سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آگسٽ  2024ع

باب:

صفحو:2 

Text Box: مضمون

اُستاد گُل دايو

لاڙڪاڻو

سولر سسٽم

 

سولر سسٽم آيو آھي،

اسان به گهر لڳرايو آھي.

 

ھن جي ھڪ پليٽ به آھي،

جيڪا روز ٿي بجلي ٺاھي.

 

سج پليٽ جو پيٽ ڀري ٿو،

ھي سولر جي مدد ڪري ٿو.

 

سولر مان ٿي بچت پئي آ،

ڳرن بلن مان جِند ڇُٽي آ.

 

ھاڻي بجلي آھي يا نه آھي،

لوڊ شيڊنگ جي پرواهه ناھي.

 

ھن جي آئي خوشي ملي وئي،

گهرن مان اوندهه سڀ ڀڄي وئي.

 

سولر مان سڀ سُک وٺن ٿا،

بجلي ڪونهي پکا ھلن ٿا.

 

سولر جا ھن موٽر آيا،

جن پاڻيءَ جا واهه وھايا.

 

سائنسدانن سولر ٺاھيا،

ڄڻ اسان جا عرض اگهايا.

 

جيڪو ڀي ٿو سولر ٺاھي،

دعا اسان جي ان لاءِ آھي.

***

مهر فقير

ڪراچي

نظم

 

ڳالهه ٻڌو ٻارو ڳالهه ٻڌو،

وڻ پوکيو ها وڻ پوکيو.

وڻ  ڌرتيءَ جا ڦِڦِڙَ آهن،

ساهه ڏکيو جي ڦِڦِڙَ ناهن.

ڦڦڙن ۾ تڪليف ٿيندي آ،

ماڻهو به ته ويندو مري آ.

ڌرتيءَ جو ساهه آهن وڻ،

ڌرتي مُئل جي ناهن وڻ.

وڻن جا ڪيترا فائدا آهن،

ڇانوَ ڏِين ۽ ماکِي کارائن.

وڻ ڏين ٿا ڪاٺ اسان کي،

ٻارڻ ۾ جيڪو ڪم اچي.

وڻ مان ملي مال کي چارو،

وڻ گهر جي سُونهن آ ٻارو.

وڻ مان گُل ۽ ميوو ملي ٿو،

وڻن ذريعي علاج به ٿئي ٿو.

وڻن جي ڪيو سنڀال ٻارو،

رکو تن جو سدا خيال ٻارو.

ربّ ڪريم رکي حڪمت آ،

وڻن سان ڪرڻي محبت آ.

چوي ايئن ٿو هي مهر فقير،

هي نظم وڏو آهي اڪثير.

ڳالهه ٻڌو ٻارو ڳالهه ٻڌو،

وڻ پوکيو ها وڻ پوکيو.

 

شفيق عاصم منگي

شڪارپور

نظم

 

ٻارَ جي علم وارا هوندا،

جڳ کي سَي ئِي پيارا هوندا.

سَمجهه عَقُل ۽ ڏاهپ جا ڏس،

ڀريــــــل ڄــــڻ ڀنـــڊار هــــوندا.

ديس سان چاهَتَ ساري جن جي،

سي ئِي ديس دُلارا هوندا.

جوتِ بڻجي جرڪن جيڪي،

ڌرتيءَ جا سڀ تارا هوندا.

خوشبوءِ هرسُو گُلڙن وانگي،

سَرسُ، سُڳند ۽ سارا هوندا.

ٻار لئه جي گِيت لِکن ٿا،

عاصم سي تو پارا هوندا.

محمد سليم فراش

هالا نوان

گيت

پيارا اٿئي پيارا اٿئي،

مُرشد منهنجا پيارا اٿئي،

سعيد الزّمان جميل الزّمان،

سنڌوءَ جا ٻئي ڪنارا اٿئي.

 

محفل جا مٺا مور آهن،

حُسن ۾ سڀن کان زور آهن،

مُرڪن سهڻا موتي ڇڻن،

آسمان ۾ جيئن تارا اٿئي.

 

مرشدن جو آ شانُ مٿي،

ربّ رکيو آ مانُ مٿي،

هندُ سنڌُ ۾ سدائين لڳن،

نوَ لِکِي نعرا اٿئي.

 

سليم فراش روز اچن،

لکين اچي ٿا پيش پوَنِ،

مسڪين تي مهربان ٿينِ،

ڏيندا سڀ کي سهارا اٿئي.

***


 

وفا ياسين آرائين

ڦُلجي اسٽيشن/دادو

نظم

 

روز اسڪول ويندو آهيان،

محنت سان پڙهندو آهيان.

 

پڙهي مان وڏو ماڻهو ٿيندس،

غريبن جي پيو مدد ڪندس.

 

صبح سوير اُٿندو آهيان،

تلاوت قرآن ڪندو آهيان.

 

علم سان آ منهنجو چاهه،

پڙهڻ ۾ آ منهنجو ساهه.

 

وڏن جو چيو مڃيندو هان،

هر ٻار سان پيار ڪندو هان.

 

شل ربّ ڪري مون کي شاد،

وفا مان ٿي وڃان آباد.

