علي محمد پلهه
(قسط: ڇهين)
ڳوٺ: پلهه/ سانگهڙ
هڪ
ڏينهن جو بادشاهه
هڪدم ٻَڌي کيس فوجداريءَ جي حوالي ڪيائونس. دل ۾
چوڻ لڳو ته ماڻهن مون کي چريو سمجهيو آهي الائجي
ڇا. پر ٻيلي آءٌ ته هوش حواس ۾ آهيان.
ابوالحسن کي ديوانو سمجهي کيس پاڳل خاني جي هڪ
ڪمري ۾ بند ڪري روزانه پنجاهه چهبڪ هڻي پوءِ
پُڇندا هئس ته سچ ٻُڌاءِ ته ابوالحسن آهين يا
اميرالمؤمنين؟ ٽن هفتن کان پوءِ هن جو دماغ جاءِ
تي آيو ۽ چوڻ لڳو، ته آءٌ مسڪين ابوالحسن آهيان،
پر ڪمبختيءَ جي ڪري هيترو خوار خراب ٿيو آهيان،
هاڻي مون کي معاف ڪريو. ماڻس روز سندس خبر چار لهڻ
ايندي هئي، سا کيس ڏٻرو ڏسي ارمان پئي ڪندي هئي.
ابوالحسن ماءُ کي چيو ته امان! مون جيڪي اڳ بڪيو
ٿي، سو خواب خيال هو. جيڪڏهن سچ هجي ها ته پنهنجي
گهر نه هجان ها، ٻانها ٻانهيون خدمت نه ڪن ها. پر
جي ملان کي سزا ڏيارڻ ۽ تو کي هزار مهرون ڏيارڻ
واري ڳالهه تي ٿو سوچيان ته شڪ ٿو پويم ته آءٌ
خليفو آهيان. پر جي هاڻي سچ ٿو چوان ته موچڙا ٿا
ملن. ماڻس ويچاري روئڻ لڳي. ماءُ کي روئندو ڏسي
سندس عزت ڪرڻ لڳو. ادب سان سلام ڪيائين ۽ چيائينس
ته اي مهربان ماءُ! منهنجو ڏوهه معاف ڪر، جيڪا بي
ادبي ٿي آهي، ان لاءِ معافي ڏي. جيڪي ٿي گذريو سو
خواب هو. آءٌ خليفو نه پر تنهنجو پُٽ آهيان. ماڻس
اهي ڳالهيون ٻڌي چيس ته اي ٻچا! آءٌ سمجهان ٿي ته
ان رات جيڪو مهمان آيو هو، سو صبح جو سوير دروازو
کليل ڇڏي ويو هو، اتان شيطان اچي خراب خيال
ويهاريا اٿئي. برابر اها سڄي حرڪت ان مهمان سوداگر
جي آهي. جيڪو ٿيو سو ٿيو، هاڻي مون کي آزاد ڪرايو.
ماڻس جي چوڻ تي هن کي آزاد ڪيائون ۽ هيءُ پنهنجي
گهر آيو ماڻس ويچاريءَ ڪيترا ڏينهن هن جي خدمت ڪري
صحتمند بنايائينس. پوءِ اڳوڻي دستور موجب روزانه
مهمان ٽڪائي انهن جي آڌرڀاءُ ڪندو هو.
دستور موجب اڄ به پُل تي بيٺو هو ته خليفو ۽
ڪوٽوال اڳي وانگر سوداگر جي ويس ۾ اتان اچي
لنگهيا. ابوالحسن خليفي کي سڃاتو ته هيءُ ساڳيو
موصل جو سوداگر آهي، هن جي ڪري ئي مون هيڏي تڪليف
ڏٺي آهي . جيڪڏهن اهو گهر جو دروازو کليل نه ڇڏي
وڃي ها ته مون سان ههڙي حالت ڇو ٿئي ها. ان کي ڏسي
هي ڏڪي ويو. مُنهن ڦيرائي درياءَ جو ديدار ڪرڻ
لڳو. خليفو به ابوالحسن جي ڳولا ۾ هو ته هن کي وري
محلات ۾ وٺي وڃان ۽ ڪي تماشا ڏيکاريانس ته، جيئن
سندس اڳيون ڏک لهي وڃي ۽ ساري عمر خوش گذاري. نيٺ
خليفي ڏسي ورتس ۽ ڀر ۾ بيهي سلام ڪيائين ۽
خيال ڪيائين ته وڃي ڀاڪر وجهانس، پر ابوالحسن
اڻ واقفن وانگر جواب ڏنس ته مون کي تنهنجو سلام نه
گهرجي، ۽ نه ئي تنهنجو ملڻ گهرجي. مهرباني ڪري
پنهنجي واٽ وٺُ. خليفي چيس ڇو سائين! شايد توهان
مون کي ڪونه سُڃاتو آهي. مهينو کن مس ٿيندو جو تون
مون کي هِتان وٺي هليو هئين ۽ طرحين طرحين جا طعام
تيار ڪري کارايا هيئي. ابوالحسن رکو جواب ڏنس ته
آءٌ توکي ڪونه سُڃاڻان، وڃي پنهنجو ڪم ڪر. خليفي
هن جي خشڪ جواب ڏيڻ تي ڌيان ڪونه ڏنو ۽ خيال
ڪيائين ته هي پنهنجي انجام موجب مهماني نٿو ڪري،
ڇاڪاڻ ته هن جو چوڻ هو ته هڪ دفعو جنهن کي مهمان
ڪيم، ان کي وري مهمان نه بڻائيندس. ان ڪري سلام
نٿو ڪري. خليفي چيس ته اي ادا! مون کي ٻُڌاءِ ته
ڪڏهن مون سان مليو به آهين؟ مهينو کن گذريو آهي،
توکان ڳالهه وسري وئي آهي. شايد توکي ڪا تڪليف
پهتي آهي، تنهنڪري تون ناراض ٿو ڏسجين ۽ مون کان
پاسو ٿو ڪرين پر پڪ ڄاڻج ته آءٌ تنهنجو شڪرگذار ۽
احسانمند آهيان. جيڪڏهن تنهنجي ڏک جو احوال مون کي
معلوم ٿئي ته دل ۽ جان سان تنهنجي مدد ڪريان.
