سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل سيپٽمبر  2023ع

باب:

صفحو:4 

Text Box: مضمون

 

نور احمد ڏهوٽ

ڦلجي اسٽيشن

موٽر ڪار جي ايجاد

دنيا جي پهرين موٽر ڪار هڪ فرانسيسي
 
نڪولاز جوزف ڪي ڪگنوٽ  1799ع  ۾ ٺاهي هئي. ڪگنوٽ جي ڪار ۾ ٽي ڦيٿا هئا ۽ ان جو انجڻ ٻاڦ تي هلندو هو. اها ڪار وزندار ۽ سُست رفتار هئي ۽ ان کي هلائڻ به ڏکيو هو.ان کان پوءِ ڪيترن انجنيئرن ڪگنوٽ جي ڪار ۾ اصلاحون ڪيون. پوءِ نتيجي ۾ سڀ ڪارون ٻاڦ تي هلنديون هيون. اهي سُست رفتار ۽ ان ۾ ڪاٺ جا ڦيٿا لڳل هئا. ڦيٿن جي مٿان لوهه جو ڪڙو چڙهيل هو، ان سان گوڙ به ڏاڍو ٿيندو هو.آخر 1871ع ۾ ڪارن ۾ ڪاٺ جي ڦيٿن بجاءِ لوهه جا ڦيٿا استعمال ٿيڻ لڳا. جن ۾ رٻڙ جا سخت ٽائر لڳايا ويندا هئا. جنهن ۾ آواز به گهٽ هو ۽ ڪار جي رفتار به وڌي وئي هئي.

1874ع  ۾ هڪ جرمن ڪارل هينزپيٽرول تي هلڻ واري انجڻ ٺاهي، جنهن ۾ ڪار هلڪي ۽ تيز رفتار ٿي وئي. ان کان پوءِ جرمن جي هڪ ٻئي ماڻهو ڊيم لر پنهنجي ڪار ۾ موٽر انجڻ لڳايو ۽ پوءِ اڪثر ڪارون موٽر انجڻ واريون ٺهڻ لڳيون. 1885ع ۾ انهن ٻنهي انجنيئرن ڪارون وڪرو ۽ خريد ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. شروع شروع ۾ جيڪي ڪارون تيار ڪيون ويون، انهن جي شڪل گهوڙي گاڏي جهڙي هئي. پوءِ جلدي جلدي  اصلاحون ٿيون، يعني ترقي ٿي ته ڪارن جون شڪليون ۽ نمونا سنورجڻ لڳا. هاڻي موٽر ڪارن جي صنعت ترقي ڪري رهي هئي. 1906ع ۾ انگلينڊ جي هڪ انجنيئرسي ايس رولز هڪ ٻئي انجنيئر سان گڏجي هڪ خوبصورت ۽ تيز رفتار ڪار ٺاهي، جنهن جو نالو رولس رائيس هو. اها ڪار تمام گهڻي قيمتي هئي. دنيا ۾ هزارين موٽر ڪارون تيار ٿين ٿيون. اڄڪلهه انهن جو استعمال ايترو ته ترقي ڪري رهيو آهي جو، موٽر ڪار کانسواءِ گذارو ڏکيو آهي.اهڙو وقت ايندو جو ٻاڦ جي انجڻ وانگر پيٽرول جا انجڻ به پراڻي وقت جي ڳالهه ٿي ويندي. هاڻي ته هڪ پاڪستاني انجنيئر اهڙي موٽر ڪار ٺاهي آهي، جنهن کي ڪير به چوري نٿو ڪري سگهي ۽ ان ۾ رموٽ ڪنٽرول سسٽم آهي.

محمد صالح کهڙو

جاپان جي ماڻهن جو اخلاق

پيارا ٻارو! جاپان ملڪ جو نالو ته اوهان ٻڌو هوندو، توهان کي خبر هئڻ گھرجي ته، هي ملڪ ڪنهن وقت ۾، دنيا جي پٺتي پيل ملڪن منجھان هو. جنگ، فساد، جھيڙو ۽ جھڳڙو، حسد ۽ نفرت هتان جي ماڻهن جي ذهنن ۾ سمايل هئي ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هي ملڪ دنيا جي سڀني ملڪن کان هر لحاظ کان علم، ادب، ٽيڪنالاجي، سائنس، اخلاق ۽ ڪردار ۾ گوءِ کڻي ويو. سندس ٽيڪنالاجي دنيا جي ملڪن ۾ سڀ کان مٿاهين رهي. هن جي ترقيءَ ۽ وڌڻ جا هزارين مثال موجود آهن، ليڪن هتي ٻه مثال ڏجن ٿا.

