مراد علي شاهه بُڪيرائي
ٽنڊوالهيار
انبن تي
دلچسپ نالا ڪيئن پيا
انب دنيا جو هڪ اهڙو ميوو آهي جيڪو وڏي شوق سان
کاڌو وڃي ٿو، جنهن ڪري ان کي ميون جو بادشاهه چيو
وڃي ٿو. دنيا ۾ اهو واحد ميوو آهي، جنهن جون سڀ
کان وڌيڪ جنسون آهن. اهو انب عام ماڻهن سان گڏ
تاريخ جي وڏن حاڪمن جو به سڀ کان وڌيڪ نه رڳو
پسنديده ميوو رهيو آهي پرڪيترن ئي حاڪمن انهن جون
نيون جنسون پڻ متعارف ڪرايون ۽ انهن تي پنهنجا
نالا پڻ رکيا.
هونئن ته انبن جون سوين جنسون موجود آهن پر هتي
انهن مان رڳو ڪجهه ئي جنسن جي نالن جي مختصر تاريخ
رکجي ٿي.
پاڪستان ۾ انبن جي سڀ کان وڌيڪ مشهور جنس
’سنڌڙي‘
آهي. سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ سنڌڙي انب تي اهو نالو
ميرپورخاص ضلع جي علائقي
’سنڌڙي‘
تان پيل آهي، ان جنس جي دريافت کي
115
سال ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ اهو
1905ع
کان پوکجڻ شروع ٿيو، جڏهن ڀارت جي شهر مدراس مان
انبن جون
4
چڪيون تحفي طور مليون، انهن مان
2
چڪيون اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي والد دين
محمد جوڻيجي سنڌڙيءَ ۾ پنهنجي باغ ۾ پوکيون ۽
2
چڪيون زميندار عبدالصمد ڪاڇيلي پنهنجي فارم تي
پوکيون، انهن جي قلمن سان اها نئين جنس پيدا ٿي ۽
سنڌڙي جي علائقي ۾ هئڻ سبب اها سنڌڙي انب جي نالي
سان مشهور آهي.
ڀارتي انبن ۾ هڪ جنس
”امام
پسند“
جي نالي سان مشهور آهي. رياست آنڌرا پرديش ۾ پيدا
ٿيندڙ اهو انب هندستان جي مغل بادشاهه همايون کي
پسند هو ۽ اهو شوق سان کائيندو هو، جنهن ڪري ان
انب جي جنس جو نالو ان جي پٺيان
”همايون
پسند“
رکيو ويو، جنهن کي
”امام
پسند“
پڻ چيو وڃي ٿو.
اسان وٽ هڪ جنس
”چونسو“
جي نالي سان مشهور آهي، جيڪا هن وقت ميرپورخاص،
ملتان ۽ ساهيوال ۾ پيدا ٿئي ٿي، ان جنس کي افغان
حڪمران شير شاهه سوري
1539ع
۾ دريافت ڪيو، شير شاهه سوري مغل بادشاهه همايون
کي ڀارتي رياست بِهار جي بڪسر ضلع جي ڳوٺ چوسا وٽ
26
جون
1539ع
۾ لڳل جنگ ۾شڪست ڏني، تڏهن ان خوشيءَ جي موقعي تي
شير شاهه سوري چوسا جنگ کي کيس سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ
انب سان ڀيٽيندي ان انب تي
”چوسا“
جو نالو رکيو، جيڪو هن وقت
”چونسا“
جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
انبن جي هڪ جنس
’الفانسو‘
نالي سان مشهور آهي، ان جنس کي دريافت ڪندڙ
پرتگالي جنرل افانسو ڊي البڪرڪ آهي. واسڪو ڊيگاما
جڏهن
1498ع
۾ ڀارت ۾ پهتو ته پرتگالين ڀارت تي قبضو شروع ڪيو
۽ پرتگالي فوجي ماهر جنرل افانسو ڀارت ۾ پنهنجون
ڪالونيون ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن مسلمان
حڪمران اسماعيل عادل کي جنگ ۾ شڪست ڏئي
’گووا‘
تي قبضو ڪيو، جنهن دوران
6
هزار مسلمان قتل ڪيا ويا. ان ئي جنرل افانسو ان
رياست ۾
1510
ع ۾ انب جو هڪ قلم لڳائي هڪ نئين جنس پيدا ڪئي ۽
پوءِ ان کي مهاراشٽريا، گجرات، تامل ناڊو ۽ ٻين
رياستن ۾ متعارف ڪرايو، ان جنس کي جنرل افانسو جي
نالي سان منسوب ڪيو ويو، جنهن کي هاڻي
’الفانسو‘
چيو وڃي ٿو.
