سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل 1993ع

باب: --

صفحو :2

بيخود بلوچ

وَڌُ اڳي!

ساٿ تون سچ سان نڀائي، وڌ اڳي!

علم سان تون دل لڳائي، وڌي اڳي!

 

ڏِسُ ته! دُنيا ڪِٿ وڃي پُهتي، مٺا،

هر نئين ايجاد ڏي سڏ ٿي، مٺا،

ٿو چوان توکي آهين سنگتي مٺا،

آس اڳتي جي سَمائي، وڌ اڳي!

 

قوم جو سرواڻ ٿيندين ٻار، تون،

کڻندين ان جا اڻ ڳڻيا سڀ بار، تون.

اِن ڪري او دل سندا دلدار، تون،

جوت جذبن جي جلائي، وڌ اڳي!

 

جي سچي دل آ ته منزل ڪِٿ پَري؟

وڃ تون منزل ڏي ڪشالو ٿي ڪري.

گهور ”بيخود“ توتان، توتي ئي ٺري،

حوصلو، همت، وڌائي، وڌ اڳي!

انور مهر ڪراچي

دعا

آ دعا سُرها هجن، شل سنڌي ٻارڙا

خوش هجن، جُڳ جُڳ جيئن شال سنڌي ٻارڙا

ماءُ، پيءُ استاد جو ادب احترام ڪن،

پاڙي وارن مائٽ مٽن جي سدائين ڪم اچن،

دوستن جو ساٿ ڏين-شال سنڌي ٻارڙا.

تعليم جي ميدان ۾ محنت ڪري اڳتي وڌن،

هر ڏکيو امتحان پنهنجي ڪوششن سان پاس ڪن،

خوب محنت سان پڙهن-شال سنڌي ٻارڙا.

هٺ وڏائي-لوڀ-لالچ کان هلن پاسو وٺي،

ڪوڙ- ڪينو- بغض دوکو پنهنجي دلڙيءَ مان ڪڍي،

واٽ حق سچ جي هلن- شال سنڌي ٻارڙا.

ٽوپي- اجرڪ جو سدائين مان هو اُوچو رکن،

سنڌ جو دنيا سڄي ۾ شان هو اُوچو رکن،

قوم جي حق لئه وڙهن- شال سنڌي ٻارڙا.

هر ڏکئي مجبور- مفلس جي سدا امداد ڪن.

بي سهارن- بي وسيلن کي ڏيئي ڪُلهو هلن.

انسانيت سان پيار ڪن- شال سنڌي ٻارڙا.

”انور“ لڳي نه زندگيءَ ۾ کين ڪوسو واءُ ڪو،

اهڙو نه ڪوئي ڪم ڪن، جنهن ۾ ٿين پڇتاءُ پو،

خوش رهن، کِلندا وتن- شال سنڌي ٻارڙا.

تصوير فيچر

سحر امداد

صنم

1- منهنجو نالو صنم آهي. منهنجي عمر ڏيڍ سال آهي ۽ منهنجو ”ستارو“.... پر ڇڏيو انهن ستارن جي چڪر کي... منهنجو ستارو هونئن ئي اوج تي آهي. گھر ۾ هرڪو مون کي گھڻو گھُري ٿو، ڇو ته مان پنهنجي ماءُ پيءُ جو پهريون ٻار آهيان ۽ في الحال آهيان به هڪڙي .... شاهد ان ڪري ئي هرڪو منهنجو لاڏ کڻي ٿو. پر هڪڙي راز جي ڳالهه توهان کي ٻڌايان ته مون کي وڻڻ لاءِ ڪيڏو کٽو، ڪيڏو مِٺو ۽ ڪيڏو چهرو ٿيڻ کپي، سو سڀ مان ڄاڻان ٿي. پر ڪنهن اڻڄاڻ ۽ اڻوڻندڙ  ماڻهوءَ سان ڪوءڙو ۽ کُهرو ٿيڻ به ٻار کي ضرور سکڻ کپي.

2- مان ڏسڻ جي کڻي ننڍڙي آهيان. پر ڪم سڀ وڏن وارا ڪري ڄاڻان. مان گهمڻ ڦرڻ جي شوقين آهيان. گهروارن سان گڏجي اڪثر راڻي باغ (Zoo) گهمڻ ويندي آهيان. اتي قسمين قسمين پکي ۽ جانور هوندا آهن. جن کي ڏسي مان گد گد ٿيندي آهيان.

3- پاڻي ۾ پسڻ مون کي هونئن به وڻندو آهي. پر درياهه جي لُڙاٽيل پاڻي ۽ جهرڻي جي شفاف پاڻيءَ ۾ وهنجڻ ۽ پسڻ جي مزو ئي پنهنجو آهي- ڏسونه پٿرن کي چيريندڙ پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۾ مان ڪيڏي نه بي ڊپائيءَ سان ويٺي آهيان.

4- جُهڙ جُهڙالي موسم ۾ bike تي گهمڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. پر جيڪڏهن ڪير bike تي ٻاهر وٺي وڃڻ جي موڊ ۾ نه هجي ته گهر ۾ بيٺل bike تي ويهي وات مان ڀُر-ڀُر.....ڀُر-ڀُر- ڀررر جي آواز ڪڍڻ کي به پنهنجو ئي مزو آهي.

5- مون کي ڪار ۾ گهمڻ وڻندو آهي، مان جڏهن پنهنجي پپا جي هنج ۾ ويهي ڪار ڊرائيو ڪندي آهيان، تڏهن ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن.

