ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي
ڪراچي
پهاڪن
جو اُستاد
هڪ ڏينهن صبح جو ظفر اسڪول وڃي رهيو هو، ته هڪ باغ
وٽان لنگهندي سندس نظر هڪ وڻ تي پئي، جنهن جي هڪ
ٽاريءَ تي نارنگي ڦُٽي بيٺي هئي. نارنگي ڏسي هن جو
وات پاڻي پاڻي ٿي رهيو هو.
”واهه
واهه اڄ ته مزو ٿي ويو. اها نارنگي ضرور کائبي.“
اهو سوچي هن پٽ تان ٻه ٽي پٿر کڻي نارنگيءَ کي
هنيا، پر هن جو نشانو ٺيڪ ڪونه هو، سو نارنگي هيٺ
ڪونه ڪِري. اوچتو آواز آيو،
”جن
کي ميوو کائڻ جو شوق هوندو آهي، سي وڻ تي چڙهڻ کان
نه ڪيٻائيندا آهن.“
ان آواز ظفر کي ڇرڪائي ڇڏيو. جيئن ته هن نارنگي
کائڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو، سو ٿيلهو پٽ تي
اُڇلائي مٿي وڻ تي چڙهڻ لڳو. هو نارنگي واري ٽار
تي چڙهي آيو ۽ ڏٺائين ته اها نارنگي نه، پر نارنگي
رنگ جو ننڍڙو ڦوڪڻو هيو. ايتري ۾ هڪ طوطو ٽُپُ ڏئي
اچي ظفر جي ڪُلهي تي ويٺو ۽ چيائين،
”تون
صفا چريو ڇوڪرو آهين. ڀلا ڪڏهن ٽالهيءَ جي وڻ تي
به نارنگيون ڦُٽيون آهن؟ ڪو به ڪم ڪرڻ کان اڳ
چڱيءَ طرح سوچبو ۽ ڏسبو وائسبو آهي. تون سادو سودو
آهين ۽ نارنگي ڏسي هرکِجي پِئين...!“
ظفر شرمندو ٿيو ۽ سوچيائين، ته
”واقعي!
ٽالهيءَ جي وڻ تي نارنگيون ته ڪونه ڦُٽنديون آهن،
مون کان غلطي ٿي ويئي آهي، آئيندي ڪو به ڪم سوچي
ويچاري پوءِ ڪندس.“
هن کي چڙهڻ کان لهڻ وارو ڪم ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو.
آهستي آهستي پير رکندو هو گهڻو هيٺ لهي آيو. اوچتو
سندس هٿ مان ٽاري ڇڏائجي وئي ۽ هُو ڦهڪو ڏئي هيٺ
ڪريو. جيئن ته هيٺ پَٽَ تي گهاٽي ڇٻر ڦُٽل هئي،
تنهنڪري کيس ڪو ڌَڪُ ڪونه لڳو. هُو اُٿيو ۽ ٿيلهو
کڻي اسڪول ڏانهن هلڻ لڳو. طوطو لامارو ڏئي اچي
سندس ڪُلهي تي ويٺو ۽ چيائين،
”جيڪي
نه چڙهندا آهن سي ڪِرندا به نه آهن.“
ظفر طوطي ڏانهن ڪو به ڌيان ڪونه ڏنو ۽ تکو تکو
ڊوڙندو اسڪول وٽ آيو، پر دروازو بند ٿي چڪو هو. ڇو
جو ظفر پنج منٽ دير سان پهتو هو. اهو ڏسي طوطي
چيو،
”اخلاص
۽ نماڻائي بند ٿيل دروازا کولي ڇڏيندا آهن.“
ظفر کي طوطي جي ڳالهه دل سان لڳي ۽ هن هورڙيان
دروازو کڙڪايو. اندران پٽيوالو
نڪري آيو. کيس ڏسي ظفر نماڻائيءَ مان چيو،
”ادا!
مُعاف ڪجؤ... اڄ مون کي ڪجهه دير ٿي وئي آهي.“
”ڪا
ڳالهه ناهي.... پر آئيندي دير نه ڪجانءِ.“
اهو چئي پٽيوالي کيس اندر وڃڻ ڏنو.
ڪلاس روم جي دروازي وٽ پهچي، هن چيو،
”مس!
