سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل فيبروري 2025ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

 ]

[22

سُونهان سُڌِيُون ڏِينِ، ديواني دَرياءَ جِيُون

ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِين رُڳو سَچُ سَودِينِ

عِجزَ جو اَڌَ رات کي وَڻِجُ وِهائِينِ

ساٿُ نِباهِيو نِينِ، ثابِتُ اِنھِه سِيرَ مان.

سمجھاڻي:جيڪي (سالڪ) ان راهه کان واقف آهن، اهي ان ديواني (مستيءَ۾ ڀريل) درياھه جون خبرون چارون رکن ٿا، اهي ڪڏهن به ڪوڙ جي ويجھو نٿا وڃن ۽ هميشه سچ جو سودو پيا ڪن. اهي اڌ رات جو اُٿي (مالڪ سان) نھايت عاجزي ۽ نوڙت جو سودو ڪن ٿا، اهڙا ساٿ ڌڻي (ڪامل انسان) ئي پوءِ اونھي پاڻيءَ مان پنھنجي ساٿين کي سلامتيءَ سان وٺي وڃن ٿا.

[23]

ثابِتُ لَنگھِيا سِيرَ، لَھرينِ لوڏيا ڪِينَ ڪِين

وَڃي پَھُتا پارَ کي، نِرتُون مَنجھان نِيرَ

ماءِ پَھُتا مِيرَ، ٻار لَنگھيائُون ٻاجَھه سَين.

سمجھاڻي: اُهي ماهر ملاح (ڪامل انسان) سمنڊ جي سِير مان صحيح سالم لنگھي ويا ۽ لھرين ان کي ڪو نقصان نه پھچايو. اُهي وڏيءَ سمجھه ۽ سُرت سان سمنڊ کي جھاڳي وڃي پار پھتا. اُهي احترام لائق اڳواڻ مالڪ جي مھرباني ۽ لطف سان پاڻيءَ جي اونھي اوڙاهه مان گذري وڃي منزل تي رسيا.

[24]

ساٿِين سَنبَت پَنڌَ جِي، تُون ويسَرو وِيرَ

جوڙي جُنگَ جَھازَ کي ڪوڏ هَڻائِجِ ڪِيرَ

وَهي وَڻجَارَنِ جِي بَندَرَ ڏانھَ بَھيرَ

گھَرِ تَنِي جي کِيرَ، جَنِ لاڳيدارَ لَنگھائِيا.

سمجھاڻي: تنھنجا سڀ ساٿي سفر جي تياري پيا ڪن پر تون ان کان بلڪل غافل آهين. (اهو وقت آهي جڏهن) تون پنھنجي وڏيءَ ٻيڙيءَ جي تياري ڪرين ۽ وڏي ڌيان ۽ چاهه سان ان کي (صحيح قسم جون) ميخون هڻائي مضبوط ڪرين. (هاڻي موسم اچي وئي آهي جو) وڻج ۽ واپار ڪندڙن جون قطارون بندر ڏانھن (سامونڊي سفر تي رواني ٿيڻ لاءِ) وڃن پيون، انھن جي گھرن ۾ خوشيون آهن جن کي بندر تي محصول اوڳاڙيندڙ روانو پيا ڪن.

[25]

وِيرَ مَ لائي ويھهُ، آرَ اوڙاهَ جي

پَسِي پاڙي واريُون ڪِجُ اَنديشو اِيھُه

ڏِسِين نه وِيندو ڏيھُه، پَتَڻُ هُنَ پارَ مَڻي.

