تحرير: سوڍو کوسو
چمبڙ/ٽنڊوالهيار
”گل ڦل رسالو“
سنڌ جي ٻارن ۾ ادب ۽ تخليقي سوچ جي تربيت جو واحد
ذريعو)
گُل ڦُل رسالو سنڌ جي ٻارن ۾ ادبي چاھه پيدا ڪرڻ ۾
اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جنھن جي اھميت کي
نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. ھيءُ رسالو سنڌ جي ٻارن
جي ادبي ذوق ۽ تخليقي سوچ کي نکارڻ لاءِ اھم ذريعن
مان ھڪ آھي. ھن رسالي جي باري ۾ ڳالھائيندي، اسان
کي ان جي ايڊيٽر نجما پنھور، سب ايڊيٽر رفيق
جمالي، ۽ سرپرست جناب مخدوم محمد سعيد الزمان
’عاطف‘
جي محنت کي ضرور تسليم ڪرڻ گھرجي، جن پنھنجي لگن ۽
محنت سان سنڌي ٻارن لا ادبي دنيا ۾ ھڪ نئين روشني
پيدا ڪئي آھي. گُل ڦُل رسالو صرف ھڪ ميڊيا
پليٽفارم ناھي، پر اھو ھڪ اھڙو اھم وسيلو آھي،
جيڪو سنڌ جي ٻارن کي ادب سان متعارف ڪرائي ٿو ۽
انھن ۾ تخليقي سوچ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. رسالي
جو بنيادي مقصد ٻارن ۾ ادب ۽ تعليم جي شوق کي
وڌائڻ ۽ انھن کي پنھنجي ثقافت، تاريخ ۽ ٻوليءَ سان
ڳنڍڻ آھي. ان ذريعي ٻار پنھنجي جذبات، خيالن ۽
تخليقي صلاحيتن کي پيش ڪري سگھن ٿا، جنھن سان انھن
جي ذھني ۽ ادبي سطح ۾ بھتري اچي ٿي. گل ڦل رسالي ۾
شامل ڪيل مختصر ڪھاڻيون، شاعري، مضمون، ۽ تصويرون
ٻارن ۾ ادب جي قدر ۽ اھميت جا بي شمار سبق پيش ڪن
ٿيون. ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر پنھنجي محنت، لگن ۽
قابليت سان ھن رسالي کي ھڪ مضبوط بنياد تي استوار
ڪيو آھي، جتي ٻارن کي نوان ۽ دلچسپ مواد پڙھڻ لاءِ
ملن ٿا. ان سان گڏ، رسالي ۾ ٻارن لاءِ تعليمي
مواد، سائنسي ڄاڻ رکڻ وارا موضوع به شامل ڪيا
ويندا آهن، جيڪي انھن جي ذھني ۽ اخلاقي تربيت ۾
مددگار ثابت ٿين ٿا. ٻارن لاءِ صحيح ادب ۽ تعليمي
مواد، انھن جي شخصيت جي ترقيءَ لاءِ اھميت رکندي،
ان ۾ اڻ ڳڻيون نيون ڳالھيون سکڻ ۽ پنھنجي خيالن جو
اظھار ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪن ٿيون. سرپرست جناب
مخدوم محمد سعيد الزمان
’عاطف‘
جي علم ۽ تجربي رسالي جي ارتقا ۾ اھم ڪردار ادا
ڪيو آھي. ان جو مقصد آھي تـ ٻارن کي پڙھڻ سکڻ ۾
مدد ملڻ کان سواءِ انھن ۾ سنڌي ادب، ٻولي ۽ ثقافت
جي اھميت جو شعور پيدا ٿئي.
’گُل
ڦُل جي ٽيم‘
ٻارن کي ھڪ اھڙو ماحول مھيا ڪري ڏنو آھي، جتي اھي
پنھنجي تخليقي صلاحيتن کي آزاديءَ سان ظاھر ڪري
سگھن ٿا ۽ ادب کي پنھنجي زندگيءَ جو اھم حصو سمجھي
رھيا آھن. جنھن جو ڪريڊٽ (Credit)
گُل ڦُل رسالي ڏي وڃي ٿو.گُل ڦُل رسالو ھڪ استاد
جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آھي، جنھن ذريعي سنڌ جي
ٻارن ۾ ادب جو شوق پيدا ڪرڻ ۽ انھن ۾ تخليقي
صلاحيتن کي نکارڻ ۾ مدد ملي رھي آھي. ان رسالي جي
محنت ۽ ان جي ٽيم جي جدوجھد سان سنڌي ٻارن جي ادب
جو مستقبل روشن ۽ مستحڪم بڻجي رھيو آھي. گُل ڦُل
رسالي جو سفر هڪ جستجو آهي، جنھن ۾ ٻارن جي ذھنن
کي نئين روشني ڏني وئي آھي، ۽ ان ۾ شامل سڀئي
ماڻھو پنھنجي محنت سان سنڌي ادب کي زندھ رکڻ ۽
نئين نسل ۾ ان جو ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ پنھنجون
ڪوششون احسن طريقي سان انجام ڏيئي رھيا آھن.