”دسهڙي“
انبن جي جنس تي اهو نالو ڀارتي رياست اتر پرديش جي
ڪاڪوري علائقي جي ڳوٺ
”دشيري“
جي نسبت سان پيل آهي. انبن جي اها جنس اٽڪل
200
سال اڳ لکنؤ جي نواب دريافت ڪئي ۽ ان کي ٻين
علائقن ۾ متعارف ڪرايو. اتر پرديش رياست جي ئي هڪ
جنس
”انور
رتول“
آهي، جيڪا ان رياست جي علائقي
”رتو
لاريا“
جي هڪ آبادگار انور الحق دريافت ڪئي. اها جنس
پاڪستان ۾ پڻ گهڻي مشهور آهي. ڀارت ۽ پاڪستان ۾
انبن جي هڪ جنس
”لنگڙو“
پڻ گهڻو مشهور آهي، اها جنس به ڀارت ۾
200
سال اڳ دريافت ٿي. جڏهن ڀارتي شهر واراناسي (
بنارس) جي شِوِ مندر ۾
200
سال اڳ هڪ مسافر ساڌو پاڻ سان آندل انبن جون
2
چڪيون اتي پوکيون. اهو ساڌو
4
سالن تائين ان مندر ۾ ترسيل رهيو، جڏهن انهن وڻن
ميوو جهليو ته اهو ساڌو ان مندر جي پوڄاري کي انهن
انبن جي وڻن جي پارت ڪري هليو ويو. وڃڻ کان اڳ هن
مندر جي پوڄاريءَ کي اها هدايت ڪئي ته هو اهي انب
مندر ۾ ايندڙن کي پرساد طور ڏيندو رهي پر ڪنهن کي
به نه ته پورو انب ڏي ۽ نه ان جا قلم ڪنهن کي
ڏي، انهن جا ڪوئلا پڻ ڪنهن کي ڏيڻ بدران ساڙي
ڇڏي. پوڄاري ان هدايت تي عمل ڪندو رهيو.جيئن ته ان
مندر وارو اهو پوڄاري منڊو هو ۽ ان ڪري انهن انبن
کي منڊي پوڄاري جا انب چيو ويندو هو، اڳتي هلي اهو
انب پڻ ان منڊي پوڄاري جي نسبت سان
”لنگڙو
انب“
جي نالي سان مشهور ٿي ويو. ذائقي جي لحاظ سان انهن
انبن جي مشهوري پري پري تائين پکڙجي وئي، ايتري
تائين جو واراناسي جو حاڪم ڪاشي نريش پاڻ ان مندر
۾ ويو ۽ پوڄاري کان انبن جا قلم وٺي پاڻ پوکايا ۽
اهي مختلف علائقن ۾ متعارف ڪرايا.
سنڌيڪارا: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
حيدرآباد
چوٿون چور
اهي چار ئي ڄڻا ڪِرت طور چوري ڪندڙ هئا. ٽي ته
پراڻا ۽ خانداني چور هئا باقي چوٿين چور جو تعلق
هڪ شريف گهر مان هو. ننڍپڻ ۾ خراب ڇوڪرن جي سنگت
جي ڪري ڪِنَنِ ماڻهن ۾ وڃي ڦاٿو ۽ نتيجي طور نيٺ
چور ٿي انهن ٽنهي جي سنگت ۾ شامل ٿيو. انهن سڀني
جو ٺڪاڻو هڪ ويران هنڌ تي شهر کان پري هو، جتي نه
ڪير ايندو ۽ نه ئي ويندو هو. هي سڀ چوري ڪري جيڪو
به مال ميڙيندا هئا اهو اچي انهيءَ پراڻي ٽُٽل
ڦِٽل ڪمري جي گهر ۾ رکندا هئا. پوءِ گڏجي ورهائي
ونڊي کڻندي ڪڏهن به پاڻ ۾ جهيڙو جهڳڙو ڪونه
ڪيائون. انهن مان هر هڪ جڏهن به شهر ڪنهن ڪم لاءِ
ٻاهر نڪرندو هو تڏهن ڏاڍو ٺهي ٺڪي تيار ٿي ڪپڙو
لٽو تمام سٺو، کاڌو پيتو به اعليٰ، لڳندو ڪونه هو
ته ڪي اهي چور به ٿي سگهن ٿا. انهن چورن جو سردار
چوريءَ جي معاملي ۾ وڏو تجربيڪار هئڻ جي ڪري کين
روز نت نوان گُرُ سيکاري چوريءَ جي ڪم ۾ ماهر ڪري
چڪو هو. اهي سڀ پنهنجي اُستاد راجوءَ جي عزت ڪرڻ
سان گڏ سندس هر هدايت تي عمل پڻ ڪندا هئا. هڪ
ڏينهن سردار راجو چوڻ لڳو،”ڏسو!
اڄ اسين سڀ تمام ڪاريگريءَ سان ڪم ڪنداسين ۽ اڄوڪي
ڏينهن جيڪو به ڪو مال آڻيندو ته انهيءَ جو مالڪ
هُو خود هوندو. پنهنجي مالڪيءَ سان پنهنجو آيل
پئسو هو جيئن چاهي خرچ ڪري سندس مرضي آهي“.
سڀ چور پنهنجي سردار جي اڄوڪي ڳالهه ٻڌي تمام گهڻا
خوش ٿيا. هنن پڪو ارادو ڪيو ته اڄ چوريءَ جو جام
مال آڻينداسين، اسان کان سردار به ڪونه کڻندو ان
ڪري خوب عياشي ڪنداسين. اهو سوچي چارئي چور الڳ
الڳ هنڌن لاءِ روانا ٿيا. جيئن ئي صبح ٿيڻ وارو
ٿيو، تيسين سڀ چور پنهنجي ماڳ تي واپس آيا. سردار
پڇيو ته توهان ڇا آندو آهي؟. هڪ چور سون جا زيور
ڏيکاريا. سردار خوش ٿيو ٻئي چور قيمتي شيون آنديون
۽ ٽئين چور ڪجهه واچون پئسا ۽ ٻيو سامان ڏيکاريو،
چوٿون چور ماٺ ويٺو هو، سردار سڏي چيس،
”ڇو
منهن لاهي ويٺو آهين؟ خير ته آهي؟“
اقبال آخر ڇا ٿيو؟ ٻڌاءِ ته سهي؟“
چوٿين چور جو نالو اقبال هو.
