امداد سروري
آرضي/سيوهڻ
نياڻيون پڙهايو
نٿا نياڻيون پڙهڻ لاءِ ڇڏيو،
ڪجهه سُڌري هلو جاهلو.
سنڌ جي نياڻي کي گڏجي چئو،
وڌو اڳتي رکو حوصلو.
هي انڌيرو آ جيڪو ٿيو،
نيٺ ٽُٽندو اهو سلسلو.
رات ٿيندي ظلم جي ختم،
ايندو ظالم مٿان زلزلو.
ڪانهي محفوظ نياڻي ڪٿي،
گُهمندا ڦِرندا وتو قاتلو.
ڇو نياڻي آهي قيد ۾،
ان کي اڳتي وڌڻ ڪجهه ڏيو.
وئي انسانيت آ لڏي،
ڇو ٿا روئو ڀلا بادلو.
چوي
’امداد‘
ٿو
’سروري‘،
هي آهي وڏو مسئلو.
***
ابن لائق سومرو
غزل
هلو گذاريون ڀٽائي تي رات،
ويهي ٻُڌون ڪا لطيفي لات.
تنبوري تي جي ويٺا ڳائن ٿا،
تن جي ڪجي ڪهڙي بات.
الله ھُو جي هو لات لنوَن ٿا،
ٻي ناهي انهن کي وائي وات.
ٻولي ٻي ڪا ڪِين ٻولين ٿا،
توڙي اچي ڪنڌَ تي ڪات.
سُڪون دل کي ڏاڍو اچي ٿو،
ٻُڌن ٿا سڀ ڏس ڪري ماٺ.
’ابن
لائق‘
دل ۾ سمائين ڀٽائي،
تن کي طلب نه ڪا ئي تات.
محمد سليم فراش
هالا نوان
گيت
ادبي بورڊ تنهنجو ڀاڳ سوايو آ،
تڏهن سعيدالزمان توکي چاهيو آ.
هر سال ڪتابي ميلا لڳرايا،
سنڌ سڄيءَ ۾ ڪتاب ورهايا،
گهر گهر تنهنجو پيغام پهچايو آ،
تڏهن سعيدالزمان توکي چاهيو آ.
اڳ نه هُيا تنهنجا اهڙا نظارا،
تعريف ڪن پيا ماڻهو سارا،
توکي ٺاهيو آ ڪونه ڦِٽايو آ،
تڏهن سعيدالزمان توکي چاهيو آ.
ننڍا وڏا روز ٻار اچن ٿا،
’سليم
فراش‘
سي خُوب گُهمن ٿا،
محلات جهڙو
’مخدوم‘
توکي اَڏايو آ،
تڏهن سعيدالزمان توکي چاهيو آ.
نور گهلو
جرڪندڙ پيچرن جا راهي
ويندڙ وقت کي
مُٺ ڀڪوڙي
بند ڪري ڇڏ.
ايندڙ وقت جون
راهون
سڀئي
کولي ڇڏ.
وقت جي وٿ
وڏي شيءِ آهي
وقت جي وِک سُڃاڻ
ننڍڙا ساٿي!
توکي جن راهن تي
هلڻو آهي
تن راهن تي سج نوائي
هلندو هل
تنهنجي پيرن پويان
صديون آهن،
وِک وِک جرڪائي هل.
***
غفار عباسي
ڪنڊيارو
امڙ منهنجي
امڙ منھنجي پياري پياري آھي،
پڙھڻ جي ڪرائيندي تياري آھي.
جڏھن به ڪٿي پوان مُنجھي،
ھر ھر ڪندِي ھوشيار آھي.
وڏو ٿِي جي سُک ماڻيان ته،
اُن لاءِ محنت جي آبياري آھي.
امڙ جي دُعا ڇانوَ اھڙي جا!
اسان جي لاءِ دنيا ساري آھي.
امڙ کان ئي پيار سِکيو ھاڻ،
ساڻ ئي ساڻ پيار جاري آھي.
***
عزيز احمد علوي
شڪارپور
طوطو
منهنجو پيارو آهي طوطو،
ٻولڻ وارو آهي طوطو.
ٻولِي ٻولِي مِٺڙي هردم،
سچ سُونهارو آهي طوطو.
سنڌ جي ٻارن لاءِ برابر،
رونق وارو آهي طوطو.
وڻ ٽڻ باغ جا وڍجي ويا،
هاڻ ڏُکارو آهي طوطو.
چُهنب ڳاڙهي ۽ کنڀڙا ساوا،
ساهه سهارو آهي طوطو.
سهڻو ۽ من مهڻو منهنجو،
سائو سارو آهي طوطو.
هونئن ته پکي سڀ سُهڻا ليڪن،
سڀ کان نيارو آهي طوطو.
