علي محمد پلهه
(قسط: چوٿين)
ڳوٺ: پلهه / سانگهڙ
هڪ
ڏينهن جو بادشاهه
دل مان اڃا به خواب جو خيال نه نڪتو هوس، پر سڀ ڪم
ظاهري ٿيندا ڏسي پڪ ٿيس ته برابر آءٌ بادشاهه ٿيو
آهيان ۽ هيءَ سڄي بادشاهي منهنجي آهي!
رنگ محل ۾ جيڪي سونهري سامان ۽ ميناڪاري ڪم ٿيل
هو، تن کي ڏسي رهيو هو ته ست سُهڻيون ٻانهيون سندس
اڳيان اچي ڳائڻ ويٺيون. تن جي آواز ۽ ساز تي مست
بنجي ويو. ست سونا گلاس، تن ۾ وري گُلدستا ۽ حسِين
ٻانهيون هن جي چوڌاري مورڇل ڦيرائڻ لاءِ اچي حاضر
ٿيون. ابوالحسن سندن حُسن ڏسي ربّ پاڪ جي تعريف
ڪري، انهن مان ٽن کي ساڄي ۽ ٻين کي کاٻي پاسي ويهڻ
جو اشارو ڏئي چيو ته واري واري سان مورڇل هلايو.
ان کان پوءِ اتان اٿي رنگ محل ۾ آيو. اتي به
سونيون تصويرون سهڻي نموني سينگاريل هيون. سندس
آجيان ساز سان ڪئي وئي ۽ سونين ٿالهين ۾ ميوا آڻي
سندس خدمت ۾ پيش ڪيائون. هن انهن مان ٻه ٽي کنيا.
باقي ٻانهين کي ورهائي ڏنا. پوءِ اتان نڪري ٻارنهن
دري ڏسي، مسرور ڪوٽوال سان گڏ شيش محل ۾ ويو. مطلب
ته بادشاهي محل گهمي ڏٺائين. هر هنڌ هن جي آجيان
ساز سرود سان ٿي ۽ خليفو اها سڄي هلت لِڪي ڏسي
رهيو هو.
مطلب ته اهو سڄو ڏينهن عيش عشرت، راڳ روپ ۽ عجب
تماشن ۾ گذاريائين. شام جي وقت چوٿين محلات ۾ ويو.
اتي رنگين موتين سان جڙيل ڪافور جون بتيون ۽ فانوس
روشن هئا. اتي به سُهڻيون ٻانهيون ۽ راڳ روپ هئا.
ابوالحسن چيو ته خدائي بهشت وري (زمين) تي ٻيو
ڪهڙو ٿي سگهي ٿو!
حسين ۽ نازڪ ٻانهيون انگوري شربت جا شيشا ڀري
آيون. ان کان سواءِ عمدا طعام ۽ ڪباب آندائون، جن
جي خوشبوءِ سان هن جو دماغ ئي ڦِري ويو. ڍءُ هوندي
به مانيءَ لاءِ تيار ٿي ويو!
ابوالحسن ڏينهن جو مذهب جي ڊپ کان ۽ شهر جي رسم
موجب ڪنهن به محلات ۾ شراب ڪونه پيتو هو. رات جو
ان محلات ۾ وڃي شراب جو شغل ڪرڻ لڳو ۽ ان محلات جي
نازڪ ۽ سهڻين ٻانهين کي ڏسي عاشق ٿي پيو. ارادو
ڪيائين ته انهن سان گفتگو ڪري دل وندرائجي. آخر هن
هڪ ٻانهيءَ کي گهرائي
ڇڪي پاڻ وٽ ويهاريو ۽ ان جو نالو پڇڻ لڳو.
ان جواب ڏنس ته امير المؤمنين! منهنجو نالو ملڪه
مرويدا آهي. ابوالحسن چيس ته تنهنجا ڏند موتين کان
به وڌيڪ اڇا ۽ سهڻا آهن. جنهن تنهنجو اهو نالو
رکيو، ان وڏي غلطي ڪئي. تنهنجو نالو جسم ۽ حُسن
مطابق رکڻ گهربو هو. هاڻي تون پنهنجن هٿن سان هڪڙو
شراب جو
گلاس ڀري پيار. ان جهٽ هڪ گلاس ڀري پياريس.
ابوالحسن چيس ته تون به هڪ گلاس ڀري پيءُ. ٻانهيءَ
وراڻيو ته حضور! شراب جي بدران مان توهان کي هڪ
غزل ٿي ڳائي ٻڌايان.