اقبال ڪجهه دير ته وري به ماٺ هو پر پوءِ سردار جي
منهن ڏي ڏسندي ڊڄندي چيائين،
”سردار
آئون مڃان ٿو ته ڪجهه به کڻي ڪونه آيو آهيان، مون
سان هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو آئون چوري ڪري ڪونه
سگهيس، سردار ڏانهس ڪاوڙ سان نهاريندي چيو”
ٺيڪ آهي واقعو ٻڌائي؟“
اقبال چوڻ لڳو”
سردار اڄ مون ارادو ڪيو هو ته آئون فقط هڪ ئي گهر
مان چوري ڪندس وڌيڪ گهرن ۾ ڪونه ويندس، هڪ ئي گهر
۾ وڃڻ کانپوءِ جو حال ڏٺم وڌيڪ جي گنجائش ئي ڪونه
بچي“
سردار کي سندس اها ڊيگهه پسند ڪونه آئي ڇڙٻ ڏيندي
چوڻ لڳو،
”آخر
ٿيو ڇا؟ ڇو پيو پروليون ڏينءِ؟“
”سردار
آئون جنهن گهر ۾ گهڙيس اتي هڪ بيمار پوڙهي عورت کٽ
تي پيئي هئي ڪو به مرد ڪونه هو ۽ ان جي جوان ڌيءَ
ٻئي ڪمري ۾ مُصلي تي سندس لاءِ دُعائون گهرندي
زمين تي ئي ليٽي پئي هئي، کيس به مُصلي تي ننڊ اچي
ويئي هئي، انهيءَ گهرجي حالت ڏسي مون ڪنهن پيتيءَ
يا الماڙيءَ ۾ هٿ ڪونه وڌو پاڻ جيڪي پئسا منهنجي
کيسي ۾ هئا سي پوڙهيءَ جي وهاڻي هيٺ رکي آئون
اُتان نڪري آيس ته جيئن اهي انهن پئسن مان ڪو علاج
ڪرائين“.
”پوءِ؟“
سردار سندن اکين ۾ اکيون ملائي پڇيو. بس پوءِ آئون
ڪيڏانهن ئي ڪونه ويس هِتي هُتي ڦيرا کائي وقت ڪٽيم
ڪنهن به گهر ۾ چوري ڪري ڪونه سگهيس. سردار نفرت
سان ٽهڪ ڏيندي چيو
”اڙي!
تنهنجي ته سيني ۾ جهرڪيءَ جي دل آهي تون ته سخت
بزدل آهين!! ڇا آئون غلط پيو چوان؟“
ٻين ٻن چورن ڏي نهاريندي سردار کانئن هائوڪار وٺڻ
چاهي، ٻنهي گڏجي هڪ زبان ٿي چيو
”بلڪل
نه! سردار جيڪڏهن چور جي دل ۾ رحم اچي وڃي ته پوءِ
اهو ڪهڙو چور؟ اهو ته پوءِ چوري ڪري ئي ڪونه
سگهندو!!“
”پوءِ
ڇا هيءُ بي همٿو ۽ نڪمو ماڻهو اسان جي ٽولي ۾ رهڻ
جي لائق آهي؟“
سردار کانئن پڇيو ٻنهي زور سان چيو،
”نه
بلڪل نه!“
سردار اقبال ڏي مُنهن ڪري چوڻ لڳو،
”اقبال
ٻڌ! تون چوري چڪاريءَ جي ڪم جو ڪونه آهين انهيءَ
ڪري جيڏانهن وڻيئي مُنهن ڪري نڪري وڃ، ٻيهر هتي
اچڻ جي ڪا به ضرورت ڪونهي پر خبردار جيڪڏهن هتي جو
پتو ڪنهن کي ٻڌايئي؟ ٻڌي ڇڏ اُهو ڏينهن پوءِ
تنهنجي حياتيءَ جو آخري ڏينهن هوندو“کانئس
سندس ماءُ جو قسم کڻايائين جو کيس خبر هئي ته
اقبال جي پنهنجي ماءُ تي تمام گهڻي دِل آهي،
انهيءَ جو ذڪر ڪندي اڪثر روئي پوندو هو.
اقبال ساڻن واعدو ڪيو ته هُو ڪنهن کي به ڪجهه ڪونه
ٻڌائيندو هُو هڪ گهايل پکيءَ جيان پنهنجي ماڳ کي
ڇڏي اڻ ڄاتل منزل ڏانهن روانو ٿيو، نه وٽس ڏوڪڙ
هئا نه ئي رهڻ لاءِ ڪو ٺڪاڻو پر الله توهار ڪري
هِتان نڪري اچي شهر ۾ پهتو، هن ويران گهر مان
اُجهاميل من سان نڪري به هُو خود کي ڪنهن حد تائين
هلڪو سلڪو محسوس ڪري رهيو هو. شهر ۾ ڀاڄين جي
منڊيءَ تائين پهتو جتي کوڙ سارا مزور ڀاڄين جا
ٻورا ڪلهي تي رکي سوزوڪين، ٽانگن ۽ ڊاٽسنن ۾ رکي
رهيا هئا. جتان اهي ڀاڄيون شهر جي مختلف هنڌن تي
وڪري لاءِ پهچي رهيون هيون، هڪ دوڪاندار جي دوڪان
جي چانئٺ وٽ بيهي کيس سلام ڪري پڇيائين ته،
”سائين!
