رمضان جو رحمتن ڀريو مھينو شروع ٿيڻ وارو ھو.
منھنجي امڙ کارڪن ۽ بوتلن جي خريداري ڪرڻ جھڙيون
تياريون ڪرڻ ۾ مصروف ھئي.
ھوءَ خير سگالي جي جذبي تحت
اسان جي دوستن، خاندان ۽ نوڪرن ۾ کارڪون تقسيم ڪري
چڪي ھئي.
شام جو رمضان جو چنڊ نظر آيو.
منھنجي ماءُ مون کان سوال ڪيو ، “ڇا تون ھي خاص
مذھبي فرض ادا ڪرڻ چاھين ٿي ۽ ٻئي ڏينھن روزو رکندينءَ ؟“ مان ھاڪار ۾ جواب ڏنو ڇاڪاڻ جو مان اھو سمجھڻ ۽ محسوس
ڪرڻ چاھيو ته
روزيدار
کاڌي ۽ پاڻي واپرائڻ کان سواء ڪيئن محسوس ڪندا
آھن.
امان
چيو،
اھو ھاڻي تنھنجي لاء وقت آھي ته روزي جي اھميت کي
پڻ سمجھه! بهرحال
تون وڏي
سمجھدار
ڇوڪري آھين.جيڪڏھن تون
روزو
رکندينءَ ، اسان تنھنجي پھرين روزي جي خوشي ۾
افطار پارٽي ڪنداسين ۽ ھن اھم موقعي تي توکي
انعامن اڪرامن، تحفن ۽ سوکڙين سان پڻ نوازيو
ويندو.
مان پرجوش ٿي ويس.
سوکڙيون ۽ پنھنجي پسنديده کاڌي حاصل ڪرڻ
وارو خيال خوبصوت ۽ دلڪش لڳو.
اھو ايترو ته سٺو ۽ عمده ڏسڻ ۾ آيو.
جيترو مان ان جي متعلق وڌيڪ سوچيندي رھيس، اوترو ئي وڌيڪ پرجوش ٿيندي
ويس.انھيءَ رات مان سحري تائين جاڳيس.
امان مون کي سحري ۾ کارڪ ، لسي جو پيالو، ھڪ عدد
ڪيلو ۽ اڌ صوف ڏنو.مون کي ھٿ ۾ پاڻي
جو گلاس
ھو ۽ ننڊ واري حالت ۾ آذان جو انتظار ڪيو.
فجر جي نماز پڙھڻ کان پوء ، مان بستري تي وڃي
ليٽيس ۽ مون کي ننڊ اچي وئي
۽
منجھند جو ھڪ وڳي جاڳ ٿي ، مان ڏاڪڻيون لھي ھيٺ
لٿس ۽ خود پراٺا پچايا جنھن سان گڏ نيوٽيلا ۽ ڪيلا
به ھئا.مان مڪمل طور تي اھو وساري ويٺي ھيس ته ڪو
مون کي روزو به
آهي.
بورچيخاني کان ٻاھر مزيدار ۽ ذائقيدار خوشبو
پئي
آئي. جيئن ئي مان پھريون
گِرهه وات ۾ وجهڻ
واري ھئس،
ته منھنجي ماءُ بورچيخاني ۾ آئي ۽ مون کي کائڻ کان روڪيو.
”توکي
ته
روزو آھي..! منھنجي لاڏلي !“
ھن مون کي ياد ڏياريو.
”اوھه“ مون
کي اوچتو ياد اچي ويو.
اھڙي طرح، نه چاھيندي به مون کي پنھنجا لذيذ
پراٺا پنھنجي ڀاءُ کي کائڻ لاء ڏيڻا پيا ، جنھن جي
چھري تي
اھي
پراٺا کائڻ واري سوچ سبب شرارتي مسڪراھٽ ھئي.ان
کان پوءِ،
مان وھنجي ڪري پنھنجو پاڻ کي تازو ڪيو ۽
ٻپھريءَ
واري نماز پڙھي، ڪجھه وقت قران پاڪ جي تلاوت ڪندي گذاريو.