6- گلن ڦلن ۽ ٻوٽن سان مون کي گهڻو پيار آهي. مان باغ جي تازي ۽ خوشبوءِ دار هوا ۾ گهمڻ جو مزو ماڻڻ سان گڏوگڏ انهن ٻوٽن جي سار سنڀال لهڻ ۾ پڻ پنهنجي مائٽن جي مدد ڪندي آهيان. اها ڪونڊي جنهن جي ڀر ۾ مان بيٺل آهيان، ان کي مون ئي پاڻي ڏنو آهي، تڏهن ته ايڏو سائو ۽ سهڻو ٻوٽو آهي.

7- مان پنهنجي گهر کي ڪڏهن به گندو نه ڪندي آهيان. صاف سٿرو سهڻو گهر جيڪو چوڌاري گلن سان سجايل هجي وڻندو اٿم.

8- مان پنهنجي ماءُ پيءُ کي اجايو تنگ نه ڪندي آهيان ۽ پنهجا ڪيترائي ڪم پاڻ ڪندي آهيان. هاڻ ڏسو نه هيترڙي عمر ۾ پاڻ پنهنجي هٿن سان کاڌو کائڻ به ڪيڏو نه وڏو ڪم آهي. مِٺيون شيون ته منهنجي عمر جي ٻارن کي ري چئي ئي کارايون وينديون آهن، پر مون کي چهرا کاڌا وڻندا آهن. چڪن ٽِڪو ته منهنجو پسنديده کاڌو آهي.

9- مون کي سٺي کائڻ سان گڏ، سٺو پائڻ هنڊائڻ جو به شوق آهي. منهنجو وارڊ روب ward robe خوبصورت، نفيس ۽ اسٽائلش فراڪن سان ڀريل آهي. جن تي ميچنگ ڪِلپ، بينڊ، ربنون، جوراب، ۽ جوتا به کوڙ آهن. مان جڏهن فِرلس وارا فراڪ پائي ننڍڙي پوني pony ٻڌي تيار ٿيندي آهيان ته ”امي چوندي آهي. ”هي ته جهڙي شوڪيس ۾ سجائي رکڻ جهڙي سهڻي گڏي!“ تڏهن پپا چوندو آهي: ”متان منهنجي ڌيءَ کي نظر وجهين!“ پر منهنجي امي به ڏاڍي ڏاهي آهي مون کي نظر ڏنڀاڻيءَ جو ٽِڪو هڻڻ ڪڏهن نه وساريندي آهي.

10- وڏي ٿي مان ڇا بڻبس؟- سو ته وقت ئي ٻڌائيندو-. پر جي مون موسيقيءَ جي ميدان ۾ شهرت ماڻي ته مان ان چوڻ ۾ سئو پيسا سچي هونديس ته: ”ڳائڻ وڄائڻ جو شوق مون کي ننڍپڻ کان ئي هو!“

نديم خواجه تلهار

علم جي عظمت

خداوند ڪريم انسان کي تمام گهڻين نعمتن سان نوازيو اهي، جنهن ۾ علم تمام وڏي نعمت آهي. علم کان سواءِ انسان صحيح نموني زندگي نٿو گذاري سگهي. جنهن وٽ صرف فن آهي ۽ علم ڪونهي اُن جي اهميت گهٽ آهي. هڪ دفعي هڪ واڍي تمام گهڻي خوبصورت پيتي تيار ڪري بادشاهه جي حضور پيش ڪئي. بادشاهه اڃان پيتي ڏسي رهيو هو ته هڪ عالم بادشاهه جي حضور ۾ داخل ٿيو. بادشاهه عالم کي ڏسي پيتي اتي ئي ڇڏي ۽ اٿي بيهي عالم جو استقبال ڪيو. واڍي سوچيو ته هنر کان وڌيڪ علم آهي. علم اُهو خزانو آهي جنهن کي جيترو خرچ ڪجي اوترو ئي وڌي ٿو. هڪ منڪر جو قول آهي ته عمل بنا علم ائين آهي جيئن انڌي اڳيان عينڪ. ڪنهن دولتمند وٽ ڪيتري به دولت ڇو نه هجي. اُها هڪ ڏينهن ضرور ختم ٿي سگهي ٿي. مگر علم جي دولت ڪڏهن به ختم نٿي ٿئي. سج روزانو لهندو ۽ چڙهندو آهي. مگر علم جو سج هميشه چمڪندو رهي ٿو. ڪڏهن به نٿو لهي. جيستائين انسان هن زمين تي زنده آهي علم رهندو. هڪ ڏاهي جو چوڻ آهي ته اگر توهان ڪنهن قوم کان سندس زبان ۽ ثقافت کسڻ چاهيو ٿا ته ان کان علم جو حق کسي وٺو. دنيا جون مختلف قومون علم جي ذريعي ئي چنڊ تي پهچي چڪيون آهن. علم ئي اسان کي اونداه مان ڪڍي روشني طرف آڻي ٿو. بقول نبي ڪريم ﷺ جن جي ته ”ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين علم حاصل ڪريو“. علم ئي اسان کي خراب ڪمن ۽ فضول ڳالهين کان بچائي ٿو. اسان کي کپي ته اسان ان جو قدر ڪندي جيترو ٿي سگهي، علم حاصل ڪريون ۽ دنيا جي ٻين ترقي يافته قومن وانگر هڪ ترقي يافته قوم ٿي سگهون.