ڳالهائي پيارو سڀ کان،
منُ موچارو آهي طوطو.
جلد
’عزيز‘
کي ڪن ۾ ٻڌايو،
ڪنهن وٽ ٻارو آهي طوطو.
ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي
ڪراچي
پاڻيءَ واري مسجد
پاڪستان جي تحريڪ جي هڪ يادگار ۽ هڪ پروقار مسجد
جنهن کي
”پاڻيءَ
واري مسجد“
جو نالو ڏنو ويو آهي. ماڻهو ان کي
”جوڻيجا
مسجد“
به سڏيندا آهن. کيرٿر ڪئنال جي وچ ۾ هئڻ ڪري ان کي
”کيرٿر
مسجد“
به چيو ويندو آهي. پر گهڻا ماڻهو ان کي
”پاڻيءَ
واري مسجد“
ئي چوندا آهن. هيءَ هڪ تاريخي ۽ نرالي مسجد آهي.
جنهن جي باري ۾ گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ آهي. هن مسجد مان
پاڪستان جي تحريڪ ۽ پاڪستان جي نظريي کي اهي
سگهارا بنياد مليا، جن جو منطقي نتيجو هڪ ڌار وطن
يعني پاڪستان جي صورت ۾ نڪتو ۽ جتان علم ۽ عرفان
۽ ڏاهپ جا اُهي ستارا اُڀريا، جن اڳتي هلي پاڪستان
جي نظرياتي سرحدن جي حفاظت ڪئي.
پاڪستان جي تحريڪ ۾ هن ننڍڙيءَ پاڻيءَ واري مسجد
جو ڇا ڪردار آهي؟ ان لاءِ اسان کي لڳ ڀڳ هڪ صدي
پوئتي تاريخي ڳوٺ
’امروٽ
شريف‘
ڏانهن موٽڻو پوندو جتي پنهنجي وقت جو جيد عالم ۽
انقلابي شخص مولانا تاج محمود امروٽي رهندو هو.
مولانا تاج محمد امروٽي اها شخصيت آهي، جنهن جي
علم ۽ فيض جي شهرت نه رڳو سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ تائين
پکڙيل آهي، پر هندستان، افغانستان، عربستان،
انگلستان ۽ ايران تائين به سندس علمي ۽ مذهبي ڌاڪ
ويٺل آهي. مولانا تاج محمد امروٽيءَ جا مذهبي،
روحاني، سماجي، علمي ڪارناما، قومي خدمتون ۽
قربانيون سنڌ جي تاريخ جو هڪ سونهري باب آهن.
مولانا صاحب جو اسم مبارڪ سيد تاج محمود شاهه
جيلاني ۽ سندس والد بُزرگوار جو نالو سيد
عبدالقادر شاهه عرف
’ڀورل
شاهه‘
آهي. مولانا صاحب، خيرپور ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ
’ديوانيءَ‘
۾ ڄائو هو. ڪجهه روايتن مطابق سندس ولادت
1858ع
۾ ٿي هئي.
مولانا تاج محمد امروٽي پنهنجي پير مرشد ۽ روحاني
رهبر حافظ محمد صديق ڀرچونڊيءَ جي حڪم تي ضلعي
شڪارپور جي تعلقي ڳڙهي ياسين جي قديمي ڳوٺ امروٽ
شريف ۾ آباد ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح هي ڳوٺڙو ديني تعليم
۽ روحاني تربيت جو مرڪز بنجي ويو. ان مرڪز مان
انهن وڏين وڏين شخصيتن علم حاصل ڪيو. جن اڳتي هلي
پاڪستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ بنيادي ڪردار ادا
ڪيو. اهڙيءَ طرح امروٽ شريف جهڙي ننڍڙي ڳوٺ کي اها
تاريخي حيثيت ملي ويئي جيڪا سنڌ جي ڪنهن به ٻئي
ڳوٺ جي حصي ۾ هيل تائين ڪونه اچي سگهي آهي.
مولانا تاج محمود شاهه جيلاني جڏهن امروٽ شريف آيو
ته سڀ کان پهرين هتي هڪ مسجد قائم ڪيائين. مسجد جو
ڪم مولانا صاحب جي هڪ ويجهي ساٿيءَ مستري
عبدالرحيم سومري شڪارپوريءَ ڪيو هو. مسجد جو ڪم هڪ
سال تائين هلندو رهيو هو. مسجد جي مڪمل ٿيڻ جي
تاريخ مسجد جي ٻاهرئين دروازي تي
1321هه
بمطابق
1924ع
لکيل آهي، جيڪو هاڻي به ڌنڌلو ڌنڌلو نظر اچي ٿو.
