گرمين جي موڪلن جا ڪجهه ڏهاڙا ٺٽي ۾ گذارڻ جو
فيصلو ڪيو ويو. جُون مهيني جي پهرين هفتي ۾ اسان
پنهنجي مامي وٽ مڪليءَ پهچي وياسين. سفر جي ٿڪاوٽ
ڪري پهريون ڏينهن آرام ڪرڻ جو سوچيوسين. سير سپاٽي
جو پروگرام ٺاهڻ لاءِ اهو چيو ويو ته نيرن مهل
کاڌي جي ميز تي اهو طيءَ ڪنداسين ته ڪيڏانهن
ڪيڏانهن هلبو. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ اسان سڀ
آرام ڪرڻ لاءِ پنهنجن پنهنجن بسترن تي وڃي
ڪرياسين. جيڪي وڌيڪ ٿڪيل هئا، سي ته هڪدم ننڊ جي
واديءَ ۾ هليا ويا ۽ زور سان کونگهرا به هڻڻ لڳا.
اسان ڪجهه ٻار ٿوري دير لاءِ شيطان گيريون ڪري ننڊ
جي سمنڊ ۾ اهو سوچي غوطو هنيوسين ته جلد صبح ٿئي
ته جيئن ادا وڏو طئي ڪري ته ڪٿي ڪٿي هلڻو آهي.
نيٺ رات کُٽي ۽ باک ڦُٽي- صبح جي اڇاڻ پنهنجي پوري
سونهن سان ظاهر ٿيڻ لڳي. اسان مان ٻن- ٽن ٻارن کي
ته رات جو سڪون جي ننڊ به ڪونه آئي هئي. صبح ٿيڻ
جي اوسيئڙي ۾ ائين ئي اکيون ٻُوٽيو بسترن تي ليٽيا
پيا هئا. انهن جي اها خواهش هئي ته جيڪر سڀئي جاڳي
پون ۽ سير تفريح جو پروگرام ٺاهين. رب پاڪ ڀلو ڪري
اسان جي وڏڙن ۽ وڏڙين جو، جيڪي بي پرواهه ٿيو مزي
سان سُمهي پيا هئا. ڪنهن ٻار ڪو سُرٻاٽ ٿي ڪيو ته
هڪدم پري کان رڙ ٿي ڪيائون، ”بس ڪري سمهو..! ٻارو!
ننڊ ڦٽائي ناس ڪئي اٿوَ.“
ان وقت دل چاهيو ٿي ته جيڪر سج کي آسمان تان لاهي
سندن مٿان بيهارجي ۽ کين اُٿڻ جو عرض رکجي. اسان
کي ته گهمڻ ڦرڻ جي اچي لڳي هئي ۽ اهي وري ننڊ مان
ڪونه ٿي ڍاپيا. ائين سُتا پيا هئا، ڄڻ ته ڪڏهن ننڊ
ئي ڪونه ڪئي هئائون. مان دعا گهرڻ شروع ڪئي، ”رب
سائين! جلدي ڏينهن اُڀار ته ڪو سير سپاٽو ڪجي.“
سمجهه ڀريو هجڻ جي باوجود به دل ۽ ذهن جي حالت
پنجن سالن جي ٻار کان بنهه گهٽ ڪونه هئي. خدا خدا
ڪري ڏينهن نڪتو. ماسي به اچي گهر پهتي ۽ صفا ئي
ڪري رڌڻو کوليائين. اسان ۾ ساهه پئجي ويو. ڄڻ ته
سڀ جيئرا ٿي وياسين. سڀني ٻارن سانڊي وانگر ڪنڌ
کڻي هڪٻئي کي ڏٺو ۽ اشارا ڪيا ته هاڻي اُٿي کڙا
ٿيو.
تنهنڪري بنا ڪنهن دير جي سڀ اُٿي ويهي رهيا. جلدي
جلدي سڀ حاجتن مان فارغ ٿي، رات جا ڪپڙا بدلائي
تيار ٿي ويا. اڄ هر ڪو ٻار پنهنجا ڪم وڏڙن جي چوڻ
کان بغير ئي ڪري رهيو هو. ننڍن ڀيڻ ڀائرن کي امان
جي چوڻ کان سواءِ ئي تيار ڪري ڇڏيوسين ته جيئن
نيرن ڪرڻ ۾ دير نه ٿئي.
اسان سڀ تيار ويٺا هئاسين، پر صبح جي چانهه ملڻ جو
ڪو آسرو نظر نه ٿي آيو. ان ڪري جو وڏڙا ته اڃان
سُتا پيا هئا. دل چاهيو ٿي ته انهن سڀني جي چانهه
ائين بند ڪجي، جيئن آچر ڏينهن اسان جي دير سان اٿڻ
ڪري ايندڙ آچر تي چانهه نه ملڻ جو الٽيميٽم ڏيندا
آهن. پر اسان کي اهو اختيار ڪونه هو. اسان جو
ڪَرتا ڌَرتا ماروٽ زاهد پري اڱڻ تي کٽ وجهيو سُتو
پيو هو. کيس جاڳائڻ دنيا جو ڏکي ۾ ڏکيو ڪم هو.
لاچار ”مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ“ تي عمل ڪرڻو
پيو.
ڳچ دير تائين اسان ننڌڻڪن وانگر هيڏي هوڏي ڦرندا
رهياسين. نيٺ اها خوشخبري ٻڌائي وئي ته نيرن ميز
تي لڳي چڪي آهي ۽ اسان سڀني کي به سڏيو ويو آهي.
خوشيءَ وچان ٺينگ ٽپا ڏيندا ڊائننگ هال ۾ پهتاسين.
