سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جولائي 2022ع

باب:

صفحو:3 

Text Box: مضمون

عبدالقدير چاچڙ (گهوٽڪي)

اسڪول طرفان سير سفر

اسلام عليڪم پيارا ڀائرو ڪيئن آهيو اميد ته بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هوندا.

پيارا دوستو اڄ آءٌ اوهان کي پنهنجي زندگي جي پهرين سفر بابت ٻڌائڻ چاهيان ٿو اميد اٿم اوهان کي پسند ايندو.

تاريخ 18.02.2022 تي اسان جو ٽوئر هو. موڪل جو وقت ٿيڻ وارو هو اسان جي اسڪول جي ڪجهه شاگردن اسڪول جي هيڊ ماستر صاحب سر فهد حسين لکڻ کي عرض ڪيو ته سائين اسان کي ٽوئر ڪرايو وڃي. سائين جن اسان جي اها گذارش قبول ڪئي. اهو ٻڌي اسان کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي اسان جي استادن جا نالا هي آهن. سائين حق نواز انڍڙ، سر فهد حسين لکڻ، سائين سائينداد لکڻ، استاد غلام اصغر ملهڻ، استاد جميل احمد لکڻ، استاد وقار احمد لکڻ، استاد صدام حسين چاچڙ، استاد محمد شريف انڍڙ،استاد جلال الدين انڍڙ، استاد حفيظ الله ميمڻ، استاد غلام مصطفيٰ چنا صاحب .

اسان سڀني دوستن جا نالا هي آهن. شهزادو، جاڳڻ، گلشير، فهيم، ربنواز، ثناءُ الله، ۽ ٻيا دوست ٽوئر لاءِ منصوبه جوڙڻ لڳاسين ۽ استاد کي ٽوئر لاءِ ڪجهه پنهنجو مشورو به ڏيڻ لڳاسين سر فهد حسين لکڻ ٻارن کي چيو ته جيڪي ٽوئر تي هلن ٿا اهي نالا نوٽ ڪرائين ۽ گهران اجازت وٺي اچن. اهڙيءَ طرح سڀني شاگردن جيڪي ٽوئر تي هلن پيا انهن استادن کي پنهنجا نالا نوٽ ڪرايا جمعي جي ڏينهن 3.00 وڳي اسان جو ٽوئر پروگرام ڪيو ويو ۽ سڀني ٻارن کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ لاءِ چيو ويو. جنهن تي ڪجهه شاگردن جي ڪري اسان جو ڪجهه وقت زيان ٿيو. اسان کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو. اهڙيءَ ريت 3.50 وڳي تي اسان جي گاڏي ڳوٺ ڄام محمد علي لکڻ کان رواني ٿي. سفر جي شروعات اسان قرآن مجيد جي تلاوت ۽ نعت مقبول ﷺ سان ڪئي.سفر جي دعا گهرائي وئي سڀ پهريائين اسان حضرت سچل سرمست رح جي مزار تي حاضري ڀريسون اتي پهچي خوشي به ٿي ان کان بعد اسان جو سفر اڳتي يعني ڀٽائي سرڪار جي درگاهه ڏانهن شروع ٿيو . رستي ۾ اسان پنهنجي گاڏي کي هڪ اسٽاپ به ڪرايو جتي اسان رات جي ماني به کاڌي ۽ چانهه به پيتي. پوءِ اسان گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ گاڏي رواني ٿي رات جي 12.30 وڳي اسان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي مزار تي آياسين جيڪا اسان کان اڳ ئي بند ٿيل هئي اهو ڏسي اسين مايوس ٿي ميوزيم ۾ آياسين. اتي سُمهڻ جي رٿ ڪئيسون. ميوزيم بند هو ان ڪري اسان جي استادن هڪ هوٽل تي رهڻ لاءِ فيصلو ڪيو. سائين وارن جي مهرباني سان  اسان کي هڪ هوٽل تي رهڻو پيو. پر اسان جي هيڏي وڏي تعداد 71 ماڻهن جي سُمهڻ لاءِ جڳهه جو بندو بست ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو. آخرڪار هڪ هوٽل تي رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ڪجهه شاگرد هيٺ يعني هوٽل اندر سُتا ۽ ڪي وري مٿي آرامي ٿيا اهڙي طرح سڀني ٻارن آرام ڪيو. ان کان پوءِ صبح ٿيڻ سان ئي سڀ ٻارن کي اٿڻ لاءِ چيو ويو سڀ استاد ۽ ٻار حضرت شاهه عبد اللطيف
ڀٽائي رح جي مزار تي حاضري ڀري. ڀٽائي سرڪار جي حاضري ڀرڻ کان پوءِ اسان مولا علي ع جي قدم مبارڪ ڏسڻ لاءِ حيدرآباد روانا ٿياسون اهڙيءَ ريت مولا علي عليه السلام جن جا قدم مبارڪ ڏٺا ۽ هڪ بزرگ جي درگاهه ڏٺي. ان کان پوءِ اسان جو سفر اڳتي روانو ٿيو. اسين سڀ ٺٽي روانا ٿياسين ٺٽي ۾ مڪلي جي تاريخي قبرستان جو سير ڪيوسين. اتي اسان بزرگن جي مزارن جي زيارت ڪئيسين. مڪلي کان پوءِ اسان ڪينجهرڍنڍ جو سير ڪرڻ وياسين ان کان پوءِ اسين لعل شهباز قلندر رح جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ سيوهڻ جو رخ ڪيوسين. شام جي وقت اسين سيوهڻ پهتاسين ۽ هڪ هوٽل تي رات رهڻ جو پروگرام ڪيوسين. پوءِ رات جي ماني هوٽل  تي کائي حضرت لعل شهباز قلندر رح  جي مزار تي حاضري ڀريسين ۽ دعائون گهريوسين. ميلي جي تاريخ ويجهي هئڻ جي ڪري سيڪيورٽي انتظام سخت هئا. مزار کان واپسي کان پوءِ هوٽل تي رات گذاري سون صبح جو ناشتو ڪري اسين ڪوٽڏيجي قلعي لاءِ روانا ٿياسين. ڪوٽڏيجي قلعي تي پهچي ڪري اسان کي ڏاڍو تعجب ٿيو ته ايترو وڏو قلعو ڪيئين تعمير ڪرايو ويو هوندو. آخري ڏينهن هئڻ ڪري ڪيترن ئي اسڪولن جا شاگرد قلعي تي ڏسي خوشي ٿي قلعي جو سير ڪري گهر روانا ٿياسين ۽ اڌ ۾ خيرپور ميرس ۾ اچي منجهند جي ماني کاڌي سون پوءِ پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿياسين.آخرڪار
6.00 وڳي گهر پهتاسين.

