ماڪوڙا،
ماڪوڙيون
ڪاني تي
کڻي،
پاڻيءَ جي
نالين ۾ اڇلائي
سندن
تماشو ڏسڻ ۽ ٽهڪ لڳائڻ.
پاڙي وارن
جي
پاليل
ڪڪڙين جا
چوزا
ڦاسائي
کين
کلي
ٽانڊن
تي پچائڻ،
غليل
سان جهرڪيون
مارڻ
۽
گهٽين جا
بلب
ڀڃڻ.
صديق
ڪجهه
مڙئي
چڱڙو هو،
سو
کيس
ان ظلم
کان
روڪيندو
هو.
رفيق
نه
مُڙندو هو.
سندن
خاص
شرارت ۾ هڪ
شرارت جا
هئي،
سا هئي
نرسرين مان
ننڍا
تازا
ڄاول
ٻوٽا چوري
ڪرڻ
۽
نرسري جي
ڀرسان
وڏي
تلاءَ مان
ڪنڍيءَ
سان
ننڍا شاڪُر
ڦاسائڻ.
ڪڏهن
شاڪر
ته
ڪڏهن
ڏيڏريون ۽
ڪميون
ڪنڍي ۾
ڦاسي پوندا
هئن.
بس
شل
نه ڪا
ڏيڏري
ڦاسي، يا
ڪا
ڪمي،
پوءِ
ته هوندا
هئن
ٽهڪ
۽
روڊن، گهٽين
۾
کين
رُلائڻ ۽ ريڙهڻ.
نرسري
۾
ڪم
ڪندڙ،
ٿڪل
پوڙهو، کين
ڏاڍو جهليندو
هو،
پر ٻئي نه
مڙندا هئا.
هڪ
ٻه
دفعو مار
به
کاڌائون،
پر ڪين مُڙيا.
پوڙهو کين چوندو
هو:
”بابل
تلاءُ جي
گهرائپ تمام
وڏي
۽
اونهي آهي
۽
سندس
بيهڪ به
ڏاڍي
خطرناڪ آهي.
پوسل
۽
ترڪڻ تي
ڪٿي
پير
نه ترڪي
وڃيوَ.“
پر
سائين
حرڪت پٽ
پوڙهي کي چريو
۽
اڌ
مغزي سمجهي
ڪو
ڌيان
نه
ڏيندا
هئا ۽ پنهنجيءَ
شرارت کان باز
نه
ايندا هئا.
اڪثر
ٽپهري
جو
ٽائيم هوندو
هو،
جو صديق
۽
رفيق
نرسريءَ واري
وڏي
تلاءَ تي
وڃي
ڪنڍيءَ
سان مڇيون
ڦاسائڻ
جي
بهاني سان
ويندا هئا.
تلاءَ جي
چوگرد
ڪانڊيرا ۽ گاهه
هو.
صرف
ٻه
گهيڙ
هئا، جتان
پوڙهو پاڻي
ڀري
ٻوٽن
کي
ڏيندو
هو،
جنهن ڪري اُتي
پوسل
۽
ترڪڻ ٿي پوندي
هئي.
پيارا
ٻارؤ!
هڪ
دفعي
جمعي جو
ڏينهن
هو
ڪو
به نرسريءَ
۾
ڪو
نه
هو.
هرڪو
نماز
جي تيارين
۾
پنهنجي گهرن
۾
وهنجڻ ۽
ڪپڙن بدلائڻ
۾
مصروف هو.
اوڙي
پاڙي جا
سمورا فرد
پنهنجي ڪمن
ڪارين ۾ مصروف
هئا.
صديق
۽
رفيق
ان تائيم
ڪنڍي
کڻي،
مڇي
مارڻ لاءِ
تلاءَ تي
ويا.
پوڙهو
تازو
پاڻي
ٻوٽن کي
ڏئي، نماز
لاءِ
ويل هو.