غزل ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. وري ٻي ٻانهيءَ کي گهرائي
سندس نالو پڇيو. ان جواب ڏنس ته منهنجو نالو صبح
جو تارو آهي. ابوالحسن چيس ته تنهنجي اک ته تاري
کان به وڌيڪ چمڪندڙ آهي، تنهنجو نالو اڃا به سهڻو
رکڻ گهرجي. پوءِ ان کان به هڪ پيالو ڀرائي
پيتائين. آخر خليفي جي حڪم سان هڪ پيالي ۾ نشيدار
دوا ملائي پياري، بيهوش ڪري، شاهي پوشاڪ لهرائي،
ان جي بُت تي ساڳيا ڪپڙا پارائي ڪوٽوال کي حڪم ڏنو
ته هن کي سندس جاءِ تي ڇڏي اچو.
خليفي ماڻهن کي پوءِ ٻڌايو ته هي غريب رات جو روز
ربّ کان دعا گهرندو هو ته هڪ ڏينهن جي لاءِ مون کي
بادشاهي ڏي ته منهنجي پاڙي ۾ جيڪو ملو ۽ ان جا
سنگتي رهن ٿا، جن کيس ۽ پاڙيوارن کي تنگ ڪيو آهي،
انهن کي سزا ڏيان. ان ڪري مون سندس خواهش پوري ڪرڻ
جي لاءِ کيس هڪ ڏينهن جو بادشاهه بڻايو ته جيئن
پنهنجي مرضيءَ مطابق سزا ڏئي.
ابو الحسن نشيدار دوا ملڻ ڪري سڄي رات خواب ۾
رهيو. صبح جو جڏهن نشو لٿس، تڏهن اکيون کولي
پنهنجين ٻانهن کي سڏ ڪرڻ لڳو. اڙي! ملڪه مرويدا،
صبح جا تارا! توهان ڪاڏي ويون؟(انهن رات سندس خدمت
ڪئي هئي. ان ڪري سندن نالا اڃا تائين ياد هيس) جلد
اچو، مطلب ته وٺي اهڙي زور سان رڙيون ڪيائين جو،
ٻئي ڪمري ۾ سندس ماءُ ستل هئي، سا ڊوڙندي آئي ۽
پُٽ کي چوڻ لڳي ته ٻچا! تون ڪنهن کي ٿو سڏ ڪرين؟
ابو الحسن ڏاڍي تڪبر سان ڪنڌ کڻي ماءُ کي ڏسي چوڻ
لڳو، ته اي مائي بخت آور! تون ڪنهن کي ٿي ٻچا
سڏين؟ ماڻس پيار مان چيس ته ٻچا توکي ٿي چوان، تون
منهنجو ٻچو ناهين ڇا؟ ڪهڙو سبب آهي جو هڪ ڏينهن ۾
آءٌ توکان وسري وئي آهيان؟ ابو الحسن چيو ته اي
مُورک مائي! آءٌ تنهنجو پُٽ نه آهيان، تون ڪُوڙي
آهين. آءٌ ابو الحسن نه پر امير المؤمنين هتي جو
بادشاهه آهيان. ماڻس چيس ته پيارا پُٽ! صبر ڪر
سمجهي ڳالهاءِ ته ڪو ٻُڌي نه وٺي يا چريو نه
سمجهئي. ابو الحسن چيو ته آءٌ چريو نه آهيان پر
پوري عقل ۽ حوش ۾ آهيان. وري ٿو
چوان ته آءٌ هتي جو خليفو آهيان. ماڻس ويچاري
هاءِ هاءِ ڪري چوڻ لڳي ته منهنجي پُٽ کي جن
يا شيطان جو اثر ٿي پيو آهي،
(هلندڙ.....)
وفا منظور چوهاڻ
همدردي
}ٻارن لاءِ ناٽڪ{
]منظرڪشي: زاهد ۽ اسد ٻه دوست هڪ ئي پاڙي ۾ رهندا
هئا، ٻنهي جو دڪان به گڏ آهي زاهد شڪارپوري اچار
جو دڪان هلائيندو آهي ۽ اسد کي وري ڪڪڙ گوشت جو
دڪان آهي. ٻئي روزانو گڏجي پنهنجا پنهنجا دڪان
کولڻ لاءِ نڪرندا آهن. دڪان جي صفائي سٿرائي ڪرڻ
کانپوءِ ٻئي پنهنجون پنهنجون ڪرسيون دڪان مان ڪڍي
گڏجي ويهندا آهن. سندن دڪانن جي سامهون. عجب خان
جو هوٽل آهي. ان هوٽل تان چانهه گُهرائي ۽ پوءِ
ٻئي چانهه جو چسڪو به وٺندا رهندا آهن ته حال
احوال به اوريندا رهندا آهن. هاجران جيڪا اسان جي
پاڙي جي غريب ڇوڪري آهي. الائي ڪٿان زاهد ۽ اسد کي
گڏ ويهندي ڏسندي آهي ته، هوءَ به اچي پنهنجي غربت
جو اظهار ڪندي آهي. ٻئي دوست همدردي ڪندي کيس
ويهارو، ٽيهارو رپيا ڏيئي ڇڏيندا هئا.[
زاهد: اسد .... ڇا ڳالهه آهي، جو ٻه ٽي ڏينهن کان
پاڙي جي غريب ڇوڪري هاجران خيرات وٺڻ ڪونه ٿي اچي؟
اسد: ها... واقعي ... زاهد مان به اها ڳالهه توسان
ڪرڻ وارو هُيس. ڪٿي اها بيمار ته ڪونه ٿي پئي آهي،
جو ٻه ٽي ڏينهن ٿيا آهن. هيڏي کيس خيرات وٺندي نه
ڏٺو ويو آهي.
