سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل 1993ع

باب: --

صفحو :6

سنڌيڪار: مدن سنڌي

مئڪبيٿ جي آکاڻي

(شيڪسپيئر جي مشهور ڊرامي مئڪبيٿ جو خلاصو ڪهاڻيءَ ۾)

يورپ جي آڳاٽي اتهاس مطابق سنه 1040ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي مڪ ۾ هڪ وڏيءَ بغاوت منهن ڪڍيو، هڪ امير جنهن جو نالو مئڪڊو نالڊ هو. تنهن ناروي جي حاڪم جي مدد سان ناروي جي حاڪم جي مدد سان پنهنجي ملڪ جي بادشاهه جي خلاف سرڪشي ڪئي هئي. ان بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ ناروي جي حاڪم جي پيش قدمي روڪڻ لاءِ اسڪاٽلينڊ جي بادشاهه ڊنڪن طرفان ٻه بهادر سردار، مئڪبيٿ ۽ بانقو روانا ٿين ٿا. هو باغين کي شڪست ڏيئي، ناروي جي حاڪم کي ماري مات ڪري، قاتحانا انداز سان واپس اچي رهيا آهن. ته رِستي تي هڪ ويران پٽ ۾ کين ٽي پوڙهيون عورتون ملن ٿيون، سندس ڳالهين مان سمجهجي ٿو ته هو غيب جي علم مان به واقف آهن. هي ٽي عورتون مئڪبيٿ کي بادشاهه ڪري ٿيو سڏين ۽ بانقو کي ٿيون ٻڌائين، ته سندس اولاد بادشاهي ماڻيندو.

سندن ڳالهين جو اثر بانقو تي ڪجهه به نٿو ٿئي، پر مئڪبيٿ يڪدم بادشاهه ٿيڻ جا خواب لهڻ شروع ڪري ٿو. جئين هي هلندا ٿا وڃن، ته رستي تي کين ڊنڪن بادشاهه جا امير ٿا گڏجن. انهن جي واتان پڻ اهڙيون خبرون ٻڌجڻ ۾ اچن ٿيون، جن جو اڳڪٿي ٽنهي پوڙهين ڪئي هئي. هاڻ مئڪبيٿ کي پڪ ٿي ٿئي، ته هو ضرور اسڪاٽلينڊ جو حاڪم ٿيندو. سو، هو اها سموري ڳالهه پنهنجي بيگم کي هڪ خط وسيلي لکي ٻڌائي ٿو. سندس بيگم جيڪا لوڀ ۽ لالچ ۾ هن کان به ٻه رتيون سرس هئي. سابه ملڪ ٿيڻ جا خواب لهڻ شروع ٿي ڪري. اچانڪ بادشاهه ڊنڪن سندن محلات ۾ مهمان جي حيثيت ۾ اچي ٿو، هن موقعي کي غنيمت سمجهي بيگم مئڪبيٿ پنهنجي مڙس کي ڊنڪن جي خون ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائي ٿي. حالانڪ، اهڙي ڪڌي ڪم ڪرڻ کان اول ته مئڪبيٿ لهرائي ٿو، پر آخرڪار تيار ٿي وڃي ٿو، ۽ پوڙهي ڊنڪن کي ننڊ جي حالت ۾ قتل ڪري ڇڏي ٿو.

