سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل سيپٽمبر، آڪٽوبر 1964ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

سيپٽمبر،آڪٽوبر 1964ع

 ايڊيٽر: غلام رباني آگرو

گذارش

اوهان جو هيءُ رسالو پوري وقت تي نڪري رهيو آهي، اُن تي اوهان به خوش ٿيو ٿا، ۽ اسان کي پڻ ڏاڍي خوشي ٿي ٿئي. اوهان پنهنجي خوشي پنهنجن خطن مان ظاهر ڪئي آهي. جن کي پڙهي، اسان جي دل سچ پڇو ته بهار بهار ٿي ويئي آهي. سڀ کان وڌيڪ خوشي اسان کي انهيءَ ڳالهه تي ٿي آهي، جو اوهان مان ڪيترن ڀائرن ۽ ڀينرن اسان ڏانهن پنهنجا سٺا سٺا مضمون وغيره لکي موڪليا آهن، جنهن لاءِ اسان اوهان کي”گل ڦل“ جي اڳئين پرچي ۾ گذارش ڪئي هئي. تنهن کان سواءِ ڪتابن وٺڻ ۽ ڪتابن پڙهڻ ۽ ڪتابن جي لئبررين ٺاهڻ لاءِ جيڪا اوهان کي گذارش ڪئي هئيسون، اُن ڏانهن پڻ اوهان مان ڪيترن ٻارڙن پنهنجو ڌيان ڏنو آهي. اِهي سڀ اسان لاءِ ڪيتريءَ نه خوشيءَ جون ڳالهيون آهن!

هن پرچي ۾ اوهان پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ ضياءالدين جو مضمون ”منهنجي وندر“، ۽ فدا حسين جو ترجمو ڪيل ناٽڪ، جنهن ۾ سج ۽ اتر جي واءُ جي ڳالهه ٻولهه ڏنل آهي، ۽ پنهنجين ننڍڙين ڀينرن زرينا ۽ مريم جون موڪليل ٻه آکاڻيون”مغرور شهزادو“ ۽ ”ماءُ جي قرباني“ پڙهندا. اميد ته اهي سڀ لکڻيون اوهان کي ڏاڍيون وڻنديون. اسان پاڻ به انهن کي پڙهي ڏاڍا خوش ٿيا آهيون.

اوهان جيڪي به خط لکيا آهن، تن مان ڪي اسان ڇاپيا آهن ۽ ڪي ڪونه ڇاپيا اٿئون، ڇا ڪاڻ ته ڪي خط رڳو رسمي ۽ خير صلاحي قسم جا ٿين ٿا ۽ ڪن ۾ وري ڪي اهڙيون ڳالهيون ٿين ٿيون، جي ڀانيون ته اسين پاڻ پڙهي پوءِ اوهان سڀني کي به پڙهايون. هن پرچي ۾ اوهان جي ڀاءُ محمد موسيٰ ٻيلائيءَ جو خط خاص اوهان کي پڙهڻ گهرجي- ڇو جو ڪتابن لاءِ اوهان کي جيڪا گذارش ڪئي هئيسون تنهن جو ان ۾ ذڪر ٿيل آهي. محمد موسيٰ پنهنجي خط ۾ اسان کي ٻڌايو آهي ته.

”منهنجو ڪتاب سان ايترو پيار آهي، جو مون کي ستن

ڏينهن اندر ڪو نئون ڪتاب هٿ نه آيو، ته ٻيو هفتو

بي آراميءَ سان گذرندو آهي……منهنجي ذاتي لئبرريءَ

۾ ننڍا توڙي وڏا ڪتاب لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو ٿيندا…“

هيءَ ڪهڙي نه سٺي ڳالهه آهي! ڪتابن سان- پوءِ اُهي اوهان جا اسڪولي ڪتاب هجن يا ڪي ٻيا _ اوهان سڀني کي سچ پچ ته ٻيءَ هر ڳالهه کان وڌيڪ چاهه رکڻ گهرجي.

اوهان جي ڀاءُ ضياء الدين پنهنجي مضمون ”منهنجي وندر“ ۾ لکيو آهي ته ”منهنجي جيڪا خاص وندر آهي، سا آهي فوٽو گرافي.“ اسان کيس گذارش ٿا ڪريون ته جيئن پاڻ چيو اٿس ته وٽس پاڪستان جي مشهور تاريخي جاين ۽ ٻين ڪيترن نظارن جهڙوڪ ٽاڪرو هنڌن، سمنڊن ۽ ٻيٽن، ۽ سج اڀرڻ ۽ لهڻ جي مهل جا فوٽا آهن، ته انهن مان ڪي جيڪي سندس پنهنجي هٿ جا ڪڍيل فوٽا هجن، سي اسان ڏانهن موڪلي، ته اهي”گل ڦل“ ۾ ڇاپي اوهان سڀني کي ڏيکاريون. اهڙيءَ طرح اوهان سڀني کي پنهنجي هٿ سان ڪڍيل تصويرن ۽ ڊزائنگن جي موڪلڻ لاءِ پڻ اسان جي اڳي ئي گذارش ڪيل آهي. هيءَ ڳالهه مهرباني ڪري اوهان سڀ ياد رکو ته جڏهن به ڪو مضمون يا ڪا ٻي شيءِ ”گل ڦل“ ۾ ڇپڻ لاءِ موڪليو ته پنهنجي عمر، پنهنجو ڪلاس ۽ پنهنجو پورو پتو ضرور لکي موڪليندا ڪريو.

آخر ۾ اوهان کي هڪ خوشخبري ٿا ٻڌايون. ”گل ڦل“ جو آئينده پرچو، يعني نومبر ڊسمبر وارو، سالنامي جي صورت ۾ وڌيڪ صفحن سان ۽ سٺين سٺين تصويرن سان سينگاري ٺاهي اوهان جي آڏو آڻي رهيا آهيون_ اميد آهي ته جڏهن اوهان جي هٿن ۾ ايندو، ته اوهان ڏسي ڏاڍا خوش ٿيندا.

_م.ا.ج

”بردو سنڌي“

ٻلهاڙو

اچو ٻارو رهوُن ٻلهاڙو!

آهن ڪاٿي؟ جمن جاڙو.

 

اوري آءُ ڙي عارب يار،

عيسن کي ڀي ڪر ڪوڪار،

لطف علي کي ڀِي سَڏ ڪر،

آچر ويٺو هوندءِ گهر.

 

موسي کي تون ڪن ۾ چَئو،

پوي جئن نه پِڻَس کي ڪَئو.

رات ڏسو چانڊوڪِي آهي،

راند رَهَڻ لاءِ من ٿو چاهي.

 

راند ڪريو پَر چُپ چُپات،

اَڃا ته آهي سنجهي رات.

هاڙيِ ڀيچي آيا جوڙا،

اڱڻ مڱڻ ٻيئي ٻوڙا.

 

وَڏِ کپي ڪيئن ننڍ کپي؟

ڳُڙ کپي، ڪين کنڊ کپي؟

 

اچو پِڙَ ۾ ٻارو هاڻ،

ناهه اسان کي ڪنهن جي ڪاڻ.

 

ٻاهر وارا ايندا ڪاهي،

جهَٽ هڻي هَٿُ ويندا لائي.

 

همت ساڻ هٽايو تن کي،

ڏيئي سَٽ ڪيرايو تن کي.

 

هي ٿَوَ پِڙ جي، ڌنگ جوپَٽو،

هِت ڪِريا، سي اَٽو مَٽو!

هن کان ٻاهر ناهي ڪار،

هن جي اندر جيت ۽ هار.

 


 

•ترجمو: خانصاحب مريد علي.

ڪتڻ واريون ٽي زالون

 

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙي ڇوڪري هوندي هئي، جا اهڙي سست هوندي هئي، جو گهر ۾ جيڪو ڪتڻ جو ڪم ملندو هوس، سو به ڪين ڪندي هئي.

هڪ ڏينهن خدا جو اهڙو ٿيو، جو ماڻس سندس سستيءَ کان اهڙي تنگ ٿي پيئي، جو لڪڻ کڻي اچي ڇوڪريءَ کي ورتائين، ۽ دل تي ڦيهه ڪڍيائينس. ڇوڪريءَ جي دانهن هيٺ دانهن مٿي، سڄو اوڙو پاڙو مٿي تي کڻي ڏنائين. مڄاڻ ڪا ان ملڪ جي راڻي اتاهون اچي لانگهائو ٿي، تنهن جو گس  ۾ روئڻ ٻڌو، سو گهڙي آئي اندر، ۽ اچي مائيءَ کان پڇيائين ته ”ڇو پئي نياڻيءَ کي ايترو مارين؟“ پنهنجي ڇوڪريءَ جي نڪمي هجڻ جي ڳالهه ظاهر ڪرڻ کان ته هن کي لڄ اچڻ لڳي، سو ڳالهه ٺاهي چيائين،”هيءَ سڄو ڏينهن چرخي تي مئي پئي آهي، ۽ ڪتڻ تي بنهه گهڻو شوق اٿس. پر آءُ غريب زال، آءُ ايتري ڪپهه ڪٿان آڻيان، جو کيس ڪتڻ لاءِ ڏيان.“ راڻيءَ تنهن تي چيو، ”ادي، مون کي به ڪتڻ جو ڪم ڏاڍو پسند ايندو آهي، جي تون موڪل ڏين ته آءُ تنهنجي ڇوڪريءَ کي پاڻ سان محلات ۾ وٺي وڃان. مون وٽ گهڻو ئي سُٽ پيو آهي، جيترو وڻيس اوترو پئي ڪَتي.“

ماءُ وڏيءَ خوشيءَ سان راڻيءَ جي ڳالهه قبول ڪئي، ۽ راڻي ڇوڪريءَ کي و‎ٺي محلات ۾ آئي.

جڏهن محل ۾ پهتيون، تڏهن راڻي، ڇوڪريءَ کي مٿي ماڙيءَ تي وٺي ويئي، ۽ اتي ٽي ڪوٺيون ڏيکاريائينس، جي سڄيون ڪپهه سان فرش کان ڇت تائين ڏٽيون پيون هيون.

پوءِ ڇوڪريءَ کي راڻيءَ چيو،”هان، اها ڪپهه پئي اٿئي، ويهي ڪت. جي اها سموري ڪپهه تو ڪتي ورتي ته پوءِ توکي پنهنجي وڏي پٽ سان پرڻائينديس.“

ڇوڪري ويچاري ته دل ۾ هڄي ويئي. اها ڪپهه ايتري ته هئي، جو هوءَ ڏينهن رات چرخو هلائي، ۽ سندس عمر ٽي سؤ ورهيه ٿي وڃي، تڏهن به هوند اها ڪپهه ڪين کُٽي. جڏهن راڻي کيس اُتي اڪيلو ڇڏي ويئي، تڏهن ويچاري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي، ۽ ٽي ڏينهن ٽي راتيون اُتي ئي ويٺي رهي، پر آڱر به ڪانه چوريائين. ٽيون ڏينهن گذريو ته ڇوڪريءَ کي اچي خيال ٿيو ته هاڻي ڇا ڪري، پر ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيس. ڀڳل ۽ ڏکي دل سان اٿي اچي دريءَ وٽ بيٺي. جان کڻي ڏسي ته دريءَ وٽ ٽي زالون بيٺيون آهن. انهن مان هڪڙيءَ جون اڳيون پير تمام ويڪرو هو، ٻيءَ جو هيٺيون چپ ايترو ته وڏو هو جو ڄاڙيءَ  تائين پئي لڙڪيس، ۽ ٽينءَ جي هڪڙي هٿ جو اڱوٺو نهايت ٿلهو هو. ٽيئي ڄڻيون دريءَ وٽ بيهي رهيون، ۽ ڇوڪريءَ کان پڇيائون ”توکي ڪهڙيءَ ڳڻتيءَ اچي ورايو هو؟“ ڇوڪريءَ پنهنجي مصيبت جو سربستو احوال ٻڌايو. اهو ٻڌي هنن چيو”تون جي اسان کي پنهنجي پرڻي تي گهرائين، اسان کان لڄ نه ڪرين، ۽ اسان کي پنهنجو سوٽياڻيون سڏي پاڻ سان گڏ ماني کارائين، ته اسين تنهنجي سموري ڪپهه توکي گهڙيءَ ۾ ڪتي ڏيون!“

”آءُ اکين سان ائين ڪنديس.“ ڇوڪريءَ انجام ڪيو. پوءِ ته ڇوڪري انهن ٽنهي عجب زالن کي اندر وٺي آئي، ۽ هو به اچڻ شرط اچي ڪتڻ تي ويهي رهيون. جيڏيءَ مهل راڻي ايندي هئي، اوڏي مهل هوءَ ٽنهي کي لڪائي ڇڏيندي هئي، ۽ راڻي ڪتيل سُٽ ڏيکاريندي هئي، راڻيءَ ايترو سارو سُٽ ڪتيل ڏسي، هن جي ساراهه مان ئي ڪين ڍاپندي هئي.

جڏهن سمورو سُٽ ڪتجي ويو. تڏهن ٽيئي موڪلائي وڃڻ لاءِ تيار ٿيون. ويندي ويندي ڇوڪريءَ کي چئي وئيون ته ” پنهنجو انجام ياد رکجانءِ. ان ۾