ابوالحسن چيس ته اوهين منهنجي ڪهڙي مدد ڪندا!؟ فقط
ايترو چوڻو اٿم ته تنهنجي مُلاقات ڪرڻ جي ڪري آءٌ
چريو ديوانو ٿي پيو هوس. بس هاڻي مهرباني ڪري
پنهنجي واٽ وٺي هليا وڃو. مون سان نه ڳالهايو.
خليفي اها ڳالهه ٻڌي امالڪ کڻي ڀاڪر پاتائينس ۽
چيائينس ته ادا! ايترو رنج نه ٿي ڪاوڙ نه ڪر، توکي
ڇڏي ٻئي پاسي نه ويندس. منهنجا وڏا ڀاڳ آهن جو
توکي وري چڱو ڀلو ڏٺو اٿم. اڄ مون کي ضرور پنهنجي
اوطاق تي وٺي هلندين ۽ اڳي وانگر کارائيندين
پياريندين، ڇا ڪاڻ ته مون کي وڏي سِڪ آهي.
ابوالحسن چيو ته مون کي ڪهڙو لاچار پيو آهي جو وري
به ان ماڻهوءَ سان محبت ڪريان جنهن جي ڪري مون کي
هيتري سزا ملي آهي. سائين! منهنجي مرضي نه آهي ته
وري به ڪنهن مصيبت ۾ پوان.
خليفي وري به ڀاڪر پائي چيس ته ادا! تون مون کي
پنهنجو دوست سمجهه ۽ ناراض نه ٿيءُ. مهرباني ڪري
مون کي ٻُڌا ته منهنجي ڪري توکي ڪهڙو نقصان پهتو
آهي؟ منهنجو خيال آهي ته تنهنجي مدد ڪريان. جيڪڏهن
بي خبريءَ ۾ ڪا ڀُل ٿي وئي هجي ته ان جو عيوض
ڏيان. ابوالحسن اهي ڳالهيون ٻڌي ٿڌو ٿيو ۽ ڀر ۾
ويهاري سڄو قصو شروع کان وٺي آخر تائين بيان ڪري
ٻڌايائينس ۽ چوڻ لڳس ته،
(هلندڙ......)
نياز مسرور بدوي
شڪارپور
روئڻو نينگر عابد
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن گُلڻ گورنمينٽ
پرائمري اسڪول قاضي حبيب، ۾ پڙهائيندو هو. گُلڻ
پنهنجي ڪلاس ۾ پڙهائي رهيو هو ته، ڏانهنس هيڊ
ماستر عقيل احمد نائب قاصد موڪليو ته، ساڻس هڪ
دوست ملڻ آيو آهي. جڏهن گُلڻ هيڊ ماستر جي آفيس ۾
پهتو ته، ڏٺائين ته سندس دوست انور علي، جنهن سان
سندس دوستيءَ جو ساٿ، ماستريءَ جي تربيت حاصل ڪرڻ
جي دوران ٿيو هو، ۽ الحمدُ لله اڄ تائين ساڻس اهو
سنگت وارو تعلق قائم آهي اهو ويٺو هو، ساڻس گڏ
ننڍڙو پٽڙو به هو، جيڪو ان وقت چوٿون درجو پڙهندو
هو، ان کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ آيو هو. جيئن ته
گُلڻ ساڳيو ڪلاس پڙهائيندو هو، تنهنڪري هيڊ ماستر
صاحب گُلڻ کي پاڻ وٽ ويهارڻ جو حڪم ڪيو. ۽ دوستيءَ
جي تقاضا به اها هئي ته گُلڻ کيس پاڻ وٽ ويهاري.
عابد، جيئن ته پڙهڻ لکڻ ۾ ڪمزور هو، ان ڪري گُلڻ
مٿس گھڻي توجهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جو وڏو سبب
اهو به هو جو، عابد سندس دوست جو پُٽ هو ۽ گُلڻ
چاهي پيو ته عابد جيڪو لکڻ پڙهڻ ۾ اڀرو آهي، سو
سَڀرو ٿئي. پر الائي ڪهڙو سبب هو جو عابد سڀري ٿيڻ
جي ڪوشش ئي نه پيو ڪري! عابد جي باري ۾ گُلڻ، سندس
والد انور عليءَ سان مليو ۽ عابد جي باري ۾ کيس
مٿس سختي ڪرڻ لاءِ چيائين.
نيٺ آخرڪار هڪ اهڙو ڏينهن به آيو، جو گُلڻ کيس
اسڪول جو ڪم نه ڪري اچڻ تي سيکت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو
۽ کيس ڏاڍي ڪُٽَ ڪڍيائين. پر ان مار جو مٿس ڪوبه
اثر نه ٿيو ۽ اچي جو روئڻ شروع ڪيائين ته، ماٺِ ئي
نه ٿي ڪيائين. عابد کي گھڻو ئي پرچائڻ جي ڪوشش
ڪيائين. پر، هن پرچڻ بدران اڃا وڌيڪ ٿي رنو. سندس
تمام گھڻي روئڻ جي ڪري، گُلڻ کي گھڻو پريشان ڪري
ڇڏيو ۽ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي پيو ته، دوست انور
علي کيس ڇا چوندو ته، وٽس پٽ پڙهائڻ لاءِ ويهاريو
هو يا مار ڏيڻ جي لاءِ. گُلڻ کيس پرچائڻ جي ڏاڍي
ڪوشش ڪئي، ايلاز منٿون ڪيون، پر شايد ان معاملي ۾
عابد حد کان وڌيڪ ضديرو هو، جو روئڻ ئي بس نه ٿي
ڪيائين. گُلڻ سڀ حيلا هلائي نيٺ ٿڪجي پيو ۽ توبهه
زاري ڪندي، هيڊ ماستر مسٽر عقيل احمد ڏانهن ويو ۽
کيس سڄي روئداد ٻڌايائين، جيڪو گُلڻ تي ڏاڍو
مهربان هوندو هو. تنهن کيس پنهنجي آفيس ۾ ويهاري
گُلڻ جي ڪلاس ۾ ويو ۽ وڃي ڪري عابد کي الائي ڇا
چيائين يا سمجھايائين جو عابد روئڻ بند ڪيو.