جڏهن هيءَ خبر ظاهر ٿئي ٿي، تڏهن سڀ کان اول ڊنڪن جا ٻه پٽ ماڪولم ۽ ڊونالين، پنهنجي جان بچائڻ واسطي اسڪاٽلينڊ مان کسڪي ڀڄي وڃن ٿا. هڪ انگلينڊ جي بادشاهه جي درٻار ۾ پناهه وٺي ٿو ۽ ٻيو آئرلينڊ ۾. هنن جي اوچتي ڀاڄ جي ڪري بادشاهه ڊنڪن جي خون جو شڪ هنن ۾ ڪيو وڃي  ٿو ۽ سواءِ ڪن ٿورن اميرن جي ٻيا گهڻا ماڻهو مالڪولم ۽ ڊونالين کي بادشاهه ڊنڪن جي خون جو ڏوهاري ٺهرائين ٿا. انهن اميرن ۾ خاص ڪري بانقو ۽ مئڪڊف، ٻه اهرا شخص هئا جن کي پڪ هئي، ته مئڪبيٿ ئي قتل ڪيو آهي. مئڪبيٿ به سندن ارادن کان واقف ٿي وڃي ٿو، هو بانقو کي ته دغا سان قتل ڪرائي ڇڏي ٿو، پر بانقو جو پٽ فلينس ۽ مئڪڊف پنهنجي جان بچائي ڀڄي وڃن ٿا. بانقو جي پٽ فلينس جي ڀڄي وڃڻ تي مئڪبيٿ کي وڌيڪ بي چيني ٿي ٿئي، ڇو جو هنن غيبي عورتن جي پيشنگوئيءَ موجب بانقو جي اولاد جي نصيب ۾ بادشاهي لکيل آهي ۽ نه مئڪبيٿ جي اولاد جي نصيب ۾-هاڻي هو وري انهن غيبي عورتن جي اسٿان ۾ اچي ٿو، انهن کان وڌيڪ خبر پڇي ٿو. هن دفعي هو پنهنجي علم جي وسيلي ڪي وڌيڪ خبرون ٻڌائين ٿيون، هن کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ”ڪوبه ماءُ جو ڄائو کيس ماري نه سگهندو ۽ نه ئي سندس قلعي کي ڪير فتح ڪري سگهندو، جيسين قلعي جي پريان جي گهاٽو جهنگ هو، اهو نه چري“ هن خبر ٻڌڻ کان پوءِ مئڪبيٿ وڌيڪ وحشي ٿي پوي ٿو، کيس پڪ هئي ته کيس مارڻ وارو نه ته ڪو ڄائو آهي ۽ نه ئي وري سندس قلعي تي جهنگ چڙهائي ڪري ايندو، هو بلڪل ئي بي ڊپو ٿي خون پٺيان خون ۽ هتيا پٺيان ٿو ڪري. سندس سڀني سياهه ڪارنامن ۾ سڀ کان وڌيڪ جو سياهه ۽ پرغم ڪارنامو آهي اهو آهي مئڪڊف جي زال سندس بي گناهه ٻارن جو خون، پر کيس اِها خبر ڪين هئي ته انهن پيش گوئين ۾ کيس ڪهڙيءَ طرح سان ٺڳيو ويو هو، هو سمجهي نه سگهيو ته شيطان جي پوڄاري، هنن عجيب عورتن جي لفظن کي ٻه ٻه معنائون آهن. نتيجو ڇا ٿو ٿئي جو واقعي هڪ اهڙو شخص سندس مارڻ لاءِ پر گهٽ ٿو ٿئي جو ماءُ جو ڄائو نه هو، ۽ واقعي اهو جهنگل رڙهي سندس قعلي تي چڙهائي ڪري ٿو. سندس بيگم جنهن جي صلاح ۽ مشوري سان هن سڀ ڏوهه پئي ڪيا، اها يڪا يڪ پاڳل ٿي پوي ٿي ۽ پنهنجو خون پنهنجن ئي هٿن سان ڪري ٿي. سندس سڀ ساٿي کيس ڇڏي وڃن ٿا. آخر ۾ مئڪبيٿ جو اهو حشر ٿئي ٿو جنهن جو هو لائق آهي ڊنڪن جي وڏي پٽ مالڪولم کي تاج پهرايو وڃي ٿو ۽ قصور ختم ٿئي ٿو.

اسڪاٽلينڊ جي تاريخ موجب ڊنڪن بادشاهه جو خون سنه 1040ع ۾ ٿيو هو ۽ مئڪبيٿ جو موت سن 1057ع ۾ ٿيو.

رشيد زهراڻي

ڏاهو ٻار

فتح نالي هڪڙو ڏاهو ڇوڪر هو. صبح جو اٿندئي وضو  ساري نماز پڙهندو هو. نيرن کائي سڌو اسڪول ويندو هو. گهر ۾ ڪڏهن به گهپي يا ڪِلڪل نه ڪندو هو. ماءُ، پيءُ جو ادب ڪندو هو. راند کيڏڻ ويندو هو ته به سوير موٽندو هو؛ ماءُ به ائين چيو هوس.