مسجد تي ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪم ٿيل آهي. سڄي عمارت
پڪين سرن مان ٺاهي ويئي آهي ۽ مٿس گُلڪاريءَ ۽
ميناڪاريءَ جو عُمدو ڪم به نظر اچي ٿو. هن ديني
مرڪز ۾ مولانا عُبيدالله سنڌيءَ به ڏهاڪو سال کن
درس ڏيندي گُذاريا هئا. مسجد جي اُترئين پاسي کان
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي هجري جو منارو اڄ به
انقلاب جا داستان ٻُڌائڻ لاءِ بيتاب آهي. اُن
مناري
سان لڳو لڳ مسجد جو اوڀاريون ۽ ڏاکڻيون حصو اڃا
تائين به بهتر حالت ۾ موجود آهي.
هن مسجد شريف جي ٻيهر تعميراتي ڪم گذريل ٻن سالن
کان جاري آهي. مسجد کي اندران ڏاڍي خوبصورت نموني
سان ٺاهيو ويو آهي. مسجد ۾ داخل ٿيندي ئي هڪ حسين
نظارو اکين کي ٿڌو ڪري ڇڏي ٿو. هن نئين مسجد جي
مختلف حصن ۾ شيشي جي پچڪاريءَ جو ڏاڍو سُهڻو ڪم
ٿيل آهي. انهن چمڪندڙ شيشن ۾ قرآني آيتون وغيره
ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ لکيون ويون آهن. هن نئين
مسجد ۾ ٽالهيءَ جي ڪاٺيءَ جا خوبصورت دروازا ۽
دريون پڻ لڳل آهن.
مسجد جي اُترئين دروازي کان ٿورو ٻاهر نڪربو ته
ڪجهه وِکن جي پنڌ تي هڪ ننڍڙو قبرستان موجود آهي
جتي مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي مزار موجود آهي.
مولانا صاحب جي قائم ڪيل هن ديني مرڪز مان وڏين
وڏين هستين فيض حاصل ڪيو. انهن مان مولانا
عبدالوهاب ڪولاچي، مولانا عبدالله، کڏهڙي وارو ۽
مولانا عبدالقادر دينپوري شروعاتي دؤر جا اهي
شاگرد هئا. جن اسلام جو حقيقي شعور پهچائڻ سان
گڏوگڏ انسان دوستيءَ ۽ رواداريءَ جو پيغام سنڌ جي
ڪُنڊ ڪُڙڇ تائين پهچايو . اڄ به هن ديني مرڪز ۾
مستقبل جا معمار ديني علم ذوق ۽ شوق سان حاصل ڪن
ٿا.
مولانا تاج محمد امروٽيءَ جي سڄي عمر علم ۽
روحانيت کي عام ڪرڻ ۾ گذري وئي. مولانا صاحب،
امروٽ شريف جي ڀرسان ڳوٺ
”مُنڌوءَ
جي وانڍ“
جي ٻاهران هڪ ننڍڙي مسجد به قائم ڪئي هئي. پاڻ
ڏينهن جا ڪجهه پهر ان مسجد ۾ ويهي عبادت ڪندو هو.
منڌوءَ جي وانڍ وڃڻ لاءِ امروٽ شريف کان هڪ روڊ
اچي ٿو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان هڪ سائي پوک ۽ باغن
جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. کجين جي وڻن جون شاخون
هٿ لوڏي ايندڙن کي ڀليڪار چون ٿيون. ساين پوکن کي
ڇڏي ٿورڙو اڳتي اچبو ته اوچتو ئي هڪ خوبصورت مسجد
نظرن اڳيان اچي ويندي. پاڻيءَ واري مسجد هيءَ اها
ئي مسجد آهي، جنهن ننڍي کنڊ جي تاريخ تي گهرا
اثرڇڏيا!
اها
1923ع
جي ڳالهه آهي. سکر بئراج ۽ ڪئنال پروجيڪٽ جو ڪم
برطانوي سرڪار جي نگرانيءَ ۾ شروع ٿي چڪو هو.
بلوچستان کي آبپاشيءَ جو پاڻي پهچائڻ جي مقصد سان
جڏهن سکر جي ويجهو
’کيرٿر
ڪئنال‘
جي کوٽائي شروع ڪئي وئي ته هيءَ ننڍڙي مسجد به
کيرٿر ڪئنال جي رستي ۾ اچي وئي. تنهڪري انگريز
سرڪار مسجد کي شهيد ڪرڻ جو قطعي فيصلو ڪري ڇڏيو.