اسان جا وڏڙا اسان جي پهچڻ کان اڳ ئي نيرن ڪرڻ
شروع ڪري چڪا هئا. سمورين ڪرسين جو نظرن سان طواف
ڪيو ويو، پر ادا وڏو ڪٿي به نظر نه آيو. سمجهه ۾
نه آيو ته آخر چڪر ڇا آهي؟ اسان مان ڪنهن چيو ته
”ادا وڏي کي ته سڏي اچو. چانهن ۽ نيرن ٺَرندي ٿي
وڃي.“ جملو پورو ئي مَس ٿيو ته والد صاحب جي
گجندڙ آواز هوش خطا ڪري ڇڏيا، ”چُپ، ڪري نيرن
ڪريو..!“ ماٺ ڪري ڪنڌ جُهڪائي نيرن ڪرڻ شروع ڪئي
سين. سڀني نيرن ڪئي، پر ادا وڏو ”جمع حاضر- واحد
غائب“ واري جملي جو مثال بنجي چڪو هو. هاڻي وڏڙا
هيڏي هوڏي ٿي چڪا هئا. تنهنڪري اسان سڀني ڀينرن ۽
ڀائرن هڪ مظلوم وفد جي شڪل اختيار ڪئي ۽ ڊڄندا
ڊڄندا ادا وڏي جي ڪمري ۾ گهڙياسين. هوريان هوريان
سندس مڇر داني لاٿي سين. هڪ ٻار همٿ ڪري کيس سڏ
ڪيو. اميد جي ابتڙ هو هڪدم اُٿي ويهي رهيو ۽ پوءِ
هڪدم هٿ مُنهن ڌوئي کاڌي جي ميز تي اچي ويٺو. سندس
اٿڻ سان اسان ايترو ته خوش ٿياسين جو ڪنهن کانئس
اهو ڪونه پڇيو ته سندس مٿي تي پَٽي ڇو ٻَڌل آهي.
هو نيرن ڪري ئي رهيو هو ته مان وڏي همدرديءَ وچان
کانئس پڇيو، ”ادا! هي مٿي تي پَٽي ڇو ٻَڌي اٿوَ؟“
هن وراڻيو، ”بس نه ئي کڻي پُڇو... ڪالهه هڪ عجيب
واقعو پيش آيو.“ اسان جو ڌيان ڏانهس ڇڪجي ويو،
”جلدي ٻڌايو... ڇا ٿيو ڪلهه؟“ ٻڌايائين،
”ڪالهه هڪ عجيب شيءِ ڏٺم... سچ ته مان هڪ ڪيميا
حاصل ڪري ورتي.“
ان مهل اهي ڳالهيون هرگز نه ٿي وڻيون. پر ادا وڏي
کي ڪاوڙائڻ به ممڪن ڪونه هو. تنهنڪري کيس گذارش
ڪئي وئي ته هو بنا ڪنهن دير جي اصل ڳالهه تي اچي.
اسان سڀني کي تڪڙ لڳي پئي هئي ته سندس ڳالهه پوري
ٿئي ته پوءِ سير سپاٽي جو به ذڪر نڪري. نيٺ هن
ٻڌائڻ شروع ڪيو ته، ”مان ۽ منهنجو دوست ناصر ڪالهه
شام مڪليءَ جي قبرستان پاسي ڪرڪيٽ کيڏڻ وڃي رهيا
هئاسين ته مرزا عيسيٰ خان ترخان جي مقبري وٽ هڪ
جهونو جوڳي ڪجهه ڳولي رهيو هو. اسان به سندس پويان
لڳي پياسين. هن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ۽ مقبري جي
اندر داخل ٿي ويو. اسان ٻئي به لِڪندا ڇَپندا اتي
پهچي وياسين. هن هڪ ڇَٻي ڪڍي ۽ ان مٿان هڪ ڳَرو
پَٿر رکي ڇڏيو. ڳچ دير تائين ان ڇٻيءَ ۾ ڪا شيءِ
ڦٿڪندي رهي. پوءِ هن اها ڇٻي کولي. اسان به سندس
مٿان وڃي بيٺاسين. جوڳيءَ ڇٻي جو ڍَڪُ کوليو ته ان
۾ هڪ واسينگ نانگ مُئو پيو هو، سندس ڀرسان ڪا
چمڪدار شيءِ پئي هئي. اسان ٻئي ڏاڍو پريشان ٿي
وياسين ته آخر هي معاملو ڇا آهي؟ اسان جوڳي فقير
کي ايلاز منٿون ڪرڻ لڳاسين ته ٻڌاءِ ته هي ڇا چڪر
آهي. هن ڪجهه به ٻڌائڻ نه ٿي چاهيو. نيٺ وڏن وعدن
۽ اقرارن کان پوءِ هن ٻڌايو ته اها چمڪندڙ شيءِ
نانگ جي مَڻ آهي، جنهن وسيلي هر شيءِ کي سون بڻائي
سگهجي ٿو. ان وعدي تي ته اسان ڪنهن کي به نه
ٻڌائينداسين ته هن ناصر جي ڪرڪيٽ بئٽ کي سونو ڪري
ڇڏيو.“
اسان سڀئي ادا وڏي جي قصي کي وڏي ڌيان سان ٻڌي
رهيا هئاسين، پر جڏهن بئٽ جي سوني ٿيڻ جي ڳالهه
ٻڌي سين ته ڇرڪ نڪري ويا. سڀني هڪ آواز ۾ مطالبو
ڪيو ته، ”اسان کي اها بئٽ ڏيکاريو، نه ته يقين نه
ڪنداسين.“
ادا وڏي چيو، ”رب جو قسم! مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان.