هڪڙي ڀيري فتح جي ماءُ بيمار ٿي پئي موسم به گرمي جي هئي، ٻهراڙيءَ ۾ هئڻ ڪري سڀ ڪنهن کي ونجڻو هٿ ۾ هو، گرمي ايڏي هئي، جو انسان انسان جي پاسي کان پيو ڀڄي، هڪ رات ماءُ سڏ ڪري چيس:”پٽ فتح مون کي اڃ لڳي آهي، مون کي پٽ پاڻي چڪو ڏينئم، تنهنجي هٿن جو پاڻي پيئي مران.“ فتح پنهنجي ماءُ جو ڏکويندڙ جملو ٻڌي اکين مان آب هاريندي پنهنجي ماءُ کي چيائين، امان آئون تنهنجو قسم کڻي توکي پيو چوان، جيسين منهنجي سسيءَ ۾ ساهه آهي آئون تمام گهڻي ڪوشش ڪري توکي مرڻ نه ڏيندس. آئون پني به تنهنجو علاج ڪرائيندس. فتح اهو سڀ ڪجهه  سڏڪندي سڏڪندي چئي ويو، ماءُ جي اکين ۾ به غربت جي لڙڪن جاءِ والاري ڇڏي. ۽ چيائين: پٽ آئون تنهنجي لاءِ هينئر به جي رهي آهيان ۽ هميشه جي لاءِ جيئندس، ڇڏ انهن ڳالهين کي هاڻي تون مون کي پاڻي پيار. فتح پاڻي ڀرڻ ويو ته مٽ خالي هئا. فتح پنهنجي ماءُ کي چيو، امان اسان جي مٽن ۾ پاڻي ڪونه آهي، مان چاچي رحمون وارن جي گهران پاڻي ڀري ٿو اچان. فتح کي ماءُ وڃڻ جو چيو. فتح جڏهن چاچي رحمونءَ جي گهر پهتو ته پويان سندس ماءُ جي اک لڳي وئي. فتح موٽي آيو ته ماءُ کي ننڊ ۾ ڏسي دل ۾ خيال ڪيائين ته آئون پنهنجي اميءَ کي ننڊ مان ڪيئن اٿاريان، ڪيئن جاڳايا- پاڻيءَ جو وٽو جهلي بيهي رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ ماڻس سجاڳ ٿي ته ڏٺائين ته فتح پاڻي جهليو بيٺو آهي، هوءِ ڏاڍي خوش ٿي. پاڻي پي چيائين ته سدورا پٽڙا تون منهنجي لاءِ بيٺو آهين. خدا توکي وڏي عمر ڏي ۽ سڀاڳو ڪري! شال هميشه خوش رهين.

طاهره ٻگهيو

ڪلاس پنجون

نماز ۽ نظر

اسان وٽ اها روايت رهي آهي ته اسان جا وڏڙا رات جي وقت پنهنجي ننڍڙن کي سٺيون ۽ ڪارائتيون ڳالهيون کڻي ٻڌائيندا آهن. هڪ ڀيري مون کي به پنهنجي هڪ بزرگ ڏاڍي قيمتي ۽ فائديمند ڳالهه ٻڌائي، جيڪا آئون پنهنجي ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جي آڏو پيش ڪريان ٿي ته جيئن ٻيا ٻار به ان مان فائدو حاصل ڪري سگھن.