هي سفر اسان سڀن دوستن لاءِ يادگار سفر هو ڇو ته هن سفر کان پهريائين اسين ڪڏهن به اهڙين جاين تي نه ويا هئاسين.

پروفيسر اعجاز علي شاهه رضوي

ڳجهارت

سنڌي لوڪ ادب جي سڀني صنفن مان ڳجهارت جي صنف تمام گهڻي مقبول آهي.

لفظ ڳجهارت جي اصليت بابت جدا جدا رايا آهن. ڪن جي خيال ۾ هيءُ لفظ ڳجهو اَرٿ مان نڪتل آهي ۽ ڪن جي راءِ ۾ ڳجهارت لفظ هندي ٻوليءَ جي لفظ ٻجهارت يا ٻجهول سنڌيءَ زبان ۾ رائج ٿيوٻجهارتلفظ جي معنيٰ آهي حساب ڪتاب صاف ڪرڻالبته ٻجهول جي معنى پرولي ڀڃڻ آهي.، پر جيئن ته سنڌي ٻولي هنڌي ٻوليءَ کان وڌيڪ قديم آهي. انهيءَ ڪري قوي گمان سان چئي سگهجي ٿو ته ٻجهارت سنڌي ٻوليءَ جو پنهنجو لفظ آهي جو ٻوجهه يا ٻجهڻ مان سمجهڻ جي معنيٰ ۾ آڳاٽي وقت کان رائج ٿيو ۽ اهڙي طرح ڳجهه، راز يا مام (پروڙڻ) جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. شاهه صاحب پڻ ٻجهارت لفظ انهيءَ معنى ۾ استعمال ڪيو آهي.