اهو سڀ ڪجهه سچ آهي.“
تنهنڪري سندس ڳالهه ٻڌڻ شروع ڪئي سين. هن ٻڌايو،
”مان مرزا عيسيٰ خان ترخان جي مقبري کان ٻاهر نڪري
ناصر کي چيو ته ان بئٽ ۾ منهنجو به اَڌ آهي. اهو
ٻڌي ناصر مون کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون. جڏهن مان
سندس نيت خراب ڏٺي ته کانئس بئٽ کسڻ لڳس. هن هڪدم
بئٽ منهنجن هٿن مان ڇڏائي ۽ منهنجي مٿي تي وهائي
ڪڍيائين. ايڏو ته زوردار ڌَڪُ لڳو جو مون کان
رڙيون نڪري ويون.“ اهو چئي ادا وڏو چپ ٿي ويو ۽
مَٿو جهلي ويهي رهيو.
اسان سڀني جي حالت به ڏسڻ وٽان ٿي چڪي هئي. سموري
تفريح ۽ خوشين جا محل ڊهي پَٽ ٿي چڪا هئا. ڪم خراب
ٿي چڪو هو. اسان سڀ وائڙا ٿي هڪٻئي کي تڪيندا
رهياسين. ادا وڏي ٻڌايو، ”رڙ ڪرڻ سان ئي منهنجي اک
به کلي وئي. ڏٺم ته مان بستري تي ئي هيس ۽ مٿي ۾
ڏاڍو سور هيو. ان ڪري رومال ٻڌي ڇڏيم.“ اهو جملو
پورو ئي مَس ٿيو جو ڪمرو ٽهڪن سان گونجڻ لڳو ۽
اسان سڀ ڳچ دير تائين کلندا رهياسين.
هڪ سيٺ هو جنهن کي اولاد ۾ صرف هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ
هئي. جن جا نالا حميد ۽ منور بانو هئا. هنن ٻڍاپي
۾ پٽ کي وصيت ڪئي ته ابا، ملڪيت جو اڌ حصو منور
بانو جو آهي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ پيءُ وفات ڪري
ويو ته ٻن مهينن بعد حميد کي بي ايماني ٿي سو
سموري ملڪيت پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيائين ۽ دفتر تي
صرف پيءُ کي هڪ پٽ ڄاڻايائين جو خود پاڻ هو.
انهيءَ دفتر تي انهيءَ شهر جي چڱن مڙسن جون صحيحون
وٺي ڇڏيائين ته پيءُ کي صرف هڪ پٽ حميد هو ۽ ٿورن
ڏينهن بعد حميد پنهنجي ڀيڻ منور بانوءَ کي گهر مان
ڪڍي ڇڏيو. انهيءَ ملڪ ۾ هڪ بادشاهه هو جنهن جو اهو
قانون هوندو هو ته جنهن به ڏکويل فريادي کي فرياد
ڪرڻو هجي سو درخواست لکي درٻار جي ٻاهران پيل
پيتيءَ ۾ وجهي وڃي ته انهن ڏکويلن جو پورو داد
فرياد ٿيندو هو. سو منور بانو به ڇا ڪيو جو پنهنجي
لکيل شعر ۾ بادشاهه جي واکاڻ لکي درخواست بند ڪري
پيتيءَ ۾ وجهي آئي. بادشاهه درخواستون ڏسندو ٿي
ويو. جڏهن منوربانوءَ جي درخواست تي نظر پيس تڏهن
ڏسي چيائين ته هن منهنجي ايتري ساراهه ڇو ڪئي آهي؟
سو منور بانوءَ کي گهرايائين ۽ چيائينس ته تو
منهنجي ساراهه ڇو ڪئي آهي؟ منور بانوءَ چيس ته
سائين جهڙو توهان جي وقت ۾ انصاف ٿي رهيو آهي،
تهڙو مون سان به انصاف ٿئي. بادشاهه هن کان پڇيو
ته توسان ڪهڙو ظلم ٿيو آهي؟
ڇوڪريءَ چيو ته سائين! مان حميد سان شادي ڪرڻ ٿي
چاهيان پر هو مون سان شادي ڪرڻ نٿو چاهي، ڪئين عذر
ڏيئي رهيو آهي. هاڻي مهرباني ڪري منهنجي شادي حميد
سان ڪرايو. بادشاهه سمجهيو ته شايد ڇوڪريءَ جي شڪل
خراب آهي، تنهنڪري هن سان شادي نٿو ڪري، سو
بادشاهه ڇوڪريءَ جي منهن تان نقاب لهرايو. بادشاهه
کان ’سبحان الله‘ جو لفظ نڪري ويو ۽ چيائين ته اهو
ڪهڙو بدنصيب آهي جو هن گل جهڙي ڇوڪريءَ سان شاديءَ
کان انڪار ٿو ڪري. هڪدم بادشاهه حميد کي گهرايو ۽
چيائين ته تون هن سان شادي ڪر. هُن چيو سائين هيءَ
ته منهنجي ڀيڻ آهي! بادشاهه چيس بهانا ڇڏ. هن سان
شادي ڪرڻي پوندئي. هن ڏاڍا قسم کنيا ۽ چيائين ته
هي منهنجي سڳي ڀيڻ آهي. ڇوڪريءَ چيو ته جيڪڏهن مان
تنهنجي ڀيڻ آهيان ته تون چڱن مڙسن کي گهراءِ پوءِ
جي هو چون ته برابر مان تنهنجي سڳي ڀيڻ آهيان،
بادشاهه يڪدم ڳوٺ جي چڱن مڙسن کي گهرايو. انهن کي
چيائين ته هي ڇوڪري ڏسو ته برابر حميد جي ڀيڻ آهي
يا نه؟ هنن بلڪل خاطري ڏني ته هي برابر حميد جي
ڀيڻ آهي. اتي ڇوڪريءَ چيو ته جي مان حميد جي ڀيڻ
آهيان ته منهنجي نالي واري ملڪيت جو اڌ حصو مون کي
وٺرائي ڏيو. اتي چڱن مڙسن ۽ حميد جا ڍڍر ڍرا ٿي
ويا ۽ پوءِ ڇوڪريءَ سموري حقيقت بادشاهه کي ٻڌائي،
جنهن تي بادشاهه حميد کي شهر نيڪالي ۽ چڱن مڙسن کي
عمر قيد جي سزا ڏني ۽ منور بانوءَ کي پيءَ واري
سڄي ملڪيت وٺرائي ڏني ۽ پوءِ بادشاهه منور بانوءَ
جي ڏاهپ ۽ هوشياري کان تمام گهڻو متاثر ٿيو.