1. انڊيا جي نئين دهليءَ جو ڊاڪٽر عبدالجليل صاحب 1970ع ۾ جاپان ويو هو، هي اُتي ڇهه مهينا ترسيو ۽ پنهنجي ڪم لاءِ ٽوڪيو (جيڪو جاپان جو مشهور شهر آهي) جي هڪ جڳهه تي ويندو هو. هن جو اهو سفر ريل جي ذريعي پنڌرهن منٽن جو هوندو هو.

هڪ ڏينهن ڇا ٿيو، جو هي ٽوڪيو کان ريل ۾ سوار ٿيو، پنڌرهن منٽ گذري ويا، پر هن جي گھربل اسٽيشن نه آئي. هڪ اسٽيشن تي ريل بيٺي، مگر هن بورڊ ڏٺو ته هيءَ ڪا ٻي اسٽيشن هئي. هاڻي هي پريشان ٿيو. هن کي خيال آيو ته هي غلط ريل تي سوار ٿيو آهي.

ريل جي گاڏيءَ ۾ هن جي ويجھو، هڪ جاپاني نوجوان بيٺل هو. مگر ٻوليءَ جي ڏکيائي هئي، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر صاحب جاپاني ٻوليءَ کان واقف نه هو. هاڻي ڊاڪٽر صاحب انهيءَ نوجوان کي پنهنجو مطلب ڪيئن سمجھائي؟ بس پوءِ ڊاڪٽر صاحب کي ذهن ۾ هڪ ڳالهه ياد آئي، هن جلدي پنهنجي ٽڪيٽ انهيءَ جاپاني نوجوان کي ڏيکاري. جاپاني نوجوان جلديءَ ۾ سمجھي ويو ته ڊاڪٽر غلط ريل ۾ سوار ٿيو آهي. پوءِ هن نوجوان، ڊاڪٽر صاحب کي ٻانهن کان وٺي ريل تان لاٿو ۽ پليٽ فارم تي هلڻ لڳو ۽ مخالف طرف کان ايندڙ ريل ۾ ويهاريو ۽ پاڻ به انهيءَ ريل ۾ ڊاڪٽر صاحب سان گڏ ويهي رهيو. ريل ٻنهي کي کڻي گھربل اسٽيشن تي ڪجھه منٽن ۾ پهچايو. هاڻي نوجوان، ڊاڪٽر صاحب کي گھربل اسٽيشن تي لاٿو ۽ پوءِ پاڻ ٻئي ريل ۾ ويٺو ۽ روانو ٿيو، جيڏانهن کيس وڃڻو هو. انهيءَ دوران ٻنهي ۾ ڪائي ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿي. ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر صاحب جاپاني ٻولي نه ڄاڻيندو هو ۽ اهو نوجوان وري انگريزي ٻولي ڪونه ڄاڻيندو هو.

2. ڊاڪٽر عبدالجليل صاحب ٻيو مثال ٻڌائي ٿو ته، هڪ ڏينهن هي ٽوڪيو جي روڊ تي موجود هو. هن ڏٺو ته جاپانين جون ٻه ڪارون آمهون سامهون ايندي پاڻ ۾ ٽڪرائجي پيون. ٻنهي ڪارن جا سوار جلديءَ مان ڪارن مان هيٺ لٿا ۽ هڪ ٻئي جي سامهون ڪنڌ جھڪائي بيهي رهيا. هڪ ڊرائيور چيو ته، غلطي منهنجي آهي، مون کي معاف ڪر. ٻئي ڊرائيور چيو ته غلطي منهنجي آهي، مون کي معاف ڪر.

پيارا ٻارؤ! اهو اٿوَ، تعميري مزاج. جنهن سان قومون ترقي ڪن ٿيون، پنهنجي غلطي مڃڻ، پنهنجي اصلاح ڪرڻ اهو تعميري مزاج قومن جي ترقيءَ جو وڏي ۾ وڏو ضامن آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org