سالار اعجاز
ڄام شورو
ٻارن جي تربيت
·نڪ،
ڪنَ ۽ وات ۾ هر هر آڱريون ناهن وجھبيون، اڳيان
واري ماڻھوءَ کي ناگوار لڳندو آهي. جيڪڏهن اهڙي ڪا
سخت مجبوري محسوس ڪريو، ته نفاست سان
’ٽشو
پيپر يا رومال‘
سان نڪُ صاف ڪجي. نه ڪي هٿ سان. هٿ به ساڄي سان نه
پر کاٻي هٿ سان. ڇو ته ساڄي هٿ سان اوهان کاڌو
کائيندا آهيو ۽ هٿ ملائيندا آهيو.
·جڏهن
به ٻاهر وڃو، ته ڌوتل صاف ڪپڙا ۽ جوتا به صاف هجڻ
گھرجن. اڌگابرا
ڪپڙا پائي ٻاهر نه وڃجي.
·ڇوڪرن
کي به مسجد ۾ وڃڻ مھل شلوار ۽ قميص ۾ وڃڻ گھرجي.
ماءُ پيءُ ۽ ڀينرن جي ڪمري ۾ وڃڻ مهل در تي ٺڪَ
ٺڪَ جو آواز ڪري، پوءِ وڃو. پنھنجي ڀيڻ جي ذاتي
وقت جو خيال رکو. ڪنھن جي ٽيبل تان بنان پُڇي هڪ
بال پين به نه کڻو. ڇو ته اُهو به ڏوهه ۾ شامل
آهي. سُٺي تربيت مائٽن جي طرفان هڪ سُٺو تحفو آهي.
عبدالسميع ”ثمير ملاح“
بکري شريفئ ڪنڊيارو
اخلاق نبويءَ جي جهلڪ
دين اسلام مختلف دورن مان آهستي آهستي
منزلون طئي ڪندي ڪندي هڪ لک چوويھه هزار نبين جي
تبليغ ۾ پنھنجي مڪمل ۽ ڪامل سيرت ۾ آخري نبيﷺ جي
رسالت ۾ حاصل ڪئي ۽ فرمان الاهي آهي، ته
”اَليوم
اَکملت لکم دينکم“
نازل ٿيو. لا نبيءَ بعدي جو آواز بلند ٿيو. پاڻ
سڳورنﷺ نه صرف دين جي تڪميل ڪئي، پر مڪارم الاخلاق
جي تڪميل پڻ ڪيائون. فرمايائون، (مان
سُھڻين خصلتن جي تڪميل لاءِ موڪليو ويو آھيان.)
پاڻ سڳوراﷺ اخلاق حسنه جا مجسمه هئا.
اڄ به جيڪڏهن ڪنھن به مڪتب فڪر جو شخص مذهبي تنگ
نظريي کان آجو ٿي عقل ۽ دلي ڪشادگيءَ سان رسول
پاڪﷺ جي زندگيءَ جي ڪنھن به پھلوءَ تي غور ڪري، ته
يقيناً حضور پاڪﷺ جھڙو ڪامل انسان دنيا ۾ نه ڪو
پيدا ٿيو آهي ۽ نه ئي قيامت تائين ڪو پيدا ٿيندو.
اڳين تمام نبين جون خوبيون پاڻ سڳورنﷺ ۾ سمايل
هيون. جڏهن ته انھن نبين ۾ اهي خوبيون فرداً به
فرداً هيون. پاڻ ڪريمﷺ جن جي پوري زندگي هر قسم جي
معاملات جو عمدو نمونو هئي. ديني معاملا هجن يا
دنياوي، سماجي هجن يا اقتصادي ۽ اخلاقي هجن يا
روحاني. قرآن مجيد ۾ آهي، ته
”انڪ
لعلى خلق عظيم“
(سورة ن و قلم) يعني اي نبيﷺ تون تمام وڏي خلق تي
آهين.
يعني
توهان لاءِ رسولﷺ جي اخلاق ۽ افعال ۾ سُھڻو نمونو
آهي. حضرت عائشه رضي الله کان جڏهن پاڻ سڳورنﷺ جن
جي اخلاق جي باري ۾ پڇيو ويو، ته جواب ۾
فرمايائون،
”پورو
قرآن مجيد سندن جو اخلاق مبارڪ آهي.“
مطلب ته پاڻ سڳوراﷺ فرمان الاهي مطابق زندگي بسر
ڪندا (گذاريندا) هئا. پاڻ سڳورنﷺ جي حسن اخلاق جون
ڪجھه امتيازي خصوصيتون هيٺ ڏجن ٿيون.
رسول اللهﷺ
جن بردباري ۽ معاف ڪري ڇڏڻ ۾ پنھنجو مَٽُ پاڻ هئا.
ذاتي نوعيت جي ڪيڏي به وڏي زيادتيءَ کي پاڻﷺ
معاف ڪري ڇڏيندا هئا. ڪيترن ئي حديثن ۾ ذڪر آهي.