اسان جي ان بزرگ ٻڌايو ته ”جڏهن هو ننڍو هوندو هو، ته هڪ ڏينهن هو بيمار ٿي پيو ۽ سندس اکيون پڻ خراب ٿي پيون. ان دور ۾ ڊاڪٽر وغيره نه هوندا هئا ۽ حڪيم علاج ڪندا هئا. گھڻو ئي علاج ڪرايم ليڪن فائدو نه ٿيو ! نيٺ هڪ ڏينهن خبر پئي ته هڪ ڳوٺ ۾ هڪ قابل حڪيم رهي ٿو. ان کان جيڪڏهن علاج ڪرايو وڃي ته ٿي سگھي ٿو ته بيماري دور ٿي وڃي. ان حڪيم جو پتو وٺي گھر آيس. چند ڏينهن کان پوءِ بيماري ته ڇڏي وئي ليڪن اکين جي نظر ڪمزور سمجھڻ ۾ آئي. پوءِ وري واپس حڪيم صاحب وٽ وڃي کيس حقيقت ٻڌايم ۽ حڪيم صاحب دوا ڏني ۽ هڪ عجيب ڳالهه ٻڌائيندي چيو ته ” جيڪڏهن تون منهنجي هڪ ڳالهه مڃين ته تنهنجون اکيون ساري زندگي خراب نه ٿينديون.“ منهنجي پڇڻ تي هن بزرگ حڪيم مون کي ٻڌايو ته تون نماز پڙهڻ شروع ڪر ۽ جڏهن مسجد ۾ آذان اچي ۽ جڏهن موءذن اَشهدُ انَّ مُحَمَّد رسُول الله چئي ته پنهنجون آڱريون ۽ آڱوٺو ملائي انهن کي چمي اکين تي لڳاءِ ۽ پوءِ هيءَ دعا پڙهندو ڪر: ”قرت عيني بِلڪَ يا رَسُول الله“. انشاءِ الله تنهنجي اکين جي نظر ڪڏهن به خراب نه ٿيندي ۽ پوءِ هن بزرگ چيو ته مون ان ننڍي عمر کان وٺي ئي باقاعدي نماز پڙهڻ شروع ڪئي ۽ آذان اچڻ وقت ڏسيل دعا پڙهندو رهيس. الله جي مهربانيءَ سان هن وقت منهنجي عمر 80 سال آهي ليڪن منهنجي اکين جي نظر بلڪل درست آهي.

قلمي دوستي

·  نالو: ممتاز علي چانڊيو_ ڪلاس: چوٿون، وندر: علم سان چاهه، عمر: 9 سال ائڊريس: پرائمري مين اسڪول وارهه.

·  نالو: قاضي واجد علي جوڻيجو_ ڪلاس: ستون (سي) وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ. عمر: 14 سال. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري.

·  نالو: سعيد احمد ڪيهر. ڪلاس: ڇهون (سي) وندر: اداڪاري ڪرڻ. عمر: 12 سال. ائڊريس: پوسٽ آفيس ڪيهر لاڙڪاڻو.

·  نالو: الطاف احمد کماڻ. ڪلاس: ڇهون. وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ. عمر: 13 سال. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽو.

·  نالو: رشيد احمد کماڻ. ڪلاس: اٺون. وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ عمر: 15 سال. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽو.

·  نالو: علي حسن کماڻ.  ڪلاس ستون. وندر: فٽبال راند ڪرڻ. عمر: 14 سال. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽو.

·  نالو: شبير احمد سيٺار. ڪلاس: ستون (اي). وندر: قوم جي خدمت ڪرڻ. عمر: 12 سال. ائڊريس: هاءِ اسڪول حاجي فتح محمد اوستو شڪارپور.

·  نالو: احمد علي جويو. ڪلاس: اٺون (بي). وندر: گل ڦل ۽ ادبي ڪتاب پڙهڻ. عمر: 12 سال. ائڊريس: هائير سيڪنڊري اسڪول وارهه.

·  نالو: موهن لعل. ڪلاس: اٺون (ڊي). وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ. عمر: 13 سال. ائڊريس: ماءِ اون بڪ هائوس عمرڪوٽ.

·     نالو: شير زمان چانگ. ڪلاس: يارهون. وندر: سوشل ورڪر. عمر 18 سال.

·  نالو: محمد صديق ميراڻي. ڪلاس: ستون (بي). وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ. عمر: 13 سال. ائڊريس: هاءِ اسڪول ماٿيلو بخارا ٻيرڙي.

·  نالو: عبدالله ميمڻ. ڪلاس: نائون (اي). وندر: ڌرتي جي خدمت ڪرڻ. عمر: 13 سال. ائڊريس: نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد.