هيءَ مسجد جوڻيجن جي ڳوٺ ۾ هئي. اهو ڳوٺ جنهن کي
”منڌوءَ
جي وانڍ“
چيو وڃي ٿو. سو اڄ به ان مسجد جي ڀرسان ڪئنال جي
کاٻي ڪپ تي موجود آهي. انگريز سرڪار جوڻيجن جي ڳوٺ
کي اُٿڻ جو نوٽيس ڏنو. ڳوٺ جا ماڻهو ٻئي هنڌ وڃي
ويٺا. سرڪار ڳوٺ جي جاين، وڻن ۽ کوهن کي ناس
ڪرائي، ڪئنال جي کوٽائي شروع ڪري ڇڏي. هيءَ ننڍڙي
مسجد به واهه جي وچ ۾ ٿي آئي، تنهنڪري ان کي شهيد
ڪرڻ جو فيصلو ڪيائون.
مولانا تاج محمود امروٽيءَ تعلقي جي مختيارڪار،
ڪليڪٽر ۽ انجنيئري کاتي وارن کي ڪيتريون ئي
درخواستون ڏنيون، پر خاطرخواهه جواب نه مليو.
نتيجي ۾ مولانا صاحب انگريز سامراج سان مقابلو ڪرڻ
۽ کانئن آزادي حاصل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هزارين
ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ هڪ اهڙي ديني، سياسي ۽ مزاحمتي
تحريڪ شروع ٿي، جنهن ننڍي کنڊ ۾ موجود انگريز
سرڪار جا بنياد لوڏي ڇڏيا!
مولانا صاحب مسجد جي حفاظت جي لاءِ ماڻهن جا ٽولا
مقرر ڪيا، جيڪي جدا جدا وقتن تي مسجد جي چؤنڪي ڏيڻ
لڳا. مولانا صاحب جو چوڻ هو، ته
”انگريز
اسان کي واعدو ڏنو هو، ته ننڍي کنڊ ۾ ماڻهن کي
مذهبي آزادي حاصل هوندي ۽ عبادتگاهن کي سلامتي
حاصل هوندي.“
پوءِ هيءَ واعدي خلافي ڇو آهي؟
اهڙيءَ طرح کيرٿر ڪئنال کي مسجد جي ٻنهي پاسن کان
گذاريو ويو ۽ مسجد پاڻي جي وچ ۾ اچي ويئي. ان ڪري
هن مسجد کي
”پاڻيءَ
واري مسجد“
چيو ويندو آهي. هيءَ خوبصورت مسجد تعلقي ڳڙهي
ياسين، ضلعي شڪارپور جي تاريخي ۽ قديمي ڳوٺ
’امروٽ
شريف‘
کان ڏکڻ طرف ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي موجود آهي.
صبح ٿيندي ئي
’الله
اڪبر‘
جي صدا هن مسجد مان بُلند ٿيندي آهي ۽ پوءِ ڏينهن
روشن ٿيڻ لڳندو آهي. مسجد تائين وڃڻ لاءِ ٽي فُٽ
ويڪري ۽ ستن مضبوط ٿنڀن تي ٺهيل هڪ راهداري آهي،
پنجويهه ٽيهه وکون کڻڻ کان پوءِ هن مسجد جي ٻن
تاڪن وارو دروازو کُلي ٿو مسجد جي اندر هلڪي سائي
رنگ جا سادا ٽائيل لڳل آهن. جيڪي نمازين جي اکين
کي ٿڌاڻ ڏين ٿا. سامهون ئي ڀتِ ۾ ٺهيل ٽن خانن
واري الماڙيءَ ۾ قرآن پاڪ جا نسخا رکيل آهن. ساڄي
۽ کاٻي پاسن کان ٽن ٽن تاڪن واريون دريون لڳل آهن،
جن کي کوليو وڃي ته پوءِ ٿڌڙي هوا مسجد جي ڇت ۾
لڳل پکن کي هلڻ ناهي ڏيندي.
مسجد جي ٻاهران سامهون واري پاسي کان هڪ چنڊ ٺهيل
آهي ۽ ان جي هيٺان وري
’الله
اڪبر‘
۽ ان هيٺان وري ڪلمو پاڪ لکيل آهي. هن مسجد کي چار
مُنارا آهن ۽ هر مُناري کان ٻئي مُناري تائين ڇهه
ڇهه ننڍڙا گُنبذ ٺهيل آهن. مسجد ۾ امام سميت ڏهن
نمازين جي گنجائش آهي، جيڪي سهولت سان باجماعت
نماز ادا ڪري سگهن ٿا. پاڻيءَ واري مسجد ۾ نماز
کان پوءِ جڏهن نمازي دُعا لاءِ هٿ کڻندو آهي ته
پوءِ هو سوچيندو آهي، ته هاڻي ان کان وڌيڪ خدا کان
ٻيو ڇا گهران؟ هن حسين ۽ دلڪش نظاري، پُر سڪون
ماحول، دين جي بُزرگن جي روحاني برڪتن، مسجد جي
هيٺان وهندڙ حمّد ٻُڌائيندڙ پاڻي، فرحت بخش هوا، ۽
دين جي عظمت جي هن عظيم نشانيءَ ۾ نماز پڙهڻ جي
سعادت کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي؟
بيشڪ
”پاڻيءَ
واري مسجد“
قدرت جو عجيب نظارو آهي. هيءَ مسجد پاڪستان جي
تحريڪ جي نشاني به آهي ته هڪ تاريخي ۽ ثقافتي
يادگار پڻ، جنهن جو مثال ڪٿي به ڪونه ٿو ملي.
