[14]
جِها تان نه تِها، نيڻ پريان جا نائُڪُون،
ڪوڙين ڪُٺا ڪيتَرا اِلماسِين جِها،
پَسي پَرِ اِها، عَجَبُ ٿِئو اَجَلَ کي.
سمجهاڻي:
محبوب جا نيڻ جهڙا تهڙا ناهن بلڪه اهي ته تکي تيز
چهنب وارا آهن. انهن ڪيترن کي ڪهي ڇڏيو، اهي هيري
جهڙا سخت ۽ ٻين کي ڪٽيندڙ آهن.(هيرو سخت عنصر آهي
جيڪو شيشي وغيره کي صرف زور سان ليڪ پائڻ سان ئي
ڪٽي ڇڏيندو آهي) محبوب جي (اکين سان ڪهڻ واري) اها
روش ڏسي موت جي (فرشتي) کي به حيراني وٺي ويئي.
[15]
اڄُ پُڻ اَکَڙِيَنِ سِين ڪوٺي ڪُٺائُون،
ماهُ وَڍي اَنگڙا ڪري ڪَرَنگهرُ ڇَڏِيائُون،
وَتَواصَوا بالحق وَتَواصوا بالصبرِ، اِيَهِين
اُتائُون،
مُرِڪي مارِيائُون کِلِي گهايو سَڄَڻين.
سمجهاڻي:
اڄ وري محبوبن مون کي سڏي پنهنجي اکين سان ڪهي وڌو
۽ جسم کي ڪٽي عضوو عضوي کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ باقي
وڃي پٺيءَ وارو هڏو ڇڏايائون. قرآن جي آيت
’۽
جن حق جي تلقين ڪئي ۽ جن صبر ڪيو‘
مطابق مون کي صبر جي تلقين ڪيائون.(مان ڇا ڪريان!)
مون کي ته محبوب جي مُرڪ ماري ڇڏي ٿي ۽ سندس کلڻ
گهاوُ وجهي ڇڏي ٿو.
[16]
نَظَرُ نَزِدِيڪون، سَهي نه سَگهانِ ساعتَ سين،
پَسَڻُ پَري سَندونِ، آءٌ نالي ڳِيَڙِي نِجهُران.
سمجهاڻي:
آءٌ محبوب جي ويجهڙائيءَ وارو ديدار(جلوو) ٿوريءَ
دير لاءِ به برداشت نه ٿو ڪري سگهان. محبوب جو پري
کان ئي ديرار بهتر آهي، يعني کين پري کان ئي ڏسڻ
ٺهي ٿو.(منهنجي اها حالت آهي جو) سندس نالي وٺندي
سڪ ۽ ڏک ۾ ڳري ۽ جهري پوان ٿو.
[17]
ڏورِجُ ڏِيو هَٿ ڪَري، ڏورِ مَ ڏِيان ڌارَ،
ڪوڙين لَکَ هَزارَ، اِنَ اُنداهِي اَنڌا ڪَيا.
سمجهاڻي:
تون ڏيئو(روحاني رهبر) هٿ ڪري (حق جي راهه) ڳول ۽
ڪڏهن به ڏيئي کان سواءِ ڪا شيءِ تلاش نه
ڪر.(اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون نه هڻ). لکين ڪروڙين
انسان (جن راه جي رهبر جي اهميت کي نه سمجهيو) اهي
هميشه لاءِ اونداهيءَ ۾ رهجي ويا (ڄڻ انڌا ئي
رهيا).
شاهه جو رسالو
]سُر آسا- داستان چوٿون، محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو،
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
مهر فقير
دعا
ڪر سدا ڪرم مولا،
ڪر سارا ڪم سولا.
آڻ ڪڪر وسڻ وارا،
لاهه حالوڪا ڏک اولا.
کول در رحم وارا،
ڪر دُور مسلسل رولا.
ملاءِ دلدار سهڻو سهڻل،
حرام هر دم گرهه لولا.
آ اهاءِ
”مهر“
دعا،
رک محمد ﷺ در گولا.
نياز پنهور (ڄام شورو)
لولي
چاهت چاهت کڻي پيارا،
ٻانهون کولي ڏج.
نفرت گهگهه اونداهي آهي،
محبت روشن سج.
پيار پريم سڪ سچائي،
الفت ساري سونهن.
پريت پيارا گل گلابي،
پوک انهيءَ جو ٻج.