مان اندر اچان؟“
”پر...
ظفر تو اڄ دير ڇو ڪئي آهي؟“
مس کانئس پڇيو.
”مس
ڪو خاص سبب نه آهي. بس! مون کي ائين ئي ٿوري دير
ٿي وئي آهي.“
ظفر جو ڪنڌُ جهڪيل هو. طوطي رڙ ڪندي چيو،
”ها
مس! هي سچ ٿو چوي پر هن کي خبر نه آهي، ته دير
نڀاڳ جي ماءُ آهي.“
طوطي واتان اها عقل واري ڳالهه ٻُڌي مس حيران ٿي
وئي ۽ ظفر کي ٻانهن کان وٺي بئنچ تي ويهاريائين.
پوءِ طوطي جي کنڀن تي هٿ ڦيرائيندي چيائين،
”تون
ته ڪو سياڻو طوطو ٿو ڏسجين.“
طوطي مُسڪرائيندي وراڻيو،
”مس
مان ايترو سياڻو ته نه آهيان، پر مون کي هڪ هزار
پهاڪا ياد آهن.“
مس وائڙي ٿي وئي ۽ چيائين،
”مون
کي خوشي ٿيندي، جو تون اسان جي ٻارڙن کي روزانو
پهاڪا سيکاريندين. پهاڪن ۾ ڏاهپ جا نڪتا هوندا
آهن، تنهنڪري ٻار اهي نُڪتا سِکي پنهنجي زندگي سٺي
نموني گذاري سگهندا.“
طوطي کي اها آڇ وڻي، هو پهاڪن جو اُستاد بڻجڻ تي
ڏاڍو خوش هو. پوءِ هو مس سان ٻئي ڏينهن اچڻ جو
واعدو ڪري دريءَ مان اُڏاڻو ۽ هليو ويو.
***
ليو ٽالسٽاءِ
سنڌيڪار: اياز ڀٽو/جيڪب آباد
شينهن ۽
ڪوئو
هڪ شينهن ستل هو، ان جي مٿان ڪئو چڙهي ويو. شينهن
ان جي ڪري ننڊ منجهان جاڳي پيو ۽ ڪُئي کي پڪڙي
ورتائين. ڪُوئي چيو: مون کي وڃڻ ڏي، مان ڪڏهن
تنهنجي ڪنهن ڪم ضرور ايندس. شينهن اها ڳالهه ٻُڌي
کِلڻ لڳو، ته ڪُئو ڪڏهن سندس ڪم ايندو، پر پوءِ به
اُن ڪُوئي کي وڃڻ ڏنو. هڪ ڏهاڙي جهنگ ۾ هڪ شڪاري
آيو، هن شينهن کي پڪڙي ورتو ۽ ان کي رسين سان وڻ ۾
ٻڌي ڇڏيو. ڪُئي شينهن جي گجگوڙ ٻُڌي، ته اهو ڊڪندو
آيو ۽ پنهنجي تيز ڏندن سان رسيءَ کي ڪٽي ورتو.
”توکي
ياد آهي، تون کلندو هئين، اهو سوچڻ کان سواءِ ته
مان به تنهنجي مدد ڪري سگهان ٿو، پر هاڻي تو ڏٺو،
ته خراب وقت تي هڪ ڪُئو به ڪم اچي سگهي ٿو.“
سبق:
ڪنهن کي خسيس نه سمجهڻ گهرجي.
ساگر مستوئي
ٽنڊو جان محمد ميرپورخاص
سهو ۽ ڪُمي
پيارا ٻارؤ! اچو ته اڄ توهان کي هڪ سَهي ۽ ڪُميءَ
جي دلچسپ ڪهاڻي ٻڌايان.