هڪ صدي ٿيڻ واري آهي، پر هيءَ مسجد پاڻيءَ تي قائم
آهي ۽ ان شاءَ الله ڏينهن قيامت تائين موجود
رهندي. (آمين)
***
اسلامي دور جو عظيم مفڪر ۽ سائنسدان البيروني جو
اصل نالو برهان الحق محمد هو، هن جي والد جو نالو
احمد هو. ابوريحان ڪنيت هئي. اهڙيءَ طرح هن جو
نالو برهان الحق ابوريحان محمد احمد هو. پر اهو
دنيا ۾ البيروني جي نالي سان مشهور ٿيو، اصل ۾ اهو
وچ ايشيا جي موجوده روسي ترڪستان جي شهر خيوا جو
رهائشي هو. هاڻي
”البيروني
جو شهر“
به چوندا آهن. ان زماني ۾ روسي ترڪستان جي هن
علائقي کي خوارزم چوندا هئا، ان وقت هي ملڪ ايران
جو حصو هو، خيوا جو نالو ان زماني ۾ ڪاث هو، جنهن
کي بعد ۾ درياءُ لوڙهي ويو، البيروني شهر ڪاث جي
ٻاهر جي علائقي ۾ رهڻ وارو هو، فارسي ۾ ٻاهر کي
بيرون چوندا آهن، هن ئي نسبت سان هن کي بيروني چيو
ويو. ڪجهه تاريخدانن هيءُ به چيو آهي ته جنهن محلي
۾ هي رهندو هو، ان جو نالو بيرون هو، بهرحال اهو
پنهنجي ڳوٺ يا محلي جي نالي جي ڪري البيروني
چورائڻ لڳو. البيروني چوٿين صديءَ ۾
3
ذوالحج
362هه
بمطابق
4
سيپٽمبر
973ع
تي خميس جي ڏينهن ڄائو، هن جي باري ۾ تقريباً
سڀئي تاريخدان چون ٿا ته هو هڪ غريب ۽ گمنام
خاندان ۾ ڄائو هو. پر هن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق
تمام گهڻو هو. هڪ جاءِ تي پاڻ بابت هيءَ ڳالهه لکي
آهي، جنهن مان هن جي علمي اُڃ جو اندازو ٿي سگهي
ٿو ته هن جي ڇوڪرائپ جي زماني ۾ هڪ يوناني هن جي
شهر ۾ اچي رهيو، هن کي ٻولين سِکڻ جو جيڪو فطري
شوق هو، ان جي تحت هي ان يونانيءَ وٽ اڪثر وڃڻ
لڳو. هر دفعي هو پاڻ سان گڏ ميوا، گل، ٻوٽا، ٻج ۽
اهڙيون ٻيون مختلف شيون کڻي ويندو هو ۽ يونانيءَ
کان انهن شين جا يوناني نالا وري وري پڇي لکندو
رهيو ۽ ائين هن يوناني زبان، ٻالڪپڻ ۾ ئي سکي ورتي
۽ ٻين ڪيترين ئي زبانن جو عالم هو. زبانن کانسواءِ
هو ڪيترن ئي علمن جو ماهر هو. البيروني پنهنجي
ڪتاب
”آثار
الباقيه عن القرون الخالية“
۾ هڪ شخص ابي نصر منصور بن علي بن عراق
اميرالمومنين کي استاد جي لفظ سان ياد ڪيو آهي. هن
ابي نصر منصور جي پنهنجي شعرن ۾ وڏي تعريف ڪئي آهي
۽ لکيو آهي ته منهنجو بنياد قائم ڪرڻ وارو اهوئي
شخص آهي. منصور خوارزم شاهه محمد بن احمد يعني
خوارزم جي بادشاهه جو سئوٽ هو، جيڪو علم نجوم ۽
علم هيئت ۽ رياضيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ عالمن جو
تمام گهڻو قدر ڪندو هو. البيروني کي ابو منصور جي
سرپرستي حاصل ٿي ويئي ۽ هر طرح جي مدد ڪئي، جنهن
ڪري البيرونيءَ پنهنجي تصنيفن ۾ منصور بن علي بن
عراق کي استاذي لقب سان ياد ڪيو آهي ۽ جنهن جي
تعريف پنهنجي هڪ عربي شعر ۾ هن طرح ڪري ٿو: ترجمو:
”آل
عراق پنهنجي کير سان مون کي غذا پهچائي ۽ انهن مان
منصور منهنجا بنياد مضبوط ڪيا.“
انهن ئي ڏينهن ۾ صوبي جرجان ۽ طبرستان جي بادشاهه
شمس المعالي قابوس بن وشمگير کي البيرونيءَ جي علم
