نياز مسرور بدوي
شڪارپور
حاضر دماغي
گرميءَ جون موڪلون خير سان پوريون ٿيون ۽ اسڪول
کُلي ويا. پر، اسڪول اچڻ وارن شاگردن جو تعداد
تمام گھڻو گھٽ هو. استاد به اڃا سڪون سان ويٺا
هئا، ڪن استادن اسڪول ايندڙ ٻارن کي تاڪيد ڪيو ته،
جن ٻارن جا گھر سندن پاڙي ۾ آهن، انهن کي به اسڪول
اچڻ لاءِ چئو ته، جيئن پڙهائي شروع ڪريون. پر شايد
ٻار اڃان به موڪلن جو مزو وٺڻ ۾ رُڌل هئا، جو سندن
ڪنن تي گِھنڊ جو آواز ئي نه ٿي پهتو ۽ وري ڪن ٻارن
جي وڏڙن کي ئي اهو خيال ٿي رهيو ته، ٻارن کي تيار
ڪري اسڪول ڏانهن روانو ڪن.
ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ اسڪول اچڻ وارن ٻارن جي
حاضري وڌڻ لڳي. استادن به پڙهائڻ ڏانهن توجهه ڏنو.
ٻارن به پڙهڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري. ائين پڙهڻ پڙهائڻ
جو سلسلو جاري ٿيو. جڏهن به ٻارن کي ٿڪاوٽ محسوس
ٿيندي هئي ته، سندن اُستاد گلڻ کين ذهني فرحت
پهچائڻ خاطر ڪلاس جي اندر ڪا نه ڪا وندر واري راند
کيڏائيندو
هو،
جنهن سان ٻارن جي ذهني ٿڪاوٽ ختم ٿي ويندي هئي. هو
وري چُست ۽ توانا ٿي ويندا هئا.
سندس ڪلاس جي سڀني ٻارن ۾ آصف علي راند هجي يا وري
پڙهائي جو معاملو، انهن سڀني ڳالهين ۾ ٻين ٻارن
کان وڌيڪ ڦُڙت ۽ چالاڪ هوندو هو. کانئس پڙهائيءَ ۾
ڪوبه شاگرد اڳتي نه هو. حساب هجن يا وري سنڌي،
اردو هجي يا وري سائنس هر مضمون کي نهايت غور ۽
فڪر سان ٻڌندو هو ۽ دل ۾ هنڊائيندو هو. انهيءَ ڪري
گلڻ کيس ڪلاس جو مانيٽر مقرر ڪيو هو. جڏهن اُستاد
گلڻ ضروري ڪم ڪار سبب هيڊ ماستر جي آفيس ڏانهن
ويندو هو ته، آصف علي ڪلاس جي شاگردن تي نهايت
برجستائيءَ سان ضابطو رکندو هو. انهن گُڻن جي ڪري
گلڻ به کيس ڀائيندو هو.
اسڪول جي پوئين وقت موڪل ملڻ کان ڪجھه وقت اڳ،
ڪلاس ۾ جڏهن سڀ ٻار چار چٽڪڙيون ٺاهي، چور سپاهي
واري راند کيڏندا هئا ته، آصف علي سدائين بادشاهه
ٿيندو هو ۽ کيس
1000
نمبر واري چٽڪڙي هٿ لڳندي هئي. ٻيا ٻار به حيران
ٿيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن مٿس اهو الزام هڻندا هئا
ته، آصف علي بادشاهه واري چٽڪڙي هٿ ۾ لڪائي رکي
ٿو. اها ڳالهه بلڪل سچ به هئي. ڇو ته هو ايڏيءَ ته
تيزي سان چٽڪڙي اڇلائي، يڪدم کڻي وٺندو هو، جو
سندس اها چوري تمام گھٽ پڪڙبي هئي. جيڪڏهن اها
چالاڪي پڪڙجي پوندي هيس ته، کلندو هو. جڏهن کلندو
هو ته سندس ڏند به چمڪڻ لڳندا هئا ۽ اکيون شرارت
وچان ٻرڻ لڳنديون هيون.
آصف علي نهايت ئي ڪم وارو محنتي شاگرد هو. هو هڪ
سُٺي ۽ مڇي مانيءَ واري خاندان سان تعلق رکندو هو.
اسڪول جي موڪل کان پوءِ بجليءَ جي سامان جي مرمت
ڪندڙ هڪ دڪان تي ڪم ڪندو هو ۽ بجليءَ جو ڪم سکندو
هو. کيس بجليءَ جي پنکن وغيره جو ٿورو گھڻو ڪم
ايندو هو. ڪلاس جي ڇت ۾ لڳل پنکن جي سُست رفتاريءَ
کي ڏسندي اُستاد گلڻ کي چوندو هو ته
”سائين
هنن پنکن جا ڪيپسٽر خراب آهن، توهان چئو ته انهن
پنکن جا ڪيپسٽر مٽايان.“
وري شام جي وقت دڪان تان واندو ٿي، مدرسي ويندو هو
۽ اتي ديني تعليم جو درس به وٺندو هو.