پوءِ
مان ليٽي پيس ۽
اُڃ جي شدت محسوس ڪندي گھڙيال ڏانھن ڏسڻ لڳس.
عصر
جي نماز
کان وٺي ، مون کي سخت بُک ۽ اُڃ محسوس ٿي رھي ھئي.مان ايتري ته خشڪي محسوس ڪئي جو جلدي مون کي خيال
آيو ته غريب ماڻھو سڄو ڏينھن کاڌي کان سواءِ زنده ڪيئن رھن ٿا.اُھي احساس
منھنجون اکيون کولڻ لاء ڪافي ھئا.انھيءَ کان
پھريان، مان ڪڏھن به بُک ۽ اُڃ جي احساس کان باخبر نه ھيس
ڇاڪاڻ جو اسان وٽ کائڻ ۽ پيئڻ لاء سدائين ڪجھه نه
ڪجھه ھوندو آھي.اسان کي اھو ڪجھه ملندو آھي جنھن
جي تمنا ڪندا آھيون ۽ ڪڏھن به ڪنھن شيءِ جو انتظار ڪرڻو
نه پوندو آھي. اڻڳڻيون ۽
بيشمار نعمتون عطا ڪرڻ تي مان رب پاڪ جو شڪريو ادا
ڪيو.
انھن خيالن
۾ مان بستري تي ويھي رھيس ۽ ويٺي ويٺي مون کي ھڪ ڪلاڪ تائين ننڊ اچي
وئي ۽ امڙ اچي مون کي جاڳايو.ھن مون کي چيو ته
تيار ٿي ڇاڪاڻ ته منھنجي پھرين روزي جي خوشيءَ
۾ افطار پارٽي ملھائڻ لاءِ اسان
سڀني
کي ريسورنٽ تي ھلڻو ھو.
ريسٽورنٽ ڏانھن سواري ڪرڻ دوران ، منھنجي امڙ مون
کي تمام گھڻين سٺين ڳالھين کان آگاھه ڪري رھي ھئي
۽ مون کي اھو پڻ ٻڌايائين ته اسان رب
پاڪ کي راضي ڪرڻ ، صبر جو سبق سکڻ ۽ غريبن لاء ھمدرديءَ جو احساس رکڻ لاء روزا رکندا آھيون.
جيئن ئي مون کي ندامت جو احساس ٿيو مان ھيٺ
نهاريندي
ڪنڌ لوڏيو، اھو سوچيندي ته ھن روزي دوران منھنجي
خيالن جو مرڪز تحفن ۽ سوکڙين جي حاصلات
ھئي، جيڪي مون کي ملڻ واريون ھيون ۽ ان سان گڏوگڏ مزيدار کاڌي کائڻ جي
لالچ ھئي.ھن سوچ ۽ رويي مون کي شرمنده ڪري ڇڏيو.
ريسٽورنٽ ۾، ھر ڪوئي منھنجي لاءِ تمام
گھڻو خوش ھو، ڇاڪاڻ جو منھنجي ڪري ئي
هن
گڏجاڻيءَ جو اھتمام ڪيو ويو ھو.آخرڪار ، جڏھن سانجھيءَ جي نماز جو آذان ٻڌڻ ۾
آيو ، امان مون کي
دعا
گھُرَڻ ۽ روزو کولڻ جو چيو.اسان سڀني جي سامھون
پاڻي ، کارڪون ، فروٽ چاٽ ۽ چٽپٽي کاڌا رکيل
ھئا.مان حرص ڪري خوب پيٽ ڀري کاڌو.اسان پوء
ريسورنٽ واري مسجد ۾ نماز پڙھڻ
به
وياسين.
انھيءَ کان پوء ، ھر ھڪ
سهيلي
مون کي سوکڙيون ڏنيون.مان بيحد خوش ۽ پرجوش
ھئس.اسان سڀ
گڏ
ويٺاسين ۽ ڪجھه وقت لاء ڪچھريون ڪيون.
تيستائين تراويحن جو وقت به ٿي ويو ۽ اسان گھر وڃڻ
جي تياري ڪئي.