 

ترجمو ڪندڙ: محمد رحيم ميمڻ

ڪوئل Cuckoo

]ڪوئل جو آواز ڪو ڪو، ڪو وو..... ڪيڏو نه مٺو آهي! توهان ضرور ٻڌو هوندو آهي به وري اهڙي ريساڙي جو ٻار سندس آواز سان آواز ملائيندا، ته پوءِ هوءِ به وراڻي ڏيڻ کان اصل ڪونه مڙندي.

اسان وٽ سنڌ ۾ ڪنهن آواز جي ساراهه ڪرڻي هوندي آهي ته چوندا آهن ته هن جو آواز ڪوئل جهڙو آهي.

سنڌ ۾ مائي ڀاڳي ۽ جيوڻي ٻائي کي سنڌ جي ڪوئل چيو ويندو آهي. اسان وٽ ته اهو به چيو ويندو آهي، ته ڪوئل ڪانءُ جي آکيري ۾ آنا لاهيندي آهي، پوءِ آننن تي آرو ڪرڻ، ٻچن کي کارائڻ جو ڪم ڪانگن جي بلي هوندو آهي، پر اها ڏند ڪٿا آهي. اصل ۾ ائين نه آهي.[

ڪوئل گرم جابلو علائقن جو رهندڙ پکي آهي. ڪوئل جو جسم گول، پڇ ڊگهو هوندو آهي، وچولي مضبوط مڙيل چهنب ٿيندي اٿس. ڪوئل جو گذران جيتن تي هوندو آهي.

عام طور هيٺين ڪلاسن ۾ ڪوئل کي ورهايو ويو آهي.

(1)                        Old world Cuckoo پراڻي دنيا جي ڪوئل.

(2)                       Common European Cuckoo عام يورپيئن ڪوئل.

(3)                       Cuculus Canarous Cuckoo ڪاٺ جي شڪل جهڙا کائيندڙ ڪوئل.

ڪوئل مادي ٻچن ڦوڙن کان پهرين آکيري جو چڪر هڻندي آهي. انهن مان اهي آنا چونڊينديون آهن جيڪي سندن رنگ سان ملندا آهن، باقي هٽائي ڇڏينديون آهن. اڪثر چار يا پنجن آنن تي آرو ڪنديون آهن. انهن جو آري تي ويهڻ جو عرصو 48 ڪلاڪ هوندو آهي. هر دفعي نئين آکيري ۾ آرو ڪنديون آهن. ننڍا ٻچا جيئن وڏا ٿيندا آهن. انهن کي سندس وڏا پنهنجي پٺيءَ تي کڻي ٻين آکيرن ۾ منتقل ڪندا آهن.

ڪوئل جو ذڪر بائيبل، ارسطو جو ڪتابن، سنڌي، هندي ۽ انگريزي ۽ ٻين ٻولين جي شاعري ۾ پڻ ڪيل آهي. ڇاڪاڻ ته هن جو آواز سريلو آهي. اسانجي لوڪ، ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعريءَ ۾ ڪوئل جو کوڙ ذڪر آهي. لطيف سائين جو بيت آهي:

رڃ ۾ رڙ ٿي، ته ڪر ڪو وول ڪوڪ،

ولولو ۽ وو، ايءَ تان آه عشق جي.

امداد حسيني جو هڪ شعر آهي. ڪوئل ڪنهن جي ليءِ ٿي ڪوڪي؟ هرڪو پنهنجي ليءِ ٿو سوچي!

(1)        آمريڪن ڪوئل Americian Cuckoo ننڍڙي ڪبوتر وانگر ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اها جيت خور نه هوندي آهي. اهي پنهنجا آکيرا شاخ تي ٺاهينديون آهن. انهن جي چهنب زردي ۽ ڪاري ٿيندي آهي. هيءَ قسم ان ڪري به وڌيڪ اهميت وارو آهي جو هيءَ قسم اهي جيت مخصوصن کائيندو آهي. جيڪي انسان ذات لاءِ نقصانڪار هوندا آهن.

(2)        رستي ٿي ڊوڙندڙ ڪوئل Road Runner Cuckoo هن قسم جون ڪوئلون گڏجي آرو ڪنديون آهن. اٽڪل 20 کان 25 آنن تي ويهنديون آهن. هن قسم جي ڪوئل جي اڏام-رفتار اٽڪل 40.3 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي. هن قسم جون ڪوئلون گڏجي هڪ ئي آکيري ۾ رهنديون آهن. اهي نانگ ۽ ڪرڙيون کائينديون آهن.


 

چتر ۽ ترجمو: نظير قاسمي                              قسط 4

ٽلوءَ جو خطرناڪ سفر

 

1- جهنگ جي ڏاهي ”شطر مرغ“ ٽلوءَ جو احوال ٻُڌي، کيس اُميد ڏياري ته هو ۽ سندس ٻيا ساٿي، سندس سلامتيءَ سان ديس پُهچڻ لاءِ ڪانه ڪا واٽ ڳولي لهندا.

2- ٽلوءَ رات جو هڪ خواب ڏٺو، جنهن ۾ هو اُڏامي پنهنجي ديس پُهتو هُئو، ۽ اُتي سندس مِٽ مائٽ ڏاڍو خُوش هُئا ۽ کانئس سفر جو احوال معلوم ڪري رهيا هُئا.