ٻولي ٻجهارت جو گيان سنڌي ذات جي

ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو هلڻ ۾ حيرت

عجب عبارت، پهه پروڙڻ ان جو (سر رامڪلي)

]ڳجهارت جي بنيادي يا لفظي سٽاءُ[

ڳجهارت ڪناية مطلب ادا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي ۽ انهي لحاظ کان ڳجهارت جي سٽاءَ جا ٻه پهلو آهن.

(الف)مقصد واري ڳالهه

(ب)پَن پردي سان ان جي ادائگي

عام اصطلاح ۾ پن ۽ پردي واري طرز ادا کي ئي ڳجهارت چيو وڃي تو.

ڳجهارتن جا قسم.

1. سُريلي/ سُرائتي: اُها ڳجهارت جا ڪنهن سُر ۾ هجي جهڙوڪ: سُر مارئي، سُر ليلان چنيسر، سُر هير رانجهو، سُر سُهڻي ميهار، سُر مومل راڻو وغيره ۾ آيل هجي.

2. بي سُري: اُها ڳجهارت جيڪا ڪنهن به سُر ۾ نه هجي پر سگهڙ خيال ڪري لِڪ کي ڳجهارت بنائي.

مثال: نالن ۾ نالا پيا

ولايت وئي.

جواب ڪارن  ۾ اڇا پيا،

صورت وئي

3. هُنر واري: اُها ڳجهارت جنهن ۾ لفظن جي ڀَڃ گَهڙ ڪيل هجي.

مثال: نر نان ۾ آهي؟

جواب سڪندر ۾ آهي

(سِڪ اندر ۾ آهي)

4. دوراهي واري: اُها ڳجهارت جنهن ۾ دوراهي جي فن کي نظر ۾ رکيو وڃي.

ڳجهارت جي ڀڃڻي:

ڳجهارت ۾ فقط ڪنهن لاڳاپي واري شيءِ جو نالو ورتو ته ڳجهارت ڀڄي پوندي ۽ پوءِ ڳجهارت ڏيندڙ، ڳجهارت سڄي ڪري ٻڌائيندو.

مثال طورڳجهارت آهي:

ليلان ڪونئرو ٿي هار

آندو تڏهن ٻولي گاهه ڪر.

هاڻي ڳجهارت ڀڃندڙ ويندو گاهن ۽ ٻولين جا نالا وٺندو ۽ ٻيا سگهڙ پڻ هن سان شامل ٿي، ڳجهارت جي ڀڃڻيءَ جي ڳولا ڪندا. پوءِ سگهڙ ڌَڪن پٺيان ڌَڪ هڻندا ۽ ڳجهارت ڏيندڙ جي ڪَنڌ جي ڌُوڻ پئي پوندي ۽ چوندو ته: اڃا بچي اڃا گُٿو آهين، اڃا جيئري آهي. ۽ ٻيا اهڙي قسم جا لفظ چوندو رهندو. تان جو ڪنهن  سگهڙ جو پورو ڌَڪ وڃي لڳندو. يعني ڪنهن گاهه جو نالو ورتو مُڃ ته ڏيندڙ چوندو ويئيپوءِ! مجلس ۾ واهه، واهه ٿي ويندي ۽ چوندس ته سڄي ڪر پوءِ هو سڄي ڪندو. يعني ڳجهارت ڀڃي ٻڌائيندو. گاهه يعني مُڃ ٻولي يعني ڇني ڀڃڻي ٿيندي:

ليلان، ڪونئرو ٿي هار آندو. تڏهن ڇني مُڃ ڪر.

ڳجهارت ۽ پرولي ۾ فرق:

معنوي لحاظ سان ڳجهارت جيتوڻيڪ هڪ قسم جي پرولي آهي، مگر سٽاءَ جي لحاظ سان پرولي ۽ ڳجهارت ۾ فرق آهي. پرولي جو بنياد تشبيهه ۽ استعاري تي آهي ۽ ڳجهارت جو مدار تجنيس ۽ تلميح تي آهي.