هڪ ڀيرو ڪنهن لفظ جو اُچار اُستاد گلڻ سهي نه
اُچاريو ته آصف علي پنهنجي اُستاد گلڻ کي نهايت
ادب سان انهيءَ غلطيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪايو، گلڻ به
سندس ڳالهه غور سان ٻڌي، پنهنجي تلفظ کي درست ڪيو.
۽ کلندي چيائينس ته
”پٽڙا
هاڻ تون به منهنجو استاد ٿي وئين“،
اهي لفظ ٻڌي آصف علي ڏاڍو خوش ٿيو. ڪنهن ڏاهي جو
قول آهي ته،
”جنهن
به مون کي هڪ لفظ سيکاريو اهو منهنجو استاد آهي.“
موڪل ۾ ٿورڙو وقت پيو هو. استاد گلڻ به خاموش ويٺو
هو ته، ٻارن گوڙ مچائڻ شروع ڪيو. هر هڪ ٻار پنهنجي
جاءِ تان اٿي ڪري، پنهنجي ٻئي دوست سان ڳالهائڻ ٿي
لڳو. جڏهن گوڙ گھڻو وڌي ويو ته، گلڻ هڪڙي شاگرد
محمد ابراهيم (جيڪو وزن جو هلڪو ۽ سنهڙو هو) کي
گهڙِي گهڙِي پنهنجي جاءِ تان اُٿي بيهڻ تي منع ٿي
ڪيو. پر هو ڪونه ٿي مڙيو. محمد ابراهيم جي پٺيءَ
تي ڪتابن جو ٿيلهو سٿيو پيو هو، جيڪو خاصو ڳرو هو.
هاڻي ته ڪتاب ڳرا ٿي ويا آهن ۽ علم هلڪو ٿي ويو
آهي. گوڙ گلڻ کي ڪاوڙائي وڌو ۽ هو اُٿيو ۽ پُٺيري
بيٺل محمد ابراهيم کي ڪنڌ واري چماٽ هنيائين. جيئن
ته، محمد ابراهيم جو پنهنجو وزن هلڪو ۽ ٿيلهي جو
وزن ڳرو هو، چماٽ لڳڻ سان ڪِري پيو ۽ سندس هڪ
ڀرونءَ تي ڌڪ لڳي ويو ۽ سندس ڀرونءَ چيرجي پئي.
گلڻ هڪدم کيس اٿاريو. ڏٺائين ته محمد ابراهيم جي
ڀرونءَ چيريل آهي. هڪدم هٿ سان سندس رت اُگھڻ لڳو،
پر رت بيهڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. گلڻ جون ته
وايون ئي ولڙيون ٿيون ۽ هو ٿٿان پٿان ٿي ويو ۽
سندس ذهن ڪم ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو ته، ڪِري ته ڇا ڪري.
اها حالت ڏسندي آصف علي، هڪدم گلڻ کي چيو ته،
سائين محمد ابراهيم کي ڀرسان واري اسپتال ڏانهن
وٺي، ڊاڪٽر اختر مسعود احمد ڏانهن وڃو ۽ محمد
ابراهيم کي چوڻ لڳو ته،
”جيڪڏهن
گھر وارا توکان پڇن ته، توکي اهو ڌڪ ڪيئن لڳو آهي
ته، کين چئجانءِ ته، راند کيڏيندي ڪِرِي پيو هيس.
ساڻس گڏ پڙهندڙ سوٽ کي چيائين ته، خبردار جو متان
گھر ٻڌايو اٿئي ته، سائين کيس چماٽ هنئي آهي.“
گلڻ يڪدم محمد ابراهيم کي ساڻ ڪري ڀر واري ڊاڪٽر
جي اسپتال ڏانهن ويو. جنهن کيس چيو ته محمد
ابراهيم کي ٽاڪا لڳندا، جيڪڏهن ٽاڪا هڻندس ته ٿي
سگھي ٿو ته سندس گھر وارا ڪو خلم مچائين، ان ڪري
ٽاڪا نه ٿو هڻان. گھنٽي وڄائي سڏ ڪيائين ۽ محمد
ابراهيم جي ڀرونءَ کي پڪڙي زور ڏيندي چيائين ته،
”هن
کي ههڙي طرح پٽي ڪجانءِ.“
ڊريسر، محمد ابراهيم کي ٻاهر وٺي وڃي ڪري پٽي ڪئي.
اهڙيءَ ريت محمد ابراهيم پنهنجي گھر هليو ويو. ان
ڏينهن اتفاق اهو ٿيو جو، محمد ابراهيم جو ننڍو
ڀاءُ جيڪو پڻ ساڻس اسڪول ۾ پڙهندو هو، اهو به
پاڙي ۾ راند کيڏندي ڪِري پيو ۽ ان کي به خاصو ڌڪ
لڳو هو. سندن والد ٻنهي ٻارن کي ساڻ ڪري شهر جي
وڏي اسپتال ڏانهن وٺي ويو، جتي ٻارن کي ڊاڪٽر ٽاڪا
هنيا.