هڪ بادشاهه کي هڪ انتهائي خوبصورت ڌيءَ هئي. جڏهن
هوءَ وڏي ٿي ته ڪيترن ئي شهزادن شادي لاءِ پيغام
موڪليا. پر شهزاديءَ ڪنهن کي به پسند نه ڪيو. ماءُ
- پيءُ ڏاڍو سمجهايس پر شهزادي ڳالهه نه مڃي سو نه
مڃي...! هن جو چوڻ هو
ته: ”مان ته
سج شهزادي سان شادي ڪنديس.“
آخرڪار هڪ ڏينهن بادشاهه تنگ ٿي شهزاديءَ کي چيو:
”وڃ، ڀلي وڃي سج سان شادي ڪر. هاڻي مون کي شڪل نه
ڏيکارجانءِ.“ اهو چئي بادشاهه شهزاديءَ کي محل مان
ڪڍي ڇڏيو.
شهزادي سج جي ڳولا ۾ نڪري پئي. هوءَ مشرق ۾ جبلن
ڏانهن وئي. پوءِ ٻيلن، ريگستانن مان ٿيندي هڪ اهڙي
جبل تي پهتي جنهن تي سج جو محل هو. هوءَ محل جي
اندر داخل ٿي. اتي هن کي سج جي پوڙهي ماءُ ملي.
”اي ڇوڪري، توکي ڪنهن جي تلاش آهي؟“ پوڙهي عورت
پڇا ڪئي.
”مان سج کي ڳولهي رهي آهيان- سج سان شادي ڪرڻ
چاهيان ٿي.“ شهزاديءَ چيو.
”سج منهنجو پُٽ آهي. توکي ان جي ڪنوار بڻائينديس
پر هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ. ان جي اکين ۾ اکيون وجهي
ڪڏهن به نه ڏسجانءِ.“ پوڙهي عورت شهزاديءَ کي چيو.
شهزاديءَ واعدو ڪيو ۽ ايئن پوءِ ڪافي عرصي تائين
پنهنجي واعدي تي قائم رهي. پر ان کي اها بيچيني
هئي ته هوءَ پنهنجي مڙس جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪري
ڇو نٿي ڏسي سگهي؟ آخر هڪ ڏينهن ان پوڙهي عورت کان
پڇا ڪئي،
”اوهان مون کي ڇو منع ڪئي ته سج جي طرف نه
ڏسان-؟!“
ڌيءَ، مان تنهنجي بيقراري سمجهان ٿي. تون جيڪڏهن
ان کي ڏسڻ ٿي چاهين ته هڪ گلاس پاڻي جو ڀري پنهنجي
مڙس جي سامهون رکي، ان پاڻيءَ ۾ مڙس جو عڪس
ڏسجانءِ. ياد رک، عڪس کي گهڻي دير تائين جيڪڏهن تو
ڏٺو ته نقصان پهچڻ جو خطرو آهي.“
ان شام، جڏهن سج واپس آيو ته شهزاديءَ پاڻي جو
گلاس ان جي سامهون رکيو ۽ ان جي چهري جو عڪس ڏسڻ
لڳي. اهو عڪس ايترو خوبصورت هو، جو سج جي ماءُ
واري ڪيل نصيحت وساري ويٺي ۽ دير تائين ان کي
ڏسندي رهي ان تي سج کي غصو اچي ويو- ان چيو:
”جيڪڏهن تون منهنجو چوڻ نٿي مڃين ته يڪدم منهنجو
محل ڇڏي وڃ.“ ۽ ان شهزاديءَ جو هٿ پڪڙي ان کي محل
مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
شهزادي روئيندي پٽيندي جبل کان هيٺ وادي ۾ لهي
ويئي. جڏهن هوءَ وادي ۾ پهتي ته سورج مُکي چمڪڻ
لڳي ۽ سج جي روشنيءَ وڌيڪ ويتر ان کي خوبصورت سورج
مُکي جي گل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هاڻ اهو گل هميشه
انهيءَ طرف پنهنجو منهن ڪيون بيٺو هوندو آهي.
جيڏانهن سج هوندو آهي. انهيءَ جي ڪري ان کي سورج
مُکي جو گل چوندا آهن.
وڏين مشڪلاتن سان هن انٽر جو امتحان ڏنو هو ته
جيئن ڪا نوڪري ملي وڃي. سڀاڻي سندس رزلٽ اچڻي هئي.