اَدينه ارشاد هاليپوٽو

منهنجو ڳوٺ

منهنجي ڳوٺ جو نالو بقا هاليپوٽو آهي.اهو ضلعي ٽنڊو الهيار ۾ قبو اسٽاپ ۽ راشد آباد جي ويجهو آهي.منهنجو ڳوٺ نهايت وڻڪار وارو ۽ خوبصورت آهي. هتي هڪ گورنمينٽ پرائمري هاءِ اسڪول آهي. اسڪول جي پُٺئين پاسي حضرت باقِل فقير جي مزارَ ۽ اڳئين پاسي وري سنڌ جي سدا سچار صوفي بزرگ وتايو فقير جي مزارَ آهي.ٻنهي مزارُن تي هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ صوفياڻا ڪلام  ۽ حمّد و ثنا پڙهيا ويندا آهن.درگاهن جي ويجهو ريلوي اسٽيشن پڻ آهي.آئون راشد آباد جي ٽِي سِي - ايف اسڪول ۾ ڇهون درجو پڙهان ٿي. مون کي پنهنجي ڳوٺ ۽ اسڪول تي وڏو ناز آهي.

ڊاڪٽر اسد الله پلي

دماغ جو اضافي پاڻي

 (هڪ مهلڪ مرض)

 (Hydrocepholus)

انساني دماغ ۽ ڪرنگهي جي ڏوري جي جي پردن جي وچ ۾ هڪ خاص قسم جو پاڻي مقرر مقدار ۾ موجود آهي. اهو پاڻي دماغ جي خارجي مادن مان ٺهي ٿو. ۽ دماغ لاءِ ڪجهه خاص ڪم ڪندو رهي ٿو. ساڳي وقت اهو پاڻي اگر پنهنجي مقرر مقدار کان وڌي وڃي ٿو ته هڪ خاص قسم جي بيماري پيدا ڪري ٿو. جنهن کي Hydrocepholus چئجي ٿو. هن بيماريءَ جون هيٺيون نشانيون ٿين ٿيون.

(الف) ٻارن ۾ نشانيون

ٻارن جا مٿا ڄمار جي حساب کان تمام گهڻا وڏا ٿين ٿا. ٻارڪمزور ٿيو پَون، انهن جون ذهني صلاحيتون پٺتي پئجيو وڃن. ٻار کي اڪثر بخار، الٽيءَ جا عارضا ٿين ٿا ۽ ٻار ڪڏهن ڪڏهن مستقل بيهوش رهن ٿا.ٻارن جون اکيون لهندڙ سج وانگيان هيٺ ڏرا ڏيو وڃن ٿيون.

(ب) وڏن ۾ نشانيون

وڏن ۽ نوجوانن ۾ وري اضافي پاڻي سبب مٿي ۾ سور، اُلٽيون، چڪر، مرگهي جا دورا، نظر جو خراب يا ضايع ٿيڻ ۽ بيهوشي تاري ٿيڻ تائين ڪئين تڪليفون ٿين ٿيون.

مجموعي طور اضافي پاڻي وارا مريض دماغ جي ڪيترن ئي مستقل عيبن ۾ مبتلا ٿيو وڃن.

سبب: اگر اسين هن پاڻي جي اضافي ٿيڻ جا سبب ڳولينداسين ته به ڪيترائي آهن.جيئن ڪجهه ٻارن ۾ هي بيماري پيدائشي آهي بلڪ ڪي سياڻا ڊاڪٽر چون ٿا ته اگر دورانِ حمل عورت کي ڪنهن به تڪليف جي غلط دوا ملندي ته اُها سندس پيٽ ۾ پلجندر ٻار ۾ هيءَ تڪليف ۽ ٻيون دماغي بيماريون ڪري وجهندي آهي.

پيدائشي سببن کان علاوه، دماغ جا زخم، ڌڪ جو لڳڻ، گردن ٽوڙ بخار، دماغ جي ڪينسر، دماغ ۾ رت جي نالين جو ڦاٽڻ ۽ ٻيا به ڪيترائي سبب آهن.پر اسانجي ملڪ ۾ دماغ جي ٽي بي هڪ اهڙو مرض آهي جو  دنيا جي ٻين مُلڪن ۾ اڪثر ڪونهي ۽ ڊاڪٽرن جي ٿوري غفلت ۽ مريض جي نافرماني. اهڙي مرض کان، اگر بچيو وڃي ته به ذهني اپاهج ڪريو ڇڏي.

هِن اضافي پاڻي لاءِ چيو وڃي ٿو ته مختلف بيمارين سبب يا ته اهو پاڻي ٺهي گهڻو ٿو، يا جيترو ٺهي انهيءَ کان گهٽ جذب ٿئي ٿو يا وري انهي ۾ ڪٿي رستا روڪ ٿئي ٿي.سڀني حالتن ۾ اهو اضافي مقدار انساني حياتي لاءِ ڏاڍو خطرناڪ ۽ هاڃيڪار ٿيو پوي.