فقط ربّ جي قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن کان خدا جي
رضا خاطر بدلو وٺندا هئا. باقي شخصي معاملات ۾
هميشه عَفو (درگذر) ڪيو اٿن. جنگ احد ۽ طائف جو
واقعو گواهه آهي، ته دشمنن جي زيادتي جي باوجود
پاڻ ڪريمﷺ
انھن کي معاف فرمايو. نه فقط معاف فرمايو اٿن، پر
انھن جي حق ۾ دعا به ڪئي اٿن، ته اي ربّ هي نٿا
ڄاڻن ۽ هنن کي سڌي راهه ڏيکار! پاڻ ڪريمنﷺ
کي چيو ويو، ته هنن جي حق ۾ بددعا ڪريو. پر پاڻ
ڪريمﷺ
جن فرمايائون، ته نه! آءٌ هنن ۾ رحمت بڻجي آيو
آهيان نه ڪي بددعا لاءِ. (الشفاء مدارج النبوة)
صبر استقامت:
پاڻ سڳورنﷺ جن بينظير مثال پيش ڪري ڏيکاريو. ربّ
تعالى جي پياري نبيءَﷺ تي ڪيتريون ئي آزمائشون
آيون، پر پاڻ ڪريمﷺ هر مصيبت ۽ مشڪلات کي مُنھن
ڏيڻ لاءِ صبر ۽ استقامت سان هر ڏُکئي مرحلي جو
مقابلو ڪندا رهيا. حق ۽ سچ جو پيغام پھچائيندا
رھيا.
وعدي وفائي:
نبي ڪريمﷺ جن جي حُسن اخلاق ۽ وعدي وفائي جي
امتيازي خصوصيت ھئي. پاڻ سڳورنﷺ ڪڏھن به وعدي شڪني
نه (خلاف ورزي) ڪونه ڪئي ۽ هميشه وعدي وفائي جي
تلقين ڪندا رهيا.
سخاوت:
سيد المرسلينﷺ سخاوت جي خلق ۾ ايترو ته بُلنديءَ
تي آهن جو وڏي کان وڏا بادشاھه به پاڻ ڪريمنﷺ جن
جي اڳيان شرمسار آهن. سخاوت جي اها حد جو پاڻﷺ
بُکيا رهي، حاجتمندن جي حاجت پوري ڪرڻ ۽ ضرورتمندن
جي ضرورت ۽ مدد ڪرڻ سندن جي عادت مبارڪ هوندي هئي.
ديانت ۽ امانت:
پاڻ سڳوراﷺ نبوت ملڻ کان اڳ ۾ ديانتدار ۽ امين
هئا. ايتري قدر جو ڪيترائي عرب پاڻ سڳورنﷺجن وٽ
امانتون رکندا هئا. نبوت ملڻ کان پوءِ به ڪيترائي
غير مسلم پاڻ سڳورنﷺ جن وٽ امانتون رکي ويندا هئا.
يسرى اعجاز
ڄام شورو
ڪتاب اسان جا دوست آهن
·’پاؤل‘
چئي ٿو ته، ڪتاب هڪ ڊگھو خط آھي، جو ھڪ دوست جي
نالي لکيو ويو ھو.
·دنيا
اڪيلي ڪنھن کي ھڪ مڪمل انسان نه ٿي ٺاهي سگھي، اگر
مڪمل انسان ٿيڻو آهي، ته سُٺي لکندڙ جون لکڻيون،
پڙهڻيون پونديون.
·نو
واليس
ڪتابن سان ڀريل لائبريري ئي هڪ اهڙي جڳھه آهي، جتي
اسان ماضي ۽ حال جي ديوتائن سان آزاديءَ سان
ڳالھيون ڪري سگھون ٿا.
·ڪتاب
پيالي جيان آھن، جنھن مان پاڻي پيئڻ توهان کي خود
سِکڻو پوندو.
·جرمن
زبان ۾ گڏهه کي
’ازيل‘
چيو ويندو آهي، جڏهن اُن کي اُبتو پڙهيو ويندو، ته
’ليزي‘
ٺھندو. اُن جي لاءِ هي ڪو عجوبو ناهي، پر ڪجھه
حاصل ڪرڻ جي لاءِ تو کي گڏهه جيان محنت ڪرڻي
پوندي.
·ڪتاب
جي حوالي سان هڪ تجزيو ڪيو ويو آهي، ته پاڪستان ۾
ماڻھو سالانه صرف ڇھه پيسا هڪ ڪتاب جي لاءِ خرچ ڪن
ٿا!!
بسمه منظور عباسي
چنيهائي/ڪنڊيارو
شيخ سعدي شيرازيءَ جي سوانح حيات
ڪتاب
’گُلستان‘
جي مؤلف سعديءَ جو اصل نالو
”مشرف
الدين مصلح“
پيءُ جو نالو عبدالله ۽ تخلص
”سعدي“
آهي. شيخ مشرف الدين مصلح بن
عبدالله شيرازي سعدي، ايران جي مشھور شھر
”شيراز“
۾ پيدا ٿيو.
ولادت:
سندس ولادت جي تاريخ
585هه
(1189ع)
کان اڳ متعين ٿئي ٿي.