سندس نالو راڌان هو. جيڪا هڪ انڌيري گهر جو روشن
چراغ هئي. هوءَ ميرن ڪپڙن ۾ اسڪول ويندڙ ڀائرن ۽
ڀينرن کي ڏسي مشين جيان ڪم ڪندڙ پيءُ کي ڏسي
سوچيندي هئي، ته اهو ڏينهن ڪيترو خوش قسمت هوندو
جڏهن آءٌ پنهنجي محنت سان هن گهر تان غربت جا ڪارا
ڪوٽ ڪيرائينديس. رڌڻي ۾ ٽڙيل پکڙيل ڀاڄين کي
پنهنجي نازڪ هٿن سان سنواري رکنديس ۽ پنهنجي ڀائرن
۽ ڀينرن کي نوان ڪپڙا پهرائي اسڪول موڪلينديس.
اهي ڳالهيون سوچيندي نه ڄاڻ ڪيڏي مهل کيس ننڊ اچي
ويئي. صبح جو تڪڙي تڪڙي تيار ٿي هوءَ ڪاليج ويئي،
جتي هن کان اڳ ۾ ئي سندس ٻيون سهيليون پڻ رزلٽ جي
اچڻ جو بيچينيءَ سان انتظار ڪري رهيون هيون.
آخر اخبار آئي، سڄي ڪاليج ۾ ڇوڪرين مان راڌان ئي
اُها ڇوڪري هئي جيڪا فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿي هئي. هوءَ
خوش ٿي گهر آئي ۽ گهر اچي سڀني گهر جي ڀاتين کي
پنهنجي ڪاميابيءَ جي خوش خبري ٻڌايائين.
هڪ ڏينهن راڌان جيئن ئي ڪا سُٺي نوڪري لاءِ گهران
نڪتي ته سڄي خاندان ۾ گوڙ مچي ويو. ڪو چوڻ لڳو ته
شريف خاندان جون نياڻيون ڌارين ۾ ڪيئن وڃي نوڪري
ڪنديون، ته ڪن وري چيو ته توهان کي اگر پئسن جي
ضرورت هجي ته کڻي اسان کان گهرو باقي نوجوان نياڻي
جو ائين نوڪري ڪرڻ سٺو ڪونهي. پر راڌان جي پيءُ
ڌارين اڳيان هٿ ٽنگڻ کان راڌان جي نوڪري ڪرڻ کي
وڌيڪ اهميت ڏني.
خاندان جا وڏا مِٽ مائٽ سندن گهر اچي گڏ ٿيا ۽
خاندان جي عزت ۽ غيرت جا حوالا ڏيئي راڌان جي پيءُ
کي مجبور ڪيو، راڌان جي پيءُ سندس ڳالهين ۾ اچي
اهو فيصلو ڪيو ته راڌانن
جو هاڻ ملازمت ڪانه ڪندي.
راڌان سماج جي تنگ نظري ۽ بيوسيءَ ۾ جڪڙجي اهي
ڳالهيون بُت بڻجي ٻُڌي رهي هئي. سندس خيالن جي ڪاڪ
محل ۾ زلزلو اچڻ سان سڀ خواهشون چڪناچور ٿي ويون،
راڌان جي ارمانن جو ڄڻ ته خون ٿي ويو پر هوءَ ڪري
به ڇا ٿي سگهي. هن سوچيو غريبن ۽ مسڪينن کي هر دؤر
۾ وڌيڪ پيڙهيو ويو آهي. هر دؤر ۾ کين سماج سڌرڻ
ناهي ڏنو. جو هاڻ هوءَ اڄ غربت جا ڪارا ڪوٽ ڪيرائي
ها. سندن حسرتن جي تاج محل جي پاش پاش ٿيڻ سان
سندس معصوم نيڻن مان لڙڪن جي زنجير سندس نازڪ ڳلن
کي ڇهندي ڌرتيءَ جي سيني ۾ جذب ٿي ويئي.
* جيڪي ماڻهو وقت جو غلط استعمال ڪندا آهن، اڪثر
ڪري اُهي ئي وقت جي ڪميءَ جي شڪايت ڪندا آهن.
* عالم سان هڪ ڪلاڪ جي گفتگو ڏهن سالن جي مطالعي
کان وڌيڪ فائديمند آهي.
* جيڪو ماڻهو پنهنجي پريشاني ۽ تڪليف ڪنهن ٻئي تي
ظاهر ڪري ٿو اُهو بدنام ٿي وڃي ٿو.
* باهه، قرض، مرض ۽ دشمن کان ڪڏهن به غافل نه ٿجي.
* انسان کي سڀ ڪجهه ايترو ڪي ملندو جيترو ڪجهه هو
ڪوشش ڪندو.
* دوستيءَ جي ميٺاج کي هڪ ڀيري جي رنجش وِهَه
بنائي ڇڏي ٿي.
* اُهو شخص جنت ۾ نه ويندو جنهن جو پاڙيسري هن جي
ايذاءُ کان محفوظ نه رهيو.
* سٺو شخص اهو آهي جيڪو ٻين کي سٺو سمجهي.
* ادب سان پيش اچڻ سڀ کان پهرين نيڪي آهي.
* گناهه تي گهڻو افسوس ڪرڻ سان خداتعاليٰ ان جا
گناهه معاف ڪري ٿو.
* ٻن ڀائرن ۾ صلح ڪرائڻ سان نماز، روزي ۽ خيرات
کان بهتر آهي.
* هر گناهه جي توبهن آهي پر بداخلاق جي توبهن
ناهي.
* انسان جي زندگي برف جيان آهي جيڪا جيئن پوءِ
تيئن ڳرندي رهي ٿي.