·  نالو: وحيد اختر قريشي. ڪلاس: ڏهون (اي). وندر: سنڌي ادب پڙهڻ. عمر: 15 سال. ائڊريس: پوسٽ آفيس پڪا چنا سيوهڻ.

·  نالو: ذوالفقار علي جوڳي. ڪلاس: اٺون (اِي). وندر: ادب سان چاهه. عمر: 13 سال. ائڊريس پوسٽ ڪيهر لاڙڪاڻو.

·     نالو: محمد يوسف خاصخيلي. ڪلاس: ستون (اي) وندر: فٽبال راند ڪرڻ. عمر: 13 سال. ائڊريس: هاءِ اسڪول ٺٽو.

·  نالو: ضمير حسين ڪلهوڙو. ڪلاس: ڏهون. وندر: سنڌي ادب پڙهڻ. عمر: 17 سال. ائڊريس: پوسٽ بکري ڪنڊيارو.

·  نالو: غلام مرتضيٰ صديقي. ڪلاس: اٺون (اي) وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ. عمر: 13 سال. ائڊريس: پي هاءِ اسڪول هالاڻي ڪنڊيارو.

خط

ساٿي: اميد ته خوش هوندو، عمردرازي لاءِ دعاگو آهيان. آئون اوهان جو رسالو وڏي شوق سان پڙهندو آهيان. منجهس هر هڪ شيءِ پاڻ وڻائيندڙ ۽ رسالي جو حسن آهي. آئون اوهانجي ڪاوش کي ساراهيان ٿو ۽ اها اميد ڪريان ٿو ته رسالي کي چڱي کان چڱو بنائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندا. آئون غزل موڪلي رهيو آهيان. اميد اٿم ته رسالي جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ جاءِ ڏيندا ته سچ پچ ٿورائتو رهندس. لک قرب.

نظير حسين نظير سومرو لاڙڪاڻو

جنوري فيبروري جوگل ڦل نئين رنگ ڍنگ سان پڙهڻ لاءِ مليو سچ ته گل ڦل جي نئين انداز من مُوهي وڌو. منهنجي خيال ۾ اهڙين وڻندڙ تبديلن جي گل ڦل جهڙي اڪيلي ٻارن رسالي لاءِ تمام ضروري هيون اوهان کي جس هجي جو اهڙي جاکوڙ ڪري گل ڦل ”دلفريب“ بڻايو اٿو. هاڻي پڪ اٿم ٻارڙا گل ڦل کي اڃان به گهڻو پڙهندا ۽ لکندا. عزت ماب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جو انٽرويو، جيڪو هڪ تمام ذهين ٻارڙي ساونت علي شاهه ورتو آهي، ڏاڍو دلچسپ معلوماتي هئو. ساونت علي شاهه کي جس هجي، جنهن ايڏي ننڍڙي عمر ۾ ايڏي وڏي ڪوشش ڪئي آهي. ان کانسواءِ شمس الدين سومري جو مضمون ”هم شڪل نالي ڀائي“، محترم امداد حسيني جا ننڍڙا پر تمام گهرا ۽ ڀرپور ٻاراڻا نظم وڻيا. ”چنڊ جو سير“ نواب، ڪواب، ثواب پڙهڻ جهڙي شيون هيون. سچ ته اوهان جو اهڙي اڻٿڪ محنت کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.

تنهنجو راهي چنا، ڄامشورو سنڌ.

شمس سومرو

سحرش ڪلينڪ، عبدالله بلوچ مينشن، ولي محمد حسن علي روڊ، چاڪيواڙو نمبر 2، ڪراچي 53 سنڌ. 2 مارچ 1993ع

منهنجا پيارا نالي ڀائي

مون کي تنهنجي دوستي اکين تي. تو منهنجي ننڍڙي ۽ پتڪڙي وجود جي ڌار حيثيت کي محسوس ڪيو ۽ علي الا اعلان اقرار ڪيو، تنهن لاءِ مون وٽ لفط ناهن. تون ڄڻ منهنجي دل ۾ پنهنجو هڪ دائمي ديرو اڏي ڇڏيو آهي.