۽ ڏاهپ جو احوال معلوم ٿيو. قابوس پاڻ هڪ عالم ۽
علم دوست هو ۽ عالمن جو قدر ڪندو هو. هن
البيرونيءَ کي پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڏني. البيروني
اتي پهتو ته هن جي نهايت وڏي عزت ڪئي ويئي. جيئن
ته هو اتي ڪيترن ئي سالن تائين رهيو. شمس المعالي
عالمن ۽ ڏاهن جو گهڻو قدردان هو پر ان سان گڏ سخت
مزاج ۽ ظالم به هو. البيرونيءَ کي هن جي اها ڳالهه
پسند نه هئي، جڏهن ته هن کي خوارزم جي بادشاهه علي
بن مامون پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڏني ته هو
400هه
۾ واپس وطن هليو ويو. علي بن مامون به شمس المعالي
وانگر علم دوست بادشاهه هو. هاڻي البيروني خوارزم
۾ علم ۽ حڪمت جا موتي پکيڙڻ لڳو. علي بن مامون جي
وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ ابوالعباس مامون تخت تي
ويٺو. اهو به پاڻ هڪ وڏو عالم ۽عالمن جو قدردان
هو. تاريخ ۾ هن جي درٻار جي علمي مرتبي جي وڏي
تعريف هلي ٿي، هن ئي بادشاهه جي درٻار ۾ البيروني
مشهور مسلمان حڪيم بوعلي سينا سان مليو. هي بخارا
کان علي بن مامون جي درٻار ۾ پهتو هو. علم جي
آسمان جا هي ٻه روشن تارا هن درٻار جي عزت جو سبب
بڻيا. البيرونيءَ هتي ست سال گذاريا. هڪ ئي هنڌ تي
ٻن عظيم هستين پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
البيروني پنهنجي علمي دانائيءَ جي ڪري ابوالعباس
مامون جو سياسي صلاحڪار به هوندو هو. پر ابوالعباس
هن جي ڳالهين تي صحيح عمل نه ڪيو. ان زماني ۾
غزنين جي تخت تي سلطان محمود غزنوي ويٺل هو، هڪ
عظيم فاتح هئڻ کانسواءِ عالمن جو به قدردان هو.
جڏهن ان کي خبر پيئي ته خوارزم ۾ ڪيترائي عالم
داناء گڏ ٿي ويا آهن، ته هن ابوالعباس مامون کي
لکيو ته تون انهن ماڻهن کي غزني موڪلي ڇڏ.
ابوالعباس جا تعلقات محمود سان نهايت سٺا هئا، ان
کانسواءِ هو محمود جي طاقت کان هراسيل به هو.
انهيءَ ڪري هن انهن ماڻهن کي چيو ته غزني هليا
وڃو. ابن سينا ۽ ابوسهل ان ڳالهه کي پسند نه ڪيو ۽
اهي غزني بجاءِ عراق جي طرف هليا ويا. ابن خمار ۽
البيروني خوارزم ۾ ئي رهيا، پر هيءَ عجيب ڳالهه
آهي جو ان کانپوءِ محمود انهن ٻنهي کي غزني گهرائڻ
۾ ڪابه سختي نه ڪئي. ايستائين جو فوج جي هٿان
ابوالعباس مامون قتل ٿي ويو ۽ محمود پنهنجي ان
دوست جو بدلو وٺڻ لاءِ خوارزم تي چڙهائي ڪئي ۽
407
هه-1014ع
تي ان تي قبضو ڪري ورتو. واپسيءَ دوران هي
البيرونيءَ کي پاڻ سان گڏ غزني وٺي ويو. هتان کان
ان عالم داناء جي ڪتاب حيات جو هڪ نئون باب شروع
ٿيو. محمود، البيرونيءَ سان نهايت تمام سٺو سلوڪ
ڪيو ۽ ان کي پنهنجا علمي مشغلا جاري رکڻ جو پورو
موقعو ڏنو. البيروني غزنيءَ ۾ هڪ رسدگاهه،
ليبارٽري (اهو هنڌ جتي آسماني تارن ۽ سيارن جي
گردش وغيره جو مشاهدو ڪجي) به قائم ڪئي. جنهن ۾ هو
سج جي بُلندي اوچائي وغيره جا تجربا ۽ مشاهدا ڪندو
رهيو.