* بلنديءَ تي پهچڻ جي شوق کان اڳ پيڙهه پختي ۽
مضبوط رکجي.
انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن يونان ملڪ ۾ هڪ
نهايت رحمدل ۽ بهادر بادشاهه حڪومت ڪندو هو. ان
بادشاهه کي پٽ نه هو. باقي ”زرتاج“ نالي هڪ نياڻي
هئي جنهن کي ڏاڍي لاڏڪوڏ سان نپائيندو هو. شهزادي
زرتاج کي قسمين قسمين ننڍڙن جانور ۽ پکين پالڻ جو
تمام گهڻو شوق هوندو هو. تنهنڪري باشاهه کيس محلات
جي ڀرسان هڪ ننڍڙو باغيچو ٺهرائي ڏنو هو. جنهن ۾
هن ڪيترن ئي ملڪن مان طرح طرح جا ننڍڙا جانور
گهرائي پاليا هئا. شهزادي واندڪائي جي وقت انهن
سان راند روند ڪري دل وندرائيندي هئي. هڪ ڏينهن
دستور موجب شهزادي پنهنجي باغيچي ۾ گُهمي ڦري پکين
جون مٺڙيون ٻوليون ٻُڌي رهي هئي ته اوچتو ڏسي ته
سندس سامهون ڳاڙهن ڪپڙن ۾ هڪ پري بيٺي آهي. جا کيس
هٿ جي اشاري سان پاڻ ڏانهن سڏي رهي آهي. پري کي
ڏسي شهزادي حيران ٿيڻ بدران خوش ٿي ۽ ڊوڙي اچي ان
جي اڳيان بيٺي. پري هن جي مٿي تان محبت جو هٿ ڦيري
چيو منهنجي پياري شهزادي مون تنهنجي باغيچي جي
ڏاڍي واکاڻ ٻڌي هئي. اڄ ان کي ڏسڻ لاءِ آئي آهيان.
تون مون کي پنهنجي باغ ۾ ننڍڙا پکي ڏيکارينديءَ.
زرتاج خوشيءَ مان جواب ڏنو ڇو نه، پر پهرين تون
مون کي ٻڌاءِ ته تنهنجو نالو ڇا آهي ۽ تون ڪهڙي
ملڪ مان آئي آهين. پريءَ چيو منهنجو نالو لال پري
آهي ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي پٺيان اسان جو ملڪ آهي، پوءِ
زرتاج پريءَ کي باغيچي جو سير ڪرائڻ لاءِ وٺي وئي.
کيس هر هڪ گُل، جانور ۽ پکيءَ بابت ٻڌائيندي رهي
ته هي فلاڻي ملڪ مان آندل آهي ۽ هي فلاڻي ملڪ مان
جڏهن سڄو باغ وغيره ڏيکاري چڪي تڏهن پريءَ ٿڌو
ساهه کڻي چيو جيڪڏهن اڃا به هڪ شيءِ هتي هجي ته
جيڪر باغ جي رونق وڌي وڃي. زرتاج حيران ٿي پڇيس
اها ڪهڙي شيءِ آهي ته مان هڪدم بابا کي چئي گهرائي
وٺان. پريءَ چيس ته اهو هڪ پکي آهي، جو ماڻهو
وانگر ڳالهائيندڙ آهي. پر ان کي هٿ ڪرڻ تنهنجي
پيءُ جي وس کان ٻاهر آهي. ڇاڪاڻ ته اهو پکي پهاڙ
ديو جي قبضي ۾ آهي، جو ڪوهه قاف جبلن تي رهندو
آهي. ايئن چئي پري ته هلي وئي پر شهزادي ڳڻتي
۾ پئجي وئي ته ڪيئن به ڪري اهو پکي ضرور هٿ ڪجي.
اوڏي مهل ئي ڊوڙندي بادشاهه وٽ آئي ۽ کيس پري واري
ڳالهه ٻولهه ٻڌائي ۽ زور رکيائين ته جيڪڏهن مون کي
اهو پکي نه ملندو ته آءٌ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏينديس.
بادشاهه شهزاديءَ کي ڏاڍو چاهيندو هو تنهن کي پڻ
ان ڳالهه جو اونو ٿي پيو. نيٺ گهڻي سوچ ويچار کان
پوءِ شهر ۾ پڙهو گهماريائين ته جيڪو به شخص پهاڙ
ديو کان ماڻهو وانگر ڳالهائيندڙ پکي وٺي ايندو
تنهن کي دل گهريو انعام ڏنو ويندو. اهو اعلان ٻڌي
انعام جي لالچ ۾ ڪيترائي بهادر نوجوان ڪوهه قاف
جبل ڏانهن ويا پر ڪوبه جيئرو موٽي نه سگهيو.
انهيءَ شهر ۾ هڪ غريب ٻڍڙيءَ جو پٽ سليم نالي
رهندو هو. ان کي به خيال ايندو هو ته ڪوهه قاف
جبلن تي وڃي پهاڙ ديو کان ڳالهائيندڙ پکي وٺي اچي
ته جيڪر سڄي عمر خوش گذاري، پر اهڙي مشڪل ڪم لاءِ
سندس ٻڍڙي ماءُ کيس موڪل نٿي ڏني. هڪ ڏينهن جيئن
پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ ويٺو هو، ته ڏسي ته آسمان مان
ڪا شيءِ هيٺ ڪري رهي آهي. سليم جلدي اٿي ان کي
پنهنجي ٻانهن ۾ جهٽي ورتو. هن ڏٺو ته اها شيءِ هڪ
ننڍڙي پري هئي جا هيٺ ڪرڻ شرط بيهوش ٿي وئي هئي.