سمجھاڻي: (اي ناکئا) تون جڏهن اونھي پاڻيءَ جي اوڙاهه مٿان پھچين ته اُتي ٿوري دير لاءِ به سُستي يا غفلت نه ڪجانءِ (ڇو ته اتي ئي ٻيڙن جي ٻڏي وڃڻ جو گھڻو خطرو هوندو آهي.) توکي پنھنجي پاڙي وارين جو حال سُجھي ٿو (جن جا ڀائر ۽ ڀتار ڪُنن غرق ڪري ڇڏيا.) سو اهو کٽڪو ڪڏهن به دل تان نه لاهجانءِ. ڇا تون (اها ڳالھه) ڪونه ٿو سمجهين ته سڀئي ماڻھو (ان پار) پيا وڃن، جنھن جو پتڻ (ٻيو جھان، آخرت) آهي.

شاهه جو رسالو

]سُر سري راڳ - داستان ٻيو. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[

 

 

اظھر آزاد مغل

شڪارپور

 

حمّد

بيشڪ الله آهي احد، باري بيپرواھه،

روشن ڪري ٿو راھه، انسان جي اندر جي.

 

بيشڪ الله آهي احد، باري بيپرواھه،

بي نياز بادشاھه، مالڪ آهي سڀ جو.

 

وٺي ناءُ الله جو، ڏينھن جو ڪر آغاز،

راحت سندو راز، اوس عبادت ۾ اٿئي.

 

صبح صادق تون اُٿي، ربّ جو ناءُ پڪار،

سُکن جو سنسار، تنھنجي ڪندو آجيان.

 

عبادت ڪر الله جي، جاڳي صبح سوير،

ڪر سُبحاني سير، سجدي جي سنسار ۾.

 

ھر مشڪل ۾ ڪر تون، ھڪ  الله کي ياد،

رکي ٿو جو آباد، انسان کي ھر آزار کان.

 

سدا ڪر تون سپرين، واحد جي واکاڻ،

اکين جي آلاڻ، سمجھي ٿو جو جڳ ۾.

 

مالڪ پنھنجي مِھِر سان، ڪر ڪو مون تي ڪرم،

منھنجو ڪل ڀرم، آهي تنھنجي ذات ۾.

 

مالڪ مون کي بخش تون، آھيان گنھگار،

مون طرف بس نھار، ڪرم جي نگاھ سان.

***


 

محمد پناهه بروهي

شڪارپور

نعت

مُحمّدﷺ جو ڪھڙو دنيا ۾ مثال آ،

اهو بي مثال آ، اهو باڪمال آ.

 

ڪيو عشق مُرسّل سان، الله آهي،

ازل کان ٿيو عشق ئي لازوال آ.

 

ڇڏيان گھوري گھر ساهه، سِر ڇا لڳن ٿا،

مُحمّدﷺ تان صدقي، هي مال و منال آ.

 

وٿِي ٻن ڪمانن جي وچ ۾ هئي خالي،

مُحمّدﷺ جو حق سان ٿيو هيئن وصال آ.

 

عرب ۾ رهان ها، مديني مران ها،

ڇو پئدا ٿيس، سنڌ ۾ هي ملال آ.

 

جُزي هڪڙي يوسف کي، يوسف بڻايو،

مُحمّدﷺ جو مشھور حُسن و جمال آ.

 

ته مدني جي روضي جو چائنٺ چُمان ها،

بروهي دلي اهڙو هردم خيال آ.

 

مَندا آهيون ميرا، تنھنجا ٻانھا هون ربّ،

هي بدڪار پناهه جي ته توکي سنڀال آ.

 

شوڪت علي جوڻيجو

لاڙڪاڻو

ننڍڙا ٻار

ڏس تون ننڍڙا پيارا ٻار،

اسڪول لاءِ ٿيا آهن تيار.

 

هر وقت پيارا، پيا مُرڪن ٿا،

صاف سُٿرا ۽ جرڪن ٿا،

سونھن سڄيءَ جو هي سنسار،

ڏس تون ننڍڙا پيارا ٻار.

 

ٻاتِي ٻاتِي هنن جي ٻولي،

ڪندو مالڪ سڀن جي سولي،

ملڪ مِٺي جا هي معمار،

ڏس تون ننڍڙا، پيارا ٻار.