اها دعا گُهرندو هان،

 

***

 

ڪوثر سوز هالائي

هالا نوان

ٻاراڻا هائيڪا

سارو لوڪُ سُتل،

چنڊ ۽ ستارن جي،

آهــــــي رانــــد رتـــل.

 

نانيءَ جـــــو ويــــڙهو،

سج لٿي کان پوءِ مچي،

ٻــــــارن جـــــو مــــيڙو.

 

روئــــــــــي راڌيــــــڪا،

ڀڃي ڇڏيا اُن جا،

ڪرشــن رانـــــديڪا.

 

ٿانــــوَ ڪـــري پيا،

هوٽل جي مالڪ ڏنا،

ٻالــــــڪ کــي دڙڪا.

 

او ڙي ننـــڍڙا ٻـــار،

پوپٽ کي چوندس تو لئه،

ڳــــــائي گـــيت هـزار.

 

ٻالڪ ٽهڪ ڏنا،

ڄڻ سڄي سنسار جي،

مالڪ ٽهڪ ڏنا.

***


 

غلام نبي اوٺو

مٺي/ٿرپارڪر

غزل

ابي، امڙ جي اکڙين جا  ٺار،

سنڌ وطن جا سڀ سھڻا ٻار.

 

اسر ويلي اُٿي عبادت ڪن ٿا،

نيرن کائِي ٿِين اسڪول لئه تيار.

 

دل سان سبق جو دور ڪن ٿا،

مُور نه کائن اسڪولن ۾ مار.

 

اسڪول جي اڱڻ ۾ جڏھن ملن ٿا،

خوش ٿي ھڪٻئي کي  ڪن کِيڪار.

 

مُرڪون جڏھن سندن مُک تي مِڙن،

تڏھن سُھڻو ٿي پوي ٿو ھيءُ سنسار.

 

وڏا ٿي ھي ملڪ جا والِي ٿيندا،

آئيندي جا ڏسان ٿو تِن ۾ آثار.

 

اوٺا اندر ۾ جيڪي اُميدون اٿن،

سي پوريون ڪندو ڏيهه جو ڏاتار.

 

***


 

مسڪان ڀٽي

ڄام شورو

جشن آزادي مبارڪ

 

14 اگسٽ 1947ع تي اسان جو پيارو وطن پاڪستان ٺهي دنيا جي نقشي تي نروار ٿيو، جنهن ڌرتيءَ تي اسان هن وقت رهون ٿا، سا ڪيترين ئي قربانين کان پوءِ اسان کي حاصل ٿي، انهيءَ لاءِ اسان جي وڏڙن رات ڏينهن محنت ڪئي، جنهن جو اندازو لڳائڻ ڏاڍو مشڪل آهي. اسان جي وطن پاڪستان لاءِ سڀ کان پهريان ننڍي سطح تي ڪوششون ڪيون ويون پوءِ مڪمل هڪ راءِ سان سنڌ صوبائي مسلم ليگ طرفان ڪراچي (سنڌ اسيمبليءَ) ۾ هڪ ٺهراءَ منظور ڪيو ويو، ته مسلمانن لاءِ هڪ آزاد ملڪ هئڻ گهرجي. ان کانپوءِ آزادي جي تحريڪ زور ورتو. ان دوران مسلمانن تي ظلم و ستم شروع ڪيا ويا ۽ اسان جي ليڊرن کي ڌمڪيون به ملنديون رهيون، تنهن هوندي به اُنهن همت نه هاري. بهادريءَ سان پاڪستان جي قيام لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا، نيٺ وڏي جدوجهد کان پوءِ قائد اعظم محمد علي جناح رحه جي رهنمائي ۾ مسلمانن لاءِ الڳ وطن جو مطالبو ڪيو ويو. جنهن ۾ هو اسلامي عقيدي جي عين مطابق زندگي گذاري سگهن. آخرڪار وڏين قربانين کان پوءِ ڪاميابي نصيب ٿي ۽ دنيا جي سمورن ملڪن تسليم ڪيو ته مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ هجڻ ضروري آهي. 14 آگسٽ 1947ع تي مسلمانن پاڪستان جي نالي سان هڪ آزاد ملڪ حاصل ڪري ورتو.

14 آگسٽ 1947ع اسان سڀني پاڪستانين لاءِ هڪ تاريخ ساز ۽ يادگار ڏينهن آهي، ڇو ته انهي ڏينهن تي اسان کي آزادي سان سُک جو ساهه کڻڻ لاءِ، اسان کي ملڪ پاڪستان آزاد ٿي مليو، جنهن ۾ هن وقت اسين آزاد شهرين جي حيثيت سان ڀرپور زندگي گذاري رهيا آهيون. انهي آزادي واري ڏينهن کي هميشه ياد رکڻ لاءِ، اسان هر سال ’14 آگسٽ جي ڏينهن پنهنجي ملڪ کي مختلف طريقن سان خراج عقيدت پيش ڪري آزادي جو جشن ملهائيندا آهيون. ان ڏينهن تي سموري ملڪ ۾ عام موڪل هوندي آهي ۽ سمورن اسڪولن ۾ جشن آزادي جا پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org