3- صُبح جو شطر مرغ ۽ جهنگ جا ٻيا جانور هڪ هنڌ گڏ ٿيا ۽ ٽلوءَ جي سلامتيءَ سان پنهنجي ديس واپسيءَ وارن طريقي تي ويچار ڪيو، جهنگ جي ڏاهي ”شطر مرغ“ هڪ نقشو به پيش ڪيو، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هُئو ته ٽلوءَ جي ديس جي واٽ ۾ ڪهڙا مُلڪ ۽ علائقا ايندا.

4- جهنگ جي شهزاديءَ، شطر مرغ جي ڏسيل هڪ طريقي مُطابق وڻن جون ٽاريون گڏ ڪيون ۽ ٽلوءَ کيس حيرانيءَ وچان ڏسندو رهيو.

5-     پوءِ شهزاديءَ انهين ٽارين کي مضبوطيءَ سان ٻڌي هڪ ننڍي ٽوڪري ٺاهي ۽ تنهن سان ٽلوءَ جا ڦوڪڻا ٻڌيا.

6- ٽلو هاڻ ڏاڍو خُوش هَئو، ڇو جو هو پنهنجي ديس وڃي رهيو هُئو ۽ هُنَ خُوشيءَ وچان جهنگ جي شهزادي ۽ ٻين جانورن کي الوداع ڪيو، جيڪي کيس اُڏام ٽوڪريءَ ۾- کيس مٿي ويندي ڏسي رهيا هُيا.

(باقي ايندڙ مهيني)

جواب: 1. گڏهه، 2. ڪتو، 3. اٺ، 4. ٻڪري، 5. رڍ، 6. هرڻ، 7. ٻلو، 8. گدڙ، 9. بگهڙ، 10. سهو، 11. نانگ، 12. رڇ، 13. گهيٽو، 14. نور.
عظميٰ پنهور

هن پرچي ۾ جانورن جا نالا ڳوليو

1-   اچ ته حيدرآباد گڏ هلون.

2-  مون کي ٻه سير ڪيڪ توري ڏي.

3-  علي، بابا ڪجهه دير ماٺ ڪري ويهو.

4-  برکا جي هٿ مان رٻ ڪري پئي.

5-  جلدي ڪر ڍنڍ مان پاڻي ڀرڻو آهي.

6-  هيڏو سارو گاهه رڻ پٽ ۾ ڪيئن ٿيو.

7-  رٻ لولي تي رکي کائڻ ۾ ڏاڍو مزو آهي.

8-  مان هي ساسرون ۽ مگ دڙي شهر مان آندا آهن.

9-  پٽ محراب گهڙي گهڙي ٻاهر نه وڃو.

10-                       مان امتحان ۾ پاس ٿيس هو سڙي ويو.

11-                        شينا ننگر پار وئي هئي.

12-                       هر هفتي منصور ڇاڇري ڇو ويندو آهي.

13-                       پارس اهي شيشا سگهي ٽوڙي ٻاهر اڇلاءِ ڇڏ.

14-                       آئون ڪالهه نور پور ويو هئس.


 

م.ص.علي        جاسوسي ٻالڪ ناول         (قسط ڇهين)

ويران حويلي

گڙگاٽ ٿيڻ سان جميل، بدحواسيءَ وچان، ٽپ ڏئي اٿي بيٺو ۽ انو به ڇرڪ ڀري ان پاسي نهارڻ لڳو. ڀت جي جاءِ تي خلا ڏسي انوءِ حيران ٿيندي پڇيو.“ هه.... هيءَ ڀت ڪيڏانهن وئي!؟“

”ڇي هُو اُهوا ڏانهن.“ جميل پنهنجي، بدحواسيءَ تي ڪنٽرول ڪندي چيو ”گهٽ ۾ گهٽ طلسمي چڪر ۾ ته ائين ئي ٿيندو آهي.“

”هون.“ انوءِ سوچ ۽ ٻڏل اکين سان هوڏانهن ڏسندي چيو، ”ضرور ڪا ميڪنيزم حرڪت ۾ آئي هوندي.“

”الائجي،“ جميل مُرڪي، کيس چيو، ”باقي ڀانيان ٿو ته سڄي شرارت هن رسيءَ جي ٽڪر ۾ آهي.“

انوءَ اڳتي وڌي، رسيءَ جي ٽڪر کان هٿ ۾ کڻي غور سان ڏٺو ۽ پوءِ کيس سٽ ڏني، هڪ ڀيرو وري گڙگاٽ ٿيو ۽ خلا پورجي ويو ۽ ڀت وري پنهنجي جاءَ تي موٽي آئي. انوءَ هڪ ڀيرو وري اها ڪاروائي دهرائي ته وري ڀت غائب ٿي وئي.