تلاءَ جي
ٻنهي
گهيڙن وٽ
تمام
گهڻي ترڪڻ
هئي.
صديق
ڪنڍي
لڳائي هڪ
گهيڙ
کان
وهي رهيو
۽
رفيق
ڀرسان
زمين
کوٽي سانپا،
ڪڍڻ
لاءِ
ڪاٺيءَ
سان آلي
زمين
کوٽي
رهيو هو.
اوچتو
ڪنڍيءَ ۾ ڪا وڏي
ڪمي
ڦاسي
پئي.
صديق
جيئن
ئي کيس مٿي
ڇڪڻ
جي
ڪوشش
ڪئي،
ته سندس
پير
ترڪي ويو.
هو
ڌُو
ڪري
وڃي تلاءَ
۾
ڪريو.
گهڻي
ئي هٿ
پير
هنيائين، پر
تيئن
تلاءَ جي
گهرائيءَ ۾ لهندو
ويو.
رفيق
جيئن
ئي
ڏٺو، تيئن
وڄي
رريون
ڪيائين:
”بچايو...
صديق
کي
بچايو.“
پر
ڪو هجي
ته
صديق کي بچائي،
نه
ئي پوڙهو
نه
وري ڪو اوڙي
پاڙي
جو ماڻهو.
رفيق وٺي
گهرن
ڏانهن
ماڻهن کي وٺڻ
لاءِ
رڙيون
ڪندو ڀڳو.
جيستائين
ماڻهو پهتا
تيستائين پوڙهو
پهچي
چڪو هو،
۽
صديق
کي
ٻاهر
ڪڍي
آيو هو.
رفيق
جي
اکين ۾ لڙڪن
جي
برسات هئي.
منهنجا مٺڙا
صديق، مون
کي
ڇو
ڇڏي
وئين.
پر
جڏهن
صديق کي جيئرو
ڏٺائين
ته
خوشيءَ مان
کڻي
صديق
کي
ڀاڪر
پاتائين.
نرسري
واري
پوڙهي سندس
اکين
جا لڙڪ
اُگهندي چيو
ته:
”پٽ
ڪيڏو جهليندو
هو
سانوَ.
پر
نه
مڙندا هو.
ڏس
ڪيڏو
پيارو دوست،
ضد
۽
شرارت جي
ڪري
وڃائي ويهي
هان.“
رفيق
روئيندو رهيو:
”ته
چاچا اڳهن
ايئن
ڪو
نه
ڪندس.“
سو
ٻارؤ!
ان
ڏينهن کان وٺي
رفيق
شرارت ڇڏي ڏني ۽ پڇتائيندو
رهيو.
اهي
جڳهيون ڏسي جت
شرارت
ڪندا
هئا،
کيس
اکين ۾ لڙڪ
ڀرجي
ايندا هئا.
اُميد
ته
پيارا
ٻارؤ!
توهان
به
اهڙيون شرارتون
نه
ڪندا
۽
هر ڪم ڪرڻ کان اڳ
ان
جي باري
۾
نتيجي نڪرڻ
جو
ضرور سوچي
پوءِ
ئي ڪو قدم
کڻندا...
جيئن
توهان کي به
رفيق
جيان پڇتائڻو
نه
پوي...
نه
ئي
توهان ننڍڙين
۽
پيارين اکين
۾
لڙڪ
اچن.
شَهرِ
يوَر
جوڻيجو
ٻلين
بابت ٻه اکر
گهريلو
پاليل ٻلي ۽ عظيم
سائبيريائي چيتو،
جيڪو
ڏهه
فوٽ
ڊگهو ۽ پنج
پائونڊ وزن
وارو
ٿئي
ٿو.
ٻئي
ساڳئي ٻلي
ڪٽنب جا
آهن.
هن
ڪٽنب ۾ پنجاهه
کان
مٿي
جانور آهن.
