هڪ
ڏينهن جڏهن
هو
اسڪول کان موٽي
گهر
پهتو ۽ ماني
کائي،
ڪجهه
وقت
آرام ڪرڻ جو
خيال
ڪيائين.
پر
اڄ
کيس
الائي ڇو آرام
نه
آيو ۽ دل
۾
آنڌ
مانڌ ٿي لڳي،
تنهنڪري گهر
مان
نڪري
ٻاهر آيو
۽
آهستي آهستي
هلندو ريل
جي
پٽڙي تي
پهتو.
اهڙيءَ
طرح
ريل جو
پٽو
وٺندي
ڪجهه اڳتي
وڌيو
ته سندس
نظر
اوچتو ريل
جي
پٽڙي تي
پيئي، جان
کڻي
ڏسي
ته
پٽڙيءَ جو
چڱو
موچارو
ٽڪرو ڀڳو پيو
آهي.
اهڙي
حالت
ڏسي
هن کي سخت
صدمو
پهتو ۽ خيال
ٿيس
ته
جيڪڏهن آئون
ايئن
هليو ويس
ته
گاڏي اچڻ
واري
آهي، ڀڳل پٽڙي
هئڻ
سبب گاڏي
ڪري
سگهي
ٿي
۽
سوين ماڻهو
اجل
جو شڪار
ٿي
سگهن
ٿا.
انهيءَ
خيال
۾
هو ته
اوچتو پري
کان
گاڏي
ايندي
ڏٺائين.
ننڍڙو
حڪيم
هاڻي شش
و
پنج ۾
پئجي
ويو ۽ سوچ
۾
گم
ٿي
ويو ته
ڪيئن
مسافرن جون
حياتيون بچايان.
اوچتو کيس اٽڪل
آئي
۽
پنهنجي اجرڪ
مٿي
ڪري
گاڏي کي هٿ
ڏيڻ
شروع
ڪيا.
گاڏي
پري
کان
وصل ڏيڻ شروع
ڪيا،
پر
هو تر
جيترو به
نه
هٽيو ۽ بدستور
گاڏي
کي
جهنڊي
ڏيکاريندو رهيو.
آخرڪار گاڏي
جي
ڊرائيور
سمجهه کان ڪم ورتو
۽
گاڏي
کي
هنگامي بريڪ
هڻي،
ڇوڪري
کي
ريلجي پٽي
کان
ٻاهر
ڪيو
۽
ڇوڪري
کي
ريل
جي پٽيءَ
کان
ٻاهر
ڪيو
۽
ڇوڪري
کان
سبب
پڇيو.
ننڍڙي
حڪيم
سموري حقيقت
ڊرائيور
کي
ٻڌائي
۽
اهڙي
طرح گاڏي
جي
مسافرن جون
قيمتي جانيون
بچائي، عظيم
ڪارنامو
ڪري
ڏيکاريو.
ڇوڪري
جي
اهڙي
بهادري ۽ جرئتمندي
تي
گاڏي جي
مسافرن کيس
ڪافي انعام
ڏنا
۽
ان
سان گڏ
اعليٰ حڪام
پاران پڻ
هن
ڇوڪري
کي
انعام
ڏيئي نوازيو
ويو.
پيارا
ٻارؤ!
ڏسو
ته
هڪ ننڍڙو
حڪيم
ڪيئن
نه جان
جوکي
۾
وجهي سر
جو
سانگو لاهي،
ويچارن انسانن
جون
زندگيون بچايون
۽
پنهنجو نالو
روشن
ڪيو.
ان
ڪري اوهان
به
بهادريءَ ۽ جرئتمنديءَ
جو
مظاهر
ڪندي، انسان
ذات
جي خدمت
ڪريو.
ايئن
ڪرڻ
سان ئي
دنيا
۾
عزت حاصل
ڪري
سگهندؤ،
جنهن ۾ توهان
جي
نيڪانامي آهي.
فوزيا
حبيب
صديقي
(قسط-3)
علاؤالدين ۽ جادو
جو
ڏيئو
پر
علاؤالدين
جواب
ڏنو،
”نه!
مان
توکي
ڏيئو تڏهن
ڏيندس،
جڏهن
تون
مون
کي
ٻاهر
ڪڍندين.“
جڏهن
جادوگر ڏٺو ته
علاؤالدين مون
کي
پهريان
ڏيئو نٿو
ڏئي
ته
گهڻو ناراض
ٿيو.
هن
ٻيهر
باهه
ٻاري
۽
جادو جا
ڪجهه
لفظ
پڙهيا.
هڪدم
پٿر
ٻيهر
ساڳئي جاءِ
تي
اچي ويو.