انو پرجوش انداز ۾ جميل ڏانهن ڏسندي چيو، ”منهنجو خيال نيٺ درست ثابت ٿيو. ڳجهو رستو يقينا اهو آهي. پر تو ڪيئن ڳولي ڪڍيو!؟“

بن مانگي موتي ملين، اورمانگي ملي نه بيک.“ جميل وراڻيو، ”محض اتفاق سان. مون رسيءَ جو ٽُڪر ڏسي ان کي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ سٽ ڏني ته بَس کُل جا سِم سِم ٿي وئي.“

”واه.“ انوءَ چيو، ”تون ته ڪو انتر جامي پيو لڳين.“

رڳو انتر جامي. آئون ته الائي ڇاڇا آهيان. پر هن بي قدري دنيا وٽ ڪهڙو قدر ٿيندو. مون جهڙا سوين با ڪمال شخص رڻ ۽ راهن ۾ رلي ويا. ”ان ۾ رڳو دنيا جو ته قصور نه آهي. مناسب وقت ۽ موقعو به ته اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڪنهن شيءَ ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ بلاشڪ هڪ وڏي خوبي آهي. پر تنهن کان وڌيڪ خوبي ان ڪمال کي مناسب وقت تي دنيا آڏو پيش ڪرڻ به ته آهي.“ ”اي وقت جا نقيب.“ جميل ڀت ۾ پيدا ٿيل خلا ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”سڀ کان اڳ، هن پاسي توجه ڏي. ڪٿي ائين نه ٿئي، جو اسان جي ڊبيٽ جي صدارت ڪو منگهو ٻلو اچي ڪري.“

”ان جو امڪان گهٽ آهي. هنن کي خواب خيال ۾ به نه هوندو، ته هن وقت ڪو هتي ايندو ۽ ڳجهو رستو ڳولي ڪڍندو.“ انوءَ کيس چيو. ”پر خير. تون هتي ئي بيهه، آئون ٿو وڃي ڏسا ته هن پاسي ڇا آهي.!“

”انو،“ جميل ڳڻتي وچان چيو، ”پنهنجو خيال رکجانءِ، هي معاملو، جنهن کي اسان ايڊوينچر سمجهي شروع ڪيو هو، بيحد خطرناڪ ٿيندو پيو اچي.“ ”توکي ڊپ پيو ٿئي ڇا؟“ انوءَ ٺٺولي ڪندي پڇيس، ”جي ائين آهي ته تون ٻاهر وڃ ۽ منهنجي جاءِ تي ڦوٽي کي اندر موڪل.“

”يار ڪمال آهي.“ جميل باهه ٿيندي چيس. ”اڄ ڪلهه ڪنهن کي نيڪ صلاح ڏيڻ به خواري آهي. مون پئي توکي محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو ۽ تون وري پاڻ کي وڏو دلير پيو سمجهين“

”سوري“ انوءَ ڦڪو ٿيندي چيو، ”آءَ ٿاٽ يُو آر بِڪَنِگ يِلَو. ”مون سمجهيو ته تون گيدي پيو ٿين،“

”ناٽ اَيٽ آل.“ جميل ترت جواب ڏيندي چيو، ”هيڊو پيلو نه پر ڳاڙهو ڳَٽُول.“ ”گُڊ.“ انوءَ تعريف ڀريل نگاهن سان هن کي ڏسندي چيو، ”حقيقت هيءَ آهي ته بُرائيءِ سان جنگ جوٽڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي. هن جنگ ۾ ڪڏهن به؛ ڪنهن به وقت، ڪنهن جي به همت جواب ڏئي سگهي ٿي.“

”دوست فرمايُو، جميل وراڻيو،“ هاڻي جي مناسب سمجهو ته جنگ جي ميدان ڏانهن منهن ڪريون.“

انو مسڪرائي ڏانهس ڏٺو ۽ پُٺي ڏئي، ڀِت ۾ پيدا ٿيندڙ خلا ڏانهن وڌڻ لڳو. خلا وٽ پهچي هن ٻئي پاسي ڏانهن ڏٺو. خلا جي پريان هڪ خالي ڪمرو هو. انوءَ خالي ڪمري ڏانهن لنگهي ويو. ڪمرو بنا ڪنهن فرنيچر جي بلڪل خالي هو، پر ٻاهرئين ڪمري جي ڀيٽ ۾ ڪافي صاف سٿرو هو. ائين پئي معلوم ٿيو، جيئن هن ڪمري جي باقائدي صفائي ٿيندي رهندي هجي.

غور سان ڏسڻ تي، هن ڏٺو ته کاٻي پاسي واري ڀت تي، ٽن مختلف رنگن، يعني ڪاري- سائي ۽ پيلي رنگ جون، اٽڪل ٽي ٽي انچ ڊگهيون ۽ ٻه سينٽي ميٽر ٿلهيون ۽ اڀريل ليڪون نڪتل هيون. انوءَ آهستي آهستي وڃي، ان ڀت جي ڀرسان بيٺو. ٿوري دير ڪجهه سوچي هن ڪاري رنگ جي ليڪ تي آڱر رکي آڱر رکڻ سان، سان هڪ ڀيرو وري گڙگاٽ جو آواز ٿيو ۽ خلا جنهن مان هو لنگهي هن پاسي آيو هو، سو پورجي ويو ۽ ان جي جاءِ تي ڀت اچي بيٺي.

ڪجهه سوچي انوءَ هڪ ڀيرو وري ڪاري ليڪ تي آڱر رکي ته ڀت غائب ٿي وئي ۽ خلا پيدا ٿي ويو، ان تجربي کان پوءِ، انوءَ وري سائي ليڪ تي آڱر رکي. هن ڀيري، ساڄي پاسي دري ڀت بنا ڪنهن آواز جي پنهنجي جاءِ تان هٽي وئي ۽ ان جي جاءِ تي هڪ ٻيو خلا پيدا ٿيو.

انوءَ ان خلا وٽ پهچي ڏٺو ته، ٻئي پاسي هڪ ننڍڙي ڪوٺڙي هئي، جنهن جي ڇيڙي تي، پٿر جي ڏاڪڻ ٺهيل هئي، جنهن جا ڏاڪا هيٺ وڃي رهيا هئا. انو هن پاسي ٽپي ويو ۽ محتاط انداز ۾ هيٺ لهڻ لڳو.

