[13]
سارِي راتِ سُبحان، سَودو ڪَن صاحِبَ سان
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، هَلئا جوپَ جُوانَ
پاڻِي پَهلوانَ، لَحظي مَنجِهه لَنگهي وِئا.
سمجهاڻي:
جيڪي سمجهه وارا (سالڪ) آهن سي
سڄي رات حق تعالى سان (ٻانهپ جو) سودو ڪن ٿا، اهي
همت ۽ حوصلي وارا جوان پنهنجيون ٻيڙيون (مڪمل
ٻانهپ ۽ بندگيءَ جي سامان سان) ڀري سفر تي نڪرن
ٿا. اهي بهادر (عارف انسان) ڪيڏو به وڏو پاڻي هجي
ان مان گهڙي پلڪ ۾ (ڪاميابيءَ سان) گذري وڃن ٿا.
[14]
ڪَرَڦُلَ، ڦوٽا، پارِچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون
ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون تَرَ ۾ طاقيائُون
بَيرَقُون بَحرَنِ ۾ ڇوڙي ڇَڏيائُون
لاڄُنِ مَنجِهه لَطِيفُ چَئي، ٻِيڙا ٻَڌائُون
نَذُرُ نَبِيءَ ڄامَ جو چَڙهندي چَيائُون
جي ڇوهي ڇوڙِيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهه
سِين.
سمجهاڻي:
وڻجارن وکرن جو سامان جهڙوڪ لونگ، ڦوٽا، قيمتي
ريشمي ڪپڙا، (ولايتي) عرق
وغيره مضبوط پيتين ۾ وجهي ٻيڙيءَ جي هيٺئين
تري ۾ حفاظت سان بند ڪري رکيو. سمنڊ ۾ سفر جي
شروعات سان ٻيڙيءَ تي لڳل جهنڊيون (جيڪي اڳ ۾
ويڙهيل هيون) کولي ڇڏيائون. عبداللطيف چوي ٿو ته
ٻيڙيءَ جي سڙهه ۽ رسن تي وري رنگين سڳن سان ٺاهيل
موڙ (جهالرون) ٻڌي ڇڏيائون. ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ وقت نبي
ڪريم صلي الله عليھ وسلم جو نذر به باسيائون. (اي
مالڪ) جن تکي واءُ هوندي پنهنجا ٻيڙا هاڪاري ڇڏيا،
تون پنهنجي رحم ۽ ڪرم سان انهن کي صحيح سلامت منزل
تي پهچائج.
[15]
ٻَانَهپَ جو ٻيڙِينِ ۾ وَکَرُ وِڌائُون
موتِي مَعرفَتَ جا سَچا سَودِيائُون
”اَلتَائِبُ
مِنَ الذَنبِ کَمَنُ لاَذنبُ لُھُ“
اِيءَ کَٽ کَٽِيائُون
اَنِي جي آئُون، بَرڪَتِ بارُ لَنگهائِيان.
سمجهاڻي:
سامونڊين پنهنجن ٻيڙن ۾ بندگيءَ جو سڀ سامان (مالڪ
جي رضا خاطر) ساڻ کنيو.
’گناهه
کان توبه ڪندڙ، گناهه نه ڪندڙ جهڙو آهي،‘
جي قول تي عمل ڪندي (اصل) نفعو ڪمايائون. (ان ريت
هو ڪيل گناهن کان آجا ٿي ويا.) آءٌ پڻ اهڙن عملن
جي برڪت سبب سڀ بار کڻي منزل تي پهچي ويندس.
شاهه جو رسالو
]سُر
سري راڳ- داستان پهريون. محقق: ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
محمد سليم فراش
هالا نوان
حمّد
ڪيڏو سهڻو آهي الله،
ڏيندو سڀ کي آهي پناهه.
جيڪو ربّ جي راهه ۾ آ روئندو،
سو ڏينهن ڏکيو ڪِين ڏسندو،
مِٽجي ويندو آ اُن جو گناهه.
ڏينهن ڪري يا رات ڪري،
يا هڪ پل ۾ برسات ڪري،
وجهي مئلن ۾ ٿو ساهه.
’سليم
فراش‘
بس لَڏڻو آ،
هِتان هي وطن ڇڏڻو آ،
اهيو پورو اٿم ويساهه.
***
منهنجا مولا سُڻ منهنجي هيءَ صدا،
مون کي معاف ڪجان منهنجي خطا.
اڻ ڄاڻ ۾ مون کان گناهه ٿيا،
ڄاڻي به جيڪي گناهه ڪيا،
تو وٽ رحمت جا ڀريل خزانا وڏا.
مان روئي ٿو توکان معافي وٺان،
مون تي مولا پنهنجو ڪرم ڪجان،
منهنجي ڪجان هيءَ قبول دُعا.