انھيءَ ۾ ڪو به شڪ ناھي ته مون کي تحفن ۽ انعامن حاصل ڪرڻ جي لالچ ھئي پر
اھو به سچ آھي ته مان مسڪينن ۽ غريبن جي آزمائشن
جي باري ۾ به سکيا حاصل ڪئي، جن کي کائڻ يا پيئڻ لاء ڪجھه
به ناھي.
زندگي انھن جي لاءِ جدوجھد ۽ جستجو آھي، اسان مراعت يافته ماڻھن کي انھن جي نه فقط رمضان مبارڪ
جي مقدس مھيني ۾ مدد ڪرڻ گھرجي پر، اسان کي سڄو سال انھن سان سھڪار ڪرڻ گھرجي ته
جيئن انھن کي ھڪ ڏينھن به کاڌو کائڻ بغير ننڊ نه
ڪرڻي پوي.
(اسڪولي ٻارن لاءِ مختصر اسٽيج ڊرامو)
ڪردار
1. خليفو
2. قاضي
3. فقير
4. شاهوڪار
5. ٻه دربان
6. وزيراعظم
7. ٻه محافظ
گهربل سامان
1. هڪ سهڻي ڪرسي
2. ٻه مور جي پکن جا ٺهيل پکا (مورڇل)
3. ٻه گُرز (لڪڻن مٿان گتي جو ڦل لڳائي ان مَٿان
چاندي جهڙي پني چنبڙائي يا سلور رنگ لڳائي خود
ٺاهي سگهجن ٿا.)
منظرڪ سميت
ا ديڳڙمڇون
چادر
مو)روازا، ڇتيون ۽ ڪاٺي جي هر شيءِ ڪٽي ڇڏي ۽ پوءِ
ان سڄي ڪاٺين جي ڍير کي پنهنج پٺي هو.
تيست
جيئن ئي اسٽيج جا پڙدا هٽن ٿا ته درٻار جو منظر
ڏيکاريل آهي. اسٽيج جي وچ تي هڪ سهڻي شاهي ڪرسيءَ
تي شاهي لباس ۾ خليفو ويٺل آهي. سندس پٺيان ٻه
محافظ گُرز کنيو بيٺل آهن. ساڄي ۽ کاٻي کان ٻه
دربان ”مورڇل“ کنيو بيٺل آهن. ٿورو اڳتي وزير به
شاهي لباس ۾ هٿ ٻڌي ادب سان بيٺل آهي. فرش تي سهڻو
ڳاڙهو قالين وڇايل آهي. هڪ طرف کان قاضي اچي ٿو،
سلام ڪندو بادشاهه جي ويجهو اچي ادب سان هٿ ٻڌي
بيهي ٿو رهي.
خليفو: چئو قاضي! اڄ ڪيئن اچڻ ٿيو؟
قاضي: رب خليفي جي وڏي ڄمار ڪري! آئون ان
لاءِ حاضر ٿيو آهيان جو مون وٽ ٻه ماڻهو هڪ اهڙو
فرياد کڻي آيا آهن جن بابت آئون ڪو فيصلو نٿو ڪري
سگهان ته ٻنهي مان ڪير ٿو ڪوڙ ڳالهائي ۽ ڪير سچو
آهي.
خليفو: اهڙو ڪهڙو معاملو آهي؟
قاضي: سرڪار! مون کي اجازت ڏيو ته آئون
ٻنهي کي درٻار ۾ پيش ڪريان.
خليفو: اجازت آهي.
(قاضي سلام ڪري ٿو ۽ هلندو اسٽيج تان ٻاهر وڃي ٿو.
جلدي واپس وري ٿو. سندس پويان ٻه ماڻهو به گڏ اچن
ٿا. هڪ سُٺي لباس ۾ آهي ۽ شاهوڪار ماڻهو ٿو ڏسجي،
جڏهن ته ٻيو هڪ فقير آهي جيڪو منڊڪائيندي اچي ٿو.