پيارا ٻارؤ! هڪ جهنگ ۾ پاڻيءَ جو هڪ وڏو تلاءُ
هوندو هو. هن تلاءُ جي آس پاس تمام گهڻي ۽ سُهڻي
خوبصورت وڻڪار به هوندي هئي. اُن تلاءُ مان هڪ سهو
روز شام جو پاڻي پيئڻ ايندو هو ۽ اُن تلاءُ ۾ هڪ
ڪُمي به رهندي هئي، جيڪا شام جو هر روز پاڻيءَ
مان ٻاهر نڪري تلاءُ جي ڪناري تي سج جي روشني حاصل
ڪرڻ ايندي هُئي. سَهو پاڻي پيئڻ کان پوءِ اچي اُن
ڪُميءَ جي پاسي ۾ ويهي ڪچهري ڪندو هو ۽ ڪُميءَ کي
چوندو هو، ته ماسي ڪُمي تون ڏينهن ۽ رات پاڻيءَ ۾
رهندي آهين. پر ڪڏهن ڪڏهن شام جو ٻاهر ڇو نڪرندي
آهي؟ ڪُمي سَهي کي چوندي هئي، پُٽ سَها تون آهين،
جهنگ جو آزاد ۽ تيز رفتار جانور، سو توکي پاڻيءَ
جي زندگي جي باري ۾ ڪهڙي خبر. سَهو چوندو هو، نه
ماسي ڪُمي تون ٻُڌا، شام جو روز ٻاهر ڇو ايندي
آهين؟ ۽ ڪُمي چوندي هئي، پُٽ سَها سڄو ڏينهن رات
پاڻيءَ ۾ رهڻ جي ڪري، ڪنهن ڪنهن وقت پاڻيءَ ۾ ساهه
ٿو گُهٽجي. ان ڪري ٻاهر جي هَوا ۽ تِڙڪي جو مزو
وٺڻ لاءِ شام جو ٻاهر ايندا آهيون. پر سَها پُٽ
تون مون کان روز روز اهوئي سوال ڇو ٿو پڇين؟ ڇو
ڀلا؟
ماسي اهو اُنهيءَ ڪري جو آئون ڪڏهن ڪڏهن
سوچيندو آهيان، ته توسان هڪ زور دار ريس جو مقابلو
ڪجي، تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ ڪُمي کِلي ان ڳالهه جو
جواب هِن طريقي سان سَهي کي ڏيندي چوندي هئي، پُٽ
تون بيوقوف آهين! ڪنهن ڪنهن وقت اجايو ضد ۽ بحث
ڪندو آهين، ايئن نه ڪندو ڪر. اهو اجايو ضد ۽ هوڏ
توکي ڪنهن وقت ڪنڌ ڀر ڪرائيندو. پر سَهو مڙندو ئي
ڪونه هو ۽ هميشه ڪُميءَ کي چوندو هو ته، ماسي ڪُمي
تون ڪُمين جي هڪ سردار ڪُمي آهين. پوءِ ڊڄين ڇو
ٿي. ريس جو مقابلو ڪرڻ کان لهرائين ڇو ٿي.
سَهي جون ڳالهيون ٻُڌي هڪ ڏينهن آخر ڪُمي بيزار
ٿي، کيس چوڻ لڳي، پُٽ سَها ٺيڪ آهي. ماسي ڪُمي اگر
تون مقابلو کٽي وئين، ته جيئن تون چوندين ايئن
ڪندس. اگر آئون فرض ڪر مقابلو کٽي ويس، ته آئون
چوندس ايئن ڪرڻون پوندئي. ڪُمي ۽ سهو راضي ٿي ويا
۽ مقابلي جون تياريون ٻنهي ڌُرين شروع ڪري ڇڏيون.
سهو جيڪو جهنگ ۾ رهندڙ هڪ تيز رفتار جانور هو. پر
اُن سان گڏو گڏ ٿورو بيوقوف به هو. اهو ان ڪري جو
هِن هڪ پاڻيءَ ۾ رهندڙ ڪمزور جانور کي پاڻ کان گهٽ
اهميت ڏني ۽ زبردستي هن سان ريس جو مقابلو رکيو،
جنهن ڏينهن مقابلو ٿيو ۽ اُن ڏينهن تي سَهي جي
برادري جا بيشمار سَها ۽ ڪُميءَ جي برادريءَ جون
سوين ڪُميون مقابلو ڏسڻ گڏ ٿيا. مقابلو شروع ٿيو ۽
ڪجهه اڳتي ڊوڙندي ڊوڙندي سَهو ٿورو ٿڪي پيو ۽
پوئتي نظر ڦيرائي ڏٺائين ته ڪُمي جو نالو نه نشان
ڪونهي! سَهي سوچيو جيسين ڪُمي پهچندي، تيسين آئون
ٿورو آرام ڪري وٺان، اهو سوچي هڪ وڻ جي ڇانوَ ڏسي
سهو سُمهي رهيو ۽ سَهي کي ڀرپور ننڊ اچي وئي!