ننڍپڻ:
شيخ سعديءَ جو ننڍپڻ لاڏ ڪوڏ سان گذريو. سندس والد
صاحب شيراز جي حڪمران
”سعد
زنگيءَ“
جي درٻار ۾ اعلى آفيسر هو. سندس والده به هڪ علمي
گھراڻي سان تعلق رکندي هئي. پر خوشين جو اهو دؤر
دائم نه رهيو. سُتت ئي سندس والد صاحب ننڍڙي
سعديءَ کي ڇورڙو ڪري، رب ڏانھن راهي ٿيو. شيخ سعدي
پاڻ لکي ٿو،
مراباشد از درد طفلان خبر
که در طفلي از سر برفتم پدر.
ترجمو:
”مون
کي ٻارڙن جي درد ۽ ڏُک جي پوريءَ طرح خبر آهي، ڇو
ته ننڍپڻ ۾ منھنجي سِرَتان به پيءُ جي شفقت جو
پاڇو کڄي ويو هو“.
والد جي وفات کان پوءِ سعدي جي سنڀال جو بَارُ
سندس والده محترمه تي اچي پيو. جيڪا سعديءَ جي
جوانيءَ تائين زنده رهي ۽ پنھنجي پُٽ جي پرورش
ڪندي رهي.
تعليم:
شيخ سعدي ابتدائي تعليم پنھنجي والد صاحب وٽ ۽
شيراز جي عالمن فاصلن وٽ حاصل ڪيائين. اعلى تعليم
حاصل ڪرڻ جي لاءِ بغداد ويو ۽ اُتان جي مشھور
يونيورسٽي نظاميه ۾ داخل ٿيو. جيڪا نظام الملڪ
طوسيءَ
459هه
۾ قائم ڪئي هئي. هونئن به شيراز وارن جو بغداد سان
گھرو لاڳاپو رهيو آهي. خواجه نظام الملڪ طوسيءَ
جڏهن بغداد ۾
”جامعه
نظاميه“
جو بنياد وِڌو ته هن ان جو پھريون پرنسپل شيراز جي
علامه ابواسحاق شيرازيءَ کي مقرر ڪيو هو.
’مدرسه
نظاميه‘
۾ شيخ سعديءَ کي اسڪالر به ملندي هئي، جيئن پاڻ
لکي ٿو ته،
”مرا
در نظاميه ادرار بود شب روز تلقين و تکرار بود“
ترجمو،
”نظاميه ۾ مون لاءِ وظيفو مقرر هو، رات ۽ ڏينھن
تلقين ۽ سبقن دهرائڻ ۾ مشغول هُيس.“
شيخ سعدي نظاميه ۾ جن استادن وٽ پڙهيو، انھن ۾ سر
فھرست علامه ابن الجوزيرح آهي. جيڪو
تفسير، حديث، اسماءُ الرجال ۽ تاريخ جو امام ٿي
گذريو آهي.
’گُلستان‘
۾ هڪ حڪايت جي اندر شيخ سعديءَ ابن الجوزيءَ جو
ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو خلاصو هيءُ آهي، ته
”شيخ
ابن الجوزي کيس سماع (راڳ) جي محفلن ۾ شرڪت کان
منع ڪندو هو. پر هو مڙندو ڪونه هو. نيٺ هڪ بي سُري
ڳائڻي جي راڳ کيس توبھه ڪرائي ڇڏي.“
بيعت ۽ سلوڪ:
تصوف ۽ سلوڪ جي تعليم سھروردي سلسله جي شيخ الشيوخ
شھاب الدين عمر سھروردي (متوفى
632هه)
کان حاصل ڪيائين. جنھن لاءِ لکي ٿو، ته
”منھنجي
مرشد شيخ شھاب الدين درياءَ جي ڪناري هلندي، مون
کي ٻه نصيحتون ڪيون، هڪ ته پاڻ کي ڪجھه نه سمجھه،
ٻيو ته ٻين جي بُراين ڏانھن نه ڏسُ.“
ولي الله بروهي (هالا نوان)
اچو ته جنت ۾ گهر ٺاهيون
نبيﷺ جن جو فرمان آهي، ته
”آءٌ
جنت ۾ هڪ طرف کان ان جي لاءِ هڪ گھر جو ذميدار
آهيان. جيڪو جنگ کي ڇڏي ٿو ڏي، حق تي هوندي به.“
نبيﷺ جن جو فرمان آهي، ته
”آءٌ
ذميدار آهيان، جنت جي وچ واري حصي ۾ ان شخص جي
لاءِ هڪ گھر جو، جيڪو ڪوڙ ڳالھائڻ کي ڇڏي ٿو ڏي.
ان کي ترڪ ٿو ڪري. ڀلي مذاق ۾ به ڇو نه ڳالھائيندو
هجي.“
نبيﷺ جن جو فرمان آهي، ته
”آءٌ
ذميدار آهيان جنت جي مٿاهين واري حصي ۾ هڪ گھر جو،
ان شخص جي لاءِ جنھن جو اخلاق عمده ۽ اعلى آهي.“
(سنن ابي دائود
4800)
اسان جي معاشري ۾ اڄ ڪلھه بھادري ظلم ڪرڻ ۾ سمايل
آهي! جيڪو ڏاڍ ڪري ڪنھن جي مال ۽ ملڪيت عزت تي وار
ڪندو آهي، زبردستي ڦڏو ۽ فساد ڪري، ڪنھن تي غالب
ايندو آهي، ته اسين معاشري ۾ واھه واھه ڪري چوندا
آهيون، ته واقعي فلاڻو بھادر آهي. سندن جو علائقي
تي وڏو رعب ۽ دٻدٻو آهي. حالانڪ جيڪڏهن ڪير حق تي
هوندي به ڇڏي ٿو، ته ڪيتري خوشخبري جو آخرت ۾ جنت
۾ گھر ٿو ملي.