تفتيش: هن قسم جي مريضن جي ليبارٽري چڪاس لاءِ سندن چيلهه يا وري ننڍن ٻارن جي تارونءَ مان پاڻي ڪڍي چيڪ ڪرائبو آهي. انهيءَ سان گڏ دماغ جو الٽرا سائونڊ پڻ ننڍن ٻارن ۾ ڪارآمد آهي. دماغ جو ڪمپيوٽر يا سي ٽي اسڪين ۽ دماغ جو ايم آر آئي ٻه جديد چڪاسون پڻ هن مرض لاءِ سٺيون مددگار آهن.

علاج: جڏهن هنن مريضن جا اضافي پاڻي واراسبب معلوم ٿي وڃن ۽ بيماري جي پوري سڃاڻپ ٿي وڃي ته پوءِ جيترو جلدي هن مرض جو آپريشن ڪرائجي اهو فائده مند ٿيندو ٻي حالت ۾ نقصان ويندا وڌندا ۽ ڪجهه مريضن ۾ اهڙ ا مستقل نقصان ٿيندا  آهن.جو پوءِ به تدارڪ ڪو نه ٿو ٿي سگهي.اضافي دماغي پاڻي جي آپريشن سان گڏ انهيءَ کي پيدا ڪندڙ سبب جو به علاج گڏوگڏ ڪبو آهي پر اگر هي بيماري پيدائشي آهي ته پوءِ صرف پاڻي لاءِ آپريشن ڪبو آهي.

آپريشن: دماغ جا ماهر جراح هڪ خاص قسم جي نلڪي جنهن کي وي پي شنٽ (V.P Shunt) چيو وڃي ٿو ته دماغ جي پاڻي جي خانن مان، کل جي اندران پيٽ جي اندر پهچائين ٿا. جنهن ذريعي اهو پاڻي جيڪو اضافي آهي دماغ مان انساني پيٽ ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو. پيٽ ۾ اها گنجائش قدرتي طور موجود آهي جتان اهو پاڻي جذب ٿي وڃي ٿو ۽ جسم مان خارج ٿئي ٿو.

هي جيڪي ناليون يا شنٽ آهن انهن جا ڪيترائي قسم آهن جيڪي استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪجهه حالتن ۾ هي نلڪيون پيٽ جي بدران دل ڏانهن به اُماڻيون وڃن ٿيون.

ڪجهه ٻارڙا جن ۾ پيدائشي طور چيلهه يا ڪياڙي وٽ ڳوڙها ٿين ٿا انهن ۾ به هي ساڳي آپريشن ڪبي آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙن پيدائشي ڳوڙهن ۾ به در اصل پاڻي جيڪو اضافي آهي اهو دماغ کان پهچندو آهي ۽ انهيءَ جو به دماغ تي برابر اثر پوي ٿو.

اگر صحيح وقت تي دماغي اضافي پاڻي واري مريض جي شناخت ۽ تفتيش ٿئي ۽ دماغ جا ماهر جراح معياري نلڪين سان انهن جو ڪامياب آپريشن ڪن ۽ مريض ڊاڪٽر طرفان ڏنل هدايتن تي مڪمل عمل ڪن ته دماغ جي هن آپريشن جا تمام ڪامياب نتيجا نڪرن ٿا ۽ مريض صحتياب ٿيو ويٺا خدا جا شڪرانا ادا ڪن ۽ ڊاڪٽرن جا ڳڻ ڳائين. باقي جڏهن مريض پنهنجي غلطين سبب يا ڏَڏُ ڊاڪٽرن جي مشوري تي ويهي آپريشن بدران دوائن تي وقت وڃائين ٿا ته پوءِ کين حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو قول ياد اچيو وڃي ته:

تَن طَبيب نه گڏيا - ڪُٺيس ڪُويچن،

ڏيئي ڏَنڀ ڏَڏَن - پاڻان ڏيل ڏکويو.


 

مستقيم علي انڍڙ

سهڻا سخن

1.علم پرايو پينگهي کان قبر تائين،

2.علم هڪ لازوال دولت آهي.

3.علم انسان جي ٽين اک آهي،

4.علم عام ماڻهو کي به نالي وارو بڻائي ڇڏي ٿو،

5.علم مال کان به بهتر آهي.