ڪميُ پنهنجي رفتار سان جيڪا ربّ پاڪ هن کي عطا
ڪئي. ان ئي رفتار سان رڙهندي رڙهندي اچي پنهنجي
منزل تي پهتي ۽ سهو اُتي ئي سُتو رهيو. اوچتو سَهي
جي اَک کُلي ۽ ڏٺائين، ته ڪُميءَ جو نالو نشان به
ڪونه آهي، سو ڊوڙ ڪري پنهنجي منزل ڏانهن روانو
ٿيو. جيئن سَهو اُن جاءِ تي پهتو، جتي ڪُمي ۽ سَهي
جي ريس جو مقابلو ختم ٿيڻو هو. سَهي ڏٺو ته ڪُمي
سَهي کان اَڳ ۾ ئي اُتي موجود هُئي. جتي سَهي جي
برادريءَ جا چڱا چڱا سَها ۽ ڪُميءَ جي برادريءَ
جون ڪافي ڪُميون اُتي موجود هُيون. سَهي ڏٺو، ته
مقابلو ته ماسي ڪُمي کَٽي وئي ۽ هاڻي هن جي شرط تي
مون کي عمل ڪرڻو پوندو. ڪُمي سَهي کي ڏسي ٿورو
کِلي چوڻ لڳي، پُٽ سَها ياد اٿئي، ته مقابلي کان
اڳ ۾ پنهجي وچ ۾ ڪهڙا شرط طئه ٿيا هئا.
سَهي چيو، ها ماسي ڪُمي مون کي ياد آهي، پر تون
پنهنجو شرط ٻُڌا. آئون عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.
ڇو ته وعدي مطابق ته آئون شرط هاري چڪو آهيان. پر
مون کي ڪَرڻون ڇا پوندو. ڪُميءَ چيس، پُٽ سَها
جيئن چوندس ائين ڪندين ته سَهِي ؟ سَهي چيو، ها
ماسي آئون ڪندس، تون حُڪم ڪر. ڪُميءَ چيس، پُٽ
آئون سڄو ڏينهن رات پاڻيءَ ۾ رهندي آهيان، ڇو ته
آهيان ئي پاڻيءَ جو جانور ۽ تون جهنگ جو هڪ بيوقوف
تيز رفتار جانور آهين. شَرط مطابق تون مون سان گڏ
صرف هڪ ڏينهن پاڻيءَ ۾ رهي ته ڏيکار. شرط مطابق
توکي منهنجو چوڻ ڪرڻو پوندو. سَهي ڪُميءَ جو شرط
ٻڌو ۽ ٻڌندي ئي بيهوش ٿي ويو ۽ ڪافي دير انتظار
کان پوءِ، جنهن وقت سَهي کي هوش آيو ۽ ڪُمي پڇڻ
لڳس ته، پُٽ سَها ڇا ٿيو، منهجو شرط ٻُڌي تون
بيهوش ڇو ٿي وئين .
سَهي چيس، ماسي ڪُمي تون آهين ئي پاڻيءَ ۾ رهندڙ
سو سڄي ڄمار پاڻيءَ ۾ رهي سگهين ٿي .آئون ڪلاڪ ته
ٺهيو، هڪ منٽ به پاڻيءَ ۾ نه ٿو رهي سگهان. ڪو ٻيو
آسان شرط ٻُڌا، جنهن تي آئون عمل ڪري سگهان. اُن
ڳالهه تي ڪُميءَ چيس، ته پوءِ توکي هڪ واعدو ڪرڻو
پوندو، سَهي چيو، اهو وري ڪهڙو واعدو ماسي ڪُمي.
ڪُميءَ چيس، پُٽ سَها اڄ کان پوءِ تون ڪنهن ڪمزور
کي ڪمزور سمجهي، اُن سان ڪڏهن ڪو ضد، بحث يا اجايو
هوڏ نه ڪجان. ٻئي کي پاڻ کان ڪڏهن به ڪمزور نه
سَمجهجهان، مڃان ٿي ته تون جهنگ جو تيز رفتار
جانور آهين، پر ٿورو بيوقوف به آهين. ان ڪري هر
ميدان ۾ هار ۽ مار جو حقدار بڻيو ڄار ۾ ڦاسيو
پوين. سَهي چيو، ها ماسي ڪُمي آئون واقع غلط
آهيان. مون کي تو سان اَجايو ضد ڪري ريس نه پڄائڻ
کپي ها. منهجي هار جو سبب منهجو ضد آهي.