زاهد: لڳي ٿو ته، ڪا مجبوري اٿس. نه ته اسان واري
هن ٽڪري/ علائقي مان هرڪو کيس غريب ڄاڻي خيرات ڏيڻ
کان ڪو جواب نه ڏيندو هيو ۽ ڏٺو وڃي ته اسان جي هن
ايريا مان کيس ٻه ٽي سَوَ روپيا ته ملي ويندا هئا،
پوءِ ڇو؟ ڪو اها دان وٺڻ ڇڏيندو.
اسد: ڀاءُ... چئين صحيح ٿو... ساڻس ڪو مسئلو ضرور
آهي.
(ائين چئي هو پنهنجي دڪان جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويا.
پاڙي ۾ رهندڙ هڪ ڇوڪرو نويد اچي ٿو)
نويد: اسد... خبر اٿئي... اها جيڪا ڇوڪري هاجران
اسان وٽ خير وٺڻ ايندي هئي. چار ڏينهن ٿيا آهن ته
ان جو روڊ ٽپندي ڪار سان ٽڪر ٿي ويو هو ۽ ويچاري
هاجران کي ڏاڍا ڌڪ لڳا آهن. سندس هڪ ڄنگهه به ڀڄي
پئي آهي. هوءَ اسپتال ۾ آهي!
اسد: ڇا....؟ نويد ڪهڙي ڏک جي ڳالهه ٻڌائي اٿئي.
پاڻ توکان ٿوري دير اڳ ۾ زاهد سان اها ئي ڳالهه
پئي ڪيم ته اها هاجران غريب ڇوڪري جيڪا خيرات وٺڻ
ايندي هئي، گهڻن ڏينهن کان نٿي اچي. ضرور ڪا
مجبوري اٿس. تو هاڻي اها ڳالهه ٻڌائي، اسان کي به
ڏکائتو ڪري ڇڏيو آهي.
(زاهد اهو ٻڌي ويجهو سُري آيو)
زاهد: ڇا..؟ هاجران جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي ۽ سندس
ڄنگهه ڀڄي پئي آهي. يار ڏاڍي ڏک جي خبر ٻڌائي
اٿئي.!
اسد: نويد. ٻڌاءِ ته هوءَ ڪهڙي اسپتال ۾ داخل آهي.
نويد: ڀائو.. ڪهڙي اسپتال وري ڪهڙي...؟
هڪ غريب ماڻهن کي کائڻ لاءِ ويلو ڪونهي، ٻيو وري
بيماريءَ جا ڳاٽي ڀڳا خرچ. اهي غريب ماڻهو
پرائيويٽ اسپتالن جو ڪاٿئون خرچ ڀريندا. هاجران..
به شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل آهي... ٻيو وري
پرائيوٽ اسپتالن مان علاج ڪرائڻ ته ڏکيو آهي.
(اهو ٻڌي زاهد چيو ته)
زاهد: نويد... واقعي چئين سچ ٿو، پوءِ ڀلا...
اسپتال پڇا ڪرڻ هلجي.. ؟
نويد: ادا... ڇڙو... پڇا ڪرڻ نه هلجي، بلڪه ان جي
مالي امداد به ڪجي ۽ ڊاڪٽرن کي سندس پارت به ڪجي.
(ائين ٽنهي هاجران کان اسپتال ۾ پڇڻ لاءِ منجهند
جو ٽائيم رکيو. زاهد ۽ اسد پنهنجي دڪان تي ئي هئا
ته نويد ۽ ان سان پاڙي جا ٻه ٽي ڄڻا به ساڻ آيا.)
