سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل اپريل 2024ع

باب:

صفحو:4 

Text Box: مضمون

محمد اجمل خان عباسي

چنيهاڻي ڪنڊيارو

وقت جي اهميت

البرٽ آئن اسٽائن سدائين ھڪ ئي ڪلر جو سوٽ ۽ شرٽ پائيندو ھو. ھڪ ڀيري ڪنھن ھن کان پڇيو ته ھڪ ئي رنگ جو سوٽ پائڻ جو سبب ڇا آھي، ان تي ھن جواب ڏنو ته ھن وٽ تقريبن 40 سوٽ ۽ ايتريون ئي شرٽس آهن، سڀ ھڪ ئي ڪلر جون آهن. ان جو سبب اھو آهي ته مان نه ٿو چاھيان، ته صبح جو اٿندي ان سوچ ۾ ئي وقت ضايع ڪيان ته اڄ ڪھڙي ڪلر جو سوٽ پايان. ھاڻي ڏسو ته ان مان اوهان کي وقت جي اھميت جي خبر پئجي ويندي.  يقيني طور تي البرٽ آئن اسٽائن جھڙن ناليوارن مفڪرن جو وڏو نالو ڪمائڻ ۽ مان مرتبو  حاصل ڪرڻ جو فقط هڪ ئي راز آهي ۽ اهو آھي وقت سان گڏ ھلڻ ۽ ان جي اھميت کان واقف ٿيندي ان جو قدر ڪرڻ.

پيارا ٻارؤ! اسان کي به گھرجي ته پنهنجي قيمتي وقت جو اجايو ۽ فضول ڳالهين ۽ راندين ۾ زيان نه ڪريون ۽ پنهنجو وقت سجايو ڪريون.

 

***


 

محمد رفيق جمالي

بکر جمالي/سعيد آباد

غلام محمد غازي

]شخصيت ۽ فن[

* نالو: غلام محمد غازي ولد محمد سومر

* تخلص: غازي

* ذات: مهر

* جنم: 9 اپريل 1955ع

* جنم جو هنڌ: ڳوٺ عبدو يونين ڪائونسل عبدو تعلقو لکي ضلعو شڪارپور سنڌ (اڳ سکر ضلعي ۾ هو.)

* تعليم: پرائمري کان مڊل تائين پنهنجي ڳوٺ ۾ نائون ڪلاس هاءِ اسڪول چڪ، مئٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول گهوٽڪي، باقي سڀ امتحان ايم اي تائين پرائيويٽ ڏنا. آرٽ جا امتحان اي. ايم. سي تائين پاس ڪيا. اي. ايم. سي. فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين.

* شادي: 1975ع هڪ ئي گهر ۾ هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري تائين مامي وٽان. (هي گهر جي جاءِ بهترين شاعر تلوڪ داس جي هئي. جيڪي انڊيا هليا ويا.)

* اولاد: ٻه پُٽ سرمد حسين ۽ نبي بخش.

* نوڪري: 1973ع کان 1977ع تائين. شناختي ڪارڊن ۾ ڪلارڪ نادرا، پنج سال رهيو بعد ۾ ڇڏي ڏنائين. 17 فيبروري 1978ع کان 8 اپريل 2015ع مختلفن اسڪولن ۾ ڊرائنگ ٽيچر رهيو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر ۾ اپائنٽمينٽ ٿي اُتان ئي رٽائر ٿيو.

*  ڳوٺ عبدو ۾ هڪ بازار جو نالو غازي بازار رکيو ويو. غازي جي نالي سان غازي پبلڪ اسڪول به کوليو ويو.