آئون توسان اڄ وعدو ٿو ڪريان، ته اڄ کان پوءِ آئون
ڪنهن ٻئي کي پاڻ کان ڪمزور ڪونه سمجهندس ۽ نه ئي
وري ٻئي ڪنهن سان اجايو ضد ۽ بحث ڪندس. ڇو ته
اجايو ضد ۽ بحث نقصان ئي ڏيندو آهي. جيئن اڄ آئون
ناڪام ٿيو آهيان. ائين ڪنهن ٻئي کي ناڪام ٿيڻ ڪونه
ڏيندس. مون کي معاف ڪجان. ماسي ڪُمي معاف ڪجان،
آئون تنهنجي اڳيان شرمندو آهيان. آئون ڪوشش ڪندس
ته ٻيهر ائين نه ڪريان. برادريءَ جي ٻين سَهن کي
به ضرور سمجهائيندس ته هو ائين نه ڪن.
پيارا ٻارؤ! اوهان ڏٺو، ته اجائي ضد جي ڪري سَهي
ڪُمي کي ڪمزور سمجهي، هُن سان ريس جو مقابلو رکيو
۽ ٻئي کي پاڻ کان ڪمزور سمجهائين ۽ نتيجي ۾ ناڪامي
سندس مقدر بڻجي وئي ۽ سَهو پنهنجي رکيل شرط پاڻ
هارجي ويو!
پيارا ٻارؤ! متان توهان ڪنهن سان اجايو ضد ڪريو،
بحث ڪريو ۽ ناڪامي توهان جو مقدر بڻجي وڃي. هميشه
ڪمزورن تي رحم ۽ انهن جي پنهنجي پهچ سارو مدد ڪندا
ڪريو. ڇو ته ڪنهن غريب ۽ ڪمزور جي مدد ڪرڻ ۾ سُهڻو
ربّ پاڪ به خوش ٿيندو آهي.
عبدالله سومرو
ٺاروشاهه
قيمتي قول
*
عزت آبرو پرهيزگاريءَ ۾ آهي. ڀلائي نِوڙت ۾،
شاهوڪاري يقين ۾. چڱو ماڻهو جيڪڏهن فقير ٿيندو ته
نوڙت ڪندو، ڪمينو ماڻهو جيڪڏهن سُکيو ٿيندو، ته
وڏائي ڪندو.
*
تڪبر جي ڪري گنديون عادتون پئدا ٿينديون آهن.
جنهن پاڻ کي سڀ کان گهٽ ڄاتو تنهن کي بهشت جي
سُرهاڻ معلوم ٿيندي.
*
تڪبر جا ست سبب آهن.
1.
عام
2.
عابد.
3.
ذات
4.
سونهن
5.
دنيا
6.
زور (طاقت)
7.
تعبيدارن، شاگردن، نوڪرن ۽ مريدن جي ڪري.
*
ڪاوڙ ايمان کي خراب ڪري ٿي، تنهنڪري تمام چڱو ائين
آهي، جو ڪاوڙ مهل بُردبار ٿجي. طمع وقت لاطمع ٿجي
۽ ڏک مهل صبر ڪجي.
خدا تعالى جو حڪم آهي، ته ساڙيلو يا حاسد ماڻهو
منهنجي نعمت جو دشمن آهي.
خواجه حسن نظامي
فقير شان سيوهاڻي
سيوهڻ
پينُو شهزادو
دهليءَ جي جامع مسجد کان جيڪو رستو
’مٽيا
محل‘
۽ چتلي قبر کان ٿيندو دهليءَ جي دروازي طرف وڃي
ٿو، اُتي هڪ محلو
”ڪَلو
خواص جي حويلي“
جي نالي سان مشهور آهي. انهيءَ محلي مان روزانو
رات جو اوندهه شروع ٿيڻ سان، هڪ فقير ٻاهر اچي ٿو،
جامع مسجد تائين وڃي ٿو ۽ اتان ئي واپس اچي ٿو.