هي
جهنگلي جانور
هڪ
يا اُن
کان
وڌيڪ
قسمن ۾ آسٽريليا
۽
مئڊاگاسڪر کان سواءِ
دنيا
جي هر
ملڪ
۾
لڀن ٿا.
ٻليون
جيڪي
مختلف جسامتن
جون
هونديون آهن،
سي
گرم ترين
۽
سرد ترين
ملڪن
۾
رهي سگهن
ٿيون.
هنن
۾
ڪيتريون
ئي خصوصيتون
آهن.
اوهان
جي
پاليل
ٻليءَ جون
به
اُهي ئي
عادتون هونديون،
جيڪي
هڪ چيتي
۾
آهن.
جهنگلي
توڙي
گهريلو
ٻليون کير
ڏيندڙ/پياريندڙ
جانور
(Mammals)
آهن.
هن
مان اهو
ظاهر
ٿيو
ته ماڻهوءَ
وانگر
ٻيلون به
گرم
رت واريون
۽
پٺيءَ وانگر
ٻليون
به
گرم رت
واريون ۽ پٺيءَ
جي
ڪنڊي
واريون
(Vertebrates)
آهن.
کير پياريندڙ
جانورن کي وار
هوندا آهن
۽
هُو
ٻچا
ڄڻڻ
کان
پوءِ انهن
کي
ڪجهه
وقت
لاءِ کير پياريندا
آهن.
ڪي
کير
پياريندڙ جانور
وڏا،
خطرناڪ ۽ گوشت
کائيندڙ
(Cornivorous)
هوندا آهن،
تن
۾
سڀني قسمن
جون
ٻليون،
شينهن ۽ چيتا
توڙي
گهريلو پاليل
ٻليون
اچي
وڃن
ٿيون.
هن
گروپ
۾
۾
ٻيا
گوشت
خور جانور
رڇَ،
ڪتا،
سامونڊي مڇيون
(Seals)
شامل
آهن.
ڪيتريون
ٻيلون رات
جو
يا سج
لهڻ
مهل ۽ اسر
مهل
شڪار
ڪنديون آهن،
ڇو
جو
هنن جون
اکيون جهڪي
روشنيءَ ۾ وڌيڪ
ڏسي
سگهنديون آهن.
گهڻو
ڪري
سڀئي
ٻليون چڱي
طرح
ٽپي
سگهنديون آهن
يا
گهٽ ۾ گهٽ
پنهنجي بدن
جي
ڊيگهه
جي چؤڻي
ڊيگهه
تي
ٽپي
سگهنديون آهن.
قدرت
هنن کي، هن
سلسلي ۾ ٽپ ڏيڻ جو
اندازو لڳائڻ
۽
تواز
قائم رکڻ
جي
قابليت ڏني آهي.
ٻليون
آواز
ڪڍڻ
۾
به مختلف
آهن.
ننڍيون
ٻليون
”ميائون ميائون“
ڪنديون
آهن ۽ وڏيون
ٻيلون
ڄڻ
گجگوڙ
ڪنديون آهن.
ڪيهر
شينهن
کنگهه جهڙو
آواز
ڪڍندو
آهي.
سيامي
۽
جهنگلي
ٻليون
تيز
چرڙاٽ وارو
آواز
ڪڍنديون
آهن.
ٻليون بيهڻ
مهل
پنهنجا پويان
پير،
اڳين چنبن
۾
رکنديون آهن
۽
انهيءَ طريقي
سان
هلڻ مهل
خاموشي سان
هلي
سگهنديون آهن.
ڪو
به
جانور گگهه
اوندهه
۾
ڏسي
ڪو
نه سگهندو
آهي.
ٻليون
به
اُنهي اصول
کان
آجيون ڪو نه
آهن،
پر هو
پنهنجي اک
جي
ماڻڪيءَ کي گهٽ
روشنيءَ ۾ وڌائي
سگهن
ٿيون.