ٻارن کي ديني تعليم ڏيارڻ لاءِ غوثيه جماعت سهروردي جي سهڪار سان هڪ مسجد جو بنياد رکيو. جتي روزانو پنج وقت نماز، جمعي جي نماز ۽ عيد نماز به ٿئي ٿي. ڳوٺ ۾ هڪ لائبريري  شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي نالي سان کولي وئي. شاهه لطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ جو بنياد رکيو بعد ۾ سماجي طور آزاد سوشل ويلفيئر کي رجسٽرڊ ڪرايو. ماڻهن کي کوڙ ساريون سهولتون ڏياريون. عورتن ۾ سلائي سيکارڻ جو بندوبست ڪيو ويو. ۽ عورتن کي سلائي مشينون ڏياريون ويون. ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي ويئي.نوجوانن کي هُنري سکيا جو بندوبست ڪري ڏنو ويو. ٽيوشن سينٽر قائم ڪيو. روڊن سان وڻ لڳرايا .واهه جي پُل ٺهرائي ڏني ويئي.سرڪاري طور شاهه لطيف لائبريريءَ جو بنياد رکيو ويو. ڳوٺ ۾ ذات پات کان هٽي ڪري امن اتحاد جا ليڪچر ڪرائي سجاڳي آندي. ڳوٺ ۾ پرائيويٽ اسڪول کُلندا رهيا. جن سان سهڪار جاري رکيو ويو. سنڌي ادبي سنگت شاخ رجسٽر ڪرائي وئي، شاخ جي سيڪريٽري کان مرڪزي آڊيٽر رهيو. کوڙ سارا ايوارڊ به کيس مليا. ڪتاب محبوب خدا تي ايوارڊ صدر پاڪستان جي هٿان کيس مليو. سرڪاري غير سرڪاري اسڪولن جي ڪورسن جي ڪتاب ۾ غازي جا نظم ڏنا ويا. پهرئين ڪلاس ۾ ڪتاب مرڪندڙ مکڙيون مان هڪ نعت (سهڻو نبي اسان جو پيارو نبي) ڏني وئي. بلوچستان ڪوئٽه جي درسي ڪتابن ۽ انڊيا جي ٽئين ڪلاس جي درسي ڪتاب ۾ نظم ڏنا ويا آهن. ٽي وي تي روشن تارا گيت ڏنا ويا. گل بهار شيخ (نديم تصور) شاهه لطيف يونيورسٽيءَ مان غازي تي ايم فل جي ڊگري حاصل ڪئي.

غلام محمد غازي جا ڇپيل ڪتاب:

}ٻاراڻو ادب{

       ·ٻار گلن جا هار شاعري            1992ع

       ·مُرڪندڙ مُکڙيون                  1997ع

       ·سائنس بخشي سونهن            1999ع

       ·وطن گل آمون لئه                  2002ع

       ·سائنس پئي سمجهائي           2003ع

       ·رانديڪن سان راند         2003ع

       ·گيت پنهنجي ديس جا            2004ع

       ·رنگا رنگي گيت                   2006ع

       ·ڀنڀوري (پروليون)                  2008ع

       ·مُرڪون                            2009ع

       ·سنڌي گيت                                2014ع

       ·گيتن جي مهڪار         2020ع

       ·ميري ڌرتي (اردو)                 2021ع

       ·ٻار بنا ڪهڙو سنسار              2022ع

       ·اسان جي ڌرتي                    2023ع

       ·ڌرتيءَ تارا مرتب نثار بزمي جي شاعري                                2008ع

               ·ننڍڙي مڇي ڪهاڻيون ترجمو 2024ع

اڻ ڇپيل ڪتاب }ٻاراڻو ادب{

       ·اسان جا رهبر شاعري

       ·انڊلٺ جهڙا سهڻا رنگ (اردو نظمن جو سنڌي ترجمو)

       ·سڀ ئي رنگ (سنڌي نظمن جو اردو ترجمو)

       ·ساڊي ڌرتي (سرائيڪي)

       ·باغ بهار (غازي جي نظمن جو براهوي زبان ۾ ترجمو) ترجمي نگار: غلام محمد رئيساڻي.

       ·چُنکا چُنا (غازي جي نظمن جو براهوي زبان ۾ ترجمو) ترجمي نگار: غلام محمد رئيساڻي.