مون کي مزوري ملي سگهي ٿي؟“
دوڪاندار ڪنهن به مزور کي ايترو فضيلت سان
ڳالهائيندي ڪونه ڏٺو هو، هُو ڪپڙن لٽن ۾ به مزور
ڪونه پئي لڳو کيس مٿي کان پيرن تائين جانچي
پڇيائين،
”پهريون
دفعو ڀاڄي منڊيءَ ۾ آيو آهين؟“
”جي
سائين!“
”ٺيڪ،
هي ڀاڄين جا ٻورا سامهون ٽانگي ۾ رک ۽ ٺيڪيدار
جيڪو ڪم چويئي اهو ڪجانءِ“
کيس ٺيڪيدار سان ملائي ڇڏيائين، ان ريت هو ڀاڄين ۽
ميون جون ٻوريون ۽ ڪٽا کڻي هن دوڪان جي گراهڪن جي
رڪشائن ۽ سوزوڪين ۾ رکندو ويو. صحتمند ۽ چاق چوبند
هئڻ ڪري اقبال کي وزن کڻڻ ۾ ڪا به تڪليف ڪونه ٿي
هن ٿوريءَ دير ۾ ئي ٻن ڪلاڪن جيترو ڪم ڪيو، مالڪ ۽
ٺيڪيدار ڏانهس ڌيان سان ڏسڻ لڳا، ايئن ڪندي اچي
منجهند ٿي کيس ماني کارايائون، هن ڳالهين ۾ کين
ٻڌايو ته هو پڙهيل لکيل آهي ۽ حق حلال جي روزي
ڪمائڻ چاهي ٿو.دوڪاندار چيس ته،
”ٺيڪ
آهي! اڄ کان تنهنجو ڪم اسان وٽ پَڪو آهي، آئون
مزور کي مزوري ڏيڻ ۾ ڪا به ڪنجوسي ڪونه ڪندو آهيان“
هُو خوش ٿيو پر اهو به ٻڌايائين ته وٽس ڪو به رهڻ
جو ٺڪاڻو ڪونهي، مالڪ کيس پنهنجي گدام ۾ رهڻ جي
موڪل ڏيئي ڇڏي. ان ريت چند ئي ڪلاڪن ۾ کيس ڪم ۽
رهائش ملي وئي هو به دِل لڳائي محنت سان ڪم ڪندو
هو، مالڪ جو هاڻي مٿس مڪمل ڀروسو قائم ٿي ويو. هُن
کيس چيو ته،
”آئون
پنهنجي ٻئي دوڪان تي ويهندس هيءُ دوڪان اڄ کان تون
سنڀال“،
ان ريت هن کي هتي ڪم ڪندي چڱا سال ٿي ويا، پنهنجي
محنت ۽ ايمانداريءَ سان سُٺي ساک قائم ڪري ورتي.
ڪافي پئسا جوڙي هڪ گهر پڻ ورتائين ته پنهنجو دوڪان
به الڳ ٺاهي، شادي ڪري عزت ۽ آبروءَ جي زندگي
گذارڻ لڳو، چورن جي سردار سان ڪيل واعدو پاڙي ڪنهن
کي به اُتان جي بابت ڪا ڳالهه ڪونه ڪيائين.
هڪ رات جو هُن جي اک کُلي وئي هن پنهنجي ڪمري ۾
ٿورو پري هڪ پاڇي کي چرپر ڪندي ڏٺو ۽ کيس سڃاڻي
پنهنجي پلنگ تي اٿي ويهي رهيو،
”بيهي
رهو!“
چئي هُو انهيءَ چور جي ويجهو ويو پنهنجي زال جا
زيور الماڙيءَ مان کڻي چور کي آڻي ڏنائين اهو پاڇو
سُڪ ٿي هڪ هنڌ بيٺو هو جڏهن هن زيور ڏنا تڏهن
چيائين،
”سردار!
اهي زيور کڻي وڃ تون انهن لاءِ ئي آيو آهين؟“
”تون؟“
”جي
ها! آئون اقبال، مون کي سڃاتئي سردار؟“
”تون
اقبال آهين؟“
سردار چيو.
”ڇا،
سردار مون کي ايترو به تجربو ڪونه ٿيو هو جو آئون
چور جي پيرن جو کڙڪو نه سڃاڻان؟ منهنجي گهر ۾ فقط
اها ئي قيمتي شيءِ آهي اهي زيور آئون توکي ڏيئي
رهيو آهيان، پر هڪڙي سوال جو جواب مون کي ضرور ڏي
جڏهن آئون رات جو ڪجهه ڪونه کڻي آيو هئس ۽ تو مون
کي بي عزت ڪري ڪڍي ڇڏيو هو ۽ تون هزارين رپيا کڻي
آيو هئين ۽ اڄ آئون بنا چوريون ڪرڻ جي پڻ خوشحال
آهيان ۽ تون اڄ به چوري ڪري زنده آهين ۽ منهنجو
محتاج ٿي آيو آهين ڇو؟“
سردار تي ڄڻ ڇِپ ڪري، پئي ڏاڍي جي ڏاڍاڻ ڄڻ کَنَ
پل ۾ اُڏامي. منهن هيڊو ٿي ويس اقبال جي زال کڙڪي
تي جاڳي پئي ۽ اچي اتي پهتي مڙس جي هٿ ۾ ئي پنهنجا
زيور ڏسي هن سُک جو ساهه کنيو. سردار جي وجود ۾ وڍ
پوڻ لڳا هو دلي طور هاڻي انهيءَ چوريءَ واريءَ ڪرت
کان ڪَڪِ ٿي پيو هو هڪ لفظ به نه ڳالهايائين،
ماٺڙي ڪري اقبال جي گهران نڪري ويو.