ائين وقت گذرندو رهيو ۽ عابد به ٿوري ٿڪي محنت ڪرڻ
لڳو. چوٿون پاس ڪري پنجين ڪلاس ۾ ويو ۽ پنج درجا
پاس ڪري، انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو. اتي سندس ڪهڙي
ڪارڪردگي رهي تنهن کان گُلڻ بي خبر رهيو. انهيءَ
دوران انور علي پنهنجي وڏي پُٽ کي
’بقالڪو
دڪان‘
کولي ڏنو، جيڪو شهر جي سُٺي هنڌ تي هو، اتان گُلڻ
جو ڪڏهن ڪڏهن گذرٿيندو هو ته، عابد کيس اتي نظر
ايندو هو. عابد جڏهن کيس اتان گذرندي ڏسندو هو ته،
دڪان تان لهي گُلڻ وٽ ايندو هو ۽ کيس چوندو هو ته
'سائين بابا کي چئو ته مون کي پڙهائي.' گُلڻ کيس
اهائي دلداري ڏيندو هو ته، جيئن ئي سندس والد سان
ملاقات ٿيندي ته، کيس، تنهنجي پڙهائيءَ لاءِ
چوندس. ۽ هدايت ڪندس ته
”پڙهين
ته دل لڳائي ڪري پڙهه ۽ جيڪڏهن اهو شوق توهان
ننڍپڻ ۾ ڏيکاريو ها ته، هن وقت ڪنهن سٺي مقام تي
هجو ها.“
اهي لفظ ٻڌي عابد شرم ساريءَ سان منهن کڻي هيٺ
ڪندو هو.
هڪڙي ڏينهن گُلڻ وجھه وٺي، انور علي کي چيو ته
عابد اها خواهش ڏيکاري آهي ته آءٌ وڌيڪ پڙهندس،
توهان مهرباني ڪري کيس يونيورسٽيءَ ۾ داخلاوٺي
ڏيو. انورعلي، گُلڻ جي ڳالهه ۽ عابد جي پڙهڻ ۾ وري
دلچسپي ڏسندي، کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي
ڏني. ائين عابد جو تعليمي سفر ٻيهر شروع ٿيو ۽
عابد به سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماحول ۾ خوش خوش پڙهڻ
لڳو ۽ ائين سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري ورتائين.
ڊگري وٺڻ کان پوءِ حيدرآباد جي مختلف خانگي اسڪولن
۾ ٻارن کي تعليم ڏيڻ لڳو. انهيءَ دوران سنڌي ادب ۾
ايم فل ڪرڻ جي لاءِ پاڻ کي رجسٽرڪرايائين. هن وقت
عابد پڙهائڻ سان گڏ پڙهي به رهيو آهي. مون کي اميد
آهي ته عابد جنهن محنت ۽ لڳاءَ سان پڙهي رهيو آهي،
اهو آخر رنگ لائيندو ۽ عابد ضرور ڪنهن اهڙي مقام
تي پهچندو، جتي پنهنجي محنت جي پورهئي تي سرهو ۽
خوش ٿيندو.
پر توهان کي اها ڳالهه ٻُڌي حيراني نه ٿيڻ گھرجي
ته کيس گُلڻ جي ڏنل مار اڄ ڏينهن تائين نه وسري
آهي، جڏهن به گُلڻ سان ملندو آهي ته سندس زبان تي
اها شڪايت رهندي آهي ته، سائين توهان ڏاڍي مار ڏني
هئي. پر کانئس اها ڳالهه ڇو وسري ويندي آهي ته اها
مار کيس، سندس غلطيءَ جي ڪري ملي هئي. جيڪڏهن عابد
ان وقت پنهنجي تعليم سان سچو رهي ها ته کيس مار
ملڻ جي شڪايت ڪڏهن به نه رهي ها.
پيارا ٻارو! توهان پنهنجي پڙهائيءَ سان سچا رهو ۽
نيڪ، صالح ۽ سدورا ٻار بڻجي، پنهنجي ماءُ پيءُ جو
مانُ وڌايو، پڙهي لکي سٺي سوچ ۽ اخلاق جا مالڪ
بڻجي، قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪريو ۽ ان جي ترقيءَ ۾
پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.
ڇو ته اڄ جو ٻار نه مڇ جو وار رهيو آهي ۽ نه ئي
وري مار ڪا سنوار آهي.
***
مايا ساگر اوڏ
ڪُتو
مختصر
ڪھاڻي
ھڪ ڀيري ارونا جي ماءُ پنھنجي مائٽن مان موٽي آئي.
ھن دفعي ھو پاڻ سان ھڪڙو ڪتو به کڻي آئي. ڪتو تمام
سھڻو اڇي رنگ جي پشم، سندس ڪاريون بلوري اکيون،
ننڍو قد، ڪنھن ٻليءَ کان ٿورو وڏو لڳندو ھو. پھرين
ھن تي ھن جا گهر وارا ناراض ٿيا، ارونا به ڪاوڙ
ڪئي ته امان ھاڻي جتي آيو اُتي پيو گند ڪندو ڪير
ٻھاريندو. تون شام صبح مال جو گاھ ڪرڻ ۾ پوري. ٻار
سڀ اسڪول، بابا به مزدوري تي، آئون گهر جو ڪم
ڪنديس يا ھن جي چاڪري. تنھن تي سندس ماءُ پنھنجي
پنجن سالن جي پُٽ راج ڏي اشارو ڪندي وراڻي ڏني، ته
راج کي ھي ڪتو وڻي ويو ان جي ضد جي ڪري ادا چيو ته
کڻي وڃو ٻي صورت ۾ ھي ڪتو گهر جو پاليل آهي ڏاڍو
وفادار آهي. ادا جا ٻار ته ڏين ئي نه پيا بس راج
جي روئڻ ڪري ادا سڀني ٻارن کي چيو ته توهان وري به
وڏا ٿي ويا آهيو، راج توهان سڀني کان ننڍو آهي.