اُنهيءَ
طرح،
هو انسان
جي
مقابلي ۾ وڌيڪ
ڏسي
سگهن
ٿيون.
جيئن
روشني وڌندي،
تيئن
ماڻڪي ننڍي
ٿيندي
ويندي.
اونده
۾
ٻلي
جون
اکيون چمڪن
ٿيون
ته
اُن جو
اهو
سبب آهي،
ته
اک جي
ڪاري
سطح
تي ننڍا
جُزا
نظر اچن
ٿا.
جڏهن
روشني انهن
جزن
تي پوي
ٿي،
ته
اُنهن کي وڌيڪ
روشن
ڪري
ٿي.
ٻليءَ
جي
ٻُڌڻ ۽ سُونگهڻ
جي
قوت تيز
آهي.
ٻلي
جي
کهري ڄڀ هن
لاءِ
تمام
ڪارائتي آهي،
جنهن
سان هوءَ
هڏي
تان گوشت
آسان
سان لاهي
سگهي
ٿي.
ٻليءَ
جي پيرن
جا
چنبا نرم
گاديلن وانگر
آهن.
سياري
۾
اُهي
کيس
سيءَ کان بچائين
ٿا.
سندس
قوت واريون
مُشڪون کيس
ٽپڻ،
ڊوڙڻ وغيره
۾
سٺي
مدد ڏين
ٿيون.
چيتي
کان
سواءِ ٻين
ٻلين جا
چنبا
اهڙا هوندا
آهن،
جيڪي وڌي
يا
سوڙها ٿي سگهندا
آهن.
ٻليءَ
جو جسم
به
تمام لچڪدار
هوندو آهي.
اُن
ڪري
ان جي
چرپر
تيزيءَ توڙي
ڍرائيءَ
۾
وڻندڙ ۽ سانائتي
لڳندي آهي.
پُڇ
به
ٻليءَ کي جسم
جو
توازن قائم
رکڻ
۽
ٽپڻ
ڪڏڻ
۾
مدد ڪري ٿو.
پوءِ
کڻي
هوءَ
هوا ۾ هجي.
ترار
جهڙن
ڏندن
واري، هڪ
قبل
مسيح تاريخ
دور
جي
ٻلي، چيتي
جيڏي
هئي.
ٻلين
جا تکا
۽
ڊگها
ڏند
هوندا آهن،
اهي
ٻليون
انهن
ڊگهي
ڏندن جي
ڪري
وات
به پورو
کولي
ڪو
نه
سگهنديون هيون
۽
آهسي
آهستي گم
ٿي
ويون.
آفريڪا
جي
جهنگلي
ڪافر
ٻلي، گهريلو
ٻليءَ
جي
نسل مان
هئي،
اهو نسل
اڄ
به اتر
آفريڪا ۾ موجود
آهي.
هن
جو
رنگ
ڀورڙو ۽ پٽن
وارو
ٿئي
ٿو.
پهرين
مصرين، هنن
ٻلين
کي
پاليو.
قديم
وقت
۾
جهازن وسيلي
اٽلي
۽
يونان سان
ٻلين
جو
واپار به
هليو.
رومي
سپاهي، جن
اسپين ۽ اتر
يورپ
جو سفر
ڪيو،
تن
وٽ پاليل
ٻليون
به
هونديون
هيون.
انهن
ٻلين
جو
يورپ جي
جهنگلي
ٻلين سان
ميلاپ ٿيو.
هيڏانهن
گهريلو پاليل
ٻلين
کي
مصر
۾
مقدس جانور
جو
درجو به
ڏنو
ويو.
اڪثر
مالڪن جي
ممين
سان گڏ،
ٻلين
جون
مميون به
دفن
ڪيون
وينديون هيون.
ٻلي
مارڻ
يا چورائڻ
مصر
۾
ڏوهه
ليکيو ويندو
هو.