’سليم
فراش‘
گُناهگار آهي،
تنهنجو نالو سُهڻو ستّار آهي،
ٻُڌندو آهين سڀ جي خدا.
***
ارباب علي
”عادل“
چوهاڻ
شڪارپور
نعت
محمّدﷺ تان قربان سر ساهه آ،
ٻچو ٻار گهر گهاٽ پڻ جاهه آ.
نبيءَ جي اطاعت ضروري اٿو،
انهيءَ کان سوا ماڻهو گمراهه آ.
وڏي شان وارو محمّدﷺ مِٺو،
نبيّن جو سردار ۽ شاهه آ.
نه گهٻرائي هرگز مسلمان ڪو،
نبي پنهنجو محشر ۾ همراهه آ.
پيارو ابي ۽ امڙ کان به وڌ،
محمّدﷺسان منهنجو دلي چاهه آ.
ڄميو ڄام جنهن ماهه ۾ دلربا،
اُتم اعليٰ افضل اهو ماهه آ.
غريبن، يتيمن جو همدم نبي،
انهيءَ ڳالهه تي مون کي ويساهه آ.
بلاشڪ ته نازل محمّدﷺ مٿان،
ڪيو پاڪ قرآن الله آ.
ڀلاري نبيءَ جي ته هن نعت ۾،
ڪئي پاڻ
”عادل“
هي ساراهه آ.
مهر فقير
ڪراچي
نظم
ٻار پڙهايو ٻار پڙهايو،
مستقبل جا معمار پڙهايو.
جاڳو جاڳو جاڳ ۾ ڀاڳ،
ماڻيو ماڻيو منزل ماڳ.
پُٽ هجي يا ڌيءَ الا،
جايون ڏيو جيءَ الا.
علم نُور شعور آهي،
فرمايو هادي حضورﷺ آهي.
پينگهي کان قبر تائين،
علم جي ڪا عمر ناهين.
علم پرايو عزت پايو،
جوتِ علم جي ادا جلايو.
ووڙيو ووڙيو وڌو وڌو،
علم چوي ٿو حاصل ڪيو.
علم حق سچ زنده باد،
مچايو سو مچ زنده باد.
پڙهو سمجهو نظم ٻارو،
اُٿو وڌايو قدم ٻارو.
’مهر
فقير‘
سچ آهي چوندو،
علم ڪڏهن به ناهي مرندو.
ٻار پڙهايو ٻار پڙهايو،
مستقبل جا معمار پڙهايو.
***
غلام محمد غازي
شڪارپور
ٻوٽا
اچو ديس پنهنجي کي گڏجي سجايون،
نوان پوکي ٻوٽا ڪا رونق وڌايون.
وڌائين ٿا ٻوٽا به پنهنجي نسل کي،
ڇٽي ٻج نئون يا قلم ڪي لڳايون.
هوائن ذريعي ۽ جيتن وسيلي،
ٿين ٻوٽا پيدا ٿا سڀ کي ٻڌايون.
ٿين گل ٿا ٻوٽن ۾ نيرا ۽ ڳاڙها،
انهن سان ئي پنهنجا ٿا ميلا ملهايون.
ڏين ٿا اسان جي اکين کي تراوت،
انهن جا اسان ڳُڻ ڀلا ڇو نه ڳايون.
نئين سر نئين ڪائي نرواڻ آڻي،
خوشيءَ جي خدائيءَ ۾ محفل مچايون.
***
ملهار سنڌي
مزدور جو نظم
زماني جو جيڪو ٿو چرخو چلائي سو مزدور آهي،
ٻين لاءِ پنهنجون ٿو ننڊون ڦِٽائي سو مزدور آهي.
اُن جي ئي دم سان سمورو هي ونهوار هلندو رهي ٿو،
گرمي ۽ سرديءَ ۾ کُورا جلائي سو مزدور آهي!
ڏونگر به ڏاري زمينون به کيڙي هو محنت ڪري ٿو،
سمورو هي سنسار سهڻو بڻائي سو مزدور آهي!
سڄي زندگاني ٿو سورن ۾ گهاري او بيحس زمانا،
بدن تي جو ڦاٽل به ڪپڙا ٿو پائي سو مزدور آهي!
ٻچا جنهن جا بُکَ تي بنا ڪنهن سهولت جي جيون
گذارن،
مگر پوءِ به ٻنين ۾ پوکون پچائي سو مزدور آهي!
ڪپڙا اُڻي ٿو مِلون ٿو هلائي ۽ محلات ٺاهي،
روڊن تي جيڪو ٿو پٿر وڇائي سو مزدور آهي!
مگر پوءِ به پيڙهيل ۽ خوشين کان وانجهيل آ 'ملهار'
جيڪو،
دنيا جي دردن کي سيني لڳائي سو مزدور آهي! |