تڏهن ڏنائين ڪتو ھِتي ھُتي ڪِنُ ڪونه ڪندو چري! ھي
ته وفادار دوست آهي. جانور ڪٿي آهي هوءَ کلي ٿي.
ارونا پنھنجي ڀيڻ ڀائرن ۾
سڀني کان وڏي ھئي، ھوءَ صرف پنج درجا پڙھي هئي.
وڌيڪ پڙهڻ جو شوق ھئس. پر سندس ڳوٺ ۾ ڪو ھاءِ
اسڪول نه ھئو ان ڪري پنھنجي قسمت تي روئي ماٺ ڪري
وئي. ارونا گهر جي ڪم سان گڏ ماءُ جو ھٿ
ونڊائيندي ٻڪرين کي مينھن کي گاھ به کڻي ڏئي ٿي
پاڻي به پياري ٿي، ان سان گڏ پنھنجي ڀائرن جا
ڪتاب، اخبارون نھايت شوق سان پڙھي ٿي.
خير ارونا ھڪ ٻئي جانور جو واڌارو ڏسي ماٺ ٿي وئي.
ڪجهه وقت ۾ ڪتي جون عادتون سڀني کي وڻي ويون.
معمول مطابق راج جا ڀيڻ ڀاءُ اسڪول وڃن ٿا. سندس
والد به مزدوري تي وڃي ٿو. سندس ماءُ ٻڪرين مينھن
کي پاڻي پياري گاھ تي ھلي وڃي ٿي. ننڍڙو راج کٽ ۾
ٻڌل ڪپڙي جي لوڏ ۾ اگهور ننڊ سُتل ھو. گهر ۾ ڪير
به ٻيو موجود نه ھو. ارونا ٻھارو ڏيڻ کان پوءِ
گرمي محسوس ڪري ٿي، ڇاڪاڻ جو سندس اڱڻ مان دز تمام
گهڻي اُڏامي ٿي، ٻيو ته مال جي وٿاڻ ٻھارڻ دوران
کيس ڇيڻا به ڀت تي ٿڦڻا پون ٿا ھوءَ ٻھارو گهر جي
ڪُنڊ ۾ رکي راج ڏانهن ڏسي ٿي. جيڪو نھايت پرسڪون
ھئو. پوءِ گهر ۾ پيل ھڪ صندوق مان پنھنجا ڪپڙا ڪڍي
غسل خاني ۾ ھلي وڃي ٿي. سندس ڪتو تمام گهڻو ڀؤنڪي
ٿو. جنھن تي کوڙ وقت گذري وڃي ٿو ارونا غسل خاني
کان ٻاھر نڪري ٿي. ڪتو سندس پيرن تي پنھنجي پيشاني
رکي ٿو. توکي بُک لڳي ھوندي. سُڪون سان وھنجڻ ته
ڪونه ڏنئي. ھوءَ کٽ تي اونڌو پيل ٿالهه مٿي ڪري ھڪ
ماني جي ڊڳڙي سندس اڳيان اُڇلائي ٿي. ايتري ۾ سندس
اڳيان پيل ھڪ پرچي تي نظر پوي ٿي. سوچي ٿي متان ڪا
ڪم جي ھجي يا بابا جي ھجي پر مون ھينئر ٻھارو ڏنو
اھڙو ڪجهه نه ھو. پرچي کولي پڙھي ٿي جنھن ۾ لکيل
ھو. ارونا تون ڏاڍي سُھڻي ٿي وئي آهين. اڄ تنھنجي
ڪُتي موقعو وڃايو، ٻيھر ايندس پوءِ تنھنجي سُونھن
ھوءَ اڳتي پڙھي نه سگهي روئڻ لڳي. پرچي جي ھيٺان
وڏيري جي پُٽ جو نالو لکيل ھو. ڪتي ڏانهن نھاري ٿي
سندس اڳيان ماني جي ڊڳڙي اڃان پئي ھئي، ھوءَ ڪُتي
جي ويجهو وڃي کيس پُٺن تي ھٿ رکي ٿي. ڪتي جي اکين
مان ڳوڙها وھي رھيا ھئا. ارونا سندس ڳوڙها اُگهي
روئي چوي ٿي. واقعي تو پنھنجي گهر جو کاڌل نيمڪ اڄ
منھنجي عزت بچائي ملھايو. ھڪ لوفر درندي کي ڀڄايو
۽ پوءِ ھڪ ٿالھي کڻي اچي ٿي. جنھن ۾ ماني جا ڀورا
ڪري چوي ٿي اڄ کان واعدو
’محافظ
دوست‘
توکي ماني اُڇلائي نه پر پليٽ
۾ وجهي عزت سان ڏينديس، سندس ماءُ گاهه جي ڀري
اڳيان اُڇلائي ٿي کيس پوري وارتا ٻڌائي ٿي، ان
ڏينھن کان پوءِ ماءُ پنھنجي نياڻيءَ کي ويجهي ڳوٺ
جي ھڪ ھاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرائي اڳتي پڙھائڻ لڳي.
کيس گهر ۾ اڪيلو ڪڏهن به نه ڇڏيائين ڪُتو سڀني ڀيڻ
ڀائرن سان گڏ اسڪول ويندو ھئو. ٻار اسڪول اندر
ويندا ھئا. ڪتو اسڪول جي دروازي تي ويھي موڪل جو
انتظار ڪندو ھو ۽ واپسي ۾ ڳوٺ جا ڪيترائي ٻار گڏجي
ايندا ويندا ھئا. جنھن تي لوفر ته ڇا پر لوفر جي
ڪنھن پيءُ کي به ھمت نه ٿي جو سوين ٻارن جي رستا
روڪ ڪري !!