 

پڙهي جڏهن هي وڏا ٿيندا،

ابي امان جا سھارا ٿيندا،

محبتن جا سڀ هن ڀنڊار،

ڏس تون ننڍڙا، پيارا ٻار.

 

جڏهن به ننڍڙا ٻار کِلن ٿا،

شوڪت کي پيا خوب وڻن ٿا،

رکندا ملڪ مِٺي جو وقار،

اسڪول لاءِ ٿيا آهن تيار.

***


 

سيد اظھر گيلاني

گھوٽڪي/سنڌ

بهار

قدرت ڪئي ڀلائي، سرديءَ جي ٿي صفائي،

ڏسجي ٿي خوش خدائي، هر چيز آهه سائي.

وڻ وڻ ۾ آهه وائي،

آئــــــــــي بھار آئــــــــي!

وڻندڙ ھوا لڳي ٿي، خوشبو کنيو اچي ٿي،

دل کي خوشي رسي ٿي، نئين زندگي ملي ٿي.

ڪافور ٿي اگھائي،

آئــــــــــي بھار آئــــــــي!

ھر ھڪ ڪلي کلي ٿي، مُنھن ماڪ سان ڍڪي ٿي،

پاڻي ھوا گھلي ٿي، مُکڙي جي گُل ٿئي ٿي.

سُرھاڻ ڏئي سدائين،

آئــــــــــي بھار آئــــــــي!

ڏسجي چمن ٿو چھرو، رنگ آ گُلن جو گھرو،

بُلبل وٺي ٿي بھرو، ڀُون ڀُون ڪري ٿو ڀؤنرو.

ڪوئل ڪُوڪ مچائي،

آئــــــــــي بھار آئــــــــي!

پاڻِي ٿي برفَ پِگھري، پُھچي سمنڊ ۾ جلدي،

پوکون پچائي پُھچي، دنيا کي گُھرج اُن جي.

اَنُ سان ٿي سڀ سڻائي،

آئــــــــــي بھار آئــــــــي!

سرديءَ جو گُم نشان آ، گرميءَ جو رخ عيان آ،

درياءُ روان دوان آ اظھر اھو بيان آ.

پاڻيءَ جي آ چڙھائي،

آئــــــــــي بھار آئــــــــي!

 

امداد سروري

آراضي سيوهڻ

 

وڻڪار

 

اچو ماڻھن کي هُوشيار ڪيون،

وَڻَ پوکَڻ لاءِ تيار ڪيون،

ويھي ھڪ ٻئي سان گُفتار ڪيون،

ننڍي وڏي کي سڀ بيدار ڪيون،

اچو وَڻَ پوکي وَڻڪار ڪيون.

سَڄي سنڌ کي سڀ گُلزار ڪيون.

ڀلي ٻَيرِ ٻَٻُر يا ليار ھجي،

نِمُ ٽَالھي پِپِر سان پيار ھجي،

انبُ زيتون کَجِين قَطار ھجي،

سُٺو پنھنجو هِڪ ڪِردار هجي،

اَچو گڏجي اهو اقرار ڪيون.

سَڄي سنڌ کي سڀ گلزار ڪيون.

وَڻَ پوکڻ عين عبادت آهي،

وري تن جي سنڀال سعادت آهي،

هيءَ ڏاڍي سُٺي ته عادت آهي،

ڪيڏي وَڻن جي ڇَانوَ ۾ راحت آهي،

وَڻ پوکي تِن سان پيار ڪيون.

سڄي سنڌ کي سڀ گلزار ڪيون.

سَڀ ٻيلا وڍائي کائي ويا،

سِنڌو درياءُ اسان جو سُڪائي ويا،

پکي مالَ متاءَ کي رُلائي ويا،

ڏِسو گرمي ڪيڏي وَڌائي ويا،

اچو وري وَڻن کي تيار ڪيون.

سڄي سنڌ کي سڀ گلزار ڪيون.