410هه/
1020ع
جي لڳ ڀڳ هو هندستان جي زمين تي موجود هو. پنجاب ۾
گهمي ڦري هندو عالمن ۽ پنڊتن سان ملي هن سنسڪرت
زبان سِکي ۽ انهن جي علمن ۾ مهارت حاصل ڪئي.
پنهنجي ان سڄي معلومات کي هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڪيو، جيڪو
ڪتاب
’الهند‘
جي نالي سان ان وقت جي هندستان
جو هڪ دلچسپ داستان آهي. البيروني جي زماني ۾
سنسڪرت جو مرڪز بنارس هو. پر هندن جي تعصب ڪري
ڪنهن مسلمان جي پهچ بنارس تائين مشڪل هئي. جنهنڪري
البيروني پنجاب جي مختلف شهرن ۾ رهي هيئت جي
مشاهدن ذريعي لاهور، پشاور، جهلم، سيالڪوٽ ۽ ملتان
جي پيمائش جو ڪم قطب تاري جي مدد سان سرانجام ڏنو.
ان کان سواءِ هن ڪتاب جي ذريعي علم طبقات الارض ۾
گهڻو واڌارو ڪيو آهي ۽ قدرتي چشمن جي سببن ۽ نل
وارن کوهن تعمير ڪرڻ جا طريقا به ٻڌايا آهن. قديم
زماني ۾ سنڌو درياءَ جي وادي تمام گهڻو زرخيز
علائقو هو. البيروني علم نجوم جو ايتريقدر ماهر
هو، جو سلطان محمود غزنوي گرميءَ جي موسم ۾ هڪ چار
دروازن واري ڪمري ۾ ويٺو هو ته اوچتو البيرونيءَ
کي چيائين ته ٻڌاءِ ته مان چئني دروازن مان ڪمري
جي ڪهڙي دروازي مان ٻاهر نڪرندس؟ تون حساب ڪر ۽ هڪ
ڪاغذ تي پنهنجو فيصلو لکي ڪاغذ کي ويڙهي رکي ڇڏ.
سلطان محمود غزنوي پنهنجي خادمن کي حڪم ڪيو ته اهي
ڪوڏريون وغيره کڻي اچن ۽ هڪ پنجون دروازو ڀِت مان
ٺاهن. دروازو تيار ٿي ويو ۽ محمود غزنوي ان دروازي
مان ٻاهر نڪري ويو. ان کان پوءِ البيرونيءَ جو
لکيل ڪاغذ کولي پڙهيو ويو، ان ۾ لکيو هئائين ته
سلطان (بادشاهه) انهن چئني دروازن مان ڪنهن به
دروازي مان ٻاهر نه ويندو پر ان جي لاءِ پنجون
دروازو ٺاهيو ويندو.“
بادشاهه کي اوچتو ڪاوڙ اچي ويئي ۽ حڪم ڪيائين ته
البيرونيءَ کي محل جي وچ تي مٿان کان ڪيرايو وڃي،
ائين ئي ڪيو ويو پر هيٺ ڄار وڇايو ويو هو.
البيروني سڪون سان ڄار تي ڪِري پيو ۽ هن کي ڪوبه
ڌڪ نه لڳو. بادشاهه پڇيو:
”هاڻي
ٻڌاءِ ته تو محل تان ڪِرڻ جي سلسلي ۾ به پيشنگوئي
ڪئي هئي؟“
البيرونيءَ گهر مان روزانو واري ڊائري گهري ۽
بادشاهه کي ڏيکاري، ان ڊائريءَ ۾ لکيل هو ته هو
ڇِت تان ڪِرندو پر هن کي ڌڪ نه لڳندو. هندستان کان
البيروني کي واپس غزني پهتي گهڻو عرصو نه گذريو هو
ته سلطان محمود غزنوي وفات ڪري ويو. سلطان محمود
غزنوي جي وفات کانپوءِ سندس پُٽ مسعود غزنوي تخت
تي ويٺو. هي پنهنجي والد کان وڌيڪ عالمن ۽ اديبن
جو قدردان هو. هي پاڻ به وڏي پائي جو عالم هو. ان
کانسواءِ هڪ سٺو اديب عربي زبان جو ماهر ۽ علم سان
محبت ڪرڻ وارو شخص هو.