نويد: اسد.. ڳالهه ٻڌي ٿئي. جڏهن مان اها ڳالهه
پنهنجن دوستن سان ڪئي ته هي دوست به هاجران کان
اسپتال پڇڻ لاءِ تيار ٿي ويا. نه ڇڙو تيار ٿي آيا
آهن، پر هنن پاڙي مان غريب ڇوڪري هاجران لاءِ چندو
به گڏ ڪيو آهي. خبر اٿئي ته هاجران جي علاج لاءِ
سٺ هزار روپيه گڏ ٿي ويا آهن. هاڻي هلو ته هلون
اسپتال هاجران جي طبيعت پڇڻ ۽ علاج لاءِ کيس رقم
ڏيڻ.
(اهو ٻڌي زاهد چيو ته)
زاهد: نويد.. تو هيڏو خير جو ڪم ڪيو آهي. ۽ اسان
دڪاندارن تي به فرض آهي ته ان جي مالي مدد ڪيون.
(زاهد دڪاندارن کان چندي لاءِ نڪري پيو ۽ کيس موٽ
به سُٺي ملي، جهٽ گهڙيءَ ۾ هن ويهه هزار رپيا
گڏائي ورتا. سڀئي اسپتال پهتا هاجران بيڊ تي ليٽي
پئي هئي، هو نفيسڙي ۽ نازڪ ته اڳ ۾ ئي هئي ويتر
ڄنگهه جي سور کيس هيڻو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ صفا هيڊي
(پيلي) ڄڻ رت جسم مان ڇڏائي ويو هيس. هاجران جي
ڀرسان ماءُ ۽ ننڍي ڀيڻ ويٺي هئي.)
زاهد: ڀيڻ... هاجران... جي طبيعت ڪيئن آهي...
هاجران جي ماءُ: ادا.. اوهان سڀ ڏسو پيا.. هاجران
صفا ڪمزور ٿي وئي آهي. منهنجو مڙس اڳي ئي جگر جي
مرض ۾ بيمار کٽ تي پيو آهي. ٿورو گهڻو هاجران خوش
هئي ته چڪر ڏيئي ٻه ٽي سَوَ آڻيندي هئي، ته ڪجهه
نه ڪجهه گهر جو گاڏو پيو هلندو هيو. هيءَ به...
ايڪسيڊنٽ ۾ ڄنگهه ڀڃائي اسپتال ۾ داخل آهي، گهر جي
ڳڻتين ته ساهه سُڪائي ڇڏيو آهي. اڳتي. اسان جو
الائي.. ڇا ٿيندو...؟
نويد: ادي.. الله پاڪ وڏو آهي.. اهو ڪنهن کي به
اڪيلو ڪونه ڇڏيندو. الله پاڪ هميشه بهتر ئي ڪندو
آهي.
اسد: ڊاڪٽر صاحب. هاجران خوش ٿي ويندي نه...؟
ڊاڪٽر: ربّ خير ڪندو... ان شاءَ الله! هاجران جلدي
چڱي ڀلي ٿي ويندي. پر ڄنگهه ڪجهه مهينا ٺيڪ ٿيڻ ۾
وقت وٺندي. توهان ڪير آهيو...؟
اسد: ڊاڪٽر صاحب.. اسان سندس پاڙيسري آهيون.
ڊاڪٽر: پاڙيسرين جا به هڪ ٻئي تي حق آهن. جيڪڏهن
اهي همدرديءَ لاءِ اٿي بيهن ته ڪو مسئلو مسئلو نه
رهندو. ڀائرو... مان جاٿي ڳالهائي رهيو آهيان. اهو
توهان به سمجهي ويا هوندؤ.
نويد: ڊاڪٽر صاحب توهان صحيح چئي رهيا آهيو. هاڻي
ڪا ڪوتاهي نه ڪبي. اسان هاجران جي علاج لاءِ اَسِي
هزار گڏ ڪري ورتا آهن. توهان ڊاڪٽر به وڌ ۾ وڌ هن
غريب ڇوڪريءَ جي مدد ڪندا ته، ربّ ڪندو هاجران چڱي
ڀلي ٿي پنهنجي پيرن تي هلڻ لڳندي.
ڊاڪٽر: توهان ۾ واقعي سماجي جذبو موجود آهي.
جيڪڏهن معاشري ۾، هر پاڙي ۾ اهڙي همدرديءَ جو جذبو
جاڳي پئي ته جيڪر هي ملڪ ۽ ان جا غريب ماڻهو ڪنهن
وڏي تڪليف کان بچي پوندا.