”هم شڪلي- نالي ڀائي“ جيتوڻيڪ تمام ڊگهي عرصي کان اسان واري ٽهيءَ جيڪا ذهني بنيادن تي لڳ ڀڳ 1970ع کان اسري، ظهور ۾ آئي آهي، جي اهم ضرورت هئي. انهيءَ ضرورت کي مون شروع کان ئي محسوس پئي ڪيو آهي.

تو، جيستائين مون کي ياد پوي ٿو ته روزاني عبرت اخبار جي ”ٻارڙن جي ٻاريءَ ۾ شرڪت ڪري، پنهنجي ذهني دڳ تي روانگيءَ لاءِ پهريون پير کنيو هئو، (جيتوڻيڪ اهو سن ۽ تاريخ ياد نٿي اچيم پر پهريون ڀيرو نالي جي هڪجهڙائي ڏسي مون کي ان وقت پهرين حيرت ٿي هئي ۽ پوءِ هڪ اڄاتل خوشي).

پرائمري کان وٺي گريجوئيٽ ليول تي، مون سان گڏ منهنجي نالي ڀائين جي هڪ تمام وڏي لسٽ آهي، جن مان، منهنجي وجود جي انفراديت ”ذهني اڳرائي“ ۽ ”فڪري پختگي“ منهنجي سڃاڻپ جو بنيادي سبب رهي آهي. تنهن هوندي به تنهنجو نالو مون لاءِ ڇڪ جو باعث هئو. ائين ڪندي هڪ ڀيرو ساڳيو نالو سکر مان پڌرو ٿيو. هي دوست قلمي دوستيءَ جو شوقين هئو. بهرحال ٻيا سڀ نالي ڀائي، سنگ مان ٽٽي ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. پر تنهنجي نالي منهنجو پيڇو نه ڇڏيو سو نه ڇڏيو، نتيجو اهو نڪتو ته توکي ئي اها تڪليف ڪرڻي پئي. ”هم شڪل نالي ڀائي“ لکڻ جي. اچي وئين نه ڏچي ۾!

شروع شروع ۾ (جڏهن مون سنجيدگيءَ سان لکڻ لاءِ پر سوئڻ شروع ڪيا) تڏهن مون کي هڪ زوردار قسم جي ادبي نالي (تخلص) جي ڳاٽي ٽوڙ سَڌَ ضرور ٿي هئي. پر ان وقت تائين سنڌي زبان توڙي ادب ۾ ترقي پسند ادب ۽ سوچ ايتري پختي ٿي چڪي هئي، جو ڪنهن تخلص کان سواءِ جيئرو رهڻ ممڪن هئو. پر تون مون کان سينئر هئين، تنهن ڪري هر وقت اهو امڪان موجود بلڪ محسوس ٿيڻ لڳو ته هن پيار جي پورهئي ۾ نظر جي چڪ ڪري، هڪ ”شمس“ جو پورهيو ٻئي ”شمس“ سان منسوب ٿي سگهي ٿو؛ ۽ شروع ۾ ائين ٿيو. تنهنجي ڪن لکڻين لاءِ دوستن مون کي مبارڪون ڏنيون، پر ڇو ته مون کي تنهنجي نالي جي واقفيت هئي، تنهن ڪري دوستن کي صاف صاف ٻڌائي ڇڏيندو هئس ته اهي لکڻيون منهنجون نه پر ”حيدرآباد“ واري شمس جون آهن / هونديون.