اسان وٽ ڪوڙ جو ريشو بجائي کُٽڻ جي تمام تيزيءَ
سان واڌ ڪري رهيو آهي! چاهي اها ڪاروبار ۾ هجي،
محبت ۾ هجي يا دنياوي ڪنھن معاملي ۾ ڇو نه هجي. ان
کان بچائو هڪ بھترين والد يا والده ڪري سگھن ٿا.
جو هو پنھنجي ڪردار کي پنھنجي ٻچن آڏو نمونو
بڻائين جو هر مسلمان ڪوڙ کان پاسو ڪري جنت ۾ گھر
جو مالڪ بڻجي پوي.
منظور حسين لاڙڪ
کھڙا/خيرپورميرس
اسڪائوٽ جي تاريخ
هن سال
12
فيبروري تي باني تحريڪ لارڊ بيڊن پاول جو جنم
ڏينھن ملھايو ويو. لارڊ بيڊن پاول
22
فيبروري
1857ع
۾ ھڪ انگريز آفيسر جي گھر انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو. ھن
ابتدائي تعليم انگلينڊ ۾ ئي حاصل ڪئي.
1874ع
۾ سينئر ڪيمبرج جو امتحان پاس ڪيو ۽ فوج ۾ ڪميشن
حاصل ڪيائين. ھن کي
1888ع
۾ آفريڪا موڪليو ويو،

جتي
10
سال رھڻ بعد
1897ع
۾ ھن کي واپس انگلينڊ موڪليو ويو. جتي
2
سال رھڻ بعد
1899ع
۾ ٻيھر آفريڪا موڪليو ويو ڇاڪاڻ ته اُتي آفريڪا جي
علائقي ميفيڪنگ ۾ بونر قوم نالي بغاوت ڪئي . هن کي
اها بغاوت ختم ڪرڻ جي لاءِ اوڏانھن موڪليو ويو ھو.
ھن اُتي وڃڻ شرط فوج کي ٽن حصن ۾ ورھايو. پھرئين
حصي ۾ جوان رکيائين ۽ ٻئي حصي ۾ اڌ عمر جا رکيائين
۽ ٽئين حصي ۾ رسد پھچائڻ لاءِ بزرگ ۽ ٻار رکيائين.
ھن سان ننڍيون وڏيون جھڙپون ٿينديون رھيون. آخر ھڪ
ڏينھن ھن کي باغين قلعي ۾ گھيري ورتو ۽ قلعو بند
ڪري ڇڏيائون. ھن جو رسد به کٽندو ٿي ويو ۽ فوجي
جوان به مرندا ٿي ويا. هڪ ڏينھن هي ان سوچ ۾ ويٺو
هو، ته هن ڏٺو ته هڪ ننڍو ڇوڪرو باغين جي وچ مان
نڪري اچي هن کي هڪ ٻئي فوجي آفيسر جو پيغام ڏنو.
جنھن تي گھيري کي ٽوڙڻ جو پلان ھو. ھن ان تي عمل
ڪري گھيري کي ٽوڙي وڌو ۽ پنھنجي فوج سان وڃي مليو
۽ ان وقت مڪمل تياري ڪري مڪمل طرح
1901ع
۾ ھن اھا بغاوت ختم ڪري ڇڏي.ھڪ ڏينھن ھي پنھنجي
خيالن ۾ ويٺو ھو، ته هن کي خيال آيو جيڪڏهن ان
ڏينھن اھو ڇوڪرو نه پھچي ھا ته اڄ مان هتي جيئرو
نه هجان ها.
جيڪڏهن انھن ٻارن کي باقائده تربيت ڏني وڃي ته اهي
ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪار آمد ثابت ٿي سگھن ٿا. اھو سوچي
ھن هڪ ننڍو ڪتاب اسڪائوٽنگ ايڊسن (Scouting
Adson)
لکيو. جيڪو
1906ع
۾ شايع ٿيو. هو ان وقت جنرل جي عھدي تي ھو. اھو
ڪتاب ماڻھن کي ايترو ته پسند آيو جو هنن هزارن جي
تعداد ۾ لارڊ بيڊن پاول ۽ ان جي ڪمانڊر ان چيف کي
خط لکيا ته اهو ئي ماڻھو اچي انھن ٻارن کي سکيا
ڏي. ايترن خطن جي پھچڻ ڪري ھن جنرل جي عھدي تان
استعيفى ڏني ۽ انگلينڊ جي برائون سي جزيري ۾ دنيا
جي پھرئين اسڪائوٽ ڪيمپ لڳائي. ان موقعي تي فقط
120
اسڪائوٽن شرڪت ڪئي. ايترو ٿورو تعداد ڏسي هي ڏاڍو
مايوس ٿيو، پر هن انھن ڇوڪرن کي دل و جان سان سکيا
ڏني۽ سکيا کان واپس وڃي جڏھن انھن ٻارن سکيل
ڳالھيون پنھنجن مائٽن کي ٻُڌايون، ته ٻئي سال
هزارن جي تعداد ۾ ٻارن شرڪت ڪئي.