اقبال ٻئي ڏينهن ڀاڄي منڊيءَ ۾ ويٺو هو ته کيس ڪنن
۾ آواز آيو.
”مزور
کي ڪم ملي سگهندو!!“
هن مڙي پويان ڏٺو ته سردار جو آواز هو اُتي وڃي
ساڻس مليو،
”سردار
توهين هتي؟“
”ها
بلڪل! آئون هاڻي سردار نه هڪ مزور آهيان هو سامهون
تنهنجا ٻيا ساٿي پڻ بيٺا آهن، اسين سڀ حق حلال جي
روزي ڪمائڻ ٿا چاهيون هن نامراديءَ واري حياتيءَ
مان تنگ ٿي پيا آهيون“
اقبال سڀني کي واري واري سان
ڀاڪرن ۾ ڀريو ۽ کين اُتي ئي ڪم سان لڳايو اهي سڀ
هاڻي نيڪناميءَ جي زندگي گذارڻ
لڳا.
ڪرشن چندر
(قسط: نائين)
سنڌيڪار: عبدالستار لغاري
اُبتو وڻ (ٻاراڻو ناول)
ائين لڳي رھيو ھو، پوڙھي کان ڇڏائجي اُڏري ويندي.
پوڙھي جي ڏاڙھي وڏي ۽ چھرو نوراني ھئس. پوڙھي
کِلندي چيو، پُٽ توھان جو دوست مئو ناھي، بيھوش ٿي
وَيو آھي. موھن ۽ شھزادي پوڙھي جو ھٿ جھليندي چيو،
بابا ھن کي ھوش ۾ آڻ. پوڙھي چيو، ھن کي ھوش ۾ آڻڻ
لاءِ ھڪ ئي دوا آھي، موھن چيو اھا ڪنھن وٽ آھي،
پوڙھي چيو،تون دوا ڳولڻ لاءِ ويندين؟ ضرور ويندس،
پنھنجي دوست جي حياتي بچائڻ لاءِ مونکي جان ڏيڻي
پئي ته اھا به ڏيندس. پوڙهي موھن جي پٺي ٺپيندي
چيو شاباس پُٽ، ھاڻي غور سان ٻُڌ، توکي ھن شھر مان
ٻاھر نڪري واپس وڻ تي وڃڻو آهي، اتي وڻ تي ھڪ ميل
تائين مٿي چڙھڻو آھي، ھڪ ٽاري ايندي، کاٻي يا ساڄي
پاسي، کاٻي پاسي، ھڪ بورڊ لڳل ھوندو سُتلن جو شھر،
تون اڃا مٿي ويندين، ٻه اڍائي ميل کانپوءِ غار
ايندو، جتي ٽاري ختم ٿيندي، اتان ھڪ غار شروع
ٿيندي، غار ست ميل اندر جبل ۾ ويندي، غار مان ٻاھر
نڪرندين ته توکي ھڪ خوبصورت وادي ڏسڻ ۾ ايندي، اھو
ئي سُتلن جو شھر آھي. شھر ۾ ھڪ وڏي خانقاھ ۾ توکي
ھڪ پوڙھو پادري ملندو، جنھن جي گلي ۾ صليب ھوندو ۽
ھڪ سونھري زنجير ۾
ھڪ لال لڙڪندي
نظر ايندو، جيڪڏهن اھو لال ملي وڃي ته يوسف جي
زندگي بچي سگھي ٿي. اھو لال نانگ جو زھر چوسيندو
آھي. پر اھو ڪم ٽن ڏينھن ۾ ٿيڻ گھرجي. نه ته نانگ
جو زھر يوسف جي دماغ تائين پھچي ويندو ۽ ان جو موت
ٿي سگھي ٿو. آئون ھاڻ ئي وڃان ٿو پر ھي يوسف؟
پريشان نه ٿي اسان ھن وٽ آھيون. آئون سامھون گھر
جي تھخاني ۾ رھندو آھيان، شھزادي به مون وٽ
رھندي، تون لال کڻي سڌو تھخاني ۾ اچجان. جڏھن موھن
ھليو ويو ته پوڙھي شھزاديءَ کي چيو اچ ته ھلون. پر
يوسف، پوڙھي چيو ھي ھتي ئي پيو ھجي، ھو پاڻھي
ايندا ھن کي اندر کڻي ويندا. شھزاديءَ چيو، ھو
يوسف کي ساڙي ڇڏيندا، نه ٽن ڏينھن تائين ڪجهه نه
ڪندا. توکي ڪيئن خبر پئي؟ تون اچ مون سان سڀ ڪجهه
ٻڌايان ٿو، اسان جو گھڻي دير ھتي بيھڻ صحيح ناھي.
سرڪار ٻڌي ورتو ته ڪاوڙ ڪندي ۽ اجايو شڪ پوندن.
پوڙھو شھزاديءَ کي وٺي تھخاني ۾ ھليو ويو، ھن
صندوق مان ھڪ آرسي ڪڍي، شھزاديءَ پڇيو ھي ڇا آھي؟
ھي جادو جي آرسي آھي، ھن ۾ ھر شيءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
پوڙھي آرسي جي ٻنھي پاسن کان تار لڳائي، ٿوري دير
۾ آرسي ۾ حرڪت ٿيڻ لڳي، جيئن پاڻي ۾ پٿر اُڇلائڻ
سان حرڪت پيدا ٿيندي آهي. پوءِ حرڪت بند ٿي وئي.