قاضي خليفي جي ساڄي پاسي اچي بيهي ٿو ۽ هي ٻئي
ماڻهو خليفي کي سلام ڪندا کاٻي پاسي احترام سان
بيهن ٿا. قاضي ڳالهائي ٿو)
قاضي: جيئندا قبلا! هي ٻئي ماڻهو هڪ سهڻي
تازِي گهوڙي جي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪن ٿا. ٻنهي وٽ
ڪو گواهه ڪونهي ۽ هر هڪ قسم کائي چوي ٿو ته گهوڙو
هن جو آهي.
خليفو: گهوڙو ڪٿي آهي؟
قاضي: سائين! گهوڙو ٻاهر موجود آهي.
خليفو: (شاهوڪار ماڻهوءَ کي اشارو ڪندي) تون اڳتي
اچ ۽ ٻڌاءِ ته ڇا معاملو آهي؟
(شاهوڪار ماڻهو سلام ڪندو خليفي جي سامهون هٿ ٻڌي
بيهي ٿو ۽ پوءِ چوي ٿو)
شاهوڪار: سرڪار! آئون قسم کڻي چوان ٿو ته جيڪو به
چوندس، سو سچ چوندس- اڄ صبح جو آئون گهوڙي تي
سواري ڪندي شهر ڏانهن پئي آيس ته منهنجي نظر هن
(فقير ڏانهن اشارو ڪندي) فقير تي پئي جيڪو رستي
تان منڊڪائيندو پئي ويو. هن گهوڙي جي ٽاپن جو آواز
ٻڌو ته بيهي رهيو ۽ مون کي اتي بيهڻ جو اشارو
ڪيائين. آئون بيهي رهيس ته مون کي منٿ ڪيائين ته
کيس گهوڙي تي ويهاريان ۽ اڳتي پهچايان. جيئن ته هو
منڊڪائيندو پئي ويو ته مون کي مٿس رحم آيو ۽ مون
کيس گهوڙي جي پٺيءَ تي منهنجي پويان ويهاريو ۽
اسين اڳتي هلياسين. جڏهن اسين شهر جي دروازي تائين
پهتاسين ته آئون بيٺس ۽ کيس اتي لهڻ لاءِ چيم ته
هن گهوڙي جي پٺيءَ تان لهڻ کان انڪار ڪندي چيو ته
’آئون ڇو گهوڙي تان لهان؟
هي ته منهنجو
گهوڙو آهي. مون توتي مهرباني ڪري ان تي سواري
ڪرائي ۽ هاڻي تون مون کان منهنجو گهوڙو ڦُرڻ ٿو
چاهين؟‘
(فقير يڪدم منڊڪائيندو ۽ روئيندو اڳتي وڌيو ۽
خليفي جي سامهون بيهي چوڻ لڳي ٿو)
فقير: جيئندا قبلا! اوهين غريبن جا مددگار ۽
رعايا جا محافظ آهيو ۽ داناء خليفا آهيو. مون تي
ڪهل ڪريو ۽ مون کي هن ماڻهوءَ جي ظلم کان بچايو ۽
مون سان انصاف ڪريو.
خليفو: گوڙ نه ڪر- آرام سان ٻُڌاءِ ته هن توسان
ڪهڙو ظلم ڪيو آهي؟
فقير: سرڪار! آئون قسم کڻي چوان ٿو ته گهوڙو
منهنجو آهي.
خليفو: تو جهڙي فقير وٽ تازِي گهوڙو ڪيئن ٿو ٿي
سگهي؟!
فقير: سرڪار! آئون اڳ فقير نه هيس پر شاهوڪار
ماڻهو هيس. اوچتو وقت جو ڦيرو آيو ته آئون امير
مان غريب ٿي پيس. مون سڀ ڪجهه وڪڻي کپائي ڇڏيو، پر
هن گهوڙي سان مون کي پيار هو سو اهو نه وڪيم. اڄ
صبح جو آئون گهوڙي تي چڙهي شهر ڏانهن آيس پئي ته
منهنجي نظر هن ماڻهوءَ (شاهوڪار ڏانهن اشارو
ڪري)تي پئي جيڪو رستي تان پنڌ پئي ويو. هن مون کي
ڏٺو ته مون کي روڪيائين ۽ منٿ ڪيائين ته کيس شهر
تائين وٺي هلان، جو هي پنڌ ڪري ٿڪجي پيو هو. ڀلا
آئون هڪ اجنبي ماڻهوءَ تي ڪيئن ٿي ڀروسو ڪري سگهيس
سو کيس اڳيان ويهڻ لاءِ چيم. هي گهوڙي تي سوار ٿيو
۽ جڏهن اسين شهر پهتاسين ۽ مون هن کي گهوڙي تان
لهڻ لاءِ چيو ته هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو!
