سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ  2019ع

باب:

صفحو:2 

 

حيدر بخش جتوئي هڪ اهڙو رهنما هو، جيڪو مظلومن، ڏتڙيلن ۽ ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙيل عوام لاءِ حق جو جهنڊو کڻي ميدان ۾ آيو، مظلومن جو رهبر هو.

حيدر بخش جتوئي جنهن کي خالق سنڌ جي ابوجهه ۽ بکئي هاري (بک ماريل) جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو.

سنڌ جو هي سپوت لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ بکؤ ديرو ۾ 1901ع ڌاري آڪٽوبر مهيني ۾ ڄائو هو. نه ئي سندس والد بزرگ پڙهيل هو ۽ نه وري هن کي پنهنجي پٽ کي پڙهائڻ جو خيال ٿيو. هن عظيم شخص کي 1911ع ۾ سندس چاچي ڪريم بخش، جيڪو ان وقت خانگي طور ڪجهه پڙهيل هو، پنهنجي ڳوٺ کان ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي ”پٺاڻ  جو شهر“ نالي ڳوٺ هو، اتي جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. هن اتي ئي ابتدائي تعليم پوري ڪئي.

حيدر بخش جتوئي 1918ع ۾ ان وقت جي سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو. پوءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ”مدرسته السلام“ لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي. هن اُتي انگريزي پنج درجا پاس ڪيا ۽ پهريون نمبر آيو. تنهن کان پوءِ وري گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو. ان وقت هيڊ ماستر (اسڪول جو) مسٽر ڏيارام هو. جنهن جتوئي صاحب جي ذهانت ۽ هوشيارپ ڏسي اسڪول جي ته في معاف ڪئي پر ٻارنهن رپيا اسڪالرشپ پڻ ڏيڻي ڪئي. جتان هن 1923ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو.

آخر هن غريب جي ٻار، علم جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ قدم رکيو. اُتي پڻ سندس سموري في معاف ڪئي وئي ۽ ان سان گڏ پڻ ڪيتريون ئي اسڪالرشپون حاصل ڪيائين. جتي هن 1927ع ۾ بي. اي پاس ڪئي.

بي. اي پاس ڪرڻ کان پوءِ روينيو کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. ٿوري عرصي کان پوءِ مختيارڪار جي عهدي جي ڪُرسي ماڻيائين. اسڪول جي ڏينهن کان شاعريءَ ۾ طبع آزمائي شروع ڪئي هئائين. هن هڪ ڪتاب ’تحفته سنڌ‘ شعر ۾ لکيو. جنهن ۾ ڊاڪٽر علامه اقبال جي ”شڪوه“ جي طرز تي شعر لکيل هو. ان تي ڪافي مشهوري به ٿيس. اهو زمانو هو 1931ع جو ۽ ان وقت بدين جو مختيارڪار هو.

 

ڪجهه وقت کان پوءِ ترقي ڪندو ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي فائز ٿيو. ان وقت هن کي سنڌ جي هاري ڀاءُ جي حالت جي چڱيءَ طرح پروڙ پئجي وئي ۽ هن کي انهن جي حالت سڌارڻ جو خيال پيدا ٿيو. جنهن ڪري هن نوڪري تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي ۽ 1945ع ۾ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو. جتي هن کي يڪدم ڪميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيائون. 1947ع ۾ هن کي رتوديرو هاري ڪانفرنس ۾ هاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيائون. ان عرصي کان پوءِ يڪو صدر ٿيندو پئي آيو. ان عرصي ۾ هاري ڪميٽي سٺا ڪم ڪري ڏيکاريا. هڪ خاص ڪم جيڪو هن سرانجام ڏنو، اُهو اِهو هو ته هن ٽيني ايڪٽ ان وقت جي سنڌ جي وزيراعليٰ کان پاس ڪرايو، جنهن جو خاص مقصد هو اڌو اڌ بٽئي ڪرڻ. ان کان اڳ هن ڪميٽيءَ هارين کي پنهنجي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ بيدار ڪيو. حيدر بخش هاري ڪميٽي جو آئين تيار ڪري هن کي هڪ پارٽي جي حيثيت ڏني.

مئي 1970ع تي سنڌ جو هي بهادر سپوت ”باباءِ سنڌ“ ۽ هاري انقلاب جو ڏيئو هميشه لاءِ وسامي ويو. اڄ حيدر بخش جتوئي جيتوڻيڪ اسان وٽ موجود نه آهي پر سندس ٻاريل ڏيئو هميشه روشن رهندو.