شھزاديءَ آرسي ۾ موھن کي وڻ تي چڙھندي ڏٺو، پوءِ
ھن مينار جا ڦاٽڪ کلندي ڏٺا ۽ چار ٻُٽ ٻڌل ماڻھو
يوسف کي اندر کڻي ويا، ڦاٽڪ بند ٿي ويو. ھاڻي ڪجهه
به نظر نه اچي رھيو ھو. پوڙھي آرسي جو رخ بدلايو،
ھاڻي مينار جي اندر وارا منظر نظر اچڻ لڳا. ٻُٽ
ٻڌل ماڻھو يوسف کي ھڪ عاليشان دربار ۾کڻي ويا،
دربار ۾ ناچ ھلي رھيو ھو، ھڪ وڏي تخت تي ھڪ اڌڙوٽ
عمر جو ماڻھو قيمتي لباس پائي ويٺل ھو، ھن ٻُٽ ٻڌل
ماڻھن کي اشارو ڪيو ۽ اھي يوسف کي سردخاني ۾ کڻي
ويا. سرد خاني ۾ يوسف کي ڇڏي ھو ھليا ويا. ھي ٻُٽ
ٻڌل ماڻھو ڪير ھئا، تخت تي ڪير ويٺو هو، نچڻ واري
ڇوڪري ڪير ھئي؟ شھزادي ھڪ ساھي ۾ سڀ سوال ڪري وئي.
پوڙھو کِليو ۽ چيائين ڌيءَ موھن کي اچڻ ڏي، پوءِ
سڀ ڪجهه ٻڌائيندس. ھوڏانھن موھن کي وڻ تي چڙهڻ ۾
تڪليف ٿي رھي ھئي، ڇو ته ھن جي ھٿن ۾ آڱريون نه
ھيون، اڄ ھن جو ڪو ساٿي به نه ھو، جيڪو ھن جي مدد
ڪري. پر ھن ھمت نه ھاري، اونداھي ۾ به وڏي
بھادريءَ سان وڻ تي مٿي چڙھندو ويو، ھن جا ھٿ زخمي
ٿي پيا، ڪيترائي دفعا مٿي چڙھندي ھيٺ ڪريو، ھمت
ڪري وري مٿي چڙھيو، جڏھن ھي ٽئين ٽاري تي چڙھيو ته
ھن جو پورو جسم رھڙجي ويو ۽ ھٿن پيرن مان رت وھڻ
لڳس. ھڪ لمحي ھن جي دل واپس موٽڻ تي چيو پر يوسف
جو خيال ايندئي ھن جو ارادو بدلجي ويو. موھن ان
ٽار تي پھچي ويو، جتان سُتلن جي شھر ڏانھن رستو
ويندو ھو. ھڪ ميل تائين ٽار تي چڙھندو ويو. ھڪ ميل
چڙھڻ کانپوءِ موھن ٿڪي پيو. ٿڪڻ جي ڪري ھن جو پير
ترڪي، لڙڪي پيو، ھاڻي ھن جو سڄو جسم ۽ ٽنگون مٿي
ھيون، ھن پاڻ کي پير جي آڱوٺي سان جھليو ھو، ھن کي
خبر ھئي ته ٽار ٽٽو ته ڪيترائي ميل ھيٺ اونداھي ۾
وڃي ڪرندو، جتي ھن جي ھڪ ھڏي به سلامت نه رھندي.
ٽار تي واپس اچڻ لاءِ هي ڀولڙي وانگر لڏڻ لڳو،
آھستي آھستي لوڏو وڌائيندو ويو، پوري جسم جي طاقت
لڳائي رھيو ھو، ھتي زندگي ۽ موت جو سوال ھو، ڪنھن
وقت به ٽار ٽٽي پئي سگھيو، ان خطري جي پرواھ ڪرڻ
بدران موھن ٽار کي لڏائيندو رھيو پوءِ ھڪ ئي جھٽڪي
سان ھن مٿي اچڻ چاھيو پر ڪامياب نه ٿيو، ھو بدستور
اُبتو لٽڪيل ھو، ھاڻ ڇا ڪري. ھو اُبتو لٽڪيل ھو ۽
وقت گذرندو پئي ويو، آخر وڏي ڪوشش کانپوءِ ھن
پنھنجي پوري جسم کي چيلهه جي زور مٿي کنيو، ھن کي
لڳو ته سندس سڀ ھڏيون ٽٽي وينديون پوءِ به موھن
ھمت نه ھاري ۽ سڌو ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ھن پنھنجا
ھٿ ٽار تي رکيا، سندس پورو جسم پگھر ۾شل ٿي ويو،
ھن جيئن نرڙ جو پگھر اگھيو، ته حيران ٿي ويو، ھن
جي ھٿ ۾ پنج آڱريون ھيون، ھن پنھنجي ھٿ ڏي ڏٺو، ۽
خوشيءَ مان دانھون ڪرڻ لڳو. ھاڻي موھن جي ھٿن ۾
پنج پنج آڱريون اچي ويون ھيون، ھن پنھنجي ھٿ کي
چُميو عين ان وقت ھلڪي گلابي روشني ٿي وئي، ھن جي
ھٿن ۽ پيرن ۾ طاقت اچي وئي، ۽ ان روشنيءَ جي مدد
سان ٽار تي مٿي ڊوڙندو ويو، ست ميل جو سفر ھن
ڊوڙندي طئي ڪيو.
