لطيفي لات
پاڻَهِين پسي پاڻکي، پاڻهِين
محبوب،
پاڻهِين خلقي خوب، پاڻهين طالب تن
جو.
(پيارا ٻارؤ! هيءُ بيت ”شاهه جو رسالو“ جي ڪهڙي
سُر مان کنيل آهي؟ شاهه سائينءَ جي اِنَ بيت جي
ڪهڙي معنيٰ آهي؟ ڏکين لفظن جي معنيٰ لکو) صحيح
جواب موڪليندڙن مان ڪُڻو ڪڍي ڪنهن هڪ ٻار کي سنڌي
ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ گل ڦل رسالي جي ڪاپي
موڪلي ويندي.
پيارا ٻارؤ!
السلام عليڪم! اوهان جا ڪهڙا حال آهن؟
سڀ کان پهرين ته اوهان سڀني ٻارڙن کي نئين سال
2019ع جون واڌايون هجن. گذريل سال ۾ اسان ڇا
وڃايو؟ ڇا حاصل ڪيو ۽ ڪيتريون ڪاميابيون حاصل
ڪيون. ان کان وڌيڪ هن سال ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جو
وچن ڪيون. هي مقابلي جو دؤر آهي. وقت سان گڏ هلڻ
سان ئي زندگي وڌيڪ آسان ٿيندي. جيڪو ٻار پنهنجي
محنت ذريعي اڳتي وڌندو، ان جي لاءِ ڪاميابيءَ جا
رستا هميشه کليل رهندا آهن. اوهان به ننڍڙي عمر ۾
پڙهڻ ۽ هنر سکڻ سان دل لڳايو. فقط محنت سان ئي
اوهان اڳتي وڌندا ۽ ترقي ڪندا.
هيءَ شمارو جڏهن اوهان جي هٿن تائين پهچندو، تڏهن
اوهان سياري جون موڪلون ماڻي چڪا هوندا. اوهان جا
ساليانه امتحان به ويجهي اچڻ وارا آهن، ان ڪري
اوهان کي وڌيڪ محنت سان پڙهڻ گهرجي.
مٺڙا ۽ سهڻا ٻارؤ! محنت ڪريو، پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪو
ڌاريو، جيڪڏهن اوهان گهمڻ ڦِرڻ ۽ ٻين غير ضروري
ڳالهين کي ڇڏي پڙهندا رهو ته يقيناًڪاميابي اوهان
جا قدم چمندي .
اسان جو هيءَ پرچو اوهان کي ڪيئن لڳو؟ پنهنجي راءِ
کان ضرور آگاهه ڪندا.
توهان جي مواد، خطن ۽ راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
ساٿ سلامت
توهان جي ڀيڻ
نجمه پنهور
سڄي جڳ کان آ نيارو اسان جو نبي ﷺ
سڀن کان آ پيارو اسان جو نبي ﷺ
ڪائنات جي آ سراسر سونهن ۽ سچ
سمورن جو آ ناميارو اسان جو نبي ﷺ
جڙيو آ جهان هي محمد ﷺ جي صدقي
ڀلن کان آ ڀلارو اسان جو نبي ﷺ
محمد ﷺ جي ڪري ملي ڪائنات ۾ روشنائي
وڏو شان آ يارو اسان جو نبي ﷺ
گهڻا سبق سهڻا ڏيئي اسان کي ويو
سچو پچو آ سارو اسان جو نبي ﷺ
اسان کي پڙهايو انسانيت جو فرمان جنهن
اهو ئي آ سهارو اسان جو نبي ﷺ
اهو شفاعت ڪندو سڀ جي، ”حئي“
واهه جو هو آ سونهارو اسان جو نبي ﷺ
توسان منهنجي محبت آهي،
تنهنجو ڀائو نالو ڇاهي،
تنهنجي هٿ خزانو آهي،
تنهنجي هٿ زمانو آهي.
تڏهن ته رات جو اُٿندو آهيان،
پنهنجي حال تي روئيندو آهيان،
ٻين کي پڙهيل ڏسندو آهيان،
ڏاڍو ماندو ٿيندو آهيان.
علم بنا يار انڌو آهيان،
ڪتاب کڻي پوءِ ڏسندو آهيان،
پڙهيل ادن کان پڇندو آهيان،
لفظ پڙهي پوءِ سکندو آهيان.
اوهين به ٻارو علم سکو،
متان وڏا ٿي حسرت ڪريو،
لکيل پڙهيل کان علم سکو،
اسڪولن ۾ داخل ٿيو.
هر دم زنده باد رهي،
هي سنڌ سدا آباد رهي.
1. سنڌي ٽوپي، اجرڪ وارا،
ننڍڙا، وڏڙا، سنڌي سارا،
هر هڪ، خوش، آزاد، رهي. هي سنڌ...
2. سهڻي سنڌ جي آهي ثقافت،
اجرڪ، ٽوپي، اهڙي بناوت،
شل ايڪو، اتحاد رهي. هي سنڌ...