}پيارا ساٿيو! ھن ڪھاڻيءَ جو خاص مقصد اھو آهي ته
پنھنجي نياڻين کي گهر ۾ اڪيلو نه ڇڏيو. کين تعليم
ڏيو. ڪنھن تي ڀروسو نه ڪيو.{
عبدالواسع سهندڙو
ڳوٺ عظيم سهندڙو، شڪارپور
چوريءَ جي
سزا
هڪڙي ڳوٺ ۾ ٻه دوست ڪاشف ۽ ماجد رهندا هئا. ڪاشف
شرارتي، ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ ننڍيون چوريون ڪندڙ هو،
جڏهن ته ماجد نهايت شريف ۽ سُلڇڻو ڇوڪرو هو. ڪاشف
جو پيءُ هڪ سرڪاري ملازم هو، جڏهن ته ماجد جو پيءُ
پنهنجي گهرجي اڳيان ننڍڙو سبزيءَ جو دڪان هلائيندو
هو. ڪاشف اڪثر ڪري اسڪول ڪو نه ويندو هو، جڏهن ته
ماجد روزاني، روز اسڪول ويندو هو. اسڪول جو مليل
گهرو ڪم به باقاعدگيءَ سان ڪندو هو. ڳوٺ جا اڪثر
ماڻهو ماجد کي ڏاڍو ڀائيندا هئا ۽ ڪاشف سان هر
ڪوئي نفرت ڪندو هو. ماجد جي پيءُ پنهنجي پُٽ کي
روڪيو هو ته تون ڪاشف سان گڏ نه گهمندو ڪر. اهو
”کارو
کبڙ“
آهي توکي به کاري وجهندو. ڪٿي ائين نه ٿئي جو تون
به اُن جهڙو ٿي مون کي به ڳوٺ ۾ پُڻائي بدنام
ڪَرين! ڇو ته سياڻا چوندا آهن ته
”اڇو
ٻَڌ ڪاري سان رنگ نه مَٽي، عادت ضرور مَٽي.“
ماجد پنهنجي پيءُ کي چوندو هو
ته بابا سائين مان ائين ڪڏهن نه ڪندس، توهان
دلجاءِ ڪريو. مون کي بُري ڀلي جي تميز آهي. مان
ننڍڙو نه آهيان نه ئي بي عقل آهيان. پوء به پُٽ
تون اهو سڀ ڄاڻيندي ته هو هڪ بُرو ۽ خراب ڇوڪرو
آهي ان سان دوستي ملهائيندو اچين ٿو! ان جو ڪهڙو
سبب آهي؟ هن جواب ڏنو ته بابا مان چاهيان ٿو ته هن
سان دوستي رکي هن کان سڀ بُريون عادتون ڇڏايان. ۽
هن کي سُٺو ۽ بااخلاق بڻايان، پيءُ چيو پُٽ خيال
ڪجانءِ ڪٿي تنهنجو نه ٻيڙو ٻوڙي ڇڏي. نه بابا. بس
توهان مون تي يقين ڪريو. ڪاشف ۽ ماجد جي دوستي سڄي
ڳوٺ ۾ مشهور هئي. ٻئي طرف اها ڳالهه به ڳوٺ ۾
مشهور هئي ته ڪاشف ڪُپتيو ۽ ماجد سُپتيو آهي. ٻنهي
جون طبيعتون مختلف آهن پوءِ به هنن جي دوستي ڪيئن
قائم آهي! ڪيترن ئي ماڻهن کي انهيءَ تي حيرت به
هئي! ڳوٺ جي ڀرسان انبن جا باغ هئا. جتي انبن جي
موسم ۾ سُٺا وڏا ۽ مِٺا انب ٿيندا هئا. ڪاشف جيئن
ته سَنهيون سُڪيون چوريون ڪندو هو. ان لاءِ جيئن
ئي انبن جي مُند آئي، هر طرف وڻن ۾ انب لڙڪيل
ڏٺائين ته ڪاشف جي دل ۾ گدڙ ويٺو ته ڇو نه انب
چوري پَٽي ڍٽڪي تي ڍؤ ڪجي. دل ۾ چيائين پاڻ واري
ماجد کي صلاح هڻان ٿو ته هڪ کان ٻه هونداسون ته
چڱي
’بڊاڙڪ‘
پٽي پاڻ به کائي ڍَڍَمُ ٿينداسون ته گهر ۾ به آڻي،
انهن کي به اها ڍءُ ڪرائينداسون ته اهي به دعائون
ڪندا. اهو سوچي ماجد کي گهران سڏي سڄو منصوبو ان
کي سمجهايائين، ته اڄ اهو ڪم ڪرڻو آهي. سڀ ڪجهه
مان ئي ڪندس تون رڳو گڏيو هل، توکي به اڌ حصو
ڏيندس. ماجد چيو ڪاشف! چوري ڪرڻ سخت گناهه آهي.
اهو گناهه مان نه ٿو ڪري سگهان. ٻيو ته جيڪڏهن
پڪڙجي پياسون ته سڄي ڳوٺ ۾ خواري الڳ ٿيندي. تنهن
جي ڪري مان توسان هن ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي پنهنجي
آخرت خراب نه ڪندس. ڪاشف چيو ته ڪهڙي اسان ڪنهن جي
مينهن ٻَڌون ٿا. اهي ٻه ٽي انبَ پٽياسون ته ڪهڙي
اربع خطا ٿيندي. ٻيو ته ههڙي ٽاڪ منجهند جي گرمي ۾
سڀني جو ساهه ٿو نڪري، هر ڪوئي گهر سُتو پيو آهي.