ٻئي ڏينهن محمد ابراهيم ته اسڪول ڪونه آيو. پر گلڻ
اسڪول ويو ۽ هو ذهني طور تي ڪالهوڪي عمل جي سزا
ڀوڳڻ لاءِ به تيار هو، پر دل ئي دل ۾ ربّ سائينءَ
کان اها به دعا گھري رهيو ته، مالڪ خير ڪجانءِ.
بهرحال اهو ڏينهن خير سان گذري ويو. ٻن چئن ڏينهن
کان پوءِ محمد ابراهيم اسڪول آيو ته، ڪافي بهتر
هو. سندس ڀرونءَ تي ٽاڪا لڳل هئا ۽ ٻڌايائين ته
چاچيءَ چيو آهي ته ڀرونءَ کي کير هڻجانءِ، ڀرون تي
وار نڪري ايندءِ.
اهڙيءَ طرح گلڻ جو اهو سال خير سان گذري ويو. آصف
علي، محمد ابراهيم ٻيا شاگرد چوٿون درجو پاس ڪري
درجي پنجين ۾ پڙهي رهيا آهن.
پيارا ٻارؤ! اها آصف علي جي حاضر دماغي هئي، جنهن
جو هن بهترين استعمال ڪندي، گلڻ کي سهڻي واٽ
ڏيکاري. سدائين اوهان خوش رهو. ڪوشش ڪري توجهه سان
پڙهو، لکو. حاضر دماغيءَ کان ڪم وٺو ته، جيئن
توهان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪاميابيون ماڻي سگھو. گلڻ
پنهنجي برداريءَ جي استادن کي نماڻي التجا ٿو ڪري
ته، ٻارن کي مار بدران پيار سان پڙهائين.
***
ڊاڪٽر غلام مصطفي سولنگي
جهرڪيءَ جو ٻچڙو
پيارا ٻارؤ! پپو ۽ شبانا ڀيڻ ڀائر هئا. هڪ ڏينهن
کين باغ گهمڻ جوشوق ٿيو. باغ هنن جي گهر کان ٿورو
پرڀرو هيو. اهي ٻئي شام جو گهر کان نڪتا ۽ باغ ۾
هليا آيا. باغ ۾ هر طرف وڻڪار لڳي پئي هئي ۽
خوشبوءِ سڄي باغ کي مُهڪائي ڇڏيو هو.
هنن کي گُهمندي اڃان ٿورو وقت مس گذريو هو ته،
اوچتو ڪنهن پکيءَ جي روئڻ جو آواز سندن ڪنن تي
پيو. اهي ٻئي عجب ۾ پئجي ويا ۽ جتان آواز آيو ٿي،
اوڏانهن هلڻ لڳا. اوچتو سندن نظر جهرڪيءَ جي هڪ
پتڪڙي ٻچي تي پئي. جيڪو ڏاڍيان رڙيون ڪري رهيو هو.
شبانا پپوءَ کي صلاح ڏني ته،
”هن
ٻچڙي کي گهر کڻي هلون. شايد هن ويچاري جا ماءُ ۽
پيءُ ڪنهن جانور يا پکيءَ هٿان موت جو شڪار ٿي ويا
آهن. هاڻي رات به ٿيڻ واري آهي. تنهنڪري هن کي جي
اڪيلو ڇڏينداسين ته ممڪن آهي ته رات ۾ هن کي ڪو
جانور کائي وڃي.“
پپوءَ ڀيڻ جو چيو مڃيو ۽ اهي ٻئي جهرڪيءَ جي ٻچڙي
کي گهر کڻي آيا ۽ پنهنجي گهر واري پِپرَ جي وڻ ۾
هن کي هڪ آکيرو ٺاهي ڏنائون. اهي هر وقت سندس خيال
رکندا هئا، هن کي پيئڻ لاءِ ٿڌو مٺو پاڻي ۽ کائڻ
لاءِ حلوو ۽ ڪڻڪ جي نرم ماني ڏيندا هئا.
ڪجهه وقت کان پوءِ ٻچڙو ٿورو ٿورو اُڏامڻ لڳو ۽
پِپرَ جي وڻ جي ٽارين تي ٺينگ ٽپا ڏيئي دل
وندرائيندو هو. هڪ ڏينهن ٻچڙي کي خيال ٿيو ته،
”ڇو
نه آءٌ باغ جو چڪر ڏئي اچان.“
اهو سوچي هو باغ ڏانهن هليو ويو.
جڏهن شام جو پپو ۽ شبانا ٻچڙي جي آکيري ڏانهن کير
۽ حلوو کڻي ويا ته، ٻچڙو پنهنجي آکيري ۾ موجود نه
هو، اِهو ڏسي اُهي ٻئي ڄڻا ڏاڍو پريشان ٿي ويا ۽
روئڻهارڪا ٿي ويا، جيئن ته رات ٿي رهي هئي، اُن
ڪري هو اُن جي ڳولا ۾ ڪونه ٿي نڪري سگهيا.