3. هر هڪ سنڌي رهي سلامت،
ڪونه ڪري ڪوئي ڀي نفرت،
ڀَلِ ڪو صوفي، ساڌ رهي. هي سنڌ...
4. وسنديون، ويڙها، وستيون، واهڻ،
اوڀرَ- اولههَ- اُترَ- ڏکڻَ،
هر پل، هر هڪ شاد رهي. هي سنڌ...
5. سهڻا، سنڌي، جوان، جيالا،
وطن، چمن، جا سڀ، رکوالا،
گل، گلشن، گلشاد رهي. هي سنڌ...
6. سنڌ جو گهوٽ، ڀٽائي، جيئي،
چئن، سڪون، چٽائي، جيئي،
اهو عمل، اعتقاد رهي. هي سنڌ...
7. ديس جا هاري ناري جيئن،
سيد، شاهه، مزاري جيئنِ،
انهن سندو اعتماد رهي. هي سنڌ...
8. ديس ”نصير فقير“ آ پيارو،
سنڌ صدين کان آهي نعرو،
هر پل، دل ۾ ياد رهي،
هي سنڌ سدا آباد رهي...
اڄ اوهان کي ڳالهه دل جي ٿو ٻڌايان دوستو،
ٻار هڪڙو صبح ساجهر باغ ۾ ويو اوچتو.
پيار مان اُن گفتگو گل سان ڪئي اهڙي طرح،
تو جيان محبوب ماڻهن ۾ ٿيان ڪهڙي طرح.
گل چيو مُرڪي ڪهاڻي ٻُڌ ڀلا منهنجي ادا،
زندگي منهنجي مان مٺڙا ڪر سبق حاصل سدا.
ڇا ٻُڌايان ڏک ڏٺا مون زندگي ۾ ڪيترا،
ٿو ٻڌايان توکي پيارا ڄڻ ته جبلن جيترا.
ڪيترائي ڏينهن اُسَ ۾ مان اَبَل سَڙندو رهيس،
ساڻ ڪنڊن سان به ڏک ۾ مان اَبَل جيئندو رهيس.
صبر سان سڀ درد ڏک مون هت سٺا پيارا جڏهن،
جاءِ ماڻهن جي دلين ۾ آ ملي مون کي تڏهن.
چاهه مان مون کي چُمن ٿا ۽ هٿن ۾ ٿا کڻن،
گهوٽ ڀي ڏس شان مان هت موڙ ٿا منهنجي ٻڌن.
موتيو، رابيل، نرگس ۽ چنبيلي لاجواب،
پر گلن سڀني ۾ پيارا ٿا چون مون کي نواب.
ٿي عمل سهڻي سان سڀني جي ڳچي جو هار تون،
آهين مٺڙا هن چَمن جي گل سندو گلزار تون.
جي ڪندين منهنجي نصيحت تي عمل مُنهنجا ادا،
زندگي پنهنجي ”مُجاهِد“ خوش گذاريندي سدا.
ايڪتا ۾ آ قوم جي راهه،
ايڪتا ۾ آ قوم جو ساهه.
ايڪتا ۾ آ قوم جي رضا،
ايڪتا ۾ آ قوم جي بقا.
ايڪتا ۾ آ قوم جو پساهه.
اچي ويو آ ايڪتا جو ڏينهن،
ظاهر ٿيو آ ايڪتا جو شينهن.
ايڪتا ۾ آ قوم جو چاهه،
ٽوپي اجرڪ سنڌ جي نشاني،
سلوار قميص جو مَٽ نه ثاني،
ايڪتا ۾ آ قوم جو ساهه.
ٻاجهر سنگ پچن ٿا،
ڌرتيءَ ٻار نچن ٿا.
ٿڌڙا مينهن پون ٿا.
ڳاڙها گل ڦُٽن ٿا،
ڊڀڙا ڍور چرن ٿا،
ڪوئل ڪڻڇي تتر طوطا،
وڻ وڻ لات لنوَن ٿا،
ريڍار راڳ چون ٿا،
نچندي ٽپندي کِلندي ڪُڏندي.
ٻالڪ راند رهن ٿا،
ماٽين کير جُپن ٿا،
ڏُکيا ڏينهن مرن ٿا.
سُکيا ڏينهن ورن ٿا.
شاديءَ سؤڻ ٿين ٿا.
ميهر موڙ ٻڌن ٿا.
واڄا خوب وڄن ٿا.
پنهوارن جي پکڙن مان،
ٽهه ٽهه ٽهڪ اچن ٿا.
وستيءَ وستيءَ واهڻ واهڻ،
ميڙا موج مچن ٿا.
ٻاجهر سنگ پچن ٿا،
ڌرتيءَ ٻار نچن ٿا.
ٻارن
جو ٿا ڏينهن ملهايون،
ساري جڳ ۾ ڌوم مچايون.
ننڍڙا مٺڙا ٻار سڀئي، ديس سندا دلدار سڀئي،
راهه ڪري هموار سڀئي، اڳتي اڳتي قدم وڌايون.
ٻار ته آهن جڳ جي زينت، ڪونه ڪَٿي ڪو تن جي قيمت،
پنهنجي ڄاڻون پاڻ حقيقت، جهر، جهنگ، صحرا سڀ
جرڪايون.
اوهين اسان جا بزرگ آهيو، قوم جي طاقت جي ٿا
چاهيو،
اسان ٻچن جي قسمت ٺاهيون، ٻُڌو ته پنهنجا حق
ٻُڌايون.
جنهن وٽ ناهي علم جي دولت، کوٽي ان جي آهي قسمت.
سڀ کي گهرجي عزت عظمت، دين دنيا ۾ شل سا پايون،
عمدو کاڌو طاقت وارو، معصومن کي ڪري سگهارو،
عاقل لاءِ بس آهه اشارو، اڃا اوهان کي ڇا
سمجهايون؟
نغما ڳائي، موج مچائي، پرت سندو پيغام ٻُڌائي،
علم جي روشن شمع جلائي، ديس مٺي جو مان وڌايون.
آيو پاڻي ليٽ ڪري،
ڪاغذ جي ٿي ٻيڙي ڦري.
ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي،
مون هيءَ پنهنجي پاڻ بڻائي.
ڳن نه ڏيندي، ونجهه نه هڻندي،
منهنجي ٻيڙي بار نه کڻندي.
ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٿينديون،
ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون.
ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي،
مفت ۾ ايندي مفت ۾ ويندي.
ڏسو ٻارو ھي انٽرنيٽ
ڄڻ کلي ٿو دنيا جو گيٽ
ويب سائيٽ ٿا ھن ۾ جوڙيون
ڪم جون ڳالھيون ان مان ووڙيون
پار ڪري ٿي ملڪ توڙي ٻيٽَ
ڄڻ ته ھڪ ٻئي سان روز ملون ٿا
ڪري چيٽنگ خوب پڳئ کلون ٿا
تڪڙا ڏي نياپا ڪري نه ليٽ
دنيا ڪيڏي ترقي ڪئي آ
انٽرنيٽ به ڪامياب وئي آ
ان سان ڪري نه سگھبي ڀيٽ
سڀ کان ٻارو وسيح آھي
ھرڪنھن جي دل ھن کسي آھي
فون ڪمپيوٽر جو ڏسو ڪمال
ھيڏي ساري دنيا ٿي وئي سمال
کيڏون پيا نٿو ڀرجي پيٽ
معلومات جي تنھن ۾ کاڻ آھي
ملندي تنھن مان وڏي ڄاڻ آھي
سڄي جڳ سان ٿيل آ ڀيٽ
اچو ته دنيا جو سير ڪريون
ذھنن ۾ نئين
ڄاڻ
ڀريون
ايمون،
واٽسپ،
گيمون،
فيس
بڪ ھلايون
ھڪ ٻئي
سان ڄڻ سامھون ڳالھايون
قرب ڪچھريون ڪريون نه ويٽ
اي ميل
”ڀٽي“
ان ۾ ٺاھي
ڪيڏي ٽپال بعد ۾ آئي
دوستن سان ڪريان ٿو چيٽ
ڏسو ٻارو ھي انٽرنيٽ
ننڍڙي ڀاڳن واري ڀيڻ،
تو کي ڏسندي ٺريا نيڻ.
اهڙي تنهنجي صورت آهه،
جهڙي چنڊ جي مورت آهه.
تون ٿي ٻولين جيڪي ٻول،
آهن موتي ڄڻ انمول.
مائٽ مِٽ تو سان ٻلهار،
ڀائر تنهنجا خدمتگار.
ٿيندءِ عمر جڏهن پنج سال،
مڪتب ۾ وڃجانءِ هر حال.
پڙهڻ لکڻ سان رکجان چاهه،
علم پڙهڻ ۾ ناهي گناهه.
موٽي گهر ۾ پائين پير،
پاڻ کي رڌ پچاءُ ۾ هير.
خوش ٿي گهر جو ڪج ڪم ڪار،
سبڻ ڀرت ڀرڻ ۾ ٿي هوشيار.
پياري ڀاڳن واري ڀيڻ،
توکي ڏسندي ٺريا نيڻ.
ٿيندءِ سورهن سال ڄمار،
ڀيڻ اسان کان ٿيندين ڌار!
عرض ڪري ٿو توکي ڀاءُ،
ڌارج ڌيرج شرم حياءُ.
چوکي رکجان پنهنجي چال،
لڄ پت ست ۽ سيل سنڀال.
سُهريجن جو رکجان شان،
پيڪن جو به مٿي ڪر مانَ.
داغن کان رک دامن پاڪ،
گهر گهر ٿيندءِ تنهنجي هاڪ.
پياري ڀاڳن واري ڀيڻ،
ڪين ورائج ڪنهن کي ويڻ.
|