اسان کي پڪڙڻ جو به خطرو نه آهي. جيڪڏهن ڪوئي
ڏسندو ئي نه ته، پڪڙيندو ڪيئن جي پڪڙيندو نه ته،
خواري ڪيئن ٿيندي؟ پر پوءِ به ڪاشف نه مڙيو ماجد
ته هلڻ کان لاچاري ڏيکاريس پر ڳوٺ جي ٻئي ڇوڪري
انور کي ساڻ ڪري انبن جي باغ طرف ويو. هاڻي انور ۽
ڪاشف دلجاءِ ڪري باغ ۾ گهڙيا ته هتي ڏينهن تتي ۾
ڪوئي پکي به نه آهي. دلجاءِ سان ڪم ڪري واپس ورون
ٿا. ٻئي پاسي باغ جو مالڪ سائينداد اهو ڏسڻ آيو ته
ڪالهه ڳوٺ جي هڪ همراهه جون مينهون باغ ۾ آيون
هيون، جن بيٺل گاهه کائي چٽ ڪري ڇڏيو ۽ ان کان
علاوه وڻن کي به نقصان پهچايو هو. ائين باغ جو
مالڪ سائينداد باغ گُهمي رهيو هو، ته هن کي ٻه
ڇوڪرا نظر آيا ته هيءَ هڪ وڻ جي اوٽ ۾ بيهي رهيو
ته، ڏسان ته اهي ڇوڪرا ڇا ٿا ڪن؟ ڏٺائين ته ڪاشف
انب جي هڪ وڻ تي چڙهيو آهي ۽ انور کي هڪ ڪپڙي جي
جهول جهلڻ لاءِ چيائين. ائين ڪندي اڃا ٻه ٽي انب
مس پٽيائين ته سائينداد هڪل ڪندي چيو کلا ٿي! نه
ويندؤ! انور ته هيٺ بيٺو هو جنهن جهول هاري وٺي
ٽاپي ڏني. باقي ڪاشف وڻ تان تڙتڪڙ ۾ لهڻ جي ڪوشش
ڪئي ته هن جو پير تِرڪي پيو ۽ ڦهڪو ڏيئي زمين تي
ڌڙام ڪيائين. هوڏانهن سائينداد به لٺ سوڌو ڀڄي اچي
پڳو ته ٻه ٽي لٺيون ڪاشف کي پُٺيءَ جون وهائي
ڪڍيائين. ڪاشف وٺي ٻرڙاٽ ڪيا ۽ ٻانهون ٻڌي ايلاز
ڪرڻ لڳس، ته چاچا سائينداد مون کي معافي ڏيو.
آئنده مون انبن پَٽڻ کان توبهه ڪئي. سائينداد چيو
ائين ڪيئن ٿيندو، تون روز منهنجا انب پٽيندو آهين
اڄ تون پڪڙجي پيو آهين. ائين ڪندي ڪُلهي تي رکيل
انگوڇي سان ڪاشف جون ٻئي ٻانهون پُٺيءَ ڀر ٻَڌي
ڳوٺ طرف ڪاهي هليس.
هوڏانهن وري انور وڃي ڪاشف جي گهر ٻڌايو ته ڪاشف
چوري ڪندي پڪڙجي پيو آهي، وارو ڪيو ان کي ڇڏايو.
ائين اڌ ڳوٺ ۾ اها ڳالهه هُلي وئي ته سڀ ماڻهو ڳوٺ
کان ٻاهر نڪري آيا. ڏٺائون هائو ٻيلي! ڪاشف
سائينداد جي اڳيان هلندو اچي ٿو ۽ پويان ٻانهون
ٻڌل اٿس!
”ڪي
هاڃي هنيان ڪي رونشي ڪوڏيا“
ماڻهو گڏ ٿيا. ڪاشف جو ڪنڌ هيٺ هيو. ننڍا ٻار
”ڪاشف
چور ڪاشف چور“
جا نعرا هڻي رهيا هئا.
جڏهن ويجهو آيا ته ڪاشف جي ماءُ سائينداد کي
ٻانهون ٻڌي ايلاز ڪري رهي هئي ته ڪاشف کي ڇڏ.
سائينداد چيو ته مان هن کي پوليس جي حوالي ڪندس.
هي روزاني روز منهنجا انب پٽيندو آهي. ڪاشف جي
ماءُ سائينداد جي پيرن تي پوتي رکي ته منهنجي ٻچڙي
کي پوليس جي حوالي نه ڪر، اسان ڏنڊ ڏوهه ڏيڻ لاءِ
تيار آهيون. بس هن جو پيءُ رڳو شام، ڊيوٽيءَ تان
واپس اچي. پر پوليس جي حوالي نه ڪر. اڄ شام ئي
رئيس الياس وٽ فيصلو رکون ٿا. جيڪو ڏنڊ رکندو، اهو
اسان ڀري ڏينداسون. سائينداد کي به روح ۾ رحم پيو
ته ڏنڊ ملندو ته پوءِ ڇو نه ڇڏيانس. هاڻي خلق به
ڏٺو اٿس. گهڻو ڳوٺ ۾ خوار خراب ٿيو آهي. ائين ڪاشف
کي ماءُ جي حوالي ڪيائين. سڀئي ڇوڪرا ۽ وڏا ماڻهو
به چئي رهيا هئا، ته همراهه چوري جو گهڻو کٽيو
کاڌو آ!
شام ٿي رئيس الياس جي اوطاق تي فيصلو ٿيو، جنهن ۾
هن تي چوري ثابت ٿي ۽ پنهنجي چور ساٿي انور جو به
نالو ٻڌايائين. رئيس الياس ڪاشف جي پيءُ تي ويهه
هزار ڏنڊ وڌو ۽ ان سان گڏ سائينداد کان معافي وٺڻ
لاءِ به چيو. ڪاشف جي پيءَ ويهه هزار ڏنڊ ڏيڻ لاءِ
پهرين تاريخ لاءِ چيو، باقي ڪاشف ۽ ان جي پيءُ اتي
جو اتي سائينداد کي پيرين پئي معافي ورتي.!
فيصلي کان پوءِ ماجد ڪاشف جي گهر ويو ۽ ان کي ماءُ
پيءُ جي سامهون چيائين ته مان توکي چوري ڪرڻ کان
منع ڪئي هئي پر تون نه مڙين، جنهن جي سزا تو کي
ملي. ڪاشف اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي چيو ته يار ماجد!
مان تنهنجو چيو نه مڃيو. مون کي ڏاڍي سيکت ملي
آهي، ۽ خواري به ڏاڍي ٿي آهي، جو هر ٻار مون کي
”چور“
چئي چيڙائي ٿو، سڄي ڳوٺ ۾ به بدنامي ٿي. منهنجي
ڪري منهنجي ابي امڙ جي به عزت خاڪ ۾ ملي وئي. الڳ
سان بابي ڏنڊ جا به پيسا ڀريا اهو ڌار نقصان ٿيو.