زاهد: ڊاڪٽر صاحب اڃان جيڪڏهن وڌيڪ پئسن جي ضرورت
پئي ته اهو به اسان کي ٻڌائيندا ته وڌيڪ چندو ڪري
وٺنداسين. بهرحال علاج ۾ توهان پوري ڪوشش ڪيو ۽
پنهنجي زڪوات فنڊ مان به هن غريب ڇوڪريءَ جي مدد
ڪندا.
ڊاڪٽر: توهان پاڙي وارا دلجاءِ ڪيو.
مون کان جيڪو ڪجهه ٿيو. آءٌ هن غريب ڇوڪريءَ لاءِ
ڪندس.
(ڪجهه مهينن کانپوءِ هاجران ٺيڪ ٺاڪ ٿي وئي ۽ پاڙي
وارن سندس غريب پيءُ جو به علاج شروع ڪرايو.)
21
فيبروري مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول پنهون وسير ۾ ٻالڪ
ادبي فورم سنڌ پاران سنڌي ٻولي جي اهميت جي موضوع
تي هڪ تقريب سنڌي ٻوليءَ جي نالي واري ليکڪ، شاعر
۽
”ٻالڪ
ادبي فورم سنڌ“
جي مرڪزي صدر عبدالحئي ڀٽو جي صدارت ۾ ڪوٺائي
ويئي. جنهن ۾ اُستادن نظير احمد چاچڙ، عزيزالله
لٻاڻو، وقار احمد ميراڻي، پرويش ڪمار، غلام مرتضى
چوهاڻ، ونيش ڪمار، راجيش ڪمار، ۽ اسڪولي ٻالڪن وڏي
تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته اسڪول جي گلن جهڙن
ٻارڙن عبدالباري ڀٽو، خان محمد وسير، عبدالباقي
ڀٽو، محمد بچل شيخ، ربنواز وسير، محمد راشد ڀٽو،
صبا، دُعا، حسين ڀٽو، فهد حسين وسير، تصور حسين
وسير، اُميه، محمد نواز وسير، تبسم، تهرين، مقدس،
عليزه، اُميد علي وسير، فياض احمد وسير، ۽ ٻين
سنڌي ٻولي جي اهميت تي ڳالهائيندي
شاعريءَ
ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا پيش
ڪئي. ان کان پوءِ عبدالحئي ڀٽو ۽ ٻين سنڌي ٻولي جي
اهميت تي روشني وجهندي چيو ته، سنڌي ٻولي تمام
پراڻي شاهوڪار ۽ عظيم آهي. جنهن جي ترقي ۽ واڌاري
جي لاءِ سنڌ جي اديبن، شاعرن، دانشورن، سگهڙن ۽
محققن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ٻوليون سِکڻ
هڪ سٺو عمل آهي ۽ ٻوليون پيار، پريت، سِڪ ۽ امن
جون سفير ٿين ٿيون. جڏهن ته ٻولين جو ڪردار ماڻهن
جي زندگيءَ ۾ رهي ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته جيڪي قومون
پنهنجي ٻولين جون حفاظت ڪنديون آهن. اهي ئي زنده
رهنديون آهن. سنڌي ٻوليءَ جا امين ۽ محافظ شاعر
سگهڙ، اديب، محقق ۽ اُستاد آهن.
سنڌي ٻولي دنيا جي آڳاٽين ۽ وڏين ٻولين ۾ شمار ٿئي
ٿي. اسين موهن جي دڙي ۽ مومل جي ماڙي واري پياري
سنڌي ٻوليءَ سان بيحد محبت ڪريون ٿا. جيڪي قومون
بنيادي تعليم پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ حاصل ڪن ٿيون
اهي ئي قومون ترقي ڪرڻ سان گڏپنهنجي منزل تي پهچن
ٿيون. سنڌي ٻولي اسان سنڌين جي رابطي جو ذريعو
آهي، جنهن وسيلي اڄ به سنڌي ٻولي ۾ تمام گهڻا
ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون ڇپجن ٿيون. سنڌي ٻولي اسان
سنڌي ماڻهن جو جياپو ۽ خوشحاليءَ جي ضمانت آهي ۽
ان ۾ سنڌي ادب گهڻو تخليق ٿئي ٿو. اڄ به سنڌي ٻولي
سهرن، لاڏن، ڳيچن، ڏورن، بيتن، پهاڪن، ڳجهارتن،
لوڪ گيتن ۽ لوڪ ڪهاڻين ڪري زنده آهي ۽ زنده رهندي.
آخر ۾ وقت جي حڪومت کان گُهر ڪندي مطالبو ڪيو ويو
ته ملڪ جي سمورن ٻولين سميت سنڌي ٻوليءَ کي قومي
ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.