6.علم پرايو زندگي سنواريو،

7.وفا سکڻ چاهيو ٿا ته گلن کان سکو.

8.توهان پنهنجي والد جو چيو نه ٿا مڃو ته پوءِ اها اميد نه رکو ته توهان جو اولاد به توهان جو چوڻ وٺندو.

9.دوستي ڪرڻ وقت ڪنهن جي مهانڊن يا سندن ڏيک ويک ڏانهن نه ڏسجي.

10.زندگي هڪ گل آهي ۽ محبت ان جي خوشبوءِ.

11.جهالت خانداني ماڻهن کي به خوار ڪري ٿي.

12.سڀ کان وڏا چور اهي آهن جيڪي توهان جو وقت چورائيندا آهن.

13.انهيءَ خوشيءَ کان پاسو ڪريو جيڪا سڀاڻ ڪنڊو بڻجي وڃي.

14. هن دنيا ۾ ٻه ئي شخص توهان کي بهتر سڃاڻن ٿا هڪ اهو جيڪو توهان سان محبت ڪري ٿو ۽ ٻيو اهو جيڪو توهان سان نفرت ڪري ٿو.

 


 

امتياز علي انڍڙ (گهوٽڪي)

تعليم

تعليم انسان جي ٽين اک آهي.تعليم کان سواءِ انسان اڌورو آهي. اسان تي اينگرو وارن جون وڏيون مهربانيون آهن. جو هن اسان کي وڏيون سهولتون ڏنيون آهن. اَڄُ انهن جي مهربانيءَ سان اسين هن منزل تي پُڳا آهيون انهن اسان کي مفت جون ڊريسون ڏنيون آهن ۽ انهن جا اسين ٿورا ڪڏهن به نه لاهينداسين. جڏهن اسين ننڍا هئاسين ته اُنهن اسان کي اسڪول ڏنو جنهن ۾ اسين پڙهيا آهيون. ڊاڪٽر صدورو، ناز ڪيريو سان هر سال هڪ ثقافتي ڏينهن ملهائيندا آهيون ۽ هر سال هُو اسان کي سهولتون ڏئي ٿو. هن اسان کي ڪمپيوٽر ڏنا آهن. اُڄ تعليم جي ڪري وڏا وڏا آفيسر، ميجر ۽ ٻيا ڪي ئي تعليم جي ڪري هن منزل تي آيا آهن. تعليم انسان کي سٺا ڪم سيکاري ٿي. تعليم جي ڪري انسان ۾ شعور ۽ سمجهه آئي آهي. تعليم جي ڪري اڄ اسان جو ملڪ هن منزل تي پُڳو آهي. تعليم جي ڪري ڪيترائي ئي ڪاليج، يونيورسٽيون قائم آهن. قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جو باني آهي. قائداعظم محمد علي جناح به ڏينهن رات محنت ڪندو هو. جنهن جي محنت سان اسان جو ملڪ آزاد ٿيو.تعليم جي ڪري ڪيترائي ماڻهو ٻاهر ويا آهن. تعليم جي ڪري ڪيترن کي ئي نوڪريون مليون آهن.ڪجهه نوڪريون حاصل ڪري ڊاڪٽر ٿيا آهن جيڪي غريب ماڻهن جي مدد ڪن ٿا. جنهن ۾ سرڪاري اسپتالون آهن جنهن جي ڪري ئي غريب ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي ٿي. تعليم جي ڪري انسان وڏن عهدن تي پُڳا آهن. اسان کي گهرجي ته اسين شوق سان محنت ڪريون ۽ پنهنجي ملڪ کي سنواريون. اسان جا وڏا تعليم  حاصل نه ڪرڻ جي ڪري کيتي ڪري رهيا آهن.اسان کي تعليم جو فائدو وٺڻ گهرجي. اينگرو وارن جون وڏيون مهربانيون آهن جو هنن اسان کي مفت جي تعليم ڏني آهي. غريب ٻار وڏن وڏن ادارن ۾ ڪيئن پڙهي سگهندا. اڄ خدا جي شڪر سان اڄ اسان ايترو اڳتي آيا آهيون اسين محنت ڪنداسين اسين پنهنجي ملڪ کي سنواري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪنداسين.

علم پرايو پينگهي کان قبر تائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org