ڏاڪڻ جي ختم ٿيڻ تي، انو، هڪ اهڙي ويڪري ڪمري ۾ پهتو، جنهن جو فرش تي موبل آئل جا داغ هئا. هڪ پاسي موبل آئل جا خالي دٻا به پيل هئا. ٻئي پاسي ننڍڙي الماڙيءَ ۾، جديد ترين قسم جا هٿيار پيل هئا، جن جي جهلڪ الماڙيءَ جي شيشن واري دَرِن ۾ نظر پئي آئي.

ڪمري ۾ هڪ پاسي ڪاٺيءَ جو دروازو ٺهيل هو، جيڪو هن وقت ٻيڪڙيل پئي معلوم ٿيو. انوءَ اڳتي وڌي دروازي کي کولڻ لاءِ هينڊل ۾ هٿ وجهي سٽ ڏني ته دروازو کلي ويو ۽ هن جي آڏو، ڇهه فٽ ويڪري، طويل سرنگهه، دروازي کان شروع ٿي، اڳتي وڌندي، ڪنهن نامعلوم هنڌ ڏانهن وڃي رهي هئي.

”هينڊز اپ.“ اوچتو هن کي پنهنجي پويان رعب دار آواز ٻڌڻ ۾ آيو، انو ڇرڪ ڀري، پويان ڏٺو ته هن کي چار نقاب پوش، روالور هٿ ۾ کنيو، بيٺل نظر آيا. روالورن جي نالين جو رخ هنجي سيني ڏانهن ٿيل هو.

سيٺ دائود جي پجيرو جڏهن، رئيس ارباب علي جي اوطاق وٽ اچي بيٺي ته اتي ويٺل ڪڙمي ڪڙا ۽ رئيس جا ذاتي نوڪر پنهنجي ڪم ڪار ڇڏي پجيرو وٽ اچي بيٺا ۽ ڪمدار اڳتي وڌي پجيرو جو دروازو کوليو. هڪ نوڪر رئيس کي اطلاع ڪرائڻ لاءِ رهائشي حصي ڏانهن ڊوڙندو ويو.

”سائين سلاماليڪم.“ ڪمدار، سيٺ دائود تي نظر پونديئي، کيس سلام ڪندي آجيان ڪئي، ”ڀلي ڪري آيا.“

وعليڪم اسلام.“ سيٺ دائود گاڏيءَ مان لهي. هن ڏانهن هٿ وڌائيندي چيو، ”منهنجو نالو سيٺ دائود آهي. اوهان پنهنجي رئيس کي اطلاع ڪرايو.“

”رئيس اچي ٿو، تيسين اوهان هلي اوطاق ۾ آرامي ٿيو.“ ڪمدار جواب ڏيندي چيو.

سيٺ داود، اوطاق ۾ اچي، اڃا ويٺوئي مس ته، رئيس ارباب علي سلام ڪندو اوطاق ۾ گهڙي آيو. هڪ ٻئي کي کيڪارڻ کانپوءِ جڏهن ٻئي آمهون سامهون ٿي ويٺا ته رئيس ارباب علي ڏانهس منهن ڪندي چيو، ”اوهان کي اوچتو هتي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي اسين پنهنجو ڪماند ۽ وونڻن جو سمورو فصل اوهان جي شگر ۽ ٽيڪسٽائل ملن کي ڏيندا آهيون ۽ ان ڏس ۾ پنهنجي هڪ ٻه ملاقات به ٿيل آهي، پر اڄ ته اوهان وڏو قرب ڪيو آهي.“

”اها اسان صنعتڪارن جي بدقسمتي آهي.“ سيٺ دائود مسڪرائيندي چيو،“ جو انهن دوستن سان به گهرا نٿا ٿيون، جن جو ڪچو مال، اسان جي فيڪٽرين کي هلائي ٿو.“

ان ۾ رڳو صنعت ڪارن کي قصور وار بڻائڻ زيادتي ٿيندي. ارباب عليءَ کيس، جواب ڏيندي چيو، ”اڄ ڪالهه هر شخص اهڙو نفسا نفسيءَ ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جو ڪنهن کي به ڪنهن شيءَ جو هوش نه آهي. بس ائين پيو لڳي ڄڻ هرڪو ڪنهن منڊ ۾ منڊيل يا ڪنهن ڌُن ۾ ٻڌل، نامعلوم منزل ڏانهن ڊوڙندو پيو وڃي.“

”خوب!،“ سيٺ دائود هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو. ”اوهان ته نهايت هوشياري، دانشمندي ۽ خوبصورتيءَ سان، تلخ حقيقتون بيان ڪري سگهو ٿا.“

”مهرباني.“ ارباب علي مسڪرائيندي چيو، ”دراصل ڳوٺاڻي زندگي، حقيقي زندگيءَ جي وڌيڪ ويجهو هوندي آهي. ان ڪري هٿان جي ماڻهن کي، جيڪا شيءَ جيئن هوندي آهي، تيئن ڏسڻ ۽ بيان ڪرڻ جي عادت پئجي ويندي آهي، جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه جي تيز رفتار مواصلاتي سرشتي ان ۾ به گهڻو فرق آڻي ڇڏيو آهي.“

”اوهان سان ملي ڪري واقعي ڏاڍي خوش ٿي.“ سيٺ دائود وراڻيو، ”عام زميندارن جي ڀيٽ ۾ اوهان جي سوچ سلجهيل، عميق ۽ نتيجه خيز آهي.“

”اهو اصول ته هر ڪنهن ۽ هر جاءِ سان لاڳو آهي،“ ارباب علي موٽ ۾ چيو.