موھن غار جي ٻئي پاسي کان نڪتو، ھن ڏٺو ته ھو وڏي
جبل جي چوٽيءَ تي بيٺو آهي، چئني پاسن کان وڏا جبل
آھن، جبلن جي وچ ۾ ھڪ خوبصورت وادي آھي، ميدان تي
رڍون ۽ ٻڪريون چري رھيون آھن. صوف، زيتون ۽ ڏاڙھون
جا وڻ ميوات سان ٽمٽار آهن. زمين جو گاھ نرم آھي،
وادي جي وچ ۾ ھڪ وڏو قلعو آهي، موھن سوچيو، ھي ئي
سُتلن جو شھر ٿي سگھي ٿو. موھن جبل کان ھيٺ لھڻ
لڳو، رستي ۾ ھن کي ھڪ ريڍار مليو، جيڪو رڍون چاري
رھيو ھو. موھن کانئس پڇيو، ڇا ھي سُتلن جو شھر
آھي؟ ريڍار آھستي سرٻاٽن ۾ چيو، ڇا ٿو چوين؟ موھن
رڙ ڪري چيو، ڇا ھي ستلن جو شھر آھي؟ ھا.....ھي....
خر....خر ريڍار پنھنجي ڳالهه مڪمل نه ڪري سگھيو ۽
وڻ کي ٽيڪ ڏئي سمھي رھيو. موھن دل ۾ چيو عجيب
ريڍار آھي ھي. اڳيان آيو ته ھڪ جابلو چشمي تي ھڪ
عورت گھڙو رکي ويٺي ھئي، عورت جي ويجھو آيو ته
ڏٺائين، عورت ويٺي ننڊ پئي ڪئي، پاسي ۾ گھڙو ڀريو
پيو آهي. موھن چيو، گھڙو ڀرجي ويو آھي، اٿي ته
آئون پاڻي پيان. ڇا؟ عورت نيم بيھوشي ۾ چيو. موھن
زوردار رڙ ڪندي چيو گھڙو ڀرجي ويو آھي، انھي کي
پري ڪر، آئون چشمي مان پاڻي ٿو پيان، عورت اٿي،
گھڙو کڻي پنھنجي مٿي تي رکيائين ۽ آھستي آھستي ھلڻ
لڳي، ائين لڳي رھيو ھو ڄڻ ھو ننڊ ۾ ھلي رھي ھجي.
موھن اڳتي آيو، ناسپتيون وڻن ۾ لڙڪيل ھيون، ھن جي
وات ۾ پاڻي اچي ويو، ھن ناسپتي پٽڻ لاءِ ھٿ وڌايو
ته آواز آيو، اي ڇا ٿو ڪرين، مونکي سُمهڻ ڏي،
پھرئين ھن محسوس ڪيو ته ھي عجيب جڳهه آھي، ھتي
ناسپتيون به سُمھنديون آھن!
(هلندڙ......)
علي محمد پلهه (قسط:
پنجين)
ڳوٺ: پلهه
هڪ
ڏينهن جو بادشاهه
جنهن ڪري اهڙيون ڳالهيون پيو ڪري، خدا خير ڪري.
ابو الحسن کي چيائين ته تون منهنجو پُٽ آهين ۽ آءٌ
تنهنجي ماءُ آهيان. هي تنهنجو گهر آهي. ٻانها
ٻانهيون ۽ بادشاهي
محلات ڪٿان آيا؟ ڄمڻ کان وٺي هن گهر ۾ نه رهيو
آهين ڇا؟ هاڻي تون خيال ڪر ته منهنجيون ڳالهيون
سچيون آهن يا نه؟ ٻچا اهي بيهوديون ڳالهيون بند
ڪر، شاهي مرتبو توکي ڪڏهن به نه ملڻو آهي. متان
اهي ڳالهيون خليفو ٻُڌي توکي چرين جي اسپتال ۾ نه
موڪلي ڇڏي. ابو الحسن پنهنجي ماءُ جون اهي ڳالهيون
ٻڌي اکيون پٽي ڪنڌ تي هٿ رکي سوچڻ لڳو، جيئن نه
ڪنهن کان ڳالهه
وسري ويندي آهي ۽ هو پوءِ ان کي ياد ڪرڻ لاءِ غور
ڪندو آهي، تيئن گهڙي کن کان پوءِ مُنهن مٿي ڪري
ماءُ کي چوڻ لڳوته تو جيڪي چيو سو سچ آهي. آءٌ ابو
الحسن آهيان ۽ تون منهنجي ماءُ آهين، پر مون کي
خبر نٿي پوي ته اهي ڳالهيون ڪيئن اچي منهنجي مغز ۾
ويٺيون آهن. ماڻس سمجهيو ته هن جي دماغ ۾ ڪا
بيماري يا خلل پيدا ٿيو آهي يا ته وري ڪو خواب لڌو
اٿس، جنهن ڪري بڪ بڪ پيو ڪري، پوءِ کِلي چوڻ لڳس
ته ٻچا! اڄ تو ڪو خواب ڏٺو آهي ڇا؟
ابو الحسن هميشه جي خلاف ماءُ کي ڇڙٻ ڏئي ماءُ کي
چيو ته اي نادان رن! تو ڪيتري نه بڙ بڙ ڪئي آهي.