يار ماجد!
اڄ مان توسان ابي امڙ جي روبرو واعدو ٿو ڪيان ته
اڄ کان پوءِ سڀ خراب ڪم ڪرڻ کان توبهه ڪيان ٿو. ان
سان گڏ ابي امڙ جو فرمانبردار به ٿي رهندس. ٻي
ڳالهه ته تنهنجي ڏسيل سُٺين ڳالهين تي پڻ عمل
ڪندس. ائين چئي ڪاشف ابي امڙ کي ڀاڪر پاتو ۽ پوءِ
ماجد کي به ڀاڪر پاتائين. ڪاشف ۽ ان جا والدين
خوشيءَ مان ڳوڙها وهائڻ لڳا. ڪاشف جي پيءُ چيو
ته اڄ ربّ پاڪ جا لک شڪر آهن جو اسان جو پُٽ خراب
ماحول ڇڏي صاف ۽ پاڪ ماحول ۾ آيو آهي. ان کان وڌيڪ
ٻيو ڇا کپي. ائين پوءِ ڪاشف ڀُليي ڀُلائي به ڪڏهن
خراب ڪم نه ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ اهو ڪاشف هڪ
سُلڇڻي ايماندار ڇوڪري طور مشهور ٿي ويو ۽ ڪاشف ۽
ماجد ٻنهي جي جوڙي به مثالي بڻجي وئي.!
اسين سنڌي ادب جو جڏھن جائزو وٺون ٿا ته، چڱيءَ
طرح پرُوڙ پوي ٿي ته، سنڌي ادب سرجيندڙ اڪثر شاعر
۽ اديب گهڻو تڻو وڏن لاءِ ته ادب سرجين ٿا، پر
ٻارن لاءِ لکڻ سندن پھرين ترجيع ۾ شامل نه آھي.
ھڪ ڏاھو
”فيلسن
ڊريڊن“
ٻارن لاءِ چوي ٿو ته،
”قدرت
ٻارن جي روپ ۾ اسان کي زندگي، مُسڪراھٽ، سُونھن ۽
سُندرتا جھڙا عظيم تحفا ڏنا آھن. ھاڻي اسان جي
ذميواري آھي ته انھن مڙني تُحفن کي نه فقط سنڀالي
رکون، پرانھن جي ذھني، اخلاقي ۽ سماجي پرورش به
ڪريون.“
اسين
”فيلسن“
جي انھيءَ ڳالهه کي تڏھن ئي عملي روپ وٺرائي
سگهنداسين. جڏھن اسين ٻارڙن لاءِ تعليمي ۽ تفريحي
ادب لکي وٽن پھچائينداسين. منھنجي خيال ۾ ھن وقت
سنڌي ٻاراڻي ادب لاءِ جيڪي ماڻهو تسلسل سان ڪم ڪري
رھيا آھن، انھن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو نالو سڀ
کان مٿانھون آھي .اھو انھيءَ ڪري به جو ڊاڪٽر صاحب
گذريل
35
سالن کان لاڳيتو ٻارڙن لاءِ لکندو رھي ٿو، جنھن جو
مثال سندس ٻارن لاءِ شاعريءَ تي مشتمل ھي
’سورھون
ڪتاب‘
آھي، جنھن جو نالو به ٻارڙن جي
خوبصورت عادتن
۽ ڏانءَ موجب رُسڻ ريجهڻ راند اسان جي آھي. ھن
ڪتاب جي نالي مان ئي ٻارڙن جي مزاج جي خبر پوي ٿي،
ته ھر ھر پاڻ ۾ رُسڻ ۽ ريجهڻ، ٻارڙن جوئي محبوب
مشغلو آھي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ھيءُ ڪتاب ٻاراڻي ادب سان
پيار ۽ پنھنجائپ جو مظھر آھي. عام طور تي اسين
ٻارڙن لاءِ لکندڙ اديب ۽ شاعر ٻارڙن لاءِ لکيل
ڪتاب جي نالي ۾ ڪٿي نه ڪٿي لفظ
”ٻار“
کي اٽڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون، پر ڊاڪٽر ذوالفقار
سيال، انھيءَ قسم جي سوچ کان پاڻ کي مٿانھون رکي
پنھنجي اڪثر ڪتابن جا نالا ڏاڍا سھڻا رکيا آھن
جھڙوڪ : مُکڙين مالھا، لفظن جا رانديڪا، منھنجو
گڏڙو منھنجي گُڏڙي ۽ امان مونکي کيڏڻ ڏي وغيره.
ھن ڪتاب جو ٽائيٽل ڏاڍو خوبصورت آھي، جنھن ۾ ٻارن
کي پنھنجي روائتي راند
”لال
ڦِيري گُل ڦِيري“
ڪندي ڏيکاريو ويو آھي. رسالي جي سائيز ۾ ڇپيل ھيءُ
ڪتاب سُھڻن اسڪيچن ڏانھن ٻارڙن کي مائل ڪرڻ سان گڏ
معلومات، تفريح ۽ سائنسي ڄاڻ به فراھم ڪري ٿو.
ھونئن ته ڊاڪٽر ذوالفقار جي سموري شاعري ساهه ۾
سانڍڻ جھڙي آھي. پر ھن ڪتاب جا ٻاراڻا ٻول پڙھندي
ئي منُ موھجي پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته ھن ڪتاب جو ھڪ، ھڪ
نظم توڙي گيت فني گهرجن سميت ٻارن جي وندر،
دلچسپي، ذھني آسودگي ۽ شخصيت سازي لاءِ شاندار
آھي. انھيءَ کان سواءِ ڪتاب ۾ شامل نظمن جا موضوع
نوان آھن ۽ ڪتاب ۾ ڏنل سموري شاعري، ٻوليءَ جي ڳرن
لفظن کان آجي، رواني، لطافت ۽ موسيقيت سان ڀرپور
آھي. ھت حوالي طور ڪتاب ۾ شامل ھڪ نظم ڏجي ٿو،
جنھن ۾ رڌم ۽ لئه سمنڊ جي ڇولين وانگر نظر اچن ٿا
.