جڏهن رات ٿي ته اهي باغ جو سير ڪرڻ لاءِ ٻاهر آيا.
هڪ وڻ جي ٽاريءَ تي ڳچ پکي ويٺا هئا ۽ خوشيءَ وچان
ڳائي رهيا هئا. انهن پکين ۾ اهو جهرڪيءَ جو ٻچڙو
به موجود هيو. جيڪو هنن کي ڏسي ڏانهنِ اُڏامندو
آيو ۽ کين ٻڌايائين ته،
”مان
شام جو جڏهن باغ جو سير ڪرڻ نڪتس ته، مون کي
پنهنجا ماءُ ۽ پيءُ ملي ويا، اهي مون کي ڏسي ڏاڍو
خوش ٿيا ۽ مان انهن سان گڏ گهر هليو ويس.“
ٻچڙي هنن جو ٿورو مڃيو ۽ کانئن موڪلائي وڃي وڻ تي
ويٺو.
ته
ڏٺوَ پيارا ٻارڙؤ! پکي به ڪيترا نه سياڻا آهن، جو
اهي به مهرباني مڃن ٿا. جيڪر اسان ڪنهن جي احسانن
جو بدلو نه ٿا ڏئي سگهون ته پوءِ اسان تي لازم آهي
ته، اُن جا ٿورا ضرور مڃون.
***
ڪرشن چندر
(قسط: پهرين)
سنڌيڪار: عبدالستار لغاري
اُبتو وڻ (ٻاراڻو ناول)
يوسف جي پيءُ وفات وقت سندس لاءِ ھڪ جھوپڙي، ھڪ
ڍڳي، ھڪ کوهه ۽ باغيچو ڇڏيو ھو، باقي جيڪو پئسو
ھو، اھو بادشاهه ۽ ڳوٺ جو پٽيل قرض ۾ کڻي ويا.
پيءُ جي مرڻ کانپوءِ سندس ماءُ يوسف کي چيو، اسان
وٽ ڪجهه نه بچيو آهي، ھاڻي تون بادشاهه جي فوج ۾
شامل ٿي. يوسف بيوقوف ۽ وات ڦاٽوڙو ھو، ماءُ جو
چيو نه مڃيائين، اُلٽو ماءُ کي چوڻ لڳو، واھ امان
واھ، آئون بادشاهه وٽ ڇو وڃان، بادشاهه مون وٽ ڇو
نٿو اچي، فوج جي ضرورت بادشاهه کي آھي، مونکي
ناھي. ماءُ پريشان ٿي ھيڏي ھوڏي ڏسي، کيس چيائين،
ششش آھستي ڳالھاءِ، بادشاهه ٻڌي ورتو ته ٻنھي کي
اڦٽ ماريندو. ايئن ئي ٿيو، بادشاهه ٻڌي ورتو،
جيڪو بادشاهه
ظلم ڪندو آهي، اهو پنههنجا مخبر به رکندو
آهي. بادشاهه يوسف وٽ آيو. يوسف بادشاهه کي پھرين
دفعي ڏٺو هو، سو پڇيائينس، تون ڪير آھين، بادشاهه
چيو، آئون با....با.... بادشاهه س....س....سلامت
آھيان. يوسف کلندي پڇيو اڙي تون ته ھڪڙُ آھين، ڇا
سڀ بادشاهه ھڪلا ھوندا آھن، نه
ڪ.....ڪ......ڪجهه ھڪلا ھوندا آھن، ڪجهه
گ....گ....گنجا ھوندا آھن، ڪجهه ٻ... ٻ...... ٻوڙا
ھوندا آھن، ھر ڪنھن کي..... کي......کي ڪا نه ڪا
بيماري ضرور ھوندي آھي. توکي ڪھڙي بيماري آھي،
يوسف پڇيو، بادشاهه ھٻڪندي جواب ڏنو، مونکي ظلم
ڪرڻ جي بيماري آھي. يوسف چيو، ڇا تون مون تي به
ظلم ڪرڻ آيو آھين، بادشاهه چيو نه نه توکي آئون
پنھنجي فوج ۾ شامل ڪرڻ لاءِ آيو آھيان، گھڻو پگھار
ڏيندين، بادشاهه چيو آئون پنھنجي فوج کي پگھار نه
ڏيندو آھيان، ڦرلٽ جو ڇوٿون حصو ڏيندو آھيان،
ڪھڙي ڦرلٽ، منھنجا فوجي ٻين ملڪن ۾ ڦرلٽ ڪري، جيڪو
مال آڻيندا آهن، مال جو ڇوٿون حصو انھن کي ڏيندو
آھيان، پر توکي ڏھون حصو ڏيندس، ڇو ته تون اڃان
ٻارنھن سالن جو آھين، تون گھڻي ڦرلٽ نه ڪري
سگھندين، جلدي ٻڌاءِ توکي منھنجي نوڪري قبول آھي،
مون وٽ گھڻو وقت ناھي. يوسف ڪجهه وقت سوچڻ
کانپوءِ چيو، ٻين ملڪن ۾ به ماڻھو رھندا
آھن نه ..! ھا
بلڪل، پوءِ آئون تنھنجي نوڪري نه ٿو ڪري سگھان.