ڏَهَه وڻ پوکي هڪ وَچَنُ ڪيون،

چلھا کوٽي تِن ۾ چَڪيُون ھڻون،

ٻَچَن وانگي تِن جي سَنڀال ڪيون،

سِي وڏا ٿين تِن ھيٺان ويھون،

هَر ماڻھوءَ کي بيدار ڪيون،

سڄي سنڌ کي سڀ گلزار ڪيون.

اسڪول، رَستو يا، اسپتال هجي،

ڪاليج يونيورسٽيءَ ۾ به خيال هجي،

ڪيون خِدمت جَھڙو حَال ھجي،

ھر ماڻھو بَس خُوشحال ھجي،

گھڻا وَڻ پوکي ٿَڌڪَار ڪيون.

سڄي سنڌ کي سڀ گلزار ڪيون.

چَڪي وڻَ جِيءَ سان بَس چاھه هجي،

جيڪي پوکيون تِن ۾ ساهه هجي،

نه اُن ۾ گندُ ڪو گاهه هجي،

اِها هِمَت واري راهَه هجي،

راضي پنھنجو رَبُ ستار ڪيون.

سڄي سنڌ کي سڀ گلزار ڪيون.

جيئن ٻارن جو ٿا خيال رکون،

تيئن وَڻ جي سار سنڀال ڪيون،

تِن جي خِدمَت پورو سال ڪيون،

سُکيو ڳائو ماھيو مَال ڪيون،

اھڙي راھه سڀئي اختيار ڪيون.

سڄي سنڌ کي سڀ گلزار ڪيون.

سنڌي ادبي بورڊ به پيارو آ،

سُھڻو ڪيڏو هِن جو نَظارو آ،

سائين سَعيدالزمان دل وارو آ،

هر ماڻھو هت ڪم وارو آ،

اچو گڏجي هن جو ديدار ڪيون.

سڄي سنڌ کي سڀ گلزار ڪيون.

جِت تعليم هُجي خِدمَت به هجي،

خِدمَت سان گڏُ عِزت به هجي،

عِزت به هُجي مُحبت به هجي،

امداد سَروري اُلفَت به هجي،

وَچَنُ مَحنت جو هر بار ڪيون.

سڄي سنڌ کي سڀ گلزار ڪيون.

***

عزيز احمد علوي

شڪارپور

 

ثقافت

 

ثقافت اٿئي سنڌ جي افضل ۽ اعلى!

اسان جا به هن ڀاڳ ۽ بخت بالا.

 

ثقافت ڏهاڙو وڏو ڏڻ  اسان لئه،

اٿئي ان ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي حوالا.

 

سنڌين جي ڏسو پاڻ همت سدائين،

ته ڪيئن هاري مزدور ڪن ٿا ڪشالا.

 

سنڌين جي ڏسي پاڻ ۾ پيار الفت،

لڳا دشمن جي وات تي چيني تالا.

 

سنڌي ٻولي هرجا ٻُڌڻ ۾ ته ايندي،

سکر دادو توڙي گُھمو شھر هالا.

 

ثقافت نياري سڄي سنڌڙيءَ جي،

مڪان ماڳ جا پڻ عجب سارا نالا.

 

ثقافت سندر ڏينھن تي جا بجا اڄ،

ننڍا ۽ وڏا سڀ ٿا ڳائن جمالا.

 

زمين پوک لئه سنڌ جي ساري آ بھتر،

ٿين ٿيون ڦٽيون، ڪڻڪ، ساريون ۽ ڇولا.

 

سدا سنڌڙيءَ جي حفاظت ڪجان پيو،

عزيز توکي ٻاڏائي ٿو ربّ تعاليٰ!


 

وفا مولا بخش

حيدرآباد

 

ناني

ناني مون کي ڀائيندي آ،

ڏاڍو دل سان چاهيندي آ.

 

روز ٻُڌائي ٿي آکاڻيون،

هِتان هُتان جون کوڙ ڪھاڻيون.