آءٌ چوان ٿو ته نه آءٌ ابو الحسن آهيان ۽ نه ئي
تون منهنجي ماءُ آهين. آءٌ ته هتي جو بادشاهه
آهيان. ماڻس چيس اي ٻچا! خدا خدا ڪر، اهڙيون
ڳالهيون نه ڪر. تو هن پاڙي وارا ملا ۽ سندس دوستن
جي ڳالهه نه ٻُڌي آهي، جيڪو پاڙيوارن کي ستائيندو
هو. ڪالهه مسرور ڪوٽوال آيو، پنجن ئي کي گرفتار
ڪري ملان کي پنج سؤ ۽ ٻين کي هڪ هڪ سؤ چهبڪ هڻي
ڪارو مُنهن ڪرائي، گڏهن تي چاڙهي شهر نيڪالي ڏياري
ڇڏي. اي ٻچا! متان تنهنجو به اهڙو حال ٿئي. ابو
الحسن جي ماءُ کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته هنن کي
سزا ئي ڪا هن ڏياري هئي.
ماڻس اها ڳالهه ڪئي ته من هي ان مان سبق
پرائي. ابو الحسن اها ڳالهه ٻڌي چيس ته بس، هاڻي
پڪ ٿي ته نه آءٌ ابو الحسن آهيان ۽ نه تون منهنجي
ماءُ آهين. پڪ آءٌ هتي جو خليفو آهيان ۽ انهن کي
سزا ئي منهنجي حڪم سان
ملي هئي. خواب خيال ڪري نه سمجهه. ڪوٽوال
کي حڪم ئي مون ڏنو هو، تنهن ڪري تنهنجي چوڻ مان ئي
ثابت ٿيو ته آءٌ امير المؤمنين آهيان.
ماڻس کي ته پڪ ئي ڪانه هئي ته ملان جي ڳالهه ٻڌي
هي شينهن ٿي ويندو. ماڻس هٿ مٿي کڻي چوڻ لڳي ته
يا خدا!، تون رحم ڪر. منهنجي سمجهائڻ کان ته وڏو
آهي. اهي
ڳالهيون ٻڌي ماءُ کي چيائين ته ماٺ ڪري ويهه نه ته
ڏاڍي مار کائينديءَ، آءٌ هتي جو بادشاهه آهيان
ماڻس ڏٺو ته هي ته هاڻ وڌيڪ بڪ ٿو ڪري، سو ويچاري
ته ويهي روئڻ لڳي. ابو الحسن ماءُ تي رحم ڪرڻ
بجاءِ مورڳو لٺ کڻي اچي مٿان بيٺس ۽ چوڻ لڳس ته سچ
ٻڌاءِ ته آءٌ ڪير آهيان؟ ماڻس چيس ته ٻچا! تون ته
منهنجو پٽ آهين. ڇو اچي ڇتو ٿيو آهين. امير
المؤمنين جو لقب خاص
خليفي جي لاءِ آهي، جيڪو تنهنجو منهنجو رعيت جو
بادشاهه آهي. هن مهرباني ڪري ڪالهه هزار مهرن جي
ٿيلهي ڪوٽوال هٿان مون ڏي موڪلي آهي ان ڪري اسان
کي گهرجي ته سندس شڪرانو ڪيون ۽ دعا
ڪيونس. ابو الحسن کي مهرن جي ڳالهه ٻڌي هيڪاري پڪ
ٿي ته آءٌ خليفو آهيان ۽ ماءُ کي گهٽ وڌ ڳالهائي
چوڻ لڳو، ته اهي مهرون ڪوٽوال هٿان برابر مون
موڪليون هيون. انهيءَ حقيقت هوندي به تون مون کي
پنهنجو پٽ ڪري ويٺي آهين. انهيءَ ڪوڙ جي سزا توکي
ضرور ملڻ گهرجي، ائين چئي هن نادان پنهنجي ماءُ کي
اچي لڪڻ سان مار ڏيڻ شروع ڪئي. ماڻس جي رڙين تي
پاڙي جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ ڏٺائون ته ابو الحسن
پنهنجي ماءُ کي پيو ماري ۽ چوي پيو ته آءٌ امير
المؤمنين آهيان. ماڻهن اچڻ ساڻ لڪڻ هٿ
مان کسي، چوڻ لڳس ته توکي ڇا ٿيو آهي؟ ڪجهه خدا جو
خوف ڪر اهڙو نادان ٿي ويو آهين جو پنهنجي
ماءُ کي پيو مارين! نڪو شرم نڪو حياءُ ٿو ٿئي! اتي
ابو الحسن اکيون ڦوٽاري پاڙي وارن کي چوڻ لڳو ته
ابو الحسن ڪٿي آهي؟ شايد اوهين اهو نالو مون تي ٿا
رکو. پاڙي وارا سندس اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويا ۽
چوڻ لڳس ته اي مورک! تو اهڙو ڪهڙو ڍونگ کڻي مچايو
آهي؟ تون هن مائيءَ جو پٽ نه آهين؟ هي تنهنجو گهر
نه آهي ڇا؟ ابو الحسن جواب ڏنو ته نه، آءٌ ڪنهن کي
به ڪونه ٿو سڃاڻان. آءٌ امير المؤمنين آهيان.
ماڻهن سمجهيو ته هن کي ماخوليا ٿي آهي، سو هڪ
ماڻهو ڊوڙي وڃي جمعدار سان حال ڪيو،
جيڪو ٻه ٽي سپاهي پاڻ سان وٺي اچي گهر پهتس.
سپاهين کي ڏسي ابو الحسن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن
اسان وٽ اسان جا سنڌي ڀائر ماءُ پيءُ ۽ خدا کان
ايترو نٿا ڊڄن، جيترو پوليس کان ٿا ڊڄن. سو ابو
الحسن کي به پوليس جي چماٽ لڳي ته نشا ئي همراهه
جا ٽٽي پيا!
(هلندڙ.....) |