بادشاهه سيٽجي ويو، چيائين توکي خبر آهي
تون بادشاهه سلامت سان ڳالھائي رھيو آھين. يوسف به
آڪڙ مان چيو، تون به ھڪ موچي جي پٽ سان ڳالھائي
رھيو آھين. بادشاهه کلي ڏنو، ھن سمجھيو ته ھي
بيوقوف ڇوڪرو آھي، ھن سان ٻيو طريقو اختيار ڪرڻ
گهرجي، جھوپڙي تي ھڪ نظر وجھي، باغيچي جي ٽڙيل
خوبصورت گلن کي ڏسندي چيائين، تنھنجي باغيچي جا گل
ڏاڍا خوبصورت آھن. يوسف بادشاهه جي واتان پنھنجي
باغيچي جي تعريف ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، بادشاهه کي
چيائين، توکي جيڪي گل کپن کڻي وڃ، بادشاهه چيو
جنھن زمين مان اھڙا خوبصورت گل ڦٽن ٿا، اھا ڪيڏي
حسين ھوندي، اھا زمين ڇو نه کڻان. اھو چئي
بادشاهه تاڙي وڃائي، پنجاهه فوجي اچي ويا ۽ انھن
يوسف جو باغيچو ضبط ڪري ورتو. ٻي ڏينھن تي ماءُ
يوسف کي چيو، باغيچو به ويو، ھاڻي ته بادشاهه جي
فوج ۾ شامل ٿي. يوسف ورندي ڏني، امان آئون جيڪڏهن
بادشاهه جي فوج ۾ شامل ٿيس ته مون کي ظلم ڪرڻ جي
بيماري ٿي ويندي، تون انھي ۾ راضي آھين ته تنھنجو
پٽ بيمار ٿئي. ماءُ ڪنن تي ھٿ رکندي چيو، نه
منھنجا پيارا پٽ، آئون ته تنھنجي سٺي صحت لاءِ روز
دعائون گھرندي آھيان، اھو چئي ماءُ جھوپڙي جي اندر
ھلي وئي، يوسف کوهه مان پاڻي جو ڏول ڀري ڍڳي کي
پيارڻ لڳو، ايتري ۾ باغيچي ۾ (جيڪو ھاڻ بادشاهه جو
ٿي چڪو ھو،) خوبصورت ڪپڙا پاتل ھڪ ڇوڪري نظر آئي.
يوسف پڇيو تون ڪير آھين، ڇوڪري جواب ڏنو، آئون
راڻي آھيان، آئون پنھنجي باغيچي ۾ گھمڻ آئي آھيان،
مونکي جھڪي سلام ڪر، ڇو سلام ڪيان، شھزاديءَ آڪڙ
مان چيو آئون شھزادي آھيان. يوسف به پنھنجو سينو
تاڻيندي چيو، آئون به موچي جو پٽ آھيان. شھزادي
چيو منھنجا ڪپڙا سون جي تارن جا ٺھيل آھن. يوسف
جواب ڏنو، منھنجا ڏند بيحد مضبوط آھن. شھزاديءَ
چيو، آئون ھر روز گجرن جو حلوو کائيندي آھيان،
يوسف چيو، آئون گجر پوکيندو آھيان، ڇا تون گجر
پوکي ويندي آھين؟ شھزادي نھڪر ۾ جواب ڏنو. يوسف
ڪاوڙ ۾ چيو، تون رڳو حلوو کائيندي آھين بس، خير
تون ٻڌا ھتي ڇو آئي آھين؟ شھزاديءَ چيو، مونکي اڃ
لڳي آھي. يوسف کوهه مان ڏول ڀري شھزادي کي پاڻي
پياريو، تنھنجي کوهه جو پاڻي ته ڏاڍو مٺو آھي.
اھڙو پاڻي مون اڳ ۾ نه پيتو آهي. يوسف خوش ٿيو،
شھزادي کي چيائين روز ھتي ايندي ڪر، توکي کوهه جو
مٺو پاڻي پياريندس. جيڪڏھن پاڻي مٺو آھي ته کوهه
ڪيترو مٺو ھوندو، جنھن مان پاڻي نڪري ٿو، ڇو نه
ھي کوهه منھنجو ھجي. شھزاديءَ تاڙي وڄائي، پنجاهه
فوجي اچي ويا ۽ اُنھن کوهه تي قبضو ڪري ورتو.