 

جڏهن  به ڪاڏي ويندي آهي،

خرچي کوڙ ته ڏيندي آهي.

 

منھنجو ڏاڍو خيال رکي ٿي،

ھردم سار سنڀال لھي ٿي.

 

ھن جون ڳالھيون حڪمت واريون،

ھن جون سوچون شفقت واريون.

 

ڏاھپ جا ٿي درس پڙھائي،

ناني ربّ جي رحمت آھي.

 

لوڪ ٿو ڄاڻي ھن حڪمت کي،

گھر ۾ وڏڙن سان برڪت کي.

 

ناني ساري گھر جي سونھن،

وفا سڀني جي وندر ورونھن.

 

فيض سومرو

شڪارپور

پنهنجي ٻولي

 

پنھنجي ٻولي سنڌي سولي،

سھنجي آھي ناھي اولي.

 

مٺڙا مٺڙا لفظ انھيءَ جا،

ماکيءَ جھڙا سارا لھجا.

 

ڪنھن پر ان کي ڇڏڻو ناھي،

ھردم ان ۾ پڙھڻو آھي.

 

ٻوليون ٻيون به پياريون آھن،

واھ سھڻيون نياريون آھن.

 

 سڀ کان مٺڙي سنڌي آھي،

جنھن ۾ امڙ ڏني لولي آھي.

 

ھن سان ناتو پنھنجو اھڙو،

گل سان آهي خوشبو جھڙو.

***

 

وفا ياسين آرائين

ڦلجي اسٽيشن دادو

(ٽيڙو)

اهـــــڙو وٺ گــــــس،

تــــــــه منزل مــــاڻين،

هـــــر ڪو ڏئي پيو ڏس.

 

اهـــــڙي ٻـــــول ٻـــــولي،

توکي سڀ ڪو چاهي،

دشمـــــن لاءِ ٿـــــي گولِي.

 

آهيـــــن تـــــون موچارو،

سمـــــجھه ڌار تـــــون،

اهـــــڙو وٺ چـــــارو.

 

کـــــــــڻ ڪتــــــــــاب،

ديـــــر نه ڪـــــر،

ويـــــھي ڪـــــر حساب.

 

آھـــــين اکـــــين تـــــارو،

ھـــــر ڪـــــنھن کـــــي،

لـــــڳين پيـــــو پيـــــارو.

 

امڙ ڏنـــــي لـــــولـــــي،

جنھـــــن ڪري مـــــان،

ٻـــــوليان ٻـــــولي ســـولي.

 

آھـــــيان اڃـــــان ٻـــــار،

مون کي هرڪو پيار ڪري،

آهـــــيان هر دل جو ٺـــــار.

 

اهـــــڙو کـــــڻو قلـــــم،

جھـــــالت وڃي نڪري،

وڌايـــــو ڪجھه قـــــدم.


 

ڪمال ڄامڙو

ڪراچي

 

نظم

 

آءُ ته گڏجي لغڙ اُڏايون،

هوا ۾ پنھنجو جھاز ھلايون.

 

منھنجو لغڙ اڇيءَ ڪليءَ جو،

تنھنجو لغڙ رنگين ڪاڳر جو.

 

ڪنھن جو زور آ پاڻ پڄايون،

ڌاڳو جھلي جھلي.

 

ھوا جي سمنڊ ۾ بلي بلي،

آسمان سان ٽڪرايون.

 

تنھنجو جھٽ پٽ ڪِري پوي ٿو،

منھنجو لغڙ اُڀ ۾ وڃي ٿو.

 

گُھلن ڪھڙيون نه هوائون،

آهن ڪھڙيون ڪمال ھوائون.

 

ڏور ٽُٽي پوي نئين گھرايون،

آءُ ته گڏجي لغڙ اُڏايون.


غلام نبي اوٺو

ٿرپارڪر

 

نظم

 

دنيا ۾ شانُ چاھيو ٿا،

عزت ۽ مانُ چاھيو ٿا.