 

 

پاڻي جنهن جو سائنسي نالو هائڊروجن ۽ آڪسيجن آهي. (H20) پاڻيءَ مان بجلي پيدا ٿئي ٿي. اها ڪيئن ٿي اچي، اچو ته ان جا ڪجهه مثال پيش ڪريون.

ٽربائن تي جنهن وقت پاڻي ڪري ٿو ته اها ڪائينٽڪ انرجي پيدا ٿئي ٿي، ان مان وري مڪينيڪل انرجي ڪنورٽ ٿئي ٿي اليڪٽريڪل انرجي ۾، جتان پوءِ ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن ۾ گرڊ اسٽيشن تائين پهچي ٿي. (Earth, Phase, Neutral, Electron, Proton, Neutron)

پاڻي قدرتي نعمت آهي. پاڻيءَ مان بجلي وري ٿرمل پاور مان پيدا ٿئي ٿي. جيڪو سنڌو درياءَ جي ڪري بلڪل ويجهو آهي. گهر ۾ بجلي جو استعمال ڪپڙا اِستري ڪرڻ، واشنگ مشين جو استعمال، فرج کي هلائڻ، بورچيخاني لاءِ پڻ پاڻي کپي. باٿ روم لاءِ کاڌو پچائڻ لاءِ پاڻي کپي. اڄ جي هن جديد دؤر ۾ پاڻي انسانن ۽ جانورن جي لاءِ لازمي طور استعمال ٿئي ٿو.

 

پاڻي هر فارمنگ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، جيئن مڇيءَ جا فارم آهن، پولٽري فارمنگ لاءِ ۽ پڻ لائيو اسٽاڪ جي استعمال لاءِ پاڻي کپي. باغن ۽ زرعي زمينن لاءِ پڻ پاڻي کپي. زمين تي هر سيڪنڊ ۾ ڏيڍ ڪروڙ ٽن پاڻي ٻاڦ بڻجي ٿو. ان مان سڄي دنيا ۾ ڪٿي برف ڪري ٿي ته وري ڪٿي برسات پوي ٿي. درياءَ سنڌ (Indus) جتي ڇوڙ ڪري ٿو ان کي پڻ ڊيلٽا سڏيو وڃي ٿو. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪندو ته ان سان پَلي مڇيءَ جو نسل بچي سگهي ٿو.

Indus Delta Civilization پڻ دريا جي بلڪل ويجهو آهي. صاف ۽ Sterilize ٿيل پاڻي پيئڻ جي ڪتب اچي ٿو. اهو باٿ رومز لاءِ تمام ضروري آهي. اهڙي طرح سمنڊ ۾ Mangrove (Forest Eco System) کي پڻ بچائي سگهجي ٿو.

هاڻي پاڻيءَ جي سائنس تي اچون ٿا. پاڻي کي (Hydrology) چئجي ٿو. جن ۾ ايريگيشن ۽ ٽيوب اچي وڃن ٿا. جيڪي ڊيزل انجڻ ۽ بجلي لاءِ لازمي پڻ آهن.

 

زمين کي سِم ۽ ڪلر کان بچائڻ لاءِ پڻ پاڻيءَ جو نيڪال ضروري آهي. (Scarp) WAPDA سِم ۽ ڪلر کي ختم ڪرڻ جو ادارو آهي.

سڄي دنيا ۾ ست سمنڊ آهن ان ۾ (Arabian Sea) به اچي وڃي ٿو. هاڻي سمنڊ جو پاڻي ۽ آبهوا کي برقرار رکڻ لاءِ پڻ دريا جو پاڻي کپي. آبي حيات ۽ جنگلي جيوت کي بچائڻ لاءِ پاڻي جي ضرورت آهي.

هاڻي جيئن شگر ملون آهن ٽيڪسٽائيل ملون آهن، رائيس ملز به آهن. ڀاڻ ٺاهڻ جا ڪارخانا ۽ اسٽيل مل به بجلي تي هلن ٿا. سڄي دنيا ۽ پاڪستان جي آبادي روز بروز وڌي رهي آهي. اسان جي ملڪ جي معيشت جو دارومدار زراعت ۽ انهن صنعتن لاءِ پاڻي لازمي آهي.

زراعت جا اهم ترين فصل چانور، ڪڻڪ، ڪمنڊ، ڪاٽن (Cotton) مڪئي ۽ تيلي ٻج به اچي وڃن ٿا.

سڄي اڪانامي جو دارومدار زراعت تي آهي زراعت جو دارومدار پاڻي تي آهي ۽ اهم ترين فصل ڪاٽن آهي. جنهن تي ٽيڪسٽائيل ملون هلن ٿيون ۽ اسان جي ملڪ جي معيشت جو اهم حصو آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org