خليفو: هن توکي ڇا چيو؟
فقير: سرڪار! هن چيو ته اهڙو سهڻو گهوڙو تو جهڙي
فقير وٽ نٿو سونهين. تون گهوڙي تان لهي وڃ ۽ ڪنهن
سان به ڳالهه نه ڪج. ڳالهه ڪندين به ته ڪوبه
تنهنجي ڳالهه تي اعتبار نه ڪندو.
خليفو: هون .... (سوچ ۾ گم ٿي وڃي ٿو)
فقير: سرڪار! مون سان انصاف ڪريو ۽ منهنجي شيءِ
مون کي موٽرائي ڏيو.
خليفو: وزيراعظم!
وزيراعظم: (ويجهو اچي ادب سان هٿ ٻڌي چوي ٿو) جي
سرڪار!
خليفو: تون قاضي ۽ هنن ٻنهي ماڻهن کي پاڻ سان گڏ
وٺي ٻاهر وڃ جتي گهوڙو بيٺل آهي. هي ٻئي واري واري
سان گهوڙي جي پٺيءَ تي هٿ ڦيرائيندا پوءِ هنن کي
مون ڏانهن ٻيهر وٺي اچجو.
وزير: حاضر سرڪار!
(هو هنن کي اشارو ڪري ٿو. قاضي شاهوڪار ۽ فقير هن
جي پويان هلندا اسٽيج تان هليا وڃن ٿا. خليفو تخت
(ڪرسيءَ) تان اٿي سوچ ۾ ٻڏل هلڻ لڳي ٿو. ٿوري دير
۾ وزير، قاضي ۽ فريادين سميت واپس اچي ٿو. سڀ ادب
سان سلام ڪري بيهي رهن ٿا. خليفو وزيراعظم کي
مخاطب ٿي چوي ٿو)
خليفو: وزيراعظم! هاڻي ٻڌايو ته جڏهن هنن ٻنهي
ماڻهن واري واري سان گهوڙي جي پٺيءَ تي هٿ رکيو ته
ڇا ٿيو؟
وزيراعظم: جيئندا قبلا! جڏهن فقير گهوڙي جي پٺيءَ
تي هٿ رکيو ته هو ڇرڪيو ۽ ڪاوڙ مان اهڙو آواز
ڪڍيائين ڄڻ هن کي فقير جو ڇُهڻ نه وڻيو هجي.
خليفو: ۽ جڏهن شاهوڪار ماڻهوءَ گهوڙي جي پٺيءَ تي
هٿ ڦيريو ته هُن ڇا ڪيو؟
وزيراعظم: سرڪار! جڏهن شاهوڪار ماڻهوءَ گهوڙي جي
پٺيءَ تي هٿ ڦيريو ته هو خوشيءَ مان اهڙو آواز ڪڍي
رهيو هو ڄڻ ته هن کي اهو ڇُهاءُ وڻيو هجي.
خليفو: (قاضيءَ ڏانهن ڏسي) قاضي! ڇا هي صحيح ٿو
چوي؟
قاضي: جي سرڪار! ائين ئي ٿيو هو.
خليفو: بس! ته پوءِ معاملي جو فيصلو ٿي ويو. گهوڙو
وفادار جانور آهي ۽ هو پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو ان
ڪري هن کي شاهوڪار ماڻهوءَ جي هٿ جي ڇهاءَ سان
خوشي ٿي جڏهن ته فقير جي هٿ جو ڇهاءَ نه وڻيس.
گهوڙي جو اصل مالڪ شاهوڪار ماڻهو آهي.
شاهوڪار: مهرباني سرڪار!