ٽئين ڏينھن ماءُ وري يوسف کي چيو، پٽ اڃا به تون
فوج ۾ شامل نٿو ٿين ته اسان بک مري وينداسين. يوسف
چيو امان اسان وٽ ڍڳي آھي، آئون ڍڳي ڳوٺ جي پٽيل
کي وڪڻي ٿو اچان، جيڪي پئسا ملندا، انھن جي ماني
کائينداسين. ماءُ روئڻ لڳي، ڍڳي کيس ڏاڍي پياري
ھئي پر بُک بڇڙو ٽول. يوسف ڍڳي ڪاھي ڳوٺ جي پٽيل
وٽ ويو، پٽيل پڇيو، ڍڳي ڪيترو کير ڏيندي آهي، ٽي
سير، کير ڏاڍو ڀلو اٿس، ڀلي پي ڏس. پيتو اٿم، جڏھن
تنھنجو پيءُ جيئرو ھو، تڏھن جي ڳالهه آهي. ڍڳي سٺي
آھي پر کير ٿورو اٿس، ٽي سير کير ڏيندي آهي،
تنھنڪري توکي ھن ڳئون جا ٽي رپيا ڏيندس. صرف ٽي
رپيا، يوسف حيراني مان پڇيو. ھا پٽيل چيو، ھڪ سير
کير جو ھڪ رپيو ٿيندو آهي.ان حساب سان ٽي رپيا
ٿيا، جيڪڏھن تنھنجي ڳئون چاليھ سير کير ڏئي ھا ته
توکي چاليهه رپيا ڏيان ھا، ھي ٽي رپيا وٺ، حساب
بلڪل صحيح آهي. ويچارو يوسف حسابن ۾ جڏو ھو،
چيائين چاچا ھنن پئسن مان ته منھنجي گھر جو گاڏو
ڪونه ھلندو. پٽيل چيو، پوءِ ھي ٽي داڻا کڻي وڃ.
ھي داڻا ڇا جا آهن. جادو جا داڻا آھن، ھڪ جادوگر
مونکي قرضي ۾ ڏنا ھئا. ھنن ٽن داڻن کي زمين ۾
وجھندين ته ٻي ڏينھن زمين مان ھڪ جادو جو وڻ
ڦٽندو، جيڪو تيزيءَ سان آسمان طرف وڌنڌو ويندو ۽
آسمان تائين پھچي ويندو. پوءِ تون وڻ تي چڙھي
آسمان تي وڃين سگھين ٿو، پر شرط اھو آھي ته انھن
ٽنھي داڻن کي زمين ۾ گڏ وجھندين. يوسف حيرانگيءَ
مان پٽيل جون ڳالهيون ٻڌنڌو رھيو، آخر ۾ پٽيل چيس،
ھاڻ ٻڌاء ڇا ٿو چوين، ٽي رپيا يا ٽي داڻا. يوسف
جلدي مان ٽي داڻا پنھنجي مُٺ ۾ بند ڪيا ۽ ڀڄندو
گھر آيو. پٽيل يوسف کي ڀڄندي ڏسي کليو ۽ چيائين
ڇورو وڏو ڪو بيوقوف آھي. يوسف ڀڄندو گھر آيو ته
ماءُ پڇيس، پٽ پئسا کڻي آئين؟ يوسف چيو نه امان
آئون جادو جا داڻا وٺي آيو آھيان. ماءُ پنھنجو مٿو
پٽيندي چيو، سڄي زندگي ٻار ئي ھوندين، الائي ڪڏھن
عقل ايندئي، اڙي نپٽ ھنن داڻن کي ڇا ڪندين، پئسا
کڻي اچين ھا، ماني ته کائون ھا. يوسف چيو، امان ھي
ٽي جادو جا داڻا آھن، ھنن کي باغيچي ۾ پوکيندس ته
وڏو وڻ ڦٽندو، جيڪو آسمان تائين ويندو، پوءِ آئون
وڻ تي چڙهي آسمان تي ويندس. ماءُ چيس، آسمان تي
وڃين ڇا ڪندين؟ پٽ جواب ڏنس، تنھنجي لاءِ آسمان
تان تارا لاھي ايندس. ماءُ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو الا
ڪھڙا خواب ٿو ڏسي منھنجو پٽ، پٽيل ته ھن کي ٺڳي
ويو، وڃان ڪٿان ماني لولو وٺي اچان. جڏھن ماءُ ھلي
وئي ته يوسف مٺ کولي داڻا باغيچي جي گاھ تي رکي،
زمين کوٽڻ لڳو. ايتري ۾ ھڪ ڪانءُ آيو ۽ ٻہ داڻا
کڻي ھليو ويو. يوسف پريشان ٿي ويو، ڇو ته پٽيل
ٽيئي داڻا گڏ لڳائڻ جو چيو ھئس نه ته جادو جو اثر
نه ٿيندو. يوسف روئڻ لڳو، ڍڳي به وئي، پئسا به
ويا ۽ آخر ۾ جادو جا داڻا به ويا. ھن سوچيو جيڪو
ٿيو ڏٺو ويندو، جادو جو وڻ ئي نه سھي ڪو ٻوٽو ته
اسرندو. اھو سوچي ھن باغيچي جي نرم زمين ۾ ٻج ھڻي
۽ پنھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچي سمھي رھيو. رات جو تمام
گھڻو مينھن وٺو، تيز ھوا يوسف کي سڄي رات سھمڻ نه
ڏنو. رات جو ھن ڪيترائي دفعا وڄ جي روشني ۾ باغيچي
۾ وڃي ڏٺو، کيس جادو جو وڻ نظر نه آيو. صبح ٿيو
ته يوسف باغيچي ۾ ويو، تيز ھوا جي ڪري باغيچي جا
ڪيترائي وڻ پاڙان پٽجي ويا ھئا، جتي ھن ٻج ھنيو ھو
اتي کنوڻ ڪرڻ جي ڪري وڏو کڏو ٿي ويو ھو پر جادو
وارو وڻ جنھن کي آسمان ڏي وڃڻو ھو، اھو ڪٿي به نه
ھو. يوسف ڏاڍو مايوس ٿيو، سندس ماءُ به روئڻ لڳي.