***
صدام حسين کوسو
ڄام شورو
ڏاهپ جا نُڪتا
·جيڪو
ماڻهو پاڻ کي وڏو ٿو سمجهي، پر منجهس
ڪابه لياقت يا فضيلت ڪانهي، اهو ماڻهو ڪنهن به ڪم
جو نه آهي.
(ميرزا قليچ بيگ)
·جيڪڏهن
ڪو شخص مُنهن تي توکي اهڙي خوبيءَ لاءِ ساراهي ٿو
جا تو ۾ نه آهي، ته پڪ ڄاڻ ته پَرپُٺ هو اهڙي
بُرائيءَ جي لاءِ تنهنجي گِلا به ڪندو هوندو، جا
تو ۾ نه آهي. (اقليدس)
·جيڪڏهن
ڪنهن عالم کي بادشاهه يا امير وٽ ويندي ڏسو ته پڪ
ڄاڻو ته هو بي ايمان ۽ چور آهي.
·پنهنجي
صفت جو خيال نه رکڻ، جسماني گناهه آهي. (اسپينسر)
·اهو
شخص جو پنهنجي ذاتي خواهش کي پنهنجي جدوجهد جو
محور ٿو بنائي، سو ڪنهن به حالت ۾ اها دعويٰ نٿو
ڪري سگهي، ته هو عوام جو خدمتگار آهي، ڇو ته حقيقت
۾ هُن عوام جي نالي ۾، فقط پنهنجي ۽ پنهنجن عزيزن
جي خدمت ڪئي، اهڙن خدمتگارن کان ته وڇون ۽ نانگ
بهتر آهي، جن بابت هيءَ حقيقت ته هرڪو ٿو ڄاڻي ته
اُهي ڏنگيندا آهن، هي ماڻهو ته پڙدي پٺيان لِڪي
ڏنگ هڻندا رهندا آهن.
(ڪمال اتاترڪ)
=
خوشبوءِ،
هڪ اهڙو اُهڃاڻ آهي، جنهن جي سُرهاڻ محسوس ڪرڻ سان
ئي، گندگيءَ، غلاظت ۽ بدبوءِ جو تصور هڪدم مٽجي
ويندو آهي.
”خوشبوءِ
ساڻ کيڏو“
منظور منگي جي شاعريءَ جي مجموعي ۾ خوشبوءِ هڪ
استعاري طور ڪم آندل آهي. جيڪڏهن اسان ان خوشبوءِ
کي علم سان ڀيٽ ڏينداسين ته به بجا ٿيندو، ڇوته
علم به هڪ اهڙو وصف آهي، جيڪو انسان جي پنهنجي
زندگيءَ تبديل ڪرڻ سان گڏوگڏ سماج جي افراد جون
تقديرون به بدلائڻ جي سگھه رکي ٿو. علم هڪ اهڙي
گھاٽي وڻ جيان آهي، جنهن جي ڇانوري ۾ ويهي ڪري،
مسافر کي، ڪجھه گھڙيون اتي ويهي، ٿَڪُ ڀڃي اڳتي
وڌڻ جو ساهس ملندو آهي.
منظور منگي پاڻ به هڪ اهڙو خوددار انسان آهي، جنهن
جو علم ۽ عمل ۾ ايمان آهي. هو پنهنجي تصوراتي دنيا
جي خوابن کي، عملي جدوجهد سان حقيقي روپ ڏيڻ جي
ڪوشش ڪندو رهيو آهي، جنهن ۾ هو ڪافي حد تائين
ڪامياب به ٿيو آهي. سندس ٻارن لاءِ سرجيل شاعري،
ان ڏس ۾ ڏاڍي ڪارائتي آهي. سندس شاعريءَ جا موضوع
سڀ جا سڀ سماج مان ورتل آهن. جنهن ۾ هو ٻارن جي
مجبورين ۽ بيڪسين کي چِٽڻ سميت، ٻارن جي شوق،
جذبي، همت ۽ حوصلي جي به ڳالهه ڪري ٿو. سندس
شاعريءَ ٻارن کي ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ تي اُتساهي
ٿي. کين پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڪتابي ۽ درسي
ڳالهيون به نظمي صورت ۾ ٻُڌائي ۽ سمجھائي ٿو.
منظور منگي جو انسانيت ۾ ويساهه آهي، هن شاعريءَ
وسيلي اهوئي پيغام ڏنو آهي.
هڪڙو پيءُ ۽ هڪڙي ماءُ،
هر ڪو آ هڪٻئي جو ڀاءُ.
ٻارَ! امن جو ڪر پرچار،
خوش رهي جيئن هي سنسار.