وزيراعظم: خليفي جو فيصلو دانائيءَ وارو آهي.
قاضي: بيشڪ.
خليفو: (فقير ڏانهن ڏسي) تون ڪوڙو ثابت ٿيو آهين.
تو هن شريف ماڻهوءَ تي ڪوڙو الزام هنيو آهي. توکي
ان جي سزا ملڻ گهرجي.
فقير: (خليفي جي پيرن تي هٿ رکندي) سرڪار! آئون
پنهنجو ڏوهه قبول ڪريان ٿو. مون کي معاف ڪريو.
خليفو: معافي مون کان نه پر هن شريف ماڻهوءَ کان
وٺ، جنهن توسان همدردي ڪئي ۽ توکي گهوڙي تي وهاريو
پر موٽ ۾ تو هن کي ڦُرڻ جي ڪوشش ڪئي.
(فقير شاهوڪار وٽ اچي هٿ ٻڌي چوي ٿو)
فقير: مون کان غلطي ٿي. مون کي معاف ڪريو.
شاهوڪار: مون توکي معاف ڪيو.
خليفو: پوءِ توکي معافي ڏجي ٿي پر وري ڪڏهن اهڙي
حرڪت نه ڪجانءِ. ڇو ته بُرائي جو انجام بُرو هوندو
آهي.
(خليفو هٿ سان اشارو ڪري ٿو ته قاضي، شاهوڪار ۽
فقير سلام ڪندا هليا ٿا وڃن ۽ پاڻ واپس وڃي پنهنجي
تخت (ڪرسي) تي ويهي ٿو رهي ۽ اسٽيج جو پردو بند
ٿئي ٿو.)
(ڏهين ڪلاس جي انگريزيءَ جي نصابي ڪتاب ۾ ڏنل سبق
The
wise Cliph
تان ورتل)
ھڪ دفعي ھڪ ڳوٺ ۾ ھڪ غريب خاندان رھندو ھو.اُھو ھڪ
رنڙ ماءُ ۽ ٻن نوجوان پُٽن
تي مشتمل ھو.والد ڪجھه مھينا پھريان ھڪ حادثي ۾
گذاري ويو ھو،
تنھنڪري والده پنھنجي ٻارن جي ضرورتن جي پورائي
لاء سخت محنت ۽ پورھيو ڪري رھي ھئي.
مُناج پنجن سالن جو ھو ۽ اڃا تائين پنھنجي نون ۽
مشڪل حالتن کي سمجھڻ ۽ انھن سان ٺھڪي ھلڻ جي قابل
نه ھيو.جڏھن ته نسيم فقط ٻارھن سالن جو ھيو ، پر
ھو ڪجھه ئي مھينن ۾ پنھنجي عمر کان به وڌيڪ پڪو ۽
پختو ٿي ويو ھو.
جڏھن کان وٺي ھُو پنھنجي پيءُ جي ڇپر ڇانَوَ کان
محروم
ٿي
ويو ھو ۽ ھُن کي سمجھه ۾ اچي ويو ھو ته ھُن جي
والده انھن جي سار سنڀال ۽ خيال ڪرڻ لاء ڪيڏا نه
ڪشالا ڪاٽي رھي ھئي.
عيد قريب ۽ ويجھو اچي رھي ھئي. ننڍي ھئڻ جي حيثيت
سان، مُناج
نون ڪپڙن ۽ جوتن نه ھجڻ جي ڪري پريشان حال ھو ،
ائين ھن شڪايت ڪئي،
”امان
، عيد ۾ ڪجھه ئي ڏينھن بچيا آھن، ھرڪو نوان جوتا ۽
ڪپڙا پائيندو. منھنجي سڀني سنگتين نوان جوتا ۽
ڪپڙا ورتا آھن.
اسان پنھنجي لاء خريداري ڪرڻ ڪڏھن ھلنداسين؟“
مُناج پڇا ڪئي.
امڙ خاموش رھي، ۽ ڪجھه پئسا ڪمائڻ خاطر ٻين ماڻھن
جي لاءِ
عيد جا ڪپڙا سبيدي رھي. ھُن وات مان
ھڪ لفظ به نه ڪڍيو، پر پنھنجي دل ئي دل ۾ خاموشي
سان روئندي رھي.