مصر
جي
هڪ ديويءَ
کي
ٻليءَ
جو
چهرو ڏنو ويو
آهي.
گهر
سينگارڻ ۽ پتلا
رکڻ
۾
به
ٻليءَ جو
حصو
نظر اچي
ٿو.
قديم
چين ۾ به
ٻلين
کي
اهميت ڏني ويئي
آهي
۽
ٻلين
جي ڪم ۾ هڪ
هي
به ڪم شامل
هو
ته هو
ريشم
جي
ڪپڙن جي
کوپن
کي
ڪُئن
کان
محفوظ رکن.
ٻلين جا
جيترا به
قسم
آهن، انهن
۾
فرق
فقط وارن
جي
ڊيگهه
۽
رنگ جو
آهي.
پهرين
ڊگهن
وارن
واري
ٻلي، جيڪا
آمريڪا ۾ درآمد
ڪئي
ويئي، سا
انگورا ٻلي هئي،
اهو
قسم اڄ
به
موجود آهي.
انهن
جهڙن هڪ
ايراني ٻلي به
آهي.
ڊگهن
وارن واري،
هن
ٻليءَ
جو جسم
تناسب وارو،
ڪن
ننڍا
۽
گول مٿو
آهي
۽
ٽنگون
البت انگورا
کان
ننڍيون آهن.
وارن
کي
صفائيءَ جي
ضرورت رهي
ٿي.
ايراني
ٻليون
گهڻيون مقبول
۽
سهڻيون هونديون
آهن.
ايراني
اَڇين
ٻلين جون
اکيون نيريون
۽
ڪارين
جون
اکيون گهري
سليٽي ۽ نارنگي
رنگ
جون
ٿينديون آهن.
وڏن
وارن وارين
چانديءَ رنگ
جون
ٻليون
اکيون عام
طور
سايون هونديون
آهن.
ٻليون
پٽا پٽي
به
هونديون آهن.
اهي
پٽا نهايت
خوبصورت لڳندا
آهن.
مختلف
نسلن
جي ميلاپ
سان
جدا جدا
پٽن
۽
رنگن جو
نسل
جنم وٺي
ٿو.
انگلنڊ
جي
اتر، اولهه
ڪناري
واري
آئل آف
مئن
تي رهندڙ
منڪس
(Manx)
ٻليون،
ڪاري،
سفيد ۽
ڪنهن به
ٻئي
رنگ
جون
ٿينديون آهن.
هنن
ٻلين
جو پڇ
ڪو
نه
ٿيندو
آهي ۽ پويون
ٽنگون
ڊگهيون
ٿينديون
آهن.
اها
خبر
نه آهي
ته
هن ٻيٽ تي
هي
نسل
ڪيئن پهتو
۽
ڪيئن
پيدا
ٿيو.
فقط
ڪن
منڪس
ٻلين
جو ننڍڙو
پڇ
هوندو آهي.
سيامي
ٻليون:
هنن
جو اصل
نسل
ٿائلينڊ
سان تعلق
رکي
ٿو.
هنن
جو
رنگ پيلو
ٿيندو
آهي.
گهري
ڀوري
رنگ
جا ۽ نيرا
پير
ٿيندا
اٿن.
پونگڙا
اڇا
ڄمندا
آهن ۽ وڏي
ٿيڻ
تي
سال ۾ رنگ
بدلائي جوان
ٿيندا
آهن.
ٿڌ
۾
به هنن
جو
رنگ گهرو
ڪارسرو
ٿئي
ٿو.
برما
جون
ٻليون به
سيامي
ٻلين جهڙيون
ٿينديون
آهن
۽
آواز گُگهو
اٿن.
ٻليءَ ۽ شينهن
جو
خاندان هڪ
ئي
آهي.