ايتري ۾ يوسف غور سان کڏي ۾ نھاريو، اندر ھڪ وڏو
وڻ نظر آيس پر اھو ابتو ڦٽو ھو. يعني اھو آسمان ڏي
وڃڻ بدران زمين جي اندر ھيو. ماءُ ھٿ مليندي چيو
افسوس وڻ اُبتو ڦٽو آھي، ان کي مٿي وڌڻو ھو، پر
زمين جي اندر ھليو ويو، اھا سڄي پٽيل جي چالاڪي
آھي. يوسف زمين جي کڏي ۾ لھي ويو، وڻ جي ٿڙ ۾
ٻانھون وجھندي ماءُ کي چيائين، امان وڻ سڌو ڦٽو
آھي، يا اونڌو، ھاڻي آئون ھيٺ وڃي ڏسان ٿو ته ڪٿي
ٿو دنگ ڪري. ماءُ ايلاز ڪندي چيس، اڙي پٽ زمين ۾
نه وڃ، اندر اونداهي آھي، خبر ناھي ڇاھي، مونکي
ته رڳو اونداھي ٿي نظر اچي. پر يوسف ماءُ جي ھڪ به
نه ٻڌي، ھو تڪڙ ۾ وڻ جي ٿڙ تي چڙهي زمين ۾ لھي
ويو، ڪجهه تائين ته سج جي روشني جي ڪري وڻ جي
ٽارين تي چڙھندو ويو، پر جيئن اڳتي ويو اونداھي ٿي
وئي، ھو اونداھي ۾ ھٿوراڙيون ھڻندو اڳتي وڌنڌو
ويو. جئن اڳتي ويو صفا اونداھي ھئي ڪجهه به نظر
نه پئي آيس، اچانڪ عجيب قسمن جا آواز ڪنن تي پيس،
ماريو، ماريو ڀڄڻ نه ڏيوس، بغاوت ڪيو، باھ ڏيو،
ڌاڙيلن جو ڌاڙو ھڻو. يوسف پريشان ٿي ويو، ھن کي وڻ
جي ڀرسان ھڪ ڏاڪڻ ملي، جنھن تي چڙهڻ لڳو، ڏاڪڻ تي
چڙهي ھڪ
دروازي تي پھتو، دروازو کڙڪايائين. دروازو
کليو ته ھن ڏٺو ته ھو ھڪ وڏي گنبذ ھيٺ بيٺو آهي،
چئني پاسن کان لوھ جون شيخون لڳل آھن، ھڪ ڪٻٽ ۾ ھڪ
ميڻ بتي ٻري رهي آھي،
(هلندڙ.....)
اسلام
عليڪم
ايڊيٽر ماهوار گل ڦل.
سڀ کان پهرين دل جي گهراين سان دُعا آهي، ته ربّ
پاڪ سنڌي ادبي بورڊ جي سڄي
سٿَ سان گڏ
توهان کي حج ۽ عمري جي سعادت نصيب فرمائي.
(آمين)
ڀيڻ اپريل، مئي ۽ جون
2023ع
جا ٽئي پرچا منهنجي اڳيان آهن. مئي واري پرچي ۾
منهنجي ڪهاڻي
۽ جون واري پرچي ۾ منهنجو آزاديءَ جي حوالي
سان لکيل گيت شامل هو، ان لاءِ سڄي سنڌي ادبي بورڊ
جي سٿ جا لک ٿورا، ڀيڻ آءٌ ڪو وڏو ڪهاڻيڪار، شاعر
ته ناهيان پر ٽُٽل ڦِٽل ننڍيون ننڍيون تحريرون
ضرور لکندو آهيان. هيءَ حقيقت آهي ته، گل ڦل ڏسڻ ۾
ته هڪ ننڍڙو ۽ عام رسالو آهي، پر منهنجي نظر ۾ اهو
ٻاراڻي ادب تي نڪرندڙ هڪ مڪمل تحقيقي ڀرپور ڄاڻ ۽
معلومات ڏيندڙ بهترين، لاجواب ۽ انمول ڪتاب آهي.