نسيم جواب ڏنو،
”مان
توکي پنھنجا ڪپڙا ڏيندس ، منھنجا ھي ڪپڙا ڏس جيڪي
بلڪل ايترا ئي سٺا آھن جيترا نوان مان انھن کي
تڏھن پائيندو ھيس جڏھن مان تنھنجي عمر جو ھوندو
ھيس.“ نسيم پراڻي پيتي
مان ڪجھه ڪپڙا ڪڍيا ۽ اُھي پنھنجي ڀاءُ کي ڏيکاريا.مُناج
رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ چيو،
”مون
کي تنھنجي ڪپڙن جي ضرورت نه آھي. مون کي نوان ڪپڙا
کپن“!
اسان ھن کي ڪيئن سمجھايون ته اسان ڪجھه کائڻ ۽ پيٽ
پالڻ لاء ئي بمشڪل بندوبست ڪري سگھون ٿا، نوان
ڪپڙا خريد ڪرڻ اسان جي وس جي ڳالھه نه آھي.
نسيم درد ڀري انداز ۾ چيو.
”پيارا
پٽ، رڙيون نه ڪر. اسان
وٽ
بلڪل ھن وقت پئسا ناھن، پر اسان تنھنجي چاچي ڏانھن
ھلنداسين ۽ ان کان ڪجھه پئسا اُوڌارا وٺنداسين. ڇا
تون ھاڻي ته خوش آھين نه؟“ ماءُ ننڍي پٽ کي آٿت ۽
دلاسو ڏنو.
ھي ٻڌي مُناج خوش ٿيو.
”اسان
جو چاچو امير آھي، پر ان جو اھو مقصد نه آھي ته ھو
اسان جي مدد ڪندو. مان پھريائين به ٻه ڀيرا ھُن
ڏانھن وڃي چڪو آھيان ۽ ھر ڀيري ھُن بھانا ڪيا،“
نسيم چيو.
انھن جو چاچو شاھوڪار شخص ھو ۽ ويجھڙائي ۾ ئي ھن
کي وڏو نفعو حاصل ٿيو ھو.جڏھن مُناج ۽ ھُن جي
والده ھُن جي گھر پھتا ھُن کي تمام وڏي رقم ڳڻيندي
ڏٺو ويو.
”ڀاءُ
شھباز، منھنجي ٻارن کي عيد لاءِ
نوان جوتا ۽ ڪپڙا نه آھن. اُھي ٻار آھن، اڃا تائين
ايترا ته ناسمجھه آھن جو اھي تلخ حقيقت به سمجھي
نه ٿا سگھن، مون کي توکان ڪجھه پئسا اُوڌارا
گھرجن. مان جيڪي ڪپڙا سلائي ڪري رھي آھيان جيئن ئي
مون کي انھن جو اُجورو
۽ معاوضو مليو مان تنھنجي اوڌر توکي واپس ڪري
ڇڏينديس“.
والده عاجزانه نموني عرض ڪيو.
”معذرت
ڀيڻ، مان پنھنجو سمورو پئسو پنھنجي نئين دڪان ۾
لڳايو ۽ ان مان مون کي ڪو مالي فائدو نه ٿيو. مون
کي پنھنجي ٻارن جا جوتا ۽ ڪپڙا خريد ڪرڻ لاءِ
پنھنجن دوستن کان پئسا اُوڌارا وٺڻا پيا، مان توکي
پئسا ڪٿان ڏيان؟ ھي پئسا منھنجا نه آھن، مون کي
اھي ڪنھن کي ڏيڻا آھن،“ چاچي تڙ تڪڙ ۾ وراڻيو.
مُناج جي اکين ۾ ڳوڙھا
ڀرجي
آيا. ھي يقين ئي نه ڪري سگھيو ته ھُن جي پياري
چاچي ھُن جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ھو
پوء پنھنجي ماءُ ڏانھن مڙيو ۽ ھن کي ٻڌايو ته ھُن
کي ڪنھن شيءِ
جي ضرورت نه
آهي.