ان کان پوءِ
1908ع
۾ ڪتاب’اسڪائوٽنگ
فار بوائز‘
لکيو ۽ اهڙي طرح هن ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا.
1920ع
۾ دنيا جو پھريون اسڪائوٽنگ جمبودي انگلينڊ ۾ لڳي.
جنھن ۾ ھن کي دنيا جو پھريون چيف اسڪائوٽ چونڊيو
ويو ۽ ھي تاحيات چيف اسڪائوٽ رھيو ۽ آخر
83
سالن جي عمر ۾
8
جنوري
1941ع
آفريڪا ۾ گُذاري ويو. سندس قبر ڪينيا ۾ آھي. ائين
اسڪائوٽ جو بنياد پيو.

صديقه عباسي
چنيھاڻي/ڪنڊيارو
انٽرويو
·منھنجو
نالو صديقه عباسي آهي.
·منھنجي
پيءُ جو نالو مولانا ولي الله عباسي آهي.
·مان
ستون ڪلاس، دي ناليج پبلڪ هاءِ اسڪول ڳوٺ چنيھاڻي
۾ پڙھندي آھيان.
·سخت
محنت سان پڙھائي ڪرڻ گھرجي.
·روزانو
گھر ۾ ھڪ ڪلاڪ پڙھندي آھيان.
·مان
وڏي ٿي عالمه (عالمياڻي) ٿينديس. ان شاءَ الله.
·منھنجي
پسند جا اُستاد سائين محمد عمران
عباسي ۽ سائين ماجد عباسي آھن.
·گھر
۾ امان، بابا سائين ۽ ڀائر وڌيڪ ڀائيندا آهن.
·مون
کي کاڌي ۾ برياني پسند آهي.
·مان
واندڪائيءَ ۾ امان ۽ ڏاڏيءَ جي خدمت ڪندي آهيان.
·منھنجي
پسند جو شھر حيدرآباد آھي.
·منھنجي
سُٺي ساھيڙي عافيه صديقي، مھڪ ۽ سکڻِ خاتون آهن.
·اسان
کي غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ گھرجي.
·مون
کي انب جو جوس پسند آھي.
·مون
کي جانورن ۾ بدڪون ۽ مور پسند آھن.
·مون
کي گُڏي راند ۽ اکٻُوٽ راند پسند آھي.
منير حيدر لغاري
شھدادپور
تقرير جو فن
تقرير جو فن ادب، مذهب، ثقافت، سياست ۽ معاشرتي
شعور جي اظھار جو هڪ اهم ذريعو آهي. تقرير جي
ذريعي فرد پنهنجن خيالن، نظرين ۽ احساسن کي مؤثر
طريقي سان ٻين تائين پهچائي سگهي ٿو. تقرير نه رڳو
پيغام رسائڻ جو فن آهي، پر اهو ٻڌندڙن کي، ڄاڻ
ڏيڻ، قائل ڪرڻ ۽ متاثر ڪرڻ جو هڪ طاقتور هٿيار
آهي. تقرير معاشري جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار
ادا ڪري ٿي. تاريخ جي ورقن ۾ اهڙا ڪيترائي مثال
موجود آهن، جتي تقرير ماڻهن منجھه ولولو، جوش پيدا
ڪري تبديليءَ جا نوان دروازا کوليا. وڏا اڳواڻ،
اديب، عالم ۽ ڏاها ماڻهو پنهنجن تقريرن جي ذريعي
ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندا آهن. تقرير سماجي مسئلن
کي اُجاگر ڪرڻ، تعليمي ميدان ۾ شعور وڌائڻ ۽ سياسي
ڪمن ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ هڪ عنصر آهي. تقرير ڪندڙ
ماڻهو لاءِ اهو اهم آهي ته تقرير ڪندڙ کي پنهنجي
موضوع جي مڪمل ڄاڻ هجي. تقرير ڪندڙ جو لهجو ۽ ٻولي
ٻڌندڙن جي سمجھه ۾ اچڻ جهڙي هجي، ان ۾ فصاحت ۽
بلاغت جون خوبيون هجڻ گهرجن. تقرير ڪندڙ لاءِ اهو
پڻ اهم آهي ته ان ۾ اعتماد جي کوٽ نه هجي ۽ مختصر
وقت ۾ جامع بيان جو فن رکندڙ هجي.