جڏهن هوش ۾ آئي تڏهن هيڏانهن هوڏانهن نهاري
پڇيائين آءٌ ڪٿي آهيان؟ ۽ منهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟
اڃا سليم کيس ڪو جواب ڏي تيسين آسمان مان هڪ ٻي
پري لهي آئي ۽ پنهنجي ڌيءَ کي صحيح سلامت ڏسي ڏاڍي
خوش ٿي. جڏهن کيس خبر پئي ته سليم ان کي بچايو آهي
تڏهن چيائينس، تو منهنجي ڌيءَ جي جان بچائي آهي.
هاڻي جيڪو انعام گهرين سو ڏيانءِ. سليم چيو مون کي
ٻيو ڪجهه نه گهرجي فقط هڪ ڳالهائيندڙ
پکي گهرجي، جيڪو ڪوهه قاف جبلن تي رهندڙ پهاڙ ديو
جي قبضي ۾ آهي. پريءَ چيو اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانه
آهي. پهاڙ ديو اسان جو نوڪر آهي. آءٌ سڀاڻي ئي
کانئس اهو پکي وٺي توکي پهچائي وينديس. ائين چئي
وڏي پري ننڍي پريءَ کي ڪڇ ۾ کڻي آسمان ڏانهن
اُڏامي ويئي. ٻي ڏينهن صبح جو اڃا سليم ننڊ مان
اکيون مس کوليون ته پري سندس اڳيان بيٺي هئي ۽ ان
جي هٿ ۾ هڪ سهڻو رنگارنگي پکي هو، جنهن سليم کي
ڏسي ماڻهن وانگر سلام ڪيو. سليم جي حيرت ۽ خوشيءَ
جي حد نه رهي. هن پري جا ٿورا مڃي پکي پنهنجي هٿن
۾ ورتو. پري وري به اُڏامي ويئي ۽ سليم خوشيءَ
وچان پکي کڻي سڌو بادشاهه جي محلات ڏانهن هليو.
بادشاهه ۽ شهزادي زرتاج پکي ڏسي گهڻو خوش ٿيا ۽
پنهنجي انجام موجب سليم کي ڪافي هيرا جواهر ڏئي
خوش ڪيائون. پوءِ ته سليم جهوپڙيءَ جي بدران هڪ
عاليشان بنگلي ۾ رهڻ لڳو ۽
و منهنجي پياري
شهزادي مون تنهنجي باغيچي ت ڪندو هو. سندس
ٻڍڙي ماءُ به وڌيڪ تڪليف کان ڇُٽي پئي. جلد ئي هن
شهر جي وڏي سوداگر جي ڌيءَ سان شادي ڪئي جنهن ۾
بادشاهه ۽ شهزادي زرتاج به شريڪ ٿيا. شهزادي پکيءَ
جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ ڪڏهن به غمگين ڪانه رهي. ڇو
ته پکي هن کي جدا جدا ملڪن جون آکاڻيون ۽ قصا
ٻڌائي وندرائيندو ۽ خوش ڪندو هو.
الوداعي تقريب ۾ غلام مرتضيٰ
ڪلادي، عبدالحئي ڀٽو ۽ ٻيا ويٺل
آهن.
|
گورنمينٽ مڊل اسڪول ۽ گورنمينٽ بوائز پرائمري
اسڪول پنهون وسير جي اٺين ڪلاس ۽ پنجين ڪلاس جي
ٻارڙن جي مان ۾ هڪ الوداعي پارٽي مڊل اسڪول جي هيڊ
ماستر غلام مرتضيٰ ڪلادي جي صدارت ۾ ٿي گذري. جنهن
۾ پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالحئي ڀٽو، استاد
محمد عمر ڪلادي، استاد عزيز الله لٻاڻو ۽ ٻارن جي
والدين فقير محمد حسن وسير، لياقت علي وسير، علي
خان وسير، غلام حيدر وسير، اسد الله وسير، محمد
ايوب وسير کان علاوه اسڪولي ٻالڪن وڏي تعداد ۾
شرڪت ڪئي. ان موقعي تي غلام مرتضيٰ ڪلادي،
عبدالحئي ڀٽو، محمد عمر ڪلادي، عزيز الله لٻاڻو،
فقير محمد حسن ڪلادي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ٻار
اسڪول جي سونهن هوندا آهن. جنهن جي علمي ۽ ادبي
تربيت سُٺي نموني سان ٿيڻ گهرجي. ٻار اسڪول جي
رونق ۽ علم جو ڏيئو هوندا آهن. جڏهن اهي اسڪول
منجهان تعليم مڪمل ڪري اسڪول ۽ استادن کي الوداع
ڪري هليا ويندا آهن ته اُن ٽائيم ماحول اُداس ۽
ڏکڻهارڪو ٿي پوندو آهي. اڄ جڏهن اٺين ۽ پنجين ڪلاس
جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسڪول ۽ اسان کي ڇڏي رهيا
آهن ته اسان جي اکين ۾ لڙڪ اچڻ سان گڏ سندن گذاريل
وقت ياد اچي رهيو آهي. اسان جي دعا آهي ته اسان جي
ديس جا اسڪول هميشه آباد هجن ۽ گلڙن جهڙا ٻارڙا
علم پرائڻ سان گڏ استادن ۽ وڏڙن جو ادب احترام
ڪندا رهن. آخر ۾ جنهن وقت ٻارڙا پنهنجن استادن کان
موڪلائي رهيا هئا ته ان وقت استادن جي اکين ۾ لڙڪ
لڙي آيا ۽ ماحول سوڳوار ٿي ويو. ان بعد تقريب جي
پڄاڻي ٿي.