ماءُ اُداسي
مان پنھنجي روئڻھارڪي پٽ کي ڳلي لڳايو ۽ اتان
رواني ٿي وئي. ھر ماءُ وانگر، ھن پڻ چاھيو ته ھُن
جا ٻار عيد ملھائين ۽
خوشي
ماڻين، ائين ھوءَ رب پاڪ کي مدد لاءِ
ٻاڏائيندي رھي.
گھر واپس موٽڻ کان پوءِ،
ماءُ ٻيھر ڪپڙا سلائي ڪرڻ شروع ڪيا جڏھن ته ڇوڪرن
پنھنجن پراڻن رانديڪن سان کيڏڻ جو بھانو ڪيو،
جيتوڻيڪ اُھي ايترو ته اُداس
۽ غمگين ھئا جو ڪنھن به شيءِ
جو لطف حاصل ڪري نه سگھيا.اوچتو گھر جو دروازو
کڙڪيو.
ماءُ
جڏھن دروازو کوليو ، ھُن ڪجھه ماڻھن کي ٻاھر
دروازي تي بيٺل ڏٺو.
”ڇا
ھي محمد عامر جو گھر آھي؟“
”ھائو“
ھُن جواب ڏنو.
”اسان
انشورنس ڪمپني کان آيا آھيون. تنھنجي
مڙس
اسان کان زندگي جي ويمي واري پاليسي ورتي ھئي.
اسان توکي پنج لک رقم ڏيڻ آيا آھيون. اسان کي
تنھنجي شناختي ڪارڊ ڏسڻ جي ضرورت آھي ڇاڪاڻ جو
تنھنجي مڙس پاران ھن فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ
توکي نامزد ڪيو ويو آھي.“
مُناج جي ماءُ حيران ٿي وئي. ھُن (ماءُ) طرفان
گھرجون مڪمل ڪرڻ ۽ مختلف ڪاغذن تي دستخط ڪرڻ کان
پوءِ،
آيل ماڻھن مان ھڪ شخص چيڪ ھُن جي حوالي ڪيو ۽ ھُن
کي عيد جون مبارڪون ڏنيون.
غريب خاندان مدد لاءِ
رب پاڪ ۽ پياري مرحوم پيءُ جو
شڪريو
ادا ڪيو. انھن جلد ئي چيڪ بئنڪ ۾ جمع ڪرايو.
ٻئي ڏينھن، انھن ڪجھه پئسا ڪڍرايا ۽ نوان جوتا،
ڪپڙا ۽ کاڌي جون شيون خريد ڪيون. ٻارن عيد جون
ڀرپور
خوشيون
ماڻيو، جيتوڻيڪ انھن پنھنجي پيءُ جي تمام گھڻي ڪمي
محسوس ڪئي.
عيد جي ٽئين ڏينھن تي ، ڪجھه ٻار انھن جي چاچي جي
دڪان اڳيان ڦٽاڪن سان کيڏي رھيا ھئا.اوچتو باھه
لڳي، ۽ جلد ئي دڪان مڪمل طور سڙي ويو.
چاچي شھباز کي احساس ٿيو ته پنھنجي ڀاءُ جي خاندان
ڏانھن سخت دل ھئڻ سبب اھا ھُن جي لاء سزا ھئي ۽
ھُن کي پاڻ تي شرمندگي محسوس ٿي.
پوء به، مُناج جي ماءُ ھُن کي ڪجھه پئسا اُوڌارا
ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي پر شھباز
ايترو ته شرمنده ھو جو ان مدد کي قبول نه ڪري
سگھيو.
ڪنهن ڏاهي
چيو ھو،
”پيار
۽ رحمدلي وارا احساس ڪڏھن ضايع نه ٿيندا آھن.“
اچو ته مددگار بنجون ۽ مسڪينن جي مدد ڪيون ۽
پنھنجي ملڪ ۾ ڪنھن به ٻار کي پنھنجي بنيادي ضرورتن
خاطر دانھون ۽ ڪوڪون ڪرڻ نه ڏيون. |