انهيءَ فقير جو قد ڊگهو، سنهڙو جسم، ڄاڙيءَ تي
ڏاڙهي جيڪا چٽي ۽ اڇي آهي. چهري جا ڳل چِپڪِيل، ۽
اکين کان معذور آهي. ميرو ۽ چتيون لڳل هڪ پاجامو
پاتل آهي. ڦاٽل چَپَل جن کي
’کرتل‘
به چئجي ٿو، پيرن ۾ پاتل آهن. ڪُڙتو پاتل، جيڪو
نهايت ميرو تنهن ۾ به چتيون لڳل، مٿي ۾ ڦرڙين
وانگر ڳوڙها، وار ميرا ۽ بي ترتيب ۽ ڦاٽل هڪ ٽوپي
جيڪا مٿي تي رکيل آهي. فقير جي هڪ هٿ ۾ بانس جي هڪ
وڏي لَٺِ آهي ۽ هڪ هٿ ۾ ٺڪر جو پيالو آهي. جنهن
جو به هڪ ڪنارو ڀڳل آهي. فقير جي چهري مان ائين ٿو
لڳي جيئن ڪو نشو ڪندو هجي يا گهڻن
مهينن
کان بيمار رهڻ کان پوءِ اُٿيو آهي. ڇو جو سندس
چهرو ڦڪي رنگ وارو لڳي ٿو. جڏهن هلي ٿو، ته ساڄي
پير سان منڊِڪائي هلي ٿو ۽ پير کي گهلي کڻي ٿو،
شايد ان فقير کي ڪڏهن اڌ رنگ جي بيماري ٿي هجي!
هن جو آواز تمام وڏو ۽ ڏک وارو آهي . جڏهن هو
نهايت مايوس ۽ مسرت ڀريل آواز ۾ صدا هڻي ٿو،
”يا
ربّ هڪ پيسي جو اٽو ڏيار تون ئي ڏيندين تون ئي
ڏياريندين. هڪ پيسي جو اٽو ڏيار.“
ته بازار وارا ۽ جيڪي به بازار جي ويجهو گهر آهن،
انهن ۾ رهڻ وارا انهيءَ آواز کان متاثر ٿين ٿا.
جيتوڻيڪ انهن مان ٻن چئن کان سواءِ ڪير به واقف نه
آهي، ته هي فقير ڪير آهي ۽ ان جي آواز ۾ ايترو درد
ڇو آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن ته انهن گهرن جي رهڻ واريون
عورتون چوڻ لڳن ٿيون،
”اجهو
شام ٿي ۽ اهو نڀاڳو آوز ڪنن تائين پهتو. اسان جو
ته هانءُ ٿو ڦاٽي. خبر نه آهي ته اهو فقير ڪير
آهي، جو هميشه رات جو پنڻ ٿو اچي، ڏينهن جو ته اهو
آواز ڪونه ٿيون ٻُڌون.“
فقير جڏهن
’ڪَلو
خواص جي حويليءَ‘
مان بازار اچي ٿو، ته سڌو جامع مسجد جي طرف لَٺِ
جو سهارو وٺي ۽ پنهنجي ساڄي معذور پير کي گهليندو،
ڦاٽل کرتلن سان مِٽي اُڏائيندو آهستي آهستي هلندو
وڃي ٿو ۽ هڪ هڪ منٽ جي وقفي کان پوءِ اُها ساڳي
صدا بُلند ڪري ٿو.
”يا
خدا هڪ پيسي جو اٽو ڏيار، تون ئي ڏيندين تون ئي
ڏياريندين، هڪ پيسي جو اٽو ڏيار.“
فقير ڪنهن دڪان يا ڪنهن شخص جي سامهون بيهي نٿو
سڌو هلندو رهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن پيادي يا دڪاندار
کي رحم اچي ويو، ته ان فقير جي پيالي ۾ پئسا وجهي
ٿو يا اٽو يا ڪجهه کائڻ جي شيءِ وجهي ٿو ته فقير
بس ايترو چوي ٿو ته
”تنهنجو
ڀلو ٿئي بابا! خدا توکي خراب وقت نه ڏيکاري“
۽ اڳتي هلندو رهي ٿو. اکيون معذور هجڻ جي ڪري فقير
کي خبر نه آهي، ته خيرات ڏيڻ وارو ڪير آهي، يا ڪير
هو.!