جيڪو علم ۽ ادب سان تعلق رکندڙ باشعور دوستن جي
هٿن ۽ نظرن مان گذري، پوءِ اسان
جي هٿن ۾
ايندو آهي. بهترين لاجواب ۽ انمول ٻاراڻي
ادب جو رسالو گل ڦل ڪڍڻ لاءِ سڄي
سنڌي ادبي
بورڊ جي سٿ کي آفرين آهي. ڀيڻ آءٌ هتي هڪ پرائيويٽ
اسڪول ۾ پٽيوالي ۽ چوڪيدار جي نوڪري ڪندو آهيان.
اگر ان اسڪول جو مڪمل تعارف ٻارن جو سروي،
تصويرون موڪلي ڏيان ته شايع ڪندؤ؟ منهنجو اڃان گل
ڦل ۾ شايع ٿيڻ لاءِ ڪافي
مواد اوهان وٽ
موجود آهي ۽ هڪ نئين ڪهاڻي به لکي رهيو
آهيان، اها به مڪمل ڪري جلد ڏياري موڪلبي.
محمد بخش
’ساگر
مستوئي‘
هدى پبلڪ اسڪول ٽندو جان محمد تعلقو ڊگهڙي، ضلع
ميرپورخاص
*
جواب : ادا ساگر مستوئي صاحب اوهان جو مواد اسان
کي ملندو رهي ٿو، اهو مواد واري واري سان ڇپجي
رهيو آهي. اوهان ڀلي ٻارڙن جا انٽرويو، تعارف،
سروي ۽ اسڪول جو مڪمل تعارف لکي موڪليو. ان کان
علاوه اوهان کي اها به گذارش ڪجي ٿي ته اوهان
پنهنجي علائقي جي اسڪول ۽ ڪاليجن جي ٻارڙن کي گل
ڦل رسالي جا ساليانه ميمبر ۽ خريدار بڻايو، ته
جيئن گل ڦل رسالو وڌ کان وڌ ٻارن تائين پهچي سگهي.
(ايڊيٽر)
آگسٽ
2023ع
جي
ماهوار
شماري
۾
”لطيفي
لات“
جي
سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
سارنگ“
جي داستان
چوٿين
جو
ستون
نمبر بيت
آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
آسمان ۾ بارش جو سمان آهي. مينهن اچڻ وارو آهي. پر
توکي ڪو فڪر ناهي ۽ تون ڪا تياري ڪونه ٿو ڪرين.
ڪڪر
’گنباٽ‘
جي مٿان بلڪل ويجهو ۽ نزديڪ پيا گجن. مينهن اجِهو
ڄاڻ آيو. مالڪ سائين انهيءَ مينهن کي هارين لاءِ
هر هنڌ وسايو آهي. توهان اهو خيال نه ڪجو ته مينهن
وسڻ بند ٿي ويو آهي (توهان بي خبر ٿي ماٺ ڪري نه
ويهو ۽ پنهنجي ٻنين کي پوکڻ جي تياري ڪريو.)
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*رياض علي لاکو: ڪلاس ڇهون، مخدوم غلام حيدر
گورنمينٽ
هاءِ اسڪول هالانوان.
*عباس علي لاکو: ڪلاس اٺون، مخدوم غلام حيدر
گورنمينٽ هاءِ
اسڪول هالا نوان.
*اعجاز علي لاکو: ڪلاس نائون،
مخدوم غلام حيدر
گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا نوان.
*ثوبيه علي:
ڪلاس چوٿون، مخدوم محمد امين فهيم پرائمري اسڪول
هالا نوان.
*ارم عباس: ڪلاس چوٿون، مخدوم محمد امين فهيم
پرائمري اسڪول هالا نوان.
*غلام حسين ڪوريجو: مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ
هاءِ اسڪول هالا نوان.
*عبيدالله ڪاڪا: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول ڦل ڪاڪا.
*نياز علي خاصخيلي: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڦل
ڪاڪا.
*رسول بخش جمالي: ڪلاس پنجون،
گورنمينٽ
پرائمري اسڪول پاهڙ جمالي ضلعو مٽياري.
*نواز جمالي: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي تعلقه سعيد آباد.
*غلام احمد: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول
ٽنڊو محمد خان.
*انعام الله شيخ: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ٽنڊو محمد خان.
*عامر حسين ڀٽي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ٽنڊو محمد خان.
*غلام رضا ڀٽي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ٽنڊو محمد خان.
*شوڪت علي ڀٽي: ڪلاس ستون،
گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
اُمِ رباب: ڪلاس ٽيون، مريم پرائمري ايليمنٽري
اسڪول حيدرآباد
نظير ڀنڊ: ڪلاس ٻارنهون گورنمينٽ مرزا قليچ بيگ
هائير سيڪنڊري اسڪول حيدرآباد
جاويد علي: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ نورمحمد هاءِ
اسڪول حيدرآباد
ارم ناز: ڪلاس ڇهون، حيدرآباد
فوزيه عباسي: ڪلاس ٻارنهون گورنمينٽ خورشيده بيگم
ڪاليج حيدرآباد
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان ارم عباس
جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران
گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي. |