هيءَ دنيا علم جي دنيا آهي، جتي وهمن ۽ وسوسن جي
ڪا اهميت ئي نه آهي ۽ نه ئي وري ڪا عقلي حيثيت
آهي. پر افسوس هن ڳالهه جو آهي ته، هيڏي ساري
ترقيءَ جي باوجود، اسان جي ڌرتيءَ جا اٻوجھه انسان
وهمن جي دنيا جا رهواسي آهن، علم جي هٿيار سان
انهيءَ شيطاني وڻ کي وڍڻ بدران ان جي پنهنجي روين
سان آبياري ڪري رهيا آهن. انهيءَ روش کي ڏسندي
منظور منگي شايد هي نظم لکيو آهي.
وسوسن ۽ وهمن ۾، جو به ٿو اڙجي وڃي،
ڪوڙ جي ٿو ڪوٽ ۾ ڪڙجي وڃي.
جو نه پڙهندو سو انهيءَ جو يارُ آ،
جو به پڙهندو سو بهادر ٻارُ آ.
ڳالهه شاعر جي ٻڌي ٻهڪي پيا،
ٻار سڀ گلڙن جيان مهڪي پيا.
منظور منگي جيئن ته پاڻ تعليم سان واڳيل رهيو آهي،
انهيءَ ڪري کيس اها ڄاڻ آهي ته، جيڪا تعليم وندر
ورونهن سان ڏني ويندي آهي، سا اڪثر ڪري ٻارن کي
ياد ٿي ويندي آهي. خاص طور تي جيڪي نظم هوندا آهن،
سي ته ٻار نهايت سُرَ سان پڙهي ياد ڪندا آهن.
انهيءَ سوچ کي ڌيان ۾ رکي، هن ٻارن کي پاڻيءَ جو
فارمولو ياد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
آڪسيجن هڪ حصو ۽ ٻه حصا هائڊروجن گَڏِ،
ايڇ ٽو او پاڻيءَ جو ٿي فارمولو لکي ڇَڏِ.
پر ان سان گڏ ئي زمين ڪيتري آهي ۽ زمين تي پاڻي
ڪيترو آهي ۽ پاڻي کان سواءِ زندگيءَ جي حقيقت بي
معنى آهي تنهن جي پڻ ڄاڻ ڏني آهي.
منظور منگي جي هن ڪتاب ۾ جيڪي نظم شامل آهن، سي
سندس دل جي درد سان گڏ قومي درد کي به اُچاري رهيا
آهن. هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت شاخ مدئجي جي
سيڪريٽري عاشق شيخ
2002ع
۾ مدئجي شاخ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جو
مهاڳ مهدي شاهه لکيو آهي. سندس راءِ سَنَدَ جي
حيثيت رکي ٿي.
سنڌڙيءَ جو رکوالو ٿيندس،
اوندهه منجھه اُجالو ٿيندس.
وڏڙا ٿي وير بڻجو، ويريءَ لئه تير بڻجو،
همت حوصلي سان، هن سنڌ کي بچايو،
خوشبوءِ ساڻ کيڏو، بدبوءِ کي ڀڄايو.
***
اسلام عليڪم
محترمه ايڊيٽر صاحبه.
اُميد ته اوهان پنهنجي سَٿَ سميت خوش هونديون.
جيئن ته اسان ڪنڊيارو شهر کان
12
ڪلوميٽر ٻاهر ٻهراڙيءَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ
’مڏ
ملاح بکري‘
۾ رهندا آهيون. اسان جي ڳوٺ جي مسجد ۾ هڪ عالم
سڳورو (ڳوٺ چنيهاڻي کان) اسان ٻارڙن کي قرآن شريف
جو سبق ڏيڻ ايندو آهي. اهو اسان کي گل ڦل رسالو به
پڙهڻ جي لاءِ ڏيندو آهي. اسان به شوق سان پڙهندا
آهيون ۽ اسان کي به شوق ٿيو ته هن رسالي جي لاءِ
ڪجهه لکون. اسان پهريون دفعو قلم کڻي مواد لکي
اوهان ڏي موڪلي رهيا آهيون اُميد ڪريون ٿا ته شايع
ڪري اسان جي همٿ افزائي ڪرڻ فرمائيندا. ربّ سائين
اوهان جي محنتن کي قبول فرمائي ۽ هن رسالي کي اڃا
به وڌيڪ ترقي نصيب ڪري. آمين
عبدالسميع (ثمير) ملاح، فاطمه بتول بنت غلام شبير
ملاح
ڳوٺ مڏ ملاح بکري ڊاڪخانه سيدو باغ تعلقو ڪنڊيارو
ضلعو نوشهروفيروز
***
محترمه ايڊيٽر صاحبه، السلام عليڪم
جيئن ته مان هي پهريون ڀيرو پنهنجي دلچسپ
’گُل
ڦُل رسالي‘
۾ مواد موڪلي رهيو آهيان. اُميد ته منهنجين ٻن
نعتن کي رسالي ۾ شايع ڪري حوصله افزائي ڪنديون.