محترمه ايڊيٽر صاحبه
بعد سلامن جي عرض ته ڪافي عرصي کان پوءِ گُل ڦُل
وري مارڪيٽ ۾ پهتو آهي. اها به خوشيءَ جي ڳالهه
آهي. ادي اوهين هر شماري ۾ چوندا آهيو ته رسالي
لاءِ مواد موڪليو. ان ڳالهه کي ورجائيندي اسين به
هر ڀيري رسالي لاءِ مواد موڪليندا آهيون، اهو به
رجسٽري ڪري. رجسٽري وصول ڪرڻ وقت اداري کان صحيح
ورتي ويندي آهي. پر افسوس آهي ته اسان جو موڪليل
مواد رجسٽري هوندي به اداري کي نٿو ملي يا ته اسان
جو موڪليل مواد رسالي جي معيار مطابق نه هئڻ سبب
رديءَ جي ٽوڪريءَ جي حوالي ٿيو وڃي. پر پوءِ به
ادي اسين مواد موڪليندا رهنداسين.
اسين دعا ٿا ڪريون ته رب پاڪ اوهان کي همٿ ۽ توفيق
عطا ڪري، ڇو ته ڏسون پيا ته اڄ تائين رسالو صرف
اوهان جي محنتن سان ئي هلي رهيو آهي.
ادي هن دفعي ڪجهه مواد غور ڪرڻ جو سبق، اوهان جو
خط ۽ سهڻا سخن اوهان جي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان.
ان اميد سان ته هن ڀيري ضرور شامل ڪندا.
علي محم دپلهه
ڳوٺ پلهه
جواب: ادا علي محمد، اوهان جو مواد اسان کي ملندو
رهندو آهي ۽ اسان واري واري سان شايع ڪندا آهيون.
هن کان اڳ واري پرچي ۾ به اوهان طرفان موڪليل ٻارن
جا انٽرويو شايع ڪيا ويا آهن. اوهان مطمئن رهو،
مواد موڪليندا رهو ۽ اسان شايع ڪنداسين.
مهرباني (ادارو)
محترمه ايڊيٽر صاحبه
ادي گُل ڦُل مئي جو پرچو بڪ شاپ تي نظر آيو، رسالو
خريد ڪري پڙهيو. سٺي مواد سان سينگاريل پرچو آهي.
هڪ گذارش ته اڄ ڪلهه جديد دؤر جي حساب گل ڦل کي
رنگين ڪري شايع ڪريو ته تمام سٺو ٿيندو. صرف اٺ
پيج رنگين هلايو ٿا. گُل ڦُل کي مڪمل رنگين ڪري
شايع ڪيو وڃي.
باک نياز
ڄام شورو
محترمه نجمه پنهور صاحبه
اميد ته خيريت سان هوندؤ. گُل ڦُل مئي 2019ع جي
شماري ۾ پنهنجي ڪهاڻي
”تڪبر جو انجام“ پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. هن دفعي رسالي
لاءِ هڪ ڪهاڻي ۽ مضمون موڪلي رهيو آهيان. اميد ته
هن ڀيري به شايع ڪري مٿان مٿانهون ڪندا.
محمد رمضان لاشاري
ڪوٽڙي
ادي ايڊيٽر صاحبه
السلام عليڪم! اميد ته خوش هوندؤ.
گُل ڦُل مئي 2019ع جي شماري ۾ پنهنجو مضمون ”تعليم
۽ تربيت“ پڙهي سُرهائي ٿي. ان کان علاوه ٻيا مضمون
۽ ڪهاڻيون به ڏاڍيون بهترين آهن، ايئن کڻي چئجي ته
سمورو رسالو ننڍڙن ٻارڙن لاءِ واقعي هڪ علمي ۽
ادبي رسالو آهي جيڪو ٻارن جي ڄاڻ ۽ علم ۾ واڌارو
ڪري ٿو. رسالي لاءِ وڌيڪ مضمون موڪلي رهيو آهيان،
اميد ته شايع ڪنديون.
خضر خان وگهيو
ڄام شورو
مئي 2019ع جي ماهوار شماري ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾
ڏنل بيت ”سُر آسا“ جي داستان پهرين جو ستون نمبر
بيت آهي.
بيت جي صحيح معنيٰ:
نيستيءَ (پاڻ وڃائڻ)، ٻانهي يعني اِنسان کي وڏي
مرتبي وارو ڪيو. اُهي هرهڪ روپ ۾ به لڪل آهن ۽
اَصلي صورت به پاڻ آهن. هتي محبوب جي راز جو ڪهڙو
ذڪر ڪبو؟ (زبان کي ڪهڙي طاقت جو اِنهيءَ ڳجهارت جو
بيان ڪري سگهي؟)
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
* آذان ڀٽي: گورنمينٽ مرزا قليچ بيگ هاءِ اسڪول،
حيدرآباد
*
فضا فرحان:
گورنمينٽ خورشيد بيگم گرلز ڊگري ڪاليج، حيدرآباد
* افشان پنهور: دادو.
* ذيشان جمالي: گورنمينٽ هاءِ اسڪول بکر جمالي،
ضلع مٽياري.
* بشريٰ بانو چنا: گهوٽڪي.
* نصير احمد فقير چنا: گهوٽڪي.
* مسڪان شريف: گورنمينٽ خورشيد بيگم، گرلز ڪاليج
حيدرآباد
* محمد رمضان لاشاري: ڄام شورو.
* راجا خير محمد چنا: گهوٽڪي.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان آذان ڀٽي
جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران گُل
ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي. |