       ·ٻاراڻا گيت (سيهيڙيل ۽ تعارف)

       ·سنڌي ٻاراڻي ادب جي اوسر

       ·سيرت النبي صلي الله عليھ وسلم

       ·سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ ڇپيل ڪتابن جي ببليوگرافي (ڇپائي هيٺ) سنڌي ٻولي اٿارٽي حيدرآباد.

       ·سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ ڇپيل رسالن جي ڊائريڪٽري 1947ع- 2023ع

       ·ڀولڙو ۽ مانگر مڇ (ڪهاڻيون ترجمو)

       ·ڪهاڻيون (ترجمو)

غازي جي جنم  ڏينهن تي رسالن جا خاص نمبر

       ·فرينڊس ميگزين  اپريل 2014ع حيدرآباد.

       ·امرتا اپريل 2004ع شمارو (31) حيدرآباد.

               ·ماهوار ڪينجهر 93 اپريل 2003ع حيدرآباد.

       ·گلزار سنڌ پبليڪيشن اپريل مئي 2004ع حيدرآباد.

1. سوينيئر 9 اپريل 2007ع 53 هين سالگرهه.

2. سوينيئر 9 اپريل 2015ع 60 هين سالگرهه.

3. سوينيئر 9 اپريل 2016ع 61 هين سالگرهه.

احسان لغاري اين اي فائونڊيشن حيدرآباد.

 

***


 

محمد اڪمل خان عباسي

 (چنيھاڻي)

سهڻا سخن

       ·گھڙي نه ڏسو، پر اهو ڪريو جيڪو ھو ڪري ٿو، مطلب ته ھلندا رھو.

(سام ليوسن)

       ·دوست پيدا ٿيندا آهن، نه ڪي ٺاهيا ويندا آهن.

(هينري ايڊمز)

       ·تعليم اها شيءِ آهي، جيڪا بچي وڃي ٿي.

(البرٽ آئن اسٽائن)

       ·ڪاميابي منزل جو  نالو نه آهي، بلڪه ھڪ عظيم سفر آهي.

(زگ زگلر)

       ·ڪاميابي اھا نه آهي، جيڪو ڪجهه توهان وٽ آهي، بلڪه ڪاميابي اھا آھي، جيڪو ڪجهه توهان ھن مھل آھيو.

(بو بينيٽ)

