مطمئن ڪندس. هنن جي وڃڻ بعد مون سڀني شاگردن کي چيو، ته ”ٻارو توهان سڀئي پنهنجو پنهنجو نالو پيءُ سميت سٺن اکرن ۾ لکي ڏيکاريو.“ جڏهن سڀني نالا لکي، ڪاپيون ميز تي رکيون، ته مون پهريائين ننڍڙي سانول جي ڪاپي کڻي ڏٺو، ته ان تي سندس پيءُ جو نالو لکيل نه هو. مون کيس پاڻ ڏانهن سڏي چيو، ته اڄ جيڪو توسان گڏجي آيو هو، سو ئي تنهنجو پيءُ آهي. سندس ٻه نالا آهن. جيڪو توکي پسند اچي اهوئي تون لک.

ڏٺم ته هن جلديءَ ۾ ئي پنهنجي حقيقي پيءُ جو نالو ”سانوڻ“ لکي ڇڏيو. مون کي سندس معصوميت ڏسي، اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ کيس گلي لڳائي پيار ڏنم. موڪل جو گهنڊ لڳو، ته ننڍڙي سانول سميت سڀئي ٻار پنهنجي ٻاراڻي فطرت کان مجبور هڪٻئي کي ڌڪا ٿيلا، ڏيندا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندا پنهنجون پنهنجون راهون وٺي راهي ٿيا. آئون اڄڪلهه جڏهن ننڍڙي سانول کي گسان پنڌ تي کلندو ڪڏندو ڏسندو آهيان ته منهنجي دل خوشيءَ ۾ گد گد ٿيڻ لڳندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com