”ڪيترا صنعتڪار به اهڙا آهن، جن جو وجود صرف ۽ صرف قدرت جي خاص مهرباني لڳندي آهي.“

”هاڻي شايد منهنجي هتي اچڻ جو مقصد به پورو ٿي وڃي.“ سيٺ داود ڳالهه جو رخ مٽائيندي چيو، ”اوهان جا خيال ٻڌي، ڀانيان ٿو ته منهنجو ڪم آسان ٿي پوي.“

”معاف ڪجو،“ ارباب علي سنجيده ٿي ويو. ”ڪم ڪار جون ڳالهيون ته پوءِ ٿينديون. پهرين ٻڌايو ته اوهان ڇا کائيندا ۽ ڇا پيئندا. ڳالهين ۾ منهنجو ان پاسي خيال ئي نه ويو.“

”ضرورت ته نٿو ڀانيان،“ سيٺ دائود جواب ڏيندي چيو، ”پر اوهان جي دل شڪني به مقصود نه آهي، سو جيڪي اوهان کي وڻي.“

ٿوري دير کان پوءِ جڏهن خاطر تواضع کان واندا ٿي هو، ٻئي وري هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿي ويٺا ته، سيٺ داود گلو صاف ڪري چيو. ”ادا مون سوچيو آهي ته اهڙن ڪارخانن جي تعمير جو سلسلو شروع ڪجي، جن جو ڪچو مال، ملڪ ۾ جام هجي ۽ ترت ئي ملي به وڃي، ڇو جو، اڄ ڪلهه ٽرانسپورٽيشن ڏاڍي مهانگي به ٿيندي وڃي ۽ اجايو وقت به سيڙجي ٿو. سو ان ڏس ۾ جيڪڏهن اوهان جي تَر ۾ ڪا سٺي زمين مناسب اگهه تي ملي وڃي، ته گتي ٺاهڻ جو ڪارخانو کولي، شروعات ئي هتان ڪجي. ائين ڪرڻ سان هتان جي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا به نڪرندا ۽ هت خوشحالي به ايندي.“

”خيال ته تمام مناسب ۽ سهڻو آهي.“ ارباب علي کيس موٽ ۾ چيو، ”پر هن تَر ۾ ڪنهن زمين جو ملڻ مشڪل آهي.“

”سو ڇو!؟“

”هن تر ۾ فقط منهنجي ۽ رئيس واليءَ ڏني جي زمين آهي، سو آئون نٿو سمجهان ته اسان ٻنهي مان ڪو به زمين وڪڻڻ جي باري ۾ سوچي به سگهي ٿو.“

”ڇا اوهان نٿا چاهيو ته اوهان جي علائقي ۾ خوشحالي اچي!؟“

”سائين بُک ته اسين هينئر به ڪونه ٿا مرون. اسان جا ته هاري ناري به سُکيا ستابا آهن.“

”وڌيڪ پيسا اچڻ سان ترقي ۽ تعمير جو دور شروع ٿيندو آهي. ڇا اوهان نٿا چاهيون ته صدين کان وٺي ڪَکائن گهرن ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن کي پڪا گهر نصيب ٿين. هت پڪا رستا ٺهن، جيئن هتان جا رهواسي اچڻ وڃڻ ۾ سهولت محسوس ڪن.

ان کان سواءِ بجلي ۽ پاڻيءَ جي يقيني فراهمي، پلمبنگ ۾ ڪار پينٽنگ جو جديد سرشتو، ڇا اوهان انهن سڀني شين کان پنهنجي ماڻهن کي محروم رکڻ چاهيو ٿا؟ گهٽ ۾ گهٽ تعليم ۾ طبي سهولتين جو انتظام هتان جي ماڻهن جو بنيادي حق آهي!؟“

”اهو ڪهڙو بدنصيب هوندو.“ ارباب علي تلخيءَ سان مسڪرائيندي چيو،“ جيڪو پنهنجي ماڻهن لاءِ انهن شين جو حاصلات نه چاهيندو هجي. پر انهن شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسين اهڙي ڪا به قيمت ادا ڪرڻ نٿا چاهيون، جنهن کان پوءِ اسانجو وجود عدم برابر ٿي وڃي ۽ اسين پنهنجن لاءِ به پراوا ٿي وڃون.“

”مون اوهان جو مطلب نه سمجهو؟“

”مطلب صاف آهي. ٻَني صرف اسان جو پورهيو ئي نه آهي، پر اسان جي ڪِرت، اسان جي سڃاڻپ ۾ اسان جي، جيءَ جو جياپو آهي. ٻَني پوکڻ کان وٺي، لاباري تائين، اسين جيڪي سور سختيون ۽ موسمن جون سرديون گرميون سهندا آهيون، اهو ئي اسان جو عشق، اسان جو رومان آهي، جهڙي طرح قصن ۽ ڪهاڻين ۾ ڪنهن ديو جو ساهه ڪنهن پکيءَ  يا جانور ۾ هوندو هو. اهڙي طرح اسان جو ساهه به ٻَنيءَ ۾ آهي. اسان جون ريتون رسمون ۽ سموري ڪلچر جو بنياد ٻَنيءَ رکيل آهي. سو سائين چند ٽڪن خاطر اسان ڪيئن پنهنجي جندجان ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪنداسين!“