 

علم سان پوءِ رکو ياري،

ڪريو روشن دنيا ساري.

 

تکي ھن اُس ۾ بيشڪ،

علم کي ڇانوَ ئي سمجھو.

 

علم ۾ نيڪيون آھن،

علم کي نانءُ ئي سمجھو.

 

علم انسان ٺاھي ٿو،

علم سان لئون جو لائي ٿو.

 

علم ئي واٽ آ حق جي،

علم ئي لاٽ آ حق جي.

 

علم ڪردار ٺاھي ٿو،

حسِين سنسار ٺاھي ٿو.

 

علم علاج ماڻھوءَ جو،

علم ئي تاج ماڻھوءَ جو.

***


 

مقصود گل (لاڙڪاڻو)

 

قومي گيت

 

گُل ڦُل هي گلزار وطن جا،

ٻارَ اٿَوَ سينگار وطن جا.

گڏجي سڀ اسڪول وڃن ٿا،

سھڻا سڀ کي واهه وڻن ٿا،

رنگ برنگي پوپٽڙا ڄڻ،

سرهاڻين سان رانديون رهن ٿا.

ننڍڙا نيڻن ٺار وطن جا،

ٻار اٿوَ سينگار وطن جا.

مستقبل جا وارث والي،

بيشڪ بڻيا مرد مثالي،

علم پڙهي ۽ خلق پرائي،

ٿيندا راڄن جا رکوالي،

آهن سي آڌار وطن جا،

ٻارَ اٿَوَ سينگار وطن جا.

ڪي ته فزيشن سرجن بڻجي،

ٿيندا واهر مسڪينن جي،

ڪي ته پروفيسر ڪي ليڊر،

ڪي ته پڙهي انجنيئر ٿي،

بڻبا سي معمار وطن جا،

ٻار اٿَوَ سينگار وطن جا.

هٿ ۾ هٿ ڏئي هڪ ٿي ويندا،

چينِي ڀِتِ کان پُختا ٿيندا،

دشمن تي اک تن جي هوندي،

ويري کي سي ويرَ وڍيندا،

ماريندا پرمار وطن جا،

ٻار اٿَوَ سينگار وطن جا.

ننڍڙا ادڙا، ننڍڙيون ادڙيون،

ڪي گوريلا ڪي گوريليون،

سرحد تي گُل پھرو ڏيندا،

گولين سان پُر تِن جون جھوليون،

سڏبا سي ڪنڌار وطن جا،

ٻار اٿَوَ سينگار وطن جا.


 

سلام اُڄڻُ

خيرپور ميرس

 

نظم

 

ڪيڏا پيارا ٿا لڳن،

اُڀ ۾ تارا ٿا لڳن،

ساوڻ سيارا ٿا لڳن،

جيءَ جيارا ٿا لڳن،

کيڏن ٿا جڏهن ٻارڙا،

ڏاڍا پيــــــــارا ٿــــا لڳن.

ٻاتي تن جي ٻولڙي،

ماءُ ڏئي ڄڻ لولڙي،

صاف سڌي ۽ سولڙي،

مِٺڙي مِٺڙي ٻولڙي،

ٻولن ٿا جڏهن ٻارڙا،

ڏاڍا پيــــــــارا ٿــــا لڳن.

مُکِ تي رونق ٿَنِ ڏسو،

چنڊ جيئان چمڪنِ ڏسو،

پيارو ٿا مُرڪنِ ڏسو،

راند ۾ روز مگنِ ڏسو،

مُرڪن ٿا جڏهن ٻارڙا،

ڏاڍا پيــــــــارا ٿــــا لڳن.

رانديڪا ٻارو وَٺو،

همراهه جڏهن  هوڪو  ڏِنو،

قسمن جون ڪارون  ڏسو،

آيو ٿوَ چاچو ڏِتو،

ڊوڙن ٿا جڏهن ٻارڙا،

ڏاڍا پيــــــــارا ٿــــا لڳن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org