ساٿين ساڻ ائين ئي رهجان،
لهر لهر سان جيئن.
سونهن کي سونهن ئي چئجان،
نج کي چئجان نج.
واٽ ڪڏهن به گم نه ٿيندي،
جيسين آهي لاٽ.
لاٽ علم جي روشن رکجان،
يار انهيءَ جو ٿج.
ڪنهن سان هوڏ نه ڪائي رکجان،
هر ڪنهن ڪلهي ٻانهن.
درد ونڊڻ عبادت آهي منزل سائي ڪج.
منهنجيون ڳالهيون هيئن هنڊائي،
جيءَ جا منهنجا لال.
تارا ٽِم ٽِم جاڳي پيئڙا،
هاڻي سمهي تو پئج.
اعجاز علي شاهه رضوي
گيت
هلو هڪ ٻئي ساڻ هٿڙا ملائي،
جيو جڳ ۾ پيغام اُلفت وڌائي.
ٻُڌو ٻارو، هي نيڪ منهنجي نصيحت،
عمل پيرا، ان تي ٿيو وِک وڌائي.
بُري دوستيءَ کان، ڪجو پاسو پيارا،
بُرن جي صحبت، بُرا ڏينهن پسائي.
چڱا ڪن چڱائي، چڱا گُڻ سيکارين،
چڱن جي ٿي سنگت چڱي دڳ تي لائي.
ڪجو خوب ڪوشش رهي عزم جاري،
ڪريو علم حاصل، سڀئي دل لڳائي.
رهو دور نفرت، ڪدورت کان هردم،
محبت جا مٺڙا جيو گيت ڳائي.
سدا ايڪي اُلفت سان گڏجي گذاريو،
۽ استاد سان پريت پوري نڀائي.
ننڍن ساڻ شَفقت، وڏن ساڻ نِوڙت،
ادب ماءُ پيءُ جو ڪرڻ ٿو جڳائي.
ڏسو جي ڪو غريب ڪجو رحِم ان تي،
سدا ڀال پرور ٿو ان سان ڀلائي.
ڪجو مهر مسڪين ماڻهو تي ٻارو،
”اعجاز“
دعائون دلين جون وڃن رنگ لائي.
حق نواز انڍڙ
”نرمل
نواز“
علم سان چاهه
وڻندو علم سان آ سنسار هي،
ٿيندو هر فرد جو آ جنسار هي.
دنيا جا ٿا رستا آسان ٿين،
ڳُجها ٿو ٻُڌائي اسرار هي.
علم کان سوا آ ماڻهو بي مُلهيو،
وڌائي نه سگهندو وهنوار هي.
ڪتابن ۽ قلمن سان رکون زوق شوق،
ٿا گڏجي ڪيون هاڻ اقرار هي.
قلم جو وڏو آهي مُلڪن ۾ مانُ،
قلم کان تکي ناهي تلوار هي.
ٿيا ناميارا علم جي وسيلي،
ٻڌائي دُنيا جي هر اخبار هي.
رکون جُستجُو ۽ ڪڍون خُوب نالو،
۽ سُستي کان
”نرمل“
ڪريون انڪار هي.
سميع ساجد جوڻيجو
موبائيل فون
مون کي سڀ موبائل چون ٿا.
سڀ ڪي سيني ساڻ رکن ٿا.
مون کي هڪڙي سم پوي ٿي.
پنهنجو ڪم ڪن ٿا سي ئي.
تار بنان ٿي ڪم ڪيان مان
بئٽري تي ٿي صرف هلان مان.
نمبر
‘سيو‘
ڪيان ٿي آءٌ،
نالو به لکان ٿي آءٌ.
جهٽ پٽ ۾ ٿي ڏور ڳالهايان
سيڪنڊ ۾ پيغام پڄايان.
دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ڪاٿي،
پهچان ٿي جاٿي ڪاٿي.
سائنس جو ڪمال وڏو آ
مون کي جنهن ايجاد ڪيو آ.
’ساجد‘
ڄاڻ ڏني اوهان کي،
ڳالهه سچي آ چئي اوهان کي.
’سجاڳ‘
ساجده سنڌي
نثري نظم
مان واچوڙي جي ووڙ ۾
اڏامندڙ مٽيءَ جي اُن
ذري جيان آهيان
جنهن جي ڪابه منزل ناهي هوندي
پر!