جابلو
شينهن جيڪو
آمريڪا ۽
ڪئناڊا ۾ هوندو
آهي،
ان جا
ڪيترائي
نالا
آهن، جيئن:
ڪوگر،پُوما،
پئنٿر،
ڪاٽامائونٽ ۽ مئڪسيڪن
شينهن وغيره.
ٻين قسمن
۾
باب
ٻليون،
ڪئناڊا
النڪس جاگئرس
۽
مارکي وڏيون
۽
سندن
سڃاڻپ موجب
جهنگلي ۽ جهنگراڙ
ٻليون
آهن.
بوليويا
۽
چليءَ ۾ اهڙيون
وڏيون
ٻليون موجود
آهن،
جن کي اينڊين
چون
ٿا.
آمريڪا
۾
جاگئرنڊي ٻلي لڀي.
اهڙي
طرح پيرو،
ڏکڻ
برازيل ۾ پمپاس
ٻليون
لڀن
ٿيون.
ٻليون
به شڪار
ڪرڻ
۾
تيز
آهن، پر
اصل
خونخوار شڪاري
وڏا،
ٻلا
يعني شينهن
۽
چيتا
هوندا آهن)
.ورتل)
اسحاق عادل
منگي
سچ
جي لاٽ
سچ
جي
ٻاريو لاٽ
پيارا
سچ
ئي روشن
واٽ
پيارا
ڪوڙ
ته
ڪاري
ڪارنهه
آهي
جو جڳ
۾
ڪندو
ڪارو
آهي
بيزار رهو
اهري
داغ کان
سچ
جي
ٻاريو
لاٽ پيارا
سچ
ئي
روشن واٽ
پيارا
سچ تي
جي
هن سرڙا
ڏيندا
جي ڪوڙ نهوڙي
هن
ڇڏيندا
سورها سورها
هن
سي پسبا
سچ
جي
ٻاريو
لاٽ پيارا
سچ
ئي
روشن واٽ
پيارا
تن
ڪا ناهي
ڏکي
واٽ
پيارا
سچ جي
حاصل
ٿا
الفت ڪن
سڀ کي سي
ئي
ٿا
ٻار
وڻن
وٺندا سچ
جا
جي
ڪنارا هن
ڏس تن
جا
او ڳاٽ پيارا
سچ
جي
ٻاريو لاٽ
پيارا
سچ
ئي روشن
واٽ
پيارا.
شرف
زمان
پير چنڊامي
(نظم)
ٻارن
لاءِ لکان
مان!!
ٻارن جهڙو
ٻار
ٿيان
ٿو
تڏهن
ته
ٻارن لاءِ
لکان
ٿو
ويهه ورهيه
ٿو
پوئتي موٽان
پنهنجي ننڍپڻ
کي
ٿو
سوچان
ننڍپڻ
جا
سڀ روپ
ڏسان
ٿو
صبح سويري
اول
اٿي مان
مسجد ۾ ٿو سبق
وٺان
مان
پوءِ
وري
اسڪول وڃان
ٿو
سرور، گلشن
ياد
پون ٿا
گڏجي منهنجي
پين
ڀڃن
ٿا
سائين
کي
مان
دانهن
ڏيان ٿو
موڪل ملندي
گهر
ٿو
پهچان
رستي ۾ مان
ڪو
نه
ٿو
بيهان
مان
کائي
ننڊ
ڪيان
ٿو
شام جهٽ
پل
راند ٿو
کيڏان
سج لهڻ
کان
اڳ
ٿو
موٽان
هٿ
منهن
ڌوئي
ٺيڪ
ٿيان
ٿو
سبق پڪو
پو
ڪيان
ٿو
پنهنجو
لکڻ پڙهڻ
کان
ٿيان
ٿو
واندو
ماني
کائي
پوءِ
سمهجهان ٿو.
ڊينئل
ڊينو
قاضي
آصف
(قسط-2)
برباد ٻيٽ اڪيلو ماڻهو
جيتوڻيڪ
مان
هڪ سٺو
تارو
آهيان.
پر
تنهن
هوندي به
خطرناڪ لهرن
مون
کي
ساهه کڻڻ جي
وٿي
به ڪا نه
پئي
ڏني.
وري
به
مان جوان
هئس
۽
جسم ۾ گرم
رت
پئي
ڊوڙيو.
تنهن
ڪري
ڪنهن
نه
ڪنهن
طرح ترندي
ٽڪرين
کان
ٻاهر
نڪري
آيس.
هتي
مون
ڪپتان
جو لاش
ڏٺو،
جنهن
جو مٿو
ڦاٽل
هو
۽
اونڌي منهن
سمنڊ
جي
ڇولين تي
لڙندو پئي
ويو.
اهڙيءَ
ريت
منهنجي
ڀرسان جھاز
۾
ٻين
چئن
خلاصين جا
لاشبه لڙهندا
لنگھي ويا.
اوچتو
هڪ
ننڍي ڀڳل سڳل
ٻيڙي
منهنجي سامهون
آئي.
ڏاڍي
مشڪل سان
ترندو سمنڊ
جي
ڇولين
سان وڙهندو
وڃي
ٻيڙيءَ
کي
پهتم،
ٻييءَ ۾ پاڻ
کي
ڦٽي
ڪري
ڇڏيم
۽
مان
بيحال ٿي ويس.
ٻيڙيءَ
۾
اونڌو سمهيو
پيو
هوس ۽ منهنجي
ٽنگ
اڃان
تائين پاڻيءَ
۾
لڙڪي
رهي هئي.
پيٽ
۾
سمنڊ
جو
کارو پاڻي
ڀرجي
ويو
هو، جيڪو
هينئر رکي
رکي
ٻاهر
پئي نڪتو.
طوفان جو
زور
هاڻي گھٽجي
ويو
هو.
ائين
پئي
لڳو، ڄڻ طوفان
جو
سڄو زور
جھاز
کي
ٻوڙڻ
۽
ڪپتان
کي
مارڻ تائين
هو.
مان
هاڻي
ٻيڙيءَ
۾
اٿي ويٺو
هوس
۽
هيڏانهن هوڏانهن
ڏٺم.
برسان جھڪي
ٿي
چڪي
هئي.
هوا
۾
اها
تيزي ڪا نه
هئي.
ٿوري
پنڌ تي
جھاز
ٻه
ٽڪر
ٿيو.
ٽڪرن
۾
ڦاٿو
پيو هو.
مون
کي
ٻيڙيءَ
جي پاسي
کان
ڪنهن
ٻيٽ
جو
ڪنارو
پنهنجي عجيب
غريب
قسم جي
ڊگھن
۽
ڪارن
وڻن
سان نظر
پئي
آيو.
هڪ
زوردار
لهر، منهنجي
ٻيڙيءَ
کي
سمنڊ
ڪناري
واريءَ تي
اڇلي
ڇڏيو.
ڪجھ
وقت تائين
واريءَ تي
ليٽيو پيو
هئس
۽
منهنجي منهن
تي
هلڪيون برسات
جون
بوندون پئجي
رهين
هيون.
واريءَ
تي
تري
کوڙي ڪنڌ مٿي
ڪري
ڌيان
سان
هن ٻيٽ کي ڏٺم.
هي
ڪجھ عجيب
ٻيٽ
پئي
لڳو، ڇو ته
عام
ٻيٽن
جي ڀيٽ ۾
هن
ٻيٽ تي
وڻ
گھٽ هئا.
ڊگھيون
ڊگھيون
ٽڪريون
هيون، جن
تي
سائي رنگ
جو
تهه
ڄميل هو،
سمنڊ
جون لهرون
منهنجي پيرن
کي
ڇُهي
واپس
موٽي پئي
ويون.
اٽل
اڍائي فرلانگ
پري،
سمنڊ جي
نوڪدار
ٽڪرين جي
وچ
۾
اسان جو
پرتگالي جھاز
ٻه
ٽڪر
ٿيو
پيو
هو.
جنهن
ٻيڙيءَ
مون
کي
ڪناري
تي آڻي
ڦٽي
ڪيو،
تنهن
جي به
هڪ
پاسي جي
تختن
جون
ڇتيون نڪري
پيو
هيون.
سڀ
کان پهرين
ته
الله جو
شڪر
ڪيم،
جنهن هن
خوفناڪ طوفان
مان
منهنجي جان
بچائي.
مون
کي
پڪ
هئي ته
جھاز
جا سمورا
ملاح
ٻڏي
مري ويا
هوندا.
ڪپتان
سميت ڪجھ ملاحن
جا
لاش ته
مون
پاڻ پنهنجي
اکين
سان ڏٺا هئا.
ٻين
جي
باري ۾ اهو
ئي
گمان هئو
ته
اهي به
بچيا
ڪو
نه هوندا.
نه ته
ضرور
هو
ڪنهن نه
ڪنهن
تختي
جي وسيلي
هتي
ڪناري
تائين پهچي
ويا
هجن ها.
مون
دل ۾ انهن
جي
مغفرت لاءِ
دعا
گھري.
ان
کان پوءِ
سڄي
حياتي انهن
مان
ڪنهن
هڪ جي
صورت
نه ڏٺي.
اهي
سڀ
جو سڀ
سامونڊي طوفان
جي
حوالي ٿي ويا
هئا.
ٿورڙي
دير کان پوءِ
مون
ڏٺو
ته ٻن ٽن ملاحن
جون
ته سامونڊي
ٽوپيون
۽
بوٽ
ترندا پئي
آيا
۽
ڇولين
انهن کي واريءَ
تي
اڇلي
ڇڏيو.
مون
اٿي
هڪ
ڳاڙهي رنگ
جي
ٽوپي
کنئي
۽
ان کي نپوڙي
مٿي
تي رکيم.
اهڙيءَ ريت
هڪ
جوڙو بوٽن
جو
کنيو.
ان
مان
سمنڊ جو
پاڻي
ڪڍي
پائي
ڇڏيم.
منهنجي
نيري
رنگ جي
ٿلهي
سٿڻ
آلي ٿي پئي
۽
قميص
پڻ ڦاٽي
پئي هئي.
ڪڪر
هاڻي
آهستي آهستي
ٽڙي
پکڙي
ويا هئا
۽
ترز
چڀندڙ اُس
نڪري
آئي هئي.
مون
سڀ
کان
پهرين ان
حقيقت کي محسوس
ڪيو
ته
زندگيءَ جو
سک
آرام گھڻو
پوئتي رهجي
ويو
آهي.
مون
وٽ
نه
ڪجهه
کائڻ لاءِ
آهي،
نه ئي
ڪجھ
پيئڻ
لاءِ مان
بک
۽
اڃ ۾ مرڻ
لاءِ
ان سڃي
۽
ڊيڄاريندڙ
ٻيٽ
۾
اڪيلو
ڇڏيو ويو
آهيان.
منهنجي
کيسي
۾
الائجي
ڪيئن
ڪاٺ
جو
ٺهيل پائيپ
۽
تماڪ
جي چمڙي
وارو
ننڍو
ٿيلهو بچي
ويو
هو.
مون
ٿيلهو
ڪڍي
ڏٺو
ته
سڄو تماڪ
پسي
ويو هو.
ان
ڪري
تماڪ
کولي سڪائڻ
لاءِ
اُس
۾
رکي
ڇڏيم.
اُس
آهستي آهستي
گھٽ
ٿيندي
پئي وئي
۽
شام
جي ٿڌ شروع
ٿي
رهي
هئي.
مون
وٽ
ماچيس ڪو نه
هيو،
جنهن کي
ٻاري تماڪ
پي
سگھان. |