جامع مسجد کان واپس ٿيندي وقت اها ساڳي صدا بُلند
ڪندو،
’ڪلو
خواص جي حويليءَ‘
۾ واپس اچي ٿو. انهيءَ حويليءَ ۾ غريب مسلمانن جا
ڪيترائي الڳ الڳ ننڍا ننڍا گهر آهن. انهن ئي گهرن
۾ هڪ ننڍڙو ۽ ڀڳل ٽُٽل گهر اُن فقير جو به آهي.
گهر جي دروازي تي پهچي، گهر جي دروازي ۾ لڳل
ڪُنڊِي کولي اندر اچي ٿو، انهيءَ گهر ۾ صرف هڪ
دالان ۽ هڪ ڪمرو آهي ۽ هڪ بيت الخلاء آهي. ننڍڙو
آڳند آهي. دالان ۾ هڪ ڀڳل ڇِڳل کٽ رکيل آهي ۽ فرش
تي هڪ ڦاٽل ڪمبل وڇايل آهي.
دهليءَ وارن کي خبر نه آهي ته اهو فقير ڪير آهي،
پر ڪجهه ماڻهن کي خبر آهي ته اهو فقير
”بهادر
شاهه بادشاهه“
جو سڳو ڏوهٽو آهي ۽ ان جو نالو
”مرزا
قمر سلطان“
آهي. غدر کان پهرين خوبصورت ۽ جوان هو ۽ قلعي ۾ ان
جي حُسن ۽ جوانيءَ جي وڏي واکاڻ هئي. جڏهن گهوڙي
تي سوار ٿي نڪرندو هو، ته قلعي جون عورتون ۽ بازار
۾ رستي ويندڙ بيهي رهندا هئا ۽ ان جي خوبصورتيءَ
کي ڏسندا رهندا هئا ۽ سڀ ماڻهو ادب سان جُهڪي سلام
ڪندا هئا.
اڄ اهو وقت آهي جو گداگري
ڪري رهيو آهي
1857ع
جي انقلاب ۽ مسلمانن جي سلطنت ۽ تهذيب جي برباديءَ
هن کي پينو فقير بڻائي ڇڏيو آهي. گورنمينٽ جي پنج
رپين جي ماهوار پينشن مقرر هئي، اها به فضول
خرچيءَ ۾ پوري نه پئي ٿي. هاڻ رات جو گداگري ڪرڻ
لاءِ نڪري ٿو ۽ جيڪو ڪجهه ملي ٿو، ان ۾ ٻنهي وقتن
جو گذارو ڪري ٿو. ڪنهن ان فقير کان پڇيو
”مرزا
تون ڏينهن جو ٻاهر ڇو نٿو نڪرين؟“
شهزادي مرزا قمر سلطان جواب ڏنو،
”جن
بازارن ۾ منهنجي سُهڻي صورت ۽ شاندار سواريءَ جي
ساراهه هوندي هئي، انهن بازارن ۾ منهنجي هيءَ
بدصورت ۽ خراب حالت ڏسي ماڻهو ڇا چوندا. مون کي
شرم ٿو اچي. انهيءَ جي ڪري رات جو نڪران ٿو ۽ صرف
خدا کان گهران ٿو ۽ انهيءَ جي اڳيان هٿ ٽنگيان ٿو
۽ اهو ئي مون کي ڏئي ٿو.“
ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سوال ڪيو
”مرزا
توکي نشي جي به عادت آهي؟“
ته مرزا قمر سلطان جواب ۾ چيو ته
”هي
سڀ بُري صُحبت جو نتيجو آهي. جو نشو به ڪيان ٿو.“
ڪنهن پُڇيو، ته
”غدر
جي واقعي کان پوءِ اڄ تائين حياتي ڪيئن گذري؟ ڪجهه
اُن جو احوال ٻُڌاءِ.“
قمر سلطان هڪ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو،
”ڪجهه
نه پُڇ خواب ڏسي رهيو هئس، اک کُلي ويئي هاڻي
سُجاگ ٿيو آهيان. پوءِ وري ڪڏهن خواب نظر نه آيو ۽
نه وري ان جي نظر اچڻ جي ڪا اُميد آهي.“ |