تقرير ڪرڻ جو فن هڪ انوکي صلاحيت آهي، جيڪا هر
انسان ۾ ناهي هوندي. پر هجڻ گهرجي. تقرير فرد جي
ذاتي شناخت کي اڀاري ٿي. تقرير سماج ۾ شعور ۽
سُڌارو آڻڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
***
وقت جي اهميت
محترم اُستاد، معزز مھمان ۽ شاگرد ساٿيو، السلام
عليڪم جناب صدر! اڄ جنھن عنوان تي مونکي ڳالھائڻ
جو موقعو مليو آھي، سو آھي، (ڪائنات جي سڀ کان
قيمتي شيءِ)
جناب صدر! ٿَورو وِيچارجَي، ٿَورو سوچجي، ٿورو
لَوچَجي ۽ ٿورو پِرُوڙجي. ھِن ڪائنات جِي اُھا
ڪھڙي شيءِ آھي، جيڪا سون کان به قيمتي آھي!، ھِن
ڪائنات جِي اُھا ڪھڙي شيءِ آھي، جيڪا ھيرن کان به
قيمتي آھي!، ھِن ڪائنات جِي اُھا ڪھڙي شيءِ آھي،
جيڪا اولاد کان به قيمتي آھي!، ھِن ڪائنات جِي
اُھا ڪھڙي شيءِ آھي، جيڪا ھر قسم جي ڌَن دولت، مال
ملڪيت کان به قيمتي آھي!؟
مان سمجھان ٿِو سَو آھي وقت!
ڇا اُھو مُمڪِن آھي، ته اسان پنھنجي ڪمايل سَموري
ڌَن دولت خرچ ڪري، حياتيءَ جي گذريل پلَنِ کي
موٽائي سگھون ٿا؟ نه نه ھرگز نه.
ڇا ھي جيڪا ربّ پاڪ طرفان محدود وقت لاءِ زندگي
مليل آھي، ڇا اھا اسان کي ٻيھر ملي سگھي ٿي؟ نه نه
ھرگز نه.
ڇا اھو ممڪن آھي، هڪ پوڙھو بادشاھه پنھنجي پوري
ملڪيت خرچ ڪري پنھنجو ٻالڪپڻ موٽائي سگھي ٿو؟ نه
نه ھرگز نه.
جناب صدر! وقت تمام وڏي وٿَ آھي، جيڪو ھر
انسان کي ھڪ ڀيرو زندگيءَ جي رُوپ ۾ مليل آھي.
پوءِ چاھي اھو بادشاھه ھجي يا فقير. اسان کي جيڪا
به ڪمائي ڪرڻي آھي، جيڪو ڪُجھه اسان کي حاصل ڪرڻو
آھي، تنھن لاءِ
’وقت‘
لازمي خرچ ٿيندوآھي.
جناب صدر! جيئن پئسي جي خرچ سان، بازار منجھان
ڪابه شيءِ حاصل ڪري سگھون ٿا، تيئن پئسو حاصل ڪرڻ
لاءِ اسان کي وقت خرچ ڪرڻو پوندو آھي. ھاڻ اسان کي
اھا چُونڊ ڪَرڻِي پوندي، ته
”وقت
ڏئي اسان پئسو ڪمايون، يا وقت ڏئي اسان ناسمجھي
۽ ناداني ڪمايون. يا وقت ڏئي اسان ذِلت ۽ نفرت
ڪمايون، يا وقت ڏئي اسان عزت ۽ محبت ڪمايون. يا
وقت ڏئي اسان علم ۽ عمل ڪمايون.“
جناب صدر! انھن منجھان جيڪا ۽ جيتري اسان کي ڪمائي
ڪرڻي آهي، اسان کي اوترو ئي حياتيءَ جو حصو ان
مٿان خرچ ڪرڻو پوندو. اسان جي زندگيءَ جو ھر ھڪ
پل، ھر ھڪ گھڙي، ايتري ته قيمتي آھي، جنھن جو ٻيو
ڪو مثال نٿو ملي.
جناب صدر! آخر ۾ بس ايترو ئي چوندس ته، وقت جو
دُرست ۽ مُتوازن استعمال ئي اصل وقت جي اھميت کي
ظاھر ڪري ٿو. لطيف سائين اسان کي سمجهائي ٿو، ته
جيڪڏهن ڪنهن وڏي منزل تي پهچڻو آهي، ته اجايو وقت
وڃائڻ نه گھرجي.
تَتِيءَ ٿَڌِيءَ ڪاھه، ڪانھي وَيل وَيھَڻ جِي،
مَـتـان ٿِـــئي اُونداه، پير نه لھين پِـــرين
جـــو.
(شاھه سائين)
فاطمه راڻي (ڪنڌڪوٽ)
سهڻا سخن
·صرف
اهي ماڻھو ڀاڳن وارا هوندا آهن، جن سان ماءُ جي
دعا گڏ هوندي آهي ۽ ٻيا اُهي جن سان وفادار دوست
گڏ آهن. هڪ سچو دوست ڪنھن به سچي هيري کان گھٽ نه
هوندو آهي.
·ڪوبه
آئينو انسان جي ايتري سچي تصوير پيش نٿو ڪري،
جيتري اُن جي گفتگو.
·نيڪي
تي غرور ڪرڻ انھيءَ جو اَجُر ضايع ڪرڻ جي برابر
آهي.