سلطان مسعود البيروني جي علمي ڪارنامن جو قدر ڪندي
هن کي پنهنجي درٻارين ۾ شامل ڪري ڇڏيو. مسعود پاڻ
سائنسي علمن جو عاشق هو. هن البيروني کان دنيا ۾
رات ۽ ڏينهن جي مقدار يا ڊيگهه جي فرق ۽ قطبن ۾
رات جي وقت سج جي نه لهڻ جو سبب معلوم ڪيو ۽
البيروني کان سولي زبان ۽ انداز ۾ لکڻ جي فرمائش
ڪئي. هڪ ڪتاب جيڪو فقط ٽيڪنيڪل نوعيت جو آهي،
البيرونيءَ پنهنجي قدردان محمود غزنويءَ جي پُٽ
مسعود جي نالي سان منسوب ڪري ان جو نالو
”قانون
مسعودي“
رکيو. جيڪو يارهن جلدن تي مشتمل آهي ۽ حقيقت ۾ علم
هيئت جو هڪ انسائيڪلوپيڊيا آهي.
”قانون
مسعودي“
جي تصنيف تي البيرونيءَ کي بادشاهه جي طرف کان هڪ
هاٿيءَ جي وزن جيتري چاندي انعام ۾ ڏني ويئي، پر
البيرونيءَ جي طبيعت ۾ سادگي قناعت تمام گهڻي هئي،
هن هيءَ رقم وري خزاني ۾ واپس موڪلي ڇڏي.
”قانون
مسعودي“
اصل عربي زبان ۾ حيدرآباد دکن مان شايع ٿي چڪو
آهي، هن ڪتاب جا ڪجهه حصا يورپي زبانن ۾ ترجمو ٿي
شايع ٿي چڪا آهن.
هن ارڙهن مختلف قيمتي پٿرن ۽ ڌاتن جو صحيح وزن
معلوم ڪيو، ان جي هن تحقيق کي اڄ جي تعليم جا ماهر
به صحيح چون ٿا، هن آواز جي رفتار ۽ روشنيءَ جي
رفتار جو مقابلو ڪيو ۽ ٻڌايو ته روشنيءَ جي رفتار
آواز جي مقابلي ۾ تمام گهڻي آهي. هن علم جي سمنڊ
جو قلم ڪڏهن به هٿ کان پري نه رهيو ۽ سندس نظرون
ڪڏهن به ڪتاب تان نه هٽيون ۽ هن جا خيال ڪڏهن به
علم ۽ فن جي جائزي وٺڻ کان غافل نه رهيا. سندس
لکيل ڪتابن جو گهٽ ۾ گهٽ تعداد
181
آهن، جنهن مان ڪجهه ڪتابن جا نالا هي آهن:
* تاريخ خوازم: خوارزم جي مڪمل تاريخ
* مذڪارا بيروني ۽ بوعلي سينا
* ڪتاب الجماهر في معرفة الجواهر: هن ۾ معدنيات ۽
خاص طور تي هيرن ۽ جواهرن بابت معلومات گڏ ٿيل
آهي.
* ڪتاب الهند: هندستان جي تهذيب ۽ تمدن بابت
معلومات آهي.
* الآثار الباقيه: شهر
”ري“
جو تذڪرو ۽ آل عراق جي دورِ حڪومت جو احوال.
* قانون مسعودي: البيرونيءَ جي هيءَ تصنيف سڀني
کان وڏي ۽ اهم آهي، هن ڪتاب جو نالو سلطان مسعود
غزنوي جي نالي تي رکيو ويو، ان ۾ نجوم ۽ هيئت،
طبيعيات، جاگرافي، طبقات الارض، معدنيات، ڪيميا
علم روشني ۽ ٽرگنوميٽري تي وضاحت سان روشني وڌي
آهي.
·ڪتاب
الدستور: سلطان محمود غزنوي جي پوٽي سلطان غزنوي
جي نالي تي لکيل ڪتاب جنهن ۾ فلسفو، قانون، مذهب ۽
علم ڪئلينڊر (تقويم) شامل آهن. مطلب ته ابوريحان
البيروني جهڙا محقق دنياءِ اسلام ۾ نهايت ٿورا ٿيا
آهن. هو تحقيق کانسواءِ ڪنهن وڏي کان وڏي عالم ۽
حڪيم جي ڳالهه نه مڃيندو هو. جيئن ته هو هڪ ئي وقت
سياح، فلاسافر، رياضيدان، هيئتدان، جاگرافيدان ۽
ماهرِ ارضيات هو. تنهن کانسواءِ هن کي سائنس جي
ڪيترن ئي شاخن ۾ ڪمال جو فن هو. هي اديب ۽ شاعر به
هو. ڪيترين ئي زبانن تي عبور حاصل هئس. هن هر فن
مولا شخصيت جنهن سڄي زندگي علمن ۽ فنن جي خدمت
ڪندي فاني دنيا مان
2
رجب
440
هه بمطابق
11
ڊسمبر
1048ع
تي آچر جي ڏينهن،
77
سال،
7
مهينن جي عمر ۾ وفات ڪئي. |