”اوهان جا جذبات قدر لائق آهن.“ سيٺ داود محظوظ ٿيندي چيو،“ پر جذبات ڪيترائي لائق قدر ڇو نه هجن، پر انهن جي ڪري پنهنجي ماڻهن جي زندگيءِ جي تعمير ۽ ترقي قربان نه ڪبي نه!“

مون کي ان کان انڪار نه آهي، ”ارباب عليءِ، ڪرسيءَ تي پاسو بدلائيندي چيو،“ ۽ نه وري منهنجو اهو مطلب هو. آئون اوهان کان پڇان ٿو ته ڇا صنعتي ترقي ئي واحد ترقي آهي۽ ڇا زراعت کي ڪابه اهميت نه آهي ؟ جي ائين هجي ها ته اڳوڻي سويت يونين صنعتي ترقيءَ جو انتهائي عروج ماڻڻ کان پوءَ به گوڏا نه کوڙي ها. ان جو عوام، ڌارين کان اناج نه پِني ها. اسين خواهشمند آهيون، ته اسان جا واسطيدار به ترقي ڪن، پر زرعي ترقيءِ وسيلي، نه ڪي پنهنجي ڪرت ڇڏي، ڪنهن ٻئي ذريعي.“

”مون ته پنهنجو خيال ظاهر ڪيو هو، پر اوهان ته سيريس ٿي ويا.“

” جڏهن به ڪنهن جي هيانو ۾ هٿ پوندو آهي، ته ان جو سيريس ٿيڻ لازمي هوندو آهي.“

اڄ سموري دنيا جو مسئلو خوراڪ آهي. اوهان جا عالمي ادارا خوراڪ کي هٿي ڏيڻ ۽ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيترا جتن پيا ڪن پر نتيجي ۾ اٿو پيا ۾ وري ڏڪر پيو آهي. ٻيو ته آمريڪا اولهه جرمني، ڪيناڊا ۽ جاپان وغيره جو مٿاهون مان، خوراڪ ۾ پاڻڀرائيءَ جي ڪري آهي. اتان جي هارين کي به اهي سبڀ سهولتون ميسر آهن، جن جو اوهان ذڪر ڪيو آهي.“

”ٺيڪ آهي سائين.“ سيٺ داوءد، اوچتو پنهنجي ڪرسيءِ تان اٿندي چيو.“ پر منهنجي ڳالهه به ڌيان ۾ رکجو. جڏهن به ڪا مناسب زمين ملي وڃي ته مون کي ضرور اطلاع ڏجو.

”حاضر.“ ارباب عليءَ به اٿندي چيو، ” منهنجي خيال ۾ اوهان انهن هنڌن تي ڪارخانا لڳايو، جتي زمين جي اُپت گھٽ ۾گھٽ  هجي يا بنهه نه هجي. ائين ڪرڻ سان اوهان جو مقصد به پورو ٿي ويندو ۽ اتان جي ماڻهن جا معاشي مسئلا به حل ٿي ويندا.“

”بلڪل ٺيڪ.چڱو هاڻي خدا حافظ.“:

” سيٺ صاحب ايترو جلد ڇو ٿا وڃو. ويهو ها ته گڏجي ڪو لنگر پاڻي به ڪيون ها!“

” مهرباني. وري ڪنهن ٻئي ڀيري. چڱو هاڻي خداحافظ.“

”الله واهي!“

هڪ عاليشان ۽ شاهاڻي عمارت جي وڏي ويڪري هال ۾ هڪ وڏي ميز جي چوڌاري ٻارنهن ڪرسيون پيون هيون، جن مان ڇهن ڪرسين تي ڇهه ماڻهو خاموشيءَ سان ويٺا هئا، هنن جا چهرا نقابن سان ڍڪيل هئا، ۽ ميز جي منڍ تي پيل خالي ڪرسيءَ ڏانهن ڏسي رهيا هئا. ڪڏهن ڪڏهن واري وري ڪنڌ کڻي هال جي هڪ پاسي ڏسي رهيا هئا ائين پئي لڳو ڄڻ کين ڪنهن اهم شخصيت جو انتظار هجي.

ٿوري دير کان پوءِ، هال ۾ گهنٽي وڄڻ جو آواز آيو ۽ ان سان گڏ هڪ قداور ماڻهو، جنهن جو سمورو بُت ڪاري لباس سان ڍڪيل هو ۽ سندس چهري تي به نقاب پيل هو، هال جي هڪڙي ڪنڊ مان نروار ٿي، ۽ فاتحانه انداز ۾ پر اعتماد قدمن سان هلندو، ميز وٽ آيو. هن کي ڏسي ميز جي چوڌاري ويٺل نقاب پوش ادب سان اٿي بيٺا.

”ويهو.“ قداور نقاب پوش هڪ هٿ مٿي کڻي، بيٺل کي چيو ۽ پاڻ به ميز جي منڍ تي پيل خالي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، هن جو لهجو غير ملڪي هو ۽ سندس آواز ۾ اهڙي گونج ۽ هيبت سمايل هئي، جهڙي ڪنهن اونهن ۽ کوکلن غارن ۾ ڳالهائڻ سان پيدا ٿيندي آهي.

”گولڊ ون، رپورٽ،“ قداور نقاب پوش ويٺلن ڏانهن منهن ڪري چيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com