اهو صرف واچوڙي جي وهڪري سان گڏ
خلائن ۾ اڏرندو رهندو
ڪنهن اڻ ڄاڻ منزل پٺيان
ڪنهن اڻ کٽ دڳ تي
پر دڳ به اهڙو
جيڪو ڪو به ڏس ناهي ڏيندو
ماڳ جو
۽!
مٽيءَ جو ذرو ڊوڙندو رهندو آهي
خلائن منجهه
واچوڙي جي وهڪري سان
منزل جي تلاش ۾
ڪنهن ڀٽڪيل روح جيان......!!
جوهر بروهي
علم
علم آ شمع جا ٻاٽ ۾ ٻارجي،
يعني درياهه مان ٻيڙي ٿي تارجي.
علم سان گڏ عمل کير ۽ کنڊ آ
ڄڻ اُڀ تي کڙيو چوڏهينءَ چنڊ آ.
خوب محنت ڪري هر وچن پارجي.
علم آ انڊلٺ رنگ ريکا جيان،
علم امرت آ مان ڳالهه ڪهڙي ڪيان.
ان طرح ذات ۽ ڏات سينگارجي.
علم انسانيت لاءِ معراج آ،
سون جو تاج آ لال پکراج آ.
رستي واٽن مٿي عطر پيو هارجي.
ڌرتتيءَ جي مٿان ڇانوَ بڻجي جيئو.
مهربانين ڀريا نائو بڻجي جيئو.
ٻالڪو! سونهن جي ساک بڻجي پئو،
رات جي ٻاٽ ۾ باک بڻجي پئو.
پنهنجي رستي اندر ريت سان ڌارجي.
گَهور
’جوهر
بروهي‘
وطن لئه ٿجي.
۽ دعاڳو به پنهنجن ادن لئه ٿجي.
مڙس ٿي مُنهن ڏجي ڏاڍ کي ڏارجي.
ارباب علي عادل چوهاڻ
علم
علم پڙهه روشن جهان ڪر
ٻارڙا مقصد مهان ڪر
جو پڙهيو ٿي دل لڳائي
علم سو کولي بيان ڪر
علم سان سينگارجي ڀل،
زندگي کي ڪامران ڪر
هر نصيحت کي هميشه،
ياد ٻالڪ برزبان ڪر،
علم سان گڏوگڏ عمل سان
هن جهان کي گلستان ڪر،
علم ڌرتيءَ تي پکيڙي،
پوءِ معطر آسمان ڪر.
هر جڳهه ان روشنيءَ سان،
رهنمائي لئه نشان ڪر،
علم جي رک جستجو بس،
ٻيو نه دل ۾ ڪو گمان ڪر،
علم جا ڀل ٻوٽا پوکي،
پنهنجي دل کي باغبان ڪر،
علم سان آڻي سجاڳي،
هر ڏکي دل شادمان ڪر
جيڪڏهن ڏئي ڪجهه به نه سگهين،
شعر
”عادل“
جا ئي دان ڪر.
عزيز گوپانگ
سنڌي ٻار
سنڌي ٻار ماکي لار،
داسي تن اندر اُجار.
سنڌڙي جي محبت سان
دلڙيون جن جون سرشار.
سي آهن سنڌي ٻار.
پيارو جن جو ديس سونهارو،
ماڳ جن جو آهه ڀلارو.
تن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان،
ديس سان آهي جن جو پيار،
سي آهن سنڌي ٻار.
ڪين ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍن ٿا.
هر ويلي هي سچ چون ٿا.
ڪوڙ کي پاڙئون پٽن ٿا.
حق جو ٻولن صرف اُچار.
سي آهن سنڌي ٻار.
ثناءُ الله عتيق چنجڻي
نَنڍڙا اَدڙا
نَنڍڙا اَدڙا گهر جا گُڏڙا.
چُوڏهين جا چنڊ،
ڦُٽا اٿئي ڏند.
اَمڙ ڀِينر اُول گُهول،
ٻاتا ٻاتا اٿئي ٻُول.
هِندورن ۾ لُڏندين،
ابل! کي وڻندين.
منهنجا مٺا ڀاءُ،
لڳئي نه ڪوسو واءُ.
اکيون ٿو ٽِمڪائين،
ڇو ٿو گهٻرائين.
قلم کڻين لِک،
الله تي رک.
ننڍڙا ادڙا،
گهر جا گڏڙا،
سهڻا تنهنجا سڏڙا!!!!!
|