علاؤالدين اندر
رهجي
ويو ۽
ٻاهر نڪري
نه
سگهيو.
”چاچا!
چاچا!
مون
کي
ٻاهر
ڪڍ،
مان توکي
ڏيئو
ڏيان
ٿو.
منهنجي مدد
ڪر،
مهربان
ڪري.“
علاؤالدين
رڙيون
ڪيون، پر
جادوگر اُتان
وڃي
چڪو هو.
جڏهن
علاؤالدين ڏٺو ته
سڏڻ
مان ڪو به
فائدو نه
آهي،
ته هن
باغ
۾
وڃڻ جي
ڪوشش
ڪئي،
پر
سڀ دروازا
بند
هئا ۽ علاؤالدين
کان
اهي
کُلي
نه سگهيا.
هو
اونداهي
۾
ويهي رهيو
۽
رڙيون ڪرڻ لڳو.
غار
تمام گهڻي
ٿڌي
هئي
۽
ٽي
ڏينهن
بکيو ۽ اُڃيو
رهيو.
هن
وٽ
کائڻ
۽
پيئڻ لاءِ
ڪجهه
به
ڪو
نه هو.
سيءَ
کان
بچڻ لاءِ
هن
پنهنجن هٿن
کي
مهٽيو
”جيئن
ئي
منڊيءَ کي گهڪو
آيو،
ته جيڪا
هُن
کي
جادوگر منڊي
ڏني
هئي)
اونداهي مان
آواز
آيو!
تون
ڇا
ٿو
چاهين.
مان
منڊي
جو غلام
آهيان.
جڏهن
به
تون منڊي
کي
گهيندين، مان
حاضر
ٿي
ويندس ۽ جيڪو
تون
چوندين سو
ڪندس.
مهرباني ڪري مون
کي
گهر
وٺي هل
علاؤالدين منٿ
ڪئي.
پوءِ
هو تمام
جلدي
گهر پهچي
ويو!
هن
جي
ماءُ رڙ
ڪئي.
تون
هيستائين ڪٿي هئين.
مون
ته سمجهيو
تون
گم ٿي ويو
آهي
۽
پوءِ سندس
ماءُ
کيس
ڪجهه
کائڻ
لاءِ ڏنو ۽ کيس چيو
ته
”هو
کائي پي
سمهي
رهي ۽ پوءِ
هن
کي
جلدي ۾ ننڊ
اچي
وئي.
ٻئي
ڏينهن علاؤالدين
جي
ماءُ چيو
ته
”اسان
وٽ
هاڻي
کائڻ لاءِ
ڪجهه
به
ڪو
نه آهي.
مان
ڪم
ڪرڻ
لاءِ
وڃان ٿي.
پر
علاؤالدين
چيو ته
”مان
تمام گهڻو
پريشان آهيان
۽
هي
ڏيئو
دڪان تي
وڃي
وڪڻان ٿو.
هي
تمام
گهڻو پراڻو
آهي.
مان
هن کي گهي
نئون
ڪندس.
جيئن
توکي
وڌيڪ پئسا
ملي
سگهن.
هن
ڏيئو
کنيو ۽ پهريون
دفعو
گهيو ته
ڏيئي
مان
عجيب و
غريب
قسم جو
دونهون نڪتو
۽
ان
مان عجيب
و
غريب قسم
جو
ماڻهو ظاهر
ٿيو
۽
جهڪي
چيائين:
”مان
ڏيئي
جو
غلام آهيان.“
علاؤالدين
جي
ماءُ ڊڄي ويئي۽
پوئتي هتي
وئي
۽
ان جي
هٿن
مان
ڏيئو ڪري پيو.
”مون
سڀ ٻڌو آهي
امان.“
علاؤالدين
رڙ
ڪئي.
تون
ڏيئو
مٿي
کڻ
۽
ڊڄ
نه!
۽
پوءِ عجيب
ماڻهو چيو
ته
”جيڪو
ڏيئو
تنهنجي هٿ
۾
آهي،
اهو جادو
جو
آهي، جڏهن
به
اوهان هن
ڏيئي
کي
گهڪو
ڏيندا
ته مان
حاضر
ٿيندس
۽
توهان جو
هر
حڪم مڃيندس.“
جئين ته
اهي
ٻئي
بکارا هئا.
تنهن
ڪري
علاؤالدين چيو
ته
”مهرباني
ڪري
اسان
کي
ڪجهه
کائڻ
۽
پيئڻ لاءِ
آڻي
ڏي.