تڏهن دوستن صلاح ڏني ته مون کي توسان رابطو ڪري نالي مَٽَ جو فيصلو ڪرڻ گهرجي، وقتي طرح توڙي اصولي طرح سٺي صلاح هئي. تنهن هوندي به منهنجي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ نئون خيال پوسرڻ لڳو. دنيا ۾ هڪ نالي وارا ڪيترائي شخص آهن. پر ساڳئي نالي جو باوجود هڪ وجود ۾ انفرادي خاصيتن جي ڪري سندس امتياز توڙي سڃاڻپ نه صرف موجود پر نروار به آهي. پو ڇو آئون توتي بار وجهان ته تون نالو مٽاءُ، يا ڇو مون کي اهو خوف ورائي ويو آهي ته مون جهڙو اڳ ۾ موجود هڪ نالو مون تي بار آهي؟ اهو (Exactty) انهن ڏينهن ۾ ٿيو جڏهن آئون توسان صلاح مصلحت لاءِ تنهنجي آفيس کان سڏ پنڌ تي سنڌ يونيورسٽي اسٽاف ڪالونيءَ ۾ ”قيس ابڙي“ جي گهر ۾ رهندو هئس.

هڪ ڏينهن بورڊ احاطي اندر به آيس، اڪبرجسڪاڻي، طارق عالم ۽ ٻيا دوست مليا، پر تون موڪل تي هئين شايد تو لاءِ اڪبر يا ڪنهن ٻئي دوست کي هڪ چٺي به لکي ڏني هئيم شايد تو تائين نه پهتي يا تو انهيءَ لائق نه ڄاتو، جو جواب ڏين. پوءِ اسان به پير پختا ڪيا ۽ ڳالهه آئي وئي.

پر انهيءَ وچ ۾ وقت ٻنهي سان ٿورو نه پر وڏو انصاف ڪري ويو. تو جتان شروعات ڪئي هئي، ان ئي ميدان تي Determine ڪيو. ٻاراڻي ادب جي کوٽ پوري ڪندو رهئين. مون فڪري دڳ ورتو ۽ ساهيون کڻندو پنهنجي راهه سان رمندو رهيس ۽ شايد اها ئي Determaination آهي جيڪا تنهنجي ۽ منهنجي سڃاڻپ آهي. ائين چوڻ کپي ته، تو سدائين ”جواڻ جماڻ“ رهڻ سکي ورتو ۽ مون جوانيءَ ۾ ئي پاڻ تي پوڙهائپ مڙهي ڇڏي. تو ننگر (سومره دور جي نامور ۽ نوجوان جوڌي، جي راه اختيار ڪئي ۽ مون ڀٽائي جو پيرو کنيو. اسان جو مقصد ساڳيو آهي، پر عمل ۽ سوچ جو انداز ٻيو آهي. جنهن ڪري ساڳيو نالو هوندي به ڪنهن کي ڪنهن مان ڪو هاڃو ڪو نقصان ڪونهي.

اها تنهنجي پختي اخلاق جي پڌري پٽ سڃاڻپ آهي جو سموري چٽائي (وضاحت، ڪري ٻن ادبي وجودن کي واضح ڪيو آهي پر اهو ساڳيون مضمون گهڻن هٿن ۾ يادگيرين تائين پهچائڻ لاءِ ڪنهن سٺي ادبي رسالي / اخبار ڏانهن موڪلين ها ته گهڻن ماڻهن جو ڀلو ٿئي ها ۽ شايد اڃا به تو وٽ وقت آهي. هن مضمون کي ٻيهر لکڻ جو.

