•ايم. يو. ملڪاڻي
(ناٽڪ)
ٻه باهيون
ويس ڌاري
ڀڳوانداس: وڪيل
رتنا: ڀڳوانداس جي ٻي زال.
موهن: ڀڳوانداس جو پهرينءَ زال
مان پٽ.
سيتارام: نوڪر
جاءِ
چهچٽو پهريون:ڀڳوانداس جي سمهڻ وارو ڪمرو.
چهچٽو ٻيو-ساڳيو ڪمرو، ٽن مهينن بعد. |
]حيدرآباد
۾ ڀڳوانداس وڪيل جي گهر ۾، سمهڻ وارو ڪمرو. هڪ
پاسي پلنگ پيو آهي، ۽ ٻئي پاسي ڪپڙن جو ڪٻٽ، هار
سينگار جي ميز ۽ هڪ ڊيسڪ پيا آهن. ڪنڊن ۾ سبڻ جي
مشين ۽ هارمونيم رکيا آهن، جن سڀني اڳيان بخمل
واريون ڪرسيون پيون آهن. هڪ ٽپائيءَ تي ٽيليفون به
رکيل آهي. ڀڳوانداس 36 ورهين جو جوان، ڪورٽ مان
سوير ئي موٽيو آهي ۽ هارمونيم وڄائي رهيو آهي.
سندس ٻي گهر واري نوجوان زال رتنا، سامهون ويٺي هڪ
پريمي راڳ ڳائي رهي آهي. راڳ پوري ٿيڻ بعد ڀڳوان
پيار وچان اٿي، رتنا جي ڪرسيءَ جي هڪ ٻانهن تي وڃي
ٿو ويهي ۽ کيس ڀاڪر پائي چوي ٿو:
ڀڳوان: تنهنجو راڳ ٻڌي، منهنجي من ۾ امنگ اچيو
وڃي- خاص ڪري اهو راڳ ٿي ڳائين ته منهنجا خيال
الائجي ڪيڏانهن اڏاميو ٿا وڃن.
رتنا: پر اهو راڳ ته مون کي سيکاريو به اوهان ئي
هو. بابي ڪنواري هوندي استاد رکي ڏنم سو طرزون
سيکاريندو هو گوين واريون-رڳيون راڳڻيون ۽ ڌنون جن
مان مون کي مزو ئي ڪين ايندو هو. باقي توهان جا
سُر ته اندر کي آنند ڏيو ڇَڏين.
ڀڳوان: تون ڳائين به آنند مان ٿي. سوز وچان چهرو
ئي ٻهڪي ٿو پوي ئي، مان ته بعضي تنهنجو ڳائڻ ٻڌي
ازغيبي دک ۾ پئجيو وڃان.
رتنا: دک وري ڇا جو؟ متان ڇهن مهينن ۾ ئي مون مان
ورچي پيا آهيو؟
ڀڳوان: (ڳڙاهٽڙي پائي) تو مٺڙيءَ مان ڪيئن ورچبو؟
سچ پڇين ته تنهنجو آواز اهڙو ملائم ۽ درديلو آهي
جو اندر ۾ پيهيو وڃي، ۽ دل جي ڪن ستلن لهرن کي
وڃيو جاڳائي.
رتنا: پر هيئن دک وچان ڇو پيا ڳالهايو؟ مان ڏسندي
اچان ته ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي جي پيار ۾ محو هوندي به
توهان جي چهري تي غمگيني تريو اچي ۽ توهان جو آواز
ڳورو ٿيو پوي. الائجي مون ۾ ڪي اوڻايون ته ڪينهن،
جنهنڪري مون مان نااميد ٿي پيا آهيو؟
ڀڳوان: مٺڙي اوڻايون ڇا جون؟ تو ته پاڻ منهنجي
اڪيلي ۽ اونداهي گهر ۾ پيار جي روشني آندي آهي.
منهنجي ننڍڙي موهن کي به ڪيڏو قرب ڏيکاريو اٿيئي.
رتنا: تڏهن ڀلا اها غمگيني ڇا جي؟ ڇو ٿا پنهنجو
پيار ۽ خوشي غم سان ميٽي ڇڏيو؟
ڀڳوان: مٺڙي، انسان جي دل هڪ اونهون اسرار آهي،
جتي خوشي ۽ غمي جي وچ ۾ سَنڌو ڪري نٿو سگهجي- ٻيئي
هڪٻئي ۾ گڏيون سڏيون پيون آهن.
رتنا: پر به، منهنجي راڳ ٻڌڻ مان اوهان کي ڇو ٿو
دک ٿئي؟ جائي، ڪو ته ڪارڻ هوندو (ڳچيءَ ۾ ٻانهن
وجهيس ٿي). ڏسو، مون کان به ٿا لڪايو، ۽ مون کي به
ٿا دکي ڪريو.
ڀڳوان: نه رتنا مان ڪيئن توکي دکي ڪندس؟ سچ پچ ته
مون کي پاڻ سمجهه ۾ نٿو اچي. (مونجهاري ۾) پر هاڻي
خيال ٿو ڪريان ته شايد.... شايد تنهنجو ڳائڻ ٿو
ٻڌان ته ....... ديويءَ جو ڳائڻ اچيو ياد پويم.
رتنا: ديويءَ جو ڳائڻ؟
ڀڳوان: هائو، منهنجي ديوي...... منهنجي موهن جي
ماءُ. هن جي ۽ تنهنجي آواز ۾ گهڻي مشابهت آهي.
رتنا: هان، تڏهن انهيءَ ديويءَ جو آواز ياد ڪري
منهنجو آواز اوهان کي پسند نٿو اچي؟ مرڳو ئي
انهيءَ آواز ٻڌڻ سان دل ۾ دک ٿو ٿئيو؟ ته اڳتي کڻي
مان نه ڳائينديس. زور ڪري ڳارائيندا به ته اوهين
پاڻ ئي آهيو.
ڀڳوان: ڏس وري- تڏهن انهيءَ ڳالهه ڪرڻ مان توکي دک
ٿيو نه؟ مان ته توکي ٻڌائڻ کان ئي هٽڪيس پئي.
رتنا: اوهين مون کي ٻڌائڻ کان ڇو نه هٽڪندا-
پنهنجي ديويءَ جون يادگيريون ڇو نه پيا اندر ۾
لڪائيندا. مان ڪا انهيءَ جي مٽ آهيان ڇا؟ جو اوهان
جي حال ڀائڻ لائق ٿينديس.
ڀڳوان: رتنا، چوين ڇا پئي؟ خبر به اٿئي ته مان
توکي گهڻو ٿو گهران. تو مون کي ڪيتري نه خوشي ڏني
آهي! ته به پيئي اهي اجايون ڳالهيون ڪرين.
رتنا: خوشي ته چڱي ڏني ٿيمانو. خوشي ته سالن جا
سال انهيءَ ديويءَ جي سنگ مان ملي هيو. مون ته
مرڳوئي اچي اوهان کي دک ۽ رنج رسايو آهي. ڇهن
مهينن ۾ گهر ئي زهر ڪري ڏنو ٿيمانو.
ڀڳوان: هاڻي دل نه ڏکاءِ، هروڀرو کڻي منهنجي چوڻ
تي دل ۾ ڪيو اٿيئي.... شام ٿي ويئي آهي، هل ته
گدوبندر مان ڦيرو ڏيئي اچون. ڪڪو به اسڪول مان
اجهو آيو ڪي آيو.
رتنا: نه نه، مون سان گڏجي گهمڻ مان اوهان کي ڪهڙو
مزو ايندو. درياءَ جي ڪناري تي، پاڻيءَ ۾ به
انهيءَ ديويءَ جو پاڇو پيا ڏسندا. تنهن کان پنهنجي
ڪڪي کي وٺي وڃي گهمائي اچو.
ڀڳوان: ٺهيو رتنا، هاڻي هلي ڪپڙا پاءِ. اچ ته مان
توکي ڪپڙا ڪڍي ڏيان.
رتنا: مون چيومانو ته مون کي گهمڻ هلڻو ئي ڪينهي.
هروڀرو هلي من جکايان، تنهن کان گهر ۾ ويٺي آهيان.
(منهن منهن تي چاڙهي، ٻيءَ ڪنڊ ۾ وڃي ويهي ٿي.)
ڀڳوان: (پٺيانئس وڃي)- رتنا، هي ڪرين ڇا ٿي؟ ٻار
آهين ڇا؟......
هاڻي مان ٿو توکي پسنديءَ موجب ساڙهي ڳولي ڏيان.
ڏسان ته مون کي ڪيئن ٿي موٽائين.
(ڪٻٽ کولي، ساڙهيون اندر اٿلائي پٿلائي، تري مان
هڪ زيڪ واري اُچي ساڙهي ڪڍي آڻي رتنا اڳيان جهلي
ٿو ۽ ڀاڪر پائي چويس ٿو.) اچي، هيءَ ساڙهي ڏس. هيل
تائين ڪڏهن ڪانه پائيندي ڏٺي ٿيمانءِ. پائي ڏس ته
ڪهڙي ٿي ٻهڪين، ۽ مان به ڪيترو ٿو ڀانيانءِ.
رتنا: (ڪاوڙ ۾ امالڪ اُٿي) اها ساڙهي جنهن جي آهي،
تنهن کي وڃي پارايو. مان ٿي لٿل شيءِ پايان!
ماڻهين جيئن شروعات ۾ ڪٻٽ رکي وئي آهي، تيئن مون
هٿ لاتو ٿيمانس؟
ڀڳوان: پر ديويءَ کي ته اها ساڙهي پڇاڙيءَ ۾ سخت
بيماريءَ وقت آڻي ڏني هيم. ويچاريءَ هڪ ڀيروبه ڪا
نه پاتي. نئين نڪوري ويڙهي رکي آهي، انهيءَپائڻ ۾
ڪهڙو مهڻو آهي.
رتنا: مان موچڙو به نه هڻانس.
(ساڙهي هٿ مان کسي، اڇلائي ڇڏي ٿي.) پنهنجون
ساڙهيون کٽيون اٿم ڇا؟ کڻي هزار نه لهي آيس، ته به
ڪا مفت ۾ ڪا نه اگهاڻي آهيان. مائٽن مڻيو ڪپڙو چڱو
چوکو ٺاهي ڏنم.
ڀڳوان: رتنا، توکي ڇا ٿيو آهي! ڳالهه ڪهڙيءَ تان
هيئن کڻي پاڻ کي پريشان ڪيو اٿيئي؟
رتنا: مان چوان ٿي ته پنهنجي بيعزتي مان ڪا نه
سهنديس. ڪا هيڏانهن هوڏانهن کان ڪا نه آئي آهيان،
جو پرايون ورتل شيون پائينديس؟ .... هي موتين جو
هار به شروعات ۾ اوهان ڏنم، تڏهن سور پِي کڻي
پاتم، مون کي ته ڄڻ ڳچيءَ ۾ ڏنگي پيو. اچي، اها به
پنهنجي ديويءَ جي نشاني وٺي پاڻ وٽ قابو ڪريو. مان
پنهنجو هيرن وارو هار ڪڍي ٿي پايان. (هار لاهي
اڇلائي ٿي ۽ سينگار ميز ۾ رکيل مڻين جي پيتيءَ مان
ٻيو هار ڪڍي پائي ٿي.)
ڀڳوان: ٻيا ڳهه ڪين ڀڃارائي نوان گهڙائي ڏنا
مانءِ؟ موتين جو هار ته ڪين ڀڃائبو. انهيءَ پائڻ ۾
ڪهڙو گناهه آهي؟
رتنا: ها، ڪهڙو گناهه آهي- جتي باهه ٻري تتي سيڪ
اچي. گهڻا ڏينهن ڏنڀ سٺا اٿم. هينئر مان اهڙيءَ
حالت ۾ ئي ڪا نه آهيان جو وڌيڪ سهي سگهان.
ڀڳوان: مٺڙي، مان سمجهان ٿو. هروڀرو ڇو ٿي پاڻ کي
بيزار ڪرين؟ ٺهيو، هاڻي من کي شانتي ڏي.
رتنا: شانتي وري من کي ڌوڙ مان ايندي. هيترا ڏينهن
ٻاڦ به ٻاهر ڪا نه ڪڍي اٿم. اوهين جو گهڙيءَ
گهڙيءَ پيا اها ديوي منهن ۾ ڏيندا ۽ ان جا گڻ
ڳائيندا، ته چئبو ته مان ان جي پادر ۾ پير پائڻ
لائق به ڪا نه آهيان.
ڀڳوان: پر، ديويءَ جا گڻ ڳاتم تنهن ۾ هرو ڀرو
تنهنجي گهٽتائي ٿي ڇا؟ سچ، هوءَ به ڳڻن جي کاڻ
هئي. (ڀت واريءَ تصوير ڏانهن اشارو ڪري) هوڏانهن
سندس شڪل ڏس، ڪيئن نه منهن مان پيئي سندس اندر جي
مڻيا بکي! پر انهيءَ مان ائين نه سمجهه ته توکي ڪو
مان گهٽ ٿو......
رتنا: (ڪاوڙ مان) باقي اهو ڏنڀ رهيل هو سو به
ڏنوَ. اها تصوير ڇاجي ڪري ڀت تي ٽنگارائي اٿو؟
اهڙي جي ان جي سارَ هيوَ، ته پوءِ ٻي شادي ڪيو ڇو
ٿي؟ گهڻا ڏينهن انهيءَ تصوير به اندر جلايو اٿم.
هينئر ڏسان ڪير ٿو مون کي آڏو اچي. (امالڪ ڪرسيءَ
تي چڙهي) تصوير کي ڀت تان لاهڻ جي ڪري ٿي، پر ڪوڪي
مان نٿي لهيس، تڏهن زور سان ڀت تي هڻي، ابتو ڪري
ٿي ڇڏيس)
ڀڳوان: (حيرت مان): رتنا، تنهنجو هوش ته جاءِ آهي؟
اڄ تون ڪهڙي هلت پيئي ڪرين؟
رتنا: (ڪرسيءَ تان لهي): هائو، منهنجو هوش جاءِ
ڪينهي. مان اڄ ديواني ٿي آهيان. پر ڪهڙي به آهيان،
تڏهن به پنهنجي وڌيڪ بيعزتي ٿيندي ڏسڻ لاءِ تيار
نه آهيان، منهنجو مان ڪسيري جيترو ڪيو اٿو....
مائٽن به الائجي ڪيئن کڻي پلئو اڙايم. جي پٽ جي
هندورن ۾ وڃي لڏندي. مرڳو ٻارتي کڻي وڌائون ۽
منهنجي حياتيءَ به کاريائون. پل پل وهه ٿي پيو
اٿم. (پلنگ تي پاڻ کڻي ٿي اڇلي ۽ اوڇنگارن ۾ ٿي
ڇٽڪي.)
(ڀڳوان دلداري ڏيڻ لاءِ وڃيس ٿو، ته مٿان ڪڪو موهن
اسڪول مان موٽي ٿو. ڪتابن جو ٿيلهو ڊيسڪ تي رکي،
ان مان اڀياس جو رجسٽر ڪڍي پيءُ ڏانهن ڊوڙي ٿو.
رتنا ڇرڪ ڀري اٿي ٿي ۽ اکيون اگهي، وارن کي ٺاهي
ٿي.)
موهن: بابا، ماستر هيءُ رجسٽر ڏنو آهي ته پيءُ کان
صحيح ڪرائي اچجانءِ.
ڀڳوان: (رجسٽر وٺي ڪرسيءَ تي ويهي پنا ورائي ٿو ۽
موهن ڀرسان بيٺو آهي.) ڪچي امتحان جو نتيجو آندو
اٿيئي؟.... پر موهن هي ڇا! فقط ڊرائنگ ۽ ڊرل ۾
چڱيون مارڪون کنيون اٿيئي. ٻين ڪمن ۾ پاس مارڪون،
جاميٽريءَ، تاريخ ۽ جاگرافيءَ ۾ اصل ناپاس. موهن،
تون ته شايد پڙهڻ تي ڌيان ئي ڪو نه ٿو ڏين. سست
ٿي پيو آهين”
رتنا: ٻار کي خرچيون پکيون هڪ پاسي ته ٽول مٺايون
ٻئي پاسي کارائي، چٽي تي هيربو ته ٻيو ڪهڙو حال
ٿيندو؟ رڳو گهمائڻ ڦيرائڻ تي زور، شين ۽ رانديڪن
جي پيئي ڌم پوندي، ته ٻار کرندو نه ته ڇا ٿيندو“.
ڀڳوان: تڏهن موهن، توکي پڙهڻ لکڻ جو ڪو اونو
ڪونهي. پر سال به پهرئين درجي مان چئه چاءُ ڪرائي
پاس ڪرايو مانءِ، هيل ناپاس ٿيڻو اٿيئي ڇا؟
موهن: بابا، مان ته گهڻوئي پڙهندو آهيان. ماستر
کان کڻي پڇي ڏسو ته گهر جا سڀ ڪم ڪين پورا ڪري
ويندو آهيان.
رتنا: هتي جي اسڪولن جو وري پاڙهڻ ڪهڙو آهي. ستين
درجي وارن کي به سنئين سڌي انگريزي جي سٽ ڳالهائڻ
ڪا نه ٿي اچي. اڃا ڪراچيءَ ۾ چڱو ٿا پاڙهين.
ڀڳوان: ها، ڪراچيءَ جي سينٽ پئٽرڪ اسڪول ۾ ڇوڪرن
جي پاڙ ڏاڍي پڪي ٿي ٿئي. خاص ڪري انگريزيءَ ۾ چڱو
محاورو ٿو ٿئين. موهن، تون ڪراچيءَ ۾ پڙهندين؟
موهن: اوهين به اتي هلندا ته مان ڇو نه هلي
پڙهندس.
ڀڳوان: مان توکي هلي اسڪول ۾ ويهاري ايندس. دادي
رامي وٽ رهائي ايندوسانءِ.
موهن: نه دادا، مان اتي اٻاڻڪو ٿيندس. مان هتي
محنت ڪري پڙهندس ۽ راندين ۾ وقت ڪو نه وڃائيندس.
رتنا: ٻارهين ورهئين جو ٿيو آهي ته ملڪ ۾ پڙهي ٻيو
درجو انگريزي. اڃا ٻه- چار سال شايد ٻيا به وڃائڻا
اٿس. چاچي وٽ وندريو ويٺو هوندو، اٻاڻڪو وري ڇا جو
ٿيندو؟
ڀڳوان: موهن، ڪراچيءَ ۾ ڏاڍا مزا اٿيئي- سينيما،
ٽرامون، سمنڊ ٻيڙيون! دادو رامون توکي ڏاڍو
گهمائيندو، سندس ٻار به توکي ڏاڍو ڀانئيندا.
موهن: (ليلائي) نه دادا، مان ڪراچي ڪو نه ويندس.
مان اوهان وٽ رهندس. (اوچتو جذبي سان) ڀاڀي ته مون
کي سهي ئي ڪان، ڀانئين ته مان گهر ۾ نه هجان ته
چڱو. خرچي ڏيڻ ۾ به مون کي رڙائي، ڪپڙا به پراڻا
ميرا پارائي.
رتنا: هان! هاڻي وري هي ٽنگ جيڏو ڇوڪرو ساماڻو
آهي.
مکڻ جون شيخون پچائي، ڪشالا ڪڍي، ويٺي نپايانس ته
مرڳو مون تي ڦلڙيون ٿو رکي. پيءُ به ماٺ ڪيو ويٺو
ڏسي ٻڌي. مان پنهنجي اهڙي لاک ڪا نه لهرائينديس.
ڪا نه لهرائينديس.
ڀڳوان: موهن، تون اهڙو بي ادب ٿيو آهين جو ماءُ جو
مانُ ڪو نه ٿو رکين. گهڻا ڀيرا سمجهايو ٿيمانءِ ته
رتنا کي ماءُ سمان ڪري سمجهه.
موهن: (جوش ۾ اچي) پاڻ ڪهڙو مون سان ماءُ سمان هلي
آهي؟ بيٺو به ڪين سهيم،. اٿئي ويٺي پيئي ڪسرون
ڪڍيم ۽ اوهان کي چغليون هڻي. هاڻي اوهان به ٿا مون
تي هرو ڀرو ڪاوڙ ڪريو.
(روئي ٿو.)
رتنا: هي ڇوڪرو ته لاهي پاهي لوٺيو ٿي بيٺو آهي.
گاريون به پاڻ ڏئي، هاڻي وري ميڪ ميڪ ڪري ٿو پيءُ
کي ڊيڄاري. ائين ته ٻارن جي ڏگري لٿي آهي. ٻار پيو
ماءُ جي آبرو وٺي، پيءُ ويٺو مرڪي ٻڌي! مان هن گهر
۾ ڪا نه جالينديس، ڪا نه جاليندس. (ٻاهر هلي وڃڻ
جي ڪري ٿي، ته ڀڳوان ڪاوڙجي موهن کي چوي ٿو: )
ڀڳوان: هاڻي صبر ڪر، روئي ٿو مون کي ڊيڄاري! تون
بنهه کري ٻُهر ٿي پيو آهين. منهنجي گهر ۾ رهڻ جي
ئي لائق ڪين آهين. توکي سڀاڻي ئي ڪراچي اماڻي ٿو
اچان. هاڻي نڪري وڃ هتان. (موهن پيءُ ڏانهن لڙڪن
ڀريل اکيون کڻي، روئندو هليو وڃي ٿو.[
چهچٽو ٻيو
]اٽڪل
ٽن مهينن کان پوءِ، ڏيئي ٻرڻ مهل ساڳيو ڪمرو، فقط
ديوار تان ديويءَ جي تصوير لاٿي ويئي آهي. رتنا جو
مدو اچي ڀريو آهي، سا ڪپڙو مٿان وجهيو، پلنگ تي
ستي پئي آهي. ڀڳوان ڪلب مان ڦيرو ڏئي جلد ئي موٽي
ٿو، ۽ ٻئي پاسي ڊيسڪ تان ٽپال کڻي تڪڙ ۾ پڙهي ٿو.
ٻيو خط پڙهندي ٽٻيءَ ۾ پئجي وڃي ٿو. ٿوري وقت
پڄاڻان رتنا چويس ٿي:
[
رتنا: ڪهڙي خيال ۾ پئجي ويا آهيو؟ ڪٿان خط آيو
اٿو؟
ڀڳوان: ڪراچيءَ مان، رامي وٽان.
لکي ٿو ته ڪڪي کي تپ اڃا لهي ئي نٿو. ڪالهه کان
وٺي ٿوري کنگهه به اچي ٿي اٿس.
رتنا: کنگهه تپ ته ٻارن کي ٿئي ئي پيو، لهي ويندس.
ڀڳوان: توکي خبر نه آهي، هن جي ڇاتي ضعيف آهي.
ننڍڙي هوندي نمونيا ٿي هيس، تنهن مان به الائجي
ڪيئن ڇٽو هو.
رتنا: پر هروڀرو انهيءَ بيماريءَ جو ڇو ٿا خوف
ڪريو؟ تنهن کان سواءِ ڪو ست ڌارين وٽ ڪو نه رهيو
پيو آهي، سو دوا درمل ۽ هر طرح جي پرداخت پيا ڪندا
هوندس، جلد ئي ڇٽي پوندو.
ڀڳوان: نه نه، مون کي ڏاڍو اونو ٿي بيٺو آهي. ٽيون
ڏينهن پهريون بيماريءَ جو خط آيم، تڏهن ئي منهنجو
هنيانءَ لهي ويو. خون جو ڪيس پيو ڪورٽ ۾ هلي، نه
ته يڪدم هليو وڃان ها. هاڻي ڇنڇر آرتوار اچي ته
وڃي ڏسي اچانس.
رتنا: پر اوهان هيئن دل ڇو ننڍڙي ڪئي آهي؟ اجايا
پيا ويچار ڪريو. خوف هجي ها ته ڀاڻهين ائين ڄاڻائي
ئي ڪين ها. تار ڪين ڪري ها؟
ڀڳوان: ڪڪي کي ٿوري ئي ناچاقائي ٿي ٿئي ته منهنجو
اندر ئي کاڄيو وڃي. اهڙي ڊپ جي ڳالهه نه برابر
رامي ڪا نه لکي آهي، شل ڀڳوان چڱي ڪندو.......
تنهن کان سواءِ تنهنجو به اونو بيٺو اٿم.
ڊاڪٽرياڻي اڄ چئي ويئي آهي ته باقي ڏينهن ٻن جي
دير آهي، اهڙي حالت ۾ توکي پٺيان ڪيئن ڇڏي وڃان.
رتنا: شڪر جو منهنجو به اونو ٿئيوَ ٿو. جيئن ڪڪو
ڪراچيءَ ويو آهي، تيئن ان جي ئي تات پچار اٿوَ.
مون کي ته پورو پڇو به ڪين.
ڀڳوان: (پلنگ تي ويهي کيس ڳراهٽڙي پائي) ڏس رتنا،
اهو مهڻو مون کي ڪيئن ٿي ڏين؟ ڏسين ڪا نه ويٺي ته
مون کي تنهنجو ڪيترو اونو آهي؟ رات جو به سوير ئي
ڪلب مان موٽيو اچان. گهڻا ڀيرا ڊاڪٽر ۽ منڊمون
گهرايون اٿم؟ ته به ٿي اهو ڏوراپو ڏينم.
رتنا: هينئر هيءَ حالت ڏسي کڻي ڪجهه الڪو ٿيو
هوندو، پر سچ پچ ته اوهان جو مون تان اهو اڳيون
پيار لهي ويو آهي. هنن ٽن مهينن ۾ گهڻا ڀيرا مون
سان چَپِ پيا آهيو؟ گهڻا ڀيرا ڏڙهيون ڏنيون اَٿوَ؟
ڀڳوان: نه پياري، اهو تنهنجو اجايو وهم آهي. مان
ته توکي اڳي جهڙو ئي گهرندو اچان. باقي گهر ۾ ته
ٻه ٺڪر به پيا ٺهڪندا، تنهن کان سواءِ اسان جي
ڌنڌي جو خفو ڏسين ٿي ته اهڙو آهي جو ماڻهوءَ جو
سڀاءُ ئي ڪَرڙو......
رتنا: اهي اجايا عذر مون کي نه ڏيو، ڄڻ ته مان
ڄاڻان ئي ڪا نه ٿي. اوهين مون مان هينئر کٽا ٿي
پيا آهيو. (روئڻهارڪي ٿي) مان ته ڄايس ئي سورن سهڻ
لاءِ. الائجي، دنيا ۾ ڪهڙا اچي سک ڏٺم. هاڻي هن
حالت ۾ ئي پوري ٿي وڃان ته سڀڪو ڇٽي پوي. مون کي
ته پَرُون پيا پون ته اهوڏينهن ئي ڪو نه ايندو جو
مان چڱي ڀلي ٿي اٿنديس.
ڀڳوان: رتنا خير ته گهر. اهي چريائيءَ جا خيال
اهڙي وقت سڀني زالن کي ٿيندا آهن. پر اهو ته هڪ
سرشٽيءَ جو نيم آهي جو سڀني ساهوارن سان لاڳو آهي،
انهيءَ ۾ خوف جي ڳالهه ته آهي ئي ڪانه. (دلداري
ڏيڻ لاءِ ڀاڪر پائيس ٿو ته مٿان دروازي تي کڙڪو
ٿئي ٿو. ڀڳوان ڇرڪ ڀري اٿي ٿو ۽ چوي ٿو:) ڪير آهي؟
(نوڪر اندر اچي ٿو ۽ هڪ تار، رسيد ۽ پينسل ڀڳوان
کي ڏئي ٿو. ڀڳوان رسيد تي صحيح ڪري نوڪر کي ڏئي ٿو
جو موٽي وڃي ٿو. تار جو لفافو ڦاڙي پڙهي ٿو ۽
اُمالڪ ڦڙڦوٽ ۾ پئجي ٿو وڃي.) |