·عقلمند
اهو آهي، جيڪو پنھنجي زندگيءَ کي غير ضروري ڪمن ۾
زيان نه ڪري، وقت جو قدر ڪري وقت تمام گھڻو قيمتي
آهي. ان کي ضايع نه ڪرڻ گھرجي.
·مُسڪراهٽ
دنيا جي سڀ کان خوبصورت زبان آهي.
·پھرين
ڳالھه تي ڪجھه دير تائين سوچيو، پوءِ چئو ۽ اُن تي
بعد ۾ عمل به ڪريو.
·خاموشي
هڪ ناقابل برداشت قسم جو پُرزور جواب آهي.
·سڀ
کان وڏي فتح پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ آهي.
·بُردباري،
عقل ۽ سچائي بزرگيءَ جو ڪمال آهي.
·بُردباري
صلح پسنديءَ جو ذريعو آهي.
·آزاديءَ
جي ڪابه قيمت نه هوندي آهي.
·اهو
نه ڏسو ته ڪنھن چيو، پر اهو ڏسو ته ڇا چئي رهيو
آهي.
·شينھن
جي هڪ ڏينھن جي زندگي گدڙ جي سؤ سالن جي زندگيءَ
کان بھتر آهي.
مستقيم محمد علي ڪوريجو
ڪراچي
اُٺَ جي بناوت
مختصر سائنسي نظريي سان
پيارا ٻارؤ! اچو ته اوهان کي اُٺ جي باري ۾ ڪجھه
سائنسي خصوصيتن کان آگاهه ڪريون.
اُٺ جون جسماني خاصيتون:
1.
ڪنڀار:
اُٺ جي ڪنڀار ۾ چرٻي ذخيرو ٿئي ٿي، جيڪا ان کي
ڊگھي عرصي تائين بغير کاڌي جي جيئڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
2.
پيرن جي بناوت:
اُٺ جي پيرن جي هيٺان چپٽا ۽ وڏا پيڊ آهن، جيڪي ان
کي ريتي تي هلڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ۽ بغير ڌسجڻ جي
ريگستان ۾ حرڪت ڪري سگھي ٿو.
پاڻي جي کوٽ سان مطابقت:
اُٺ کي گھٽ پاڻي جي ضرورت آھي، اھو گھڻي وقت تائين
بغير پاڻي جي زنده رھي سگھي ٿو.
پاڻي پيئڻ جي صلاحيت:
کارو پاڻي يا کٽو پاڻي اُٺ
جي گردن ۾ خاص خليا ھوندا آھن، جيڪي مختلف قسم جي
پاڻيءَ کي ھضم ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اُٺ جي جسم جو
نظام کٽي يا کاري پاڻي کي به فلٽر ڪري ان ۾ ضروري
اجزاء جذب ڪري وٺندو آهي.
منفرد وات ۽ چپ:
اُٺ جا چپ خاص طور تي ڪنڊيدار ٻوٽن کي کڻڻ ۽ کائڻ
لاءِ ٺھيل آھن. ان جا چپ ڀريل ۽ مضبوط آھن، جيڪي
ڪنڊن کي برداشت ڪري سگھن ٿا. اُٺ جي وات ۾ سخت
لچڪدار بافتا آھن، جيڪي ان کي ڪنڊيدار ٻوٽن کي
چٻائڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.
ڏند جي بناوت:
اُٺ جا ڏند مضبوط ۽ ڊگھا آھن،
جيڪي
ڪنڊيدار ٻوٽن کي چٻائڻ ۽ پيھي ڪرڻ جي قابل بڻائين
ٿا.
نظام ھضم:
اُٺ جو نظام ھضمي ڪنڊيدار ٻوٽن کي هضم ڪرڻ جي قابل
آهي، جيڪو ٻين جانورن لاءِ مشڪل ٿي سگھي ٿو. ان جو
معدو مختلف حصن تي مشتمل آھي، جيڪي خوراڪ کي چڱي
طرح ھضم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
پلڪون / پنبڻن جي بناوت:
اُٺ جون ٻه پنبڻيون آهن: هڪ پتلي ۽ شفاف، ٻي ٿلھي
۽ مانسدار.
جڏھن ريگستان ۾ ريتي جو طوفان شروع ٿئي ٿو، ته
اُٺ پنھنجون شفاف پلوڪون بند ڪري ٿو، ته جيئن ريتي
کي اکين ۾ وڃڻ کان روڪي سگھجي.
جسم جو گرمي پد بدلڻ:
اُٺ پنھنجي جسم جو گرمي پد به بدلائي سگھي ٿو.
جيڪڏھن ٿڌي ھجي، ته ان جو گرمي پد وڌي وڃي ٿو.
جيڪڏهن گرم ريگستان ۾ هجي، ته ان جي جسم جو گرمي
پد گھٽجي وڃي ٿو.
اُٺ جون هي خوبصورت خاصيتون ان کي رڻ پٽ جي سخت
ماحول ۾ زندهه رهڻ ۽ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي
قابل بڻائين ٿيون. انھيءَ جي ڪري ئي، اُٺ جون ھي
خاصيتون ئي اُٺ کي ان جاءِ تي به زنده رکيو وڃن،
جتي ٻيو ڪو جانور زنده نٿو رهي سگھي. |