انھيءَ کان سواءِ ھن ڪتاب ۾ شامل نظم،
سُرمي داڻي، ھٿيار ۽ قلم، جاپاني ريل، گهر جي
سونھن، ميرو جوڙو، پوتِي، حرڪت ۽ قوم جو معمار
وغيره بھترين آھن.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ھن ٻارن لاءِ شاعراڻي ڪتاب
جي بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جي تصوير سان گڏ ڊاڪٽر يوسف
خشڪ (اڳوڻو چيئرمين پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام
آباد) جو وزندار تاثر ڏنل آھي. تاثر جي آخر ۾ ھو
لکي ٿو ته،
”ذوالفقار
سيال جسُ ۽ کيرون لھڻي ته ھو ھن مھل تائين سنڌي
ادب ۾ ٻاراڻي ادب لاءِ پاڻ پتوڙي رھيو آھي. ھن
ڪتاب جو مھاڳ ڪلپنا چيلاڻيءَ جو لکيل آھي. جڏھن ته
ليکڪ
”پنھنجي
پاران“
۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته،
”منھنجي
لاءِ ان کانسواءِ ٻيو ڪو خوشيءَ جو موقعو ناھي، ته
منھنجو ٻارن لاءِ شاعريءَ جو ھي لڳاتار
’سورھون
ڪتاب‘
آھي. ٻارن لاءِ شاعريءَ ۾ ايترا ڪتاب شايد ئي ڪنھن
جا ڇپيل ھجن. ڀل اھي اردو، پنجابي، بلوچي، سرائڪي،
پشتو ۽ ٻيون ٻوليون ڇونه ھجن. جيڪڏھن ڪو دوست اھو
ڄاڻي ٿو ته ٻارن لاءِ شاعريءَ جا ايترا ڪتاب
ڄاڻايل ٻولين ۾ ڪنھن جا به آھن ته، اھو ريفرنس
ڏيئي منھنجي درستگي ڪري ته، آءٌ سندس احسانمند
رھندس.“
***
محترمه ايڊيٽر صاحبه
اسلام عليڪم،
اُميد ته اوهان پوري ٽيم سميت عافيت سان هونديون.
محترمه صاحبه اوهان جون وڏيون مهربانيون جو اوهان
منهنجو مضمون
”اصل
ڪمال ماءُ جو آ“
۽ زين العابدين جو مواد
”مهراڻ
جا موتي“
فيبروري جي رسالي ۾ شايع ڪري حوصلا بُلند ڪيا.
تمام گهڻي خوشي ٿي. محترمه
5
فيبروري سومر جي ڏينهن جڏهن پنهنجي ڳوٺ عثمانيه
لائبريريءَ ۾ ڪتابن جي مطالعي لاءِ ويس ته ماما
سائين محمد عثمان عباسي صاحب جن گُل ڦُل رسالو ڏنو
۽ چيائين ته سنڌي ادبي بورڊ وارن تنهنجي لاءِ
موڪليو آهي، پوءِ ته اڃا بيحد خوشي ٿي. گهروارن کي
به پڙهڻ جي لاءِ ڏنم، اهي به ڏاڍا خوش ٿيا.
محترمه صاحبه، مان اوهان جو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو
انتهائي ٿورائتو آهيان. توهان جو جيترو شڪريو ادا
ڪجي تمام گهٽ آهي. هاڻي به مواد موڪلي رهيا آهيون،
”سنت
ڇاکي چئبو آهي“،
”هر
حال ۾ الله تعالى جو ذڪر“،
اُميد آهي ته اهي به شايع ڪري همٿ افزائي
فرمائيندا. ربّ پاڪ اوهان کي پنهنجي سَٿَ سميت
پنهنجي حفاظت ۽ امانُ ۾ رکندو ۽ ڪجهه فوٽو به
موڪلي رهيا آهيون اُميد ته اهي به رسالي ۾ ڏيندا
ته نوازش ٿيندي. (آمين)
مقبول احمد، ولد منظور علي
ڳوٺ چنيهاڻي ڊاڪخانه سيدو باغ ڪنڊيارو
***
ڀيڻ نجمه پنهور اسلام عليڪم،
بعد سلامن جي عرض، ته هن ڀيري مارچ
2024ع
جو رسالو ڪافي دير سان مارڪيٽ ۾ آيو آهي، شايد ڪا
فني خرابي ٿي هوندي. اُميد ته آئينده وقت سر رسالو
نڪرندو رهندو. هن دفعي ڪجهه مواد سارونڻيون ۽
اکروٽ جي قيمت اوهان جي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان
اُميد ته ضرورو شامل ڪندا. اوهان کي ۽ اوهان جي
پوري ساٿ کي عيد مبارڪون هجن. ربّ پاڪ اوهان کي
سلامت رکي. (آمين)
علي محمد پلهه
ڳوٺ پلهه ضلع سانگهڙ
***
اسلام عليڪم ماهوار گُل ڦُل جي ايڊيٽر صاحبه
اُميد ته خيريت سان هوندؤ. ٻارن جي ادبي رسالي گُل
ڦُل جو پڙهندڙ ته آئون ننڍپڻ کان رهيو آهيان پر
بدقسمتيءَ سان اُهي ٻاروتڻ جا گُل ڦُل جا پرچا پاڻ
وٽ محفوظ ڪري نه سگهيس. ڪجهه سالن کان گُل ڦُل جا
پرچا پنهنجي ننڍڙي لائبريريءَ ۾ جمع ڪندو ويو
آهيان. انهن پرچن کي پڙهي دل ۾ شوق پيدا ٿيو ته
مون کي به ٻارن جي لاءِ ڪجهه لکڻ گهرجي. اُن اُميد
سان هي مضمون لکي اوهان ڏي موڪلي رهيو آهيان ته
منهنجي مضمون کي گُل ڦُل ۾ جاءِ ڏيندا. سدا سلامت
هجو.
اقبال هنڱورو
ڀٽائي ڪمپيوٽرس اينڊ ڦوٽو اسٽيٽ پوسٽ آفيس ڪنڊيارو
ضلع نوشهروفيروز
|