تنهنجو مضمون  تنهنجي ذهني انفراديت جو ڏس ڏئي ٿو هن ۾ تو تنهنجي ذاتي دوستي جو شايد ضرورت کان وڌيڪ ذڪر ڪيو آهي جيڪو تنقيد جو سبب آهي. ڇاڪاڻ جو تو مون کان راءِ گهري آهي، تنهن ڪري لکيو اٿم، هونئن مضمون تمام سٺو ۽ وڻندڙ آهي. پر پڙهندڙ شايد هن مضمون جي عنوان ”هم شڪل“ (جنهن ۾ ٽائيٽل تي تنهنجون ٻه تصويرون آهن، ڏسي اهو نه سمجهي ويهن ته هڪ تصوير ۾ تون ۽ ٻي تصوير ۾ آئون آهيان) تي ڀلجي نالي جي هڪ جهڙائيءَ سان گڏ مهانڊن جي هڪ جهڙائي به تصور ڪن تنهن ڪري تمهيدا مضمون جي اها هڪ نهايت اهم سَهَو آهي. پر تون جيئن ته پنهنجي ذهن سا گڏ، هن مضمون جو مالڪ آهين. تنهن ڪري ان بابت وڌيڪ بهتر فيصلو ۽ غور به تون ئي ڪري سگهين ٿو، منهنجي خيال ۾ اصل موضوع تي ايندي ايندي تنهنجو ڌيان ٻين ڳالهين ۾ ائين اڙجي ويو هوندو، جو هن مضمون جو پورائو (ڪن بنيادي حقيقتن جي کوٽ جي ڪري) تو لاءِ ممڪن نه رهيو هوندو يا مضمون لکڻ يا سوچڻ واري وقت ۾ تون ڪنهن اهڙي مصروفيت ۾ رنبجي ويو هوندين، جو ٻيهر لکڻ مهل ئي ان جو  Fundamental Essenseاهو نه رهيو هوندو جيئن شروع ۾ اهو موضوع تنهنجي ذهن ۾ آيو هئو. شايد اهو ئي سبب آهي، جو تنهنجي موضوع جي Concrete ۾ ٻيو شخصيتون ڌوڪي آيون، جن کي تون ذهن مان ڪڍي نه سگهئين- ۽، اهو ئي سبب آهي جو مون اڳ ۾ توکي درخواست ڪئي ته اهو مضمون توکي ٻيهر لکڻ کپي، ڇو ته هي مضمون پنهنجي بنيادي ضرورتن موجب Concrete حقيقتون ۽ سنيجدو ماحول گهري ٿو.

منهنجي خيال ۾ ان جو هڪ بنيادي ڪارڻ ٻيو به آهي.

اُهو اِهو ته، هن کان اڳ ۾ اسان مان ڪوبه، سنجيدگيءَ سان ٻئي ڏانهن نه وڌيو آهي. نه اسان هڪ ٻئي بابت بنيادي ڄاڻ جو مواد گڏ ڪيو آهي.

توکي حيرت ٿيندي ته اسان ۾ ڪافي ٻيون به هڪ جهڙايون آهن. يعني:

اهو عجيب اتفاق آهي ته: منهنجي والد مرحوم کي سندن نالي غلام حيدر بدران ماڻهو ”غلام حسين“ چوندا هئا، اسين به ڪرت جي لحاظ کان واڍا يا ڊکڻ سومرا آهيون.

اسان جي پاڙي کي جيڪو دادو شهر جي اوائلي پاڙن مان هڪ آهي ڊکڻن يا واڍن جو پاڙو چيو ويندو آهي.

مون کي به ٽي ٻار (نياڻيون) آهن جن مان هڪ نياڻي پيدا ٿيندي پهرئين مهيني ۾ گذاري وئي.

منهنجي ننڍپڻ جي ذوق ۾ هڪڙو ”قلمي دوستي“ به هئو. منهنجي سمورين يادگار دوستين جي بنياد ”اتفاق ۽ حادثي“ تي پيل آهي. ۽، پاڻ نلي ڀائي، ڪرت ڀائي، (وڏن جي پيشي طور) ۽ قلم ڀائي به آهيون. ٻين لفظن ۾ پاڻ ستر سيڪڙو هڪ ٻئي سان اڳواٽ ئي هڪ جهڙائي رکون ٿا. باقي ڳالهه اچي ٽيهه سيڪڙو تي بيٺي آهي، جيڪو اسان کي برابر ڪرڻو آهي. پر لڳي ٿو پاڻ ٻئي سست به ضرور آهيون. ڇو ته 4 مارچ کان مان تنهنجي جوابي ٽيليفون جو انتظار ڪري رهيو آهيان، ڇو جو 4 تاريخ 10 وڳي رات جو مون توکي ٽيليفون ڪري ڳالهائڻ ٿي چاهيو، پر تنهنجي نه هجڻ ڪري پنهنجو نالو ۽ نمبر پيغام سوڌو نوٽ ڪرايو هئم جي منهنجو نياپو توکي مليو آهي ته پوءِ تون به مون جيان سست آهين، يعني اسي سيڪڙو هڪ جهڙائي ۽ باقي ويهه سيڪڙو فرق.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com