***


ٻنهين جهانن جي مالڪ خالق ڪائنات جي خلقيل هن ڪل ڪائنات ۾ ڀلاري ڀٽ ڌڻي جي ڀلاري ڀونءَ صوفين ۽ سنتن جي شهر ٽنڊو جان محمد ۾ هندو برادري سان تعلق رکندڙ مالهي برادري جي نند لال مالهي جي گهر ۾ پنڌرهن سال اڳ ربّ ڪائنات هڪ اولاد نياڻيءَ جي صورت ۾ عطا ڪئي. جنهن نياڻيءَ جو نالو جئيشوري رکيو ويو. جئيشوري ننڍپڻ کان ئي ڏاڍي ذهين ۽ هوشيار عقلمند ڇوڪري آهي. پاڻ هن وقت الهدى پبلڪ سيڪينڊري اسڪول ٽنڊو جان محمد ۾ ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندي آهي. سندس پسند جا رنگ نيرو ۽ نارنگي آهن. سندس پسند جو سبجيڪٽ رياضي آهي. سندس والد هڪ وٽنري آفيسر آهي هن سٻاجهڙي نياڻيءَ جي پسند جي راند ڪرڪيٽ آهي. پاڻ وڏي شوق ۽ چاهه سان ڪرڪيٽ راند کيڏندي آهي. جئيشوري هڪ مشترڪه خاندان سان تعلق رکندي به سندس اهو خيال آهي، ته هو پنهنجي وطن عزيز
پاڪستان جي لاءِ ايتري خدمت ڪري ته جيئن هن ملڪ پاڪستان مان مهانگائي، غربت ظلم ۽ جهالت هميشه جي لاءِ ختم ٿي وڃي. جئيشوري جو اهو به چوڻ آهي ته اسڪول ۾ پڙهائيندڙ فيميل ٽيچر ۽ ميل استادن جي محنت قابل تعريف آهي.  اسڪول جا سڀ استاد منهنجي پسنديده شخصيتون آهن. ۽ سندس والده هڪ خوش اخلاق باصلاحيت ۽ سُلجهيل گهريلو عورت آهي. جئيشوري جي باري ۾ آءٌ هي ڳالهه وڏي فخر سان چوڻ تي مجبور آهيان ته هيءَ ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي جڏهن اسڪول جي ڪنهن پروگرام ۾ مائڪ هٿ ۾ کڻي سهڻي نبي محمد صلي الله عليھ وسلم تي ڪا نعت پڙهندي آهي ته ان وقت هن نياڻيءَ جي ڪيفيت ئي الڳ ٿي ويندي آهي. ٻيو ڪو محسوس ڪري يا نه ڪري پر مون اها ڳالهه ضرور محسوس ڪئي آهي، ته هن غير مسلم نياڻيءَ ۾ قدرت واري جو خاص ڪو ڪم رکيل آهي شايد قدرت وارو هن نياڻيءَ کان ڪو نيڪ ۽ اعلى ڪم وٺڻ وارو آهي. جنهن جي خبر خود قدرت واري کي ئي آهي، ڪنهن انسان کي نه. هي سٻاجهڙي چهري واري جئيشوري پنهنجي پيغام ۾ چوي ٿي، ته آءٌ وڏي ٿي هڪ سٺو انسان ٿيڻ چاهيان ٿي. جنهن تي والدين ۽ منهنجي برادريءَ جي ماڻهن سان گڏوگڏ منهنجي پياري وطن پاڪستان جي عوام مون تي فخر محسوس ڪري. جئيشوري جو پنهنجي هم عمر شاگردياڻين کي به اهو پڻ چوڻ آهي، ته ڪڏهن ڪو اهڙو غلط قدم نه کڻجو، جنهن جي ڪري اسان جي والدين سان گڏ هن ملڪ جي عوام کي پنهنجو ڪنڌ جهڪائڻو پوي. پهرين پنهنجي تعليم مڪمل ڪريو پوءِ جيڪو توهان جا مائٽ توهان جي حق ۾ فيصلو ڪن، ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. ڇو ته ائين ڪرڻ سان مائٽ به خوش ته اولاد به خوش زندگي گذاريندو.

***

 


 

احمدعلي جمالي

بدين

ڄاڻ جو خزانو

سوال: زم زم جو مطلب ڇا آهي؟

جواب: زم زم جو مطلب بيهه بيهه (رڪجي وڃڻ) آهي.

سوال: حجر اسود جي معنيٰ ڇا آهي ۽ ڪٿي لڳل آهي؟

جواب: حجر اسود جي معنيٰ ڪارو پٿر آهي، جيڪو ڪعبت الله شريف ۾ لڳل آهي.

سوال: شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو مقبرو ڪنهن ٺهرايو هو؟

جواب: شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو مقبرو سنڌ جي حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي ٺهرايو هو.

سوال: شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو مقبرو ڪهڙي رازي ٺاهيو هو؟

جواب: شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو مقبرو عيدن رازي ٺاهيو هو.

سوال: قرآن مجيد جي ڪهڙي سورت کي قرآن جي دل چوندا آهن؟

جواب: قرآن مجيد جي سورت ياسين کي قرآن مجيد جي دل چوندا آهن.

سوال: قرآن مجيد ۾ ڪيتريون آيتون آهن؟

قرآن مجيد ۾ 6666 آيتون آهن.

سوال: فرعون جي معنيٰ ڇا آهي؟

جواب: فرعون جي معنيٰ  بادشاهه آهي.

سوال: موئن جو دڙو ڪٿي آهي؟

جواب: موئن جو دڙو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي.

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org