نعمت الله بن نور الدين عباسي/ڪنڊيارو
***
ايڊيٽر گُل ڦُل السلام عليڪم،
ڪافي وقت کان پوءِ گل ڦُل رسالي لاءِ مواد موڪلي
رهيو آهيان. اُميد ته پسند پوندو ۽ شايع ٿيندو.
·همدردي
”ڪهاڻي“
·سنڌ
جو وڏو تاريخدان پير حسام الدين شاهه راشدي
”مضمون“
·شينهن
کان انٽرويو
”انٽرويو“
امام راشدي
نئون ديرو
السلام عليڪم
محترمه ادي نجمه پنهور صاحبه
اُميد ته خوش هونديون. آءٌ گُل ڦُل جو پراڻو پڙندڙ
۽ لکندڙ آهيان. فيبروري جو گُل ڦُل مليو. گُل ڦُل
۾ شامل سمورو مواد تمام سٺو ۽ معياري آهي. ان جي
شاعري، مضمون، رپورٽون ڪهاڻيون ۽ خط وغيره تمام
معياري آهن. مواد پڙهي لکڻ جو شوق جاڳي پيو آهي،
ان سلسلي ۾ ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان، گُل ڦُل ۾
شامل ضرور ڪجؤ. اُميد ته مانائتي موٽ ملندي.
وقاص ياسين آرائين
ڦلجي اسٽيشن دادو
مارچ
2024ع
جي
ماهوار
شماري
۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
ڏهر“
جي داستان
پهرئين
جو
ٽئو
نمبر بيت
آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
(اي منهنجا ربّ) جيڏو (اعلى ۽ عظيم) تنهنجو نالو
آهي، آءٌ توکان مهرباني ۽ نوازش به اوتري (بيحد ۽
بي حساب) گهران ٿو. بيشڪ تون ئي بنا ڪنهن ٿنڀ
ٿوڻيءَ جي (سواءِ ڪنهن ٽيڪ ۽ جهل جي) وڏي ۾ وڏو
اجهو ۽ ڇانوَ آهين. مان تنهنجي ڪهڙي تعريف (حمد)
ڪريان، جو اها سڀ (صرف) توکي معلوم آهي. (تون ئي
پنهنجي ثناء کي پاڻ ڄاڻِين ۽ سمجهين ٿو.)
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*سليمان
جمالي: ڪلاس ڇهون، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن
هاءِ اسڪول ڳوٺ جان محمد عرف (مٺياڻي) جمالي ضلع
مٽياري.
*خليفو فيصل ڪاڪا: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز
هاءِ اسڪول ڦل ڪاڪا ضلع مٽياري.
*عادل جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول
پاهڙ خان جمالي ضلعو مٽياري
* ابوبڪر جمالي: ڪلاس ٻارهون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي تعلقه سعيد آباد.
*محمد يعقوب جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول پاهڙ خان جمالي تعلقه سعيد آباد.
*تبسّم جمالي: ڪلاس پنجون، پرائمري اسڪول پاهڙ خان
جمالي.
*عبدالسميع: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*حسين جمالي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
* طفيل احمد جمالي: ڪلاس نائون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي.
*سعد الله ڏاهري: ڪلاس ستون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*صبغت الله ڏاهري: ڪلاس يارهون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي
اسٽيشن دادو
*وقاص ياسين آرائين:
ڦلجي اسٽيشن
دادو.
*وفا ياسين آرائين: ڦلجي اسٽيشن دادو.
*عبيدالله ڪاڪا: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول ڦل ڪاڪا.
*سعيده سهندڙو: ڳوٺ عظيم سهندڙو ضلع شڪارپور.
*غلام احمد: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول
ٽنڊو محمد خان.
*محمد بخش سوڍڙو: ڪلاس چوٿون، مخدوم محمد امين
فهيم پرائمري اسڪول هالا نوان.
*عبدالباقي ڀٽو: ميرپور ماٿيلو مومل جي ماڙي
گهوٽڪي.
*عبدالمالڪ سهندڙو : ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول رستم ضلع شڪارپور.
*شازينه بلوچ: ڪلاس ٻارهون، گورنمينٽ خورشيده بيگم
گرلس ڪاليج حيدرآباد
جاويد علي: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ نور محمد هاءِ
اسڪول حيدرآباد.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان سليمان جمالي
جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران گُل
ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي.
|