ڏيئي
جي غلام
هٿن
کي
مٿي ڪري وري
هيٺ
ڪيو
ته تمام
عمدو
کاڌو
اچي ويو،
جيڪو
هنن اڳ
۾
نه
کاڌو
هو.
ٽيبل
ڳري
ٿي
وئي ۽ توهان
سوچي
سگهو ٿا ته
ايڏي
سوادي
کاڌي لاءِ
پليٽون ڪوپ به
سون
جا هجن.
اهو
عجيب
ماڻهو، انهن
کي
خوش
خوش ڇڏي ويو.
جڏهن
انهن
کائڻ لاءِ
ڪجهه
به
نه
ڇڏيو، سڀ
ڪجهه
کائي
ڇڏيو
ته
علاؤالدين چيو:
”هي
پليٽون مان
دڪان
تي وڪڻي
ٿو
اچان.
انهن
پليٽن مان
اسان
گهڻي وقت
تائين
کائي پي
سگهون ٿا.
ڪجهه
وقت کان پوءِ
اهي
تمام گهڻو
خوش
هئا.
ڇاڪاڻ
ته انهن
وٽ
اهو سڀ
ڪجهه
هو،
جيڪو
اهي چاهين
پيا،
پر
ڪجهه
ڏينهن گذرڻ
کان
پوءِ
هنن سڀ
پئسا
ختم ڪري
ڇڏيا.
هاڻي
علاؤالدين سوچيو
ته
مان
ڏيئي کي
ٻيهر گَهان
ٿو.
هن
ڏيئي کي جيئن
ئي
گهيو ته
ڏيئي
جو
جن ظاهر
ٿيو
۽
انهن
کي
هن اُهي
سڀ
شيون آڻي
ڏنيون،
جيڪي
علاؤالدين ۽ سندس
ماءُ
کي
گهربيون هيون.
جڏهن
به هنن
کي
ڪجهه
گهربو هو
ته
اُهي رڳو
هڪڙو
دفعو
ڏيئي کي گهيندا
هئا
۽
غلام ظاهر
ٿيندو
هو
۽
جيڪو به
هو
سوچيندا هئا،
سو
آڻي
ڏيندو هو.
اهڙي
طرح
ٽي
چار سال
گذري
ويا ۽ هاڻي
علاؤالدين ننڍڙو
ڇوڪرو
نه
رهيو هو،
هاڻي
هو نوجوان
ٿي
ويو
هو ۽ گهڻو
خوبصورت نظر
اچي
رهيو هو.
هڪ
ڏينهن
جڏهن علاؤالدين
رستي
سان وڃي
رهيو
هو ته
هن
هڪري گهوڙي
تي
هڪ خوبصورت
شهزادي ڏٺي.
هو
شهزادي
جي محبت
۾
گرفتار ٿي ويو.
هوءَ
گهڻي حسين
هئي.
ان
کان اڳ
هن
اهڙي حسين
ڇوڪري
ڪڏهن
به
ڪو
نه ڏٺي هئي.
مان
ان
شهزادي سان
شادي
ڪرڻ
چاهيان ٿو.
گهر
اچي
هن پنهنجي
ماءُ
کي
چيو.
اسان
بادشاه کي چونداسين.
سندس ماءُ
جواب
ڏنو.
هيرا
۽
جواهرات تمام
سٺا
تحفا آهن.
علاؤالدين جي
ماءُ
بادشاهه
لاءِ هيرن
جواهرن جو
ٿيلهو
کنيو.
ٿيلهو
بادشاهه وٽ
رکندي رکندي
هن
چيو:
”منهنجو
پٽ
شهزادي سان
پيار
ڪري
ٿو.“
هُن
هي
تحفا اوهان
لاءِ
موڪليا آهن.
ڪهڙا نه
عجيب
ميوا آهن!
بادشاهه رڙ
ڪئي.
تڏهن
پڪ سان
تنهنجو پٽ
به
اهم ماڻهو
آهي
۽
بادشاه واعدو
ڪيو
ته
هو ضرور
پنهنجي
ڌيءَ سندس
پٽ
کي
ڏيندو.
علاؤالدين
جي
ماءُ گهر
وئي
۽
علاؤالدين کي خوشخبري
ڏنائين.
پر
هڪڙو شاهوڪار
ماڻهو بادشاهه
وٽ ويو
۽
چيائين:
”منهنجو
پٽ
توکي ان
کان
به
گهڻو
ڪجهه
ڏيندو، جيڪڏهن
تون
پنهنجي
ڌيءَ جي
منهنجي پٽ
سان
شادي
ڪرائيندي.“
شاهوڪار
چيو.
ٻئي
ڏينهن ماڻهو
چئي
رهيا هئا
ته
شهزادي وڏي
شاهوڪار سان
شادي
ڪري
رهي آهي.
جڏهن
اها
ڳالهه علاؤالدين
ٻڌي
ته
ڪاوڙ
۾
ڏيئي
کي
گهيو ۽ غلام
کي
ڪاوڙ
مان
چيائين ته
”هڪدم
شهزادي ۽ شاهوڪار
جي
پٽ کي هت
حاضر
ڪر.“
جلدي
ئي
غلام حاضر
ٿيو.
ان
سان گڏ
شهزادي ۽ شاهوڪار
جو
پٽ به
هو،
تنهن کي هن
اونداهي
ڪمري ۾ بند
ڪري
ڇڏيو.
هاڻي
علاؤالدين، شهزاديءَ
کي
چيو
ته تون
غمگين نه
ٿي!
مان
توکي هتي
آڻيندس، تنهنجي
پيءُ
اهو مون
سان
واعدو ڪيو آهي
۽
هو
تنهنجي مون
سان
شادي
ڪرائيندو.
هن
شهزادي
کي
ٻڌايو.
هو
شهزاديءَ
کي
واپس محل
۾
وٺي
ويو
۽
جلدي ئي
شاهوڪار جو
ڇوڪرو
به
پنهنجي محل
۾
ويو.
شاهوڪار
ماڻهو تمام
گهڻو
ڪاوڙ
۾
هو ۽ بادشاهه
کي
چيائين ته
هاڻي
مان
ڇوڪري جي
شادي
لاءِ گهڻو
انتظار نٿو
ڪري
سگهان!
اهو
سڀ
ڪجهه
غلام ٻڌو پئي
۽
سڄو
احوال غلام
اچي
علاؤالدين سان
ڪيو.
(هلندڙ)
ليکڪ:
ضراب حيدر (ڪهاڻي)
پڇتاءَ جا
ڳوڙها
پيارا
ٻارؤ!
”چوندا آهن
ته
شرارتي ٻار ڌڪ ضرور
کائي.“
صديق
۽
رفيق به
ڏاڍا
شرارتي هوندا
هئا.
اسڪول
۾
ته
روز شرارت
تي
ٺاهوڪي
مار
کائيندا هئا،
پر
پوءِ به
کين
ڪا
ڪل
نه
پوندي هئي.
مار
کائي
کائي،
سندن هڏ
پختا
ٿي
ويا هئا.
خاص
ڪري
صديق جا،
جيڪو
سدائين شرارت
۾
ڦاسندو
هو
۽
ڪٽبو
هو.
ان
ڪري جو
غريب
جو ٻار هو،
سو
هر
ڪنهن جي
اک
۾
هو ۽ رفيق
هو
وڏ گهراڻي
جو.
سو
کيس ڪو به
ڊپ
ڊاءَ
نه
هو.
نه
ئي
ڪوئي
کيس
ڪجهه
چئي سگهندو.
نه هئس
ڪا
جهل
نه ڪا پل....
بس
ماڳهين زور
نينگر هو.
اسڪول کان موٽندا
هئا
ته
ٿيلها گهر
رکي،
ماني ڳڀو
کائڻ نه
کائڻ
جهڙو.
بس
نڪرندا
هئا، شرارتن
تي.
پاڙي
وارن
لاءِ ته
آزار
هو.
صديق
ڪن
ڳالهين
کان
رفيق
کي
روڪيندو هو،
پر
رفيق نه
مڙڻ
جهڙو، سو
رهندو ويندو
هئس
ڪاوڙجي.
ٻنهي
جي پاڻ
۾
دل
به
ڏاڍي هئي.
هڪ
ٻئي
کان
سواءِ سرندي
ئي
ڪو
نه هئن.
رات
جا ڪي چار
پهر
هڪ ٻئي کان جدا
پنهنجن گهرن
۾
کٽ
تي
سمهي گهاريندا
هئا.
نه
ته
سدائين هڪ
هوندا هئا.
صديق
غريب
هو ان
ڪري
شرارتن کان
ڪيٻائيندو ۽ لهرائيندو
هو.
پر
وري
رفيق جي
محبت
کي
ڏسي
ساڻس هلي
پوندو هو.
پراين گهرن
کي
ٻاهران
ڪڙو
ڏيئي
ڇڏڻ.
ننڍن
ٻارن
کان
شيون
کسڻ، گهرن
۾
ڀينڍ
اڇلائڻ، لغڙن
۾
انگڙو وجهڻ،
ڀرپاسي
جي
باغن مان
ميوا
چوري
ڪرڻ، مطلب
ته
ڪا
به
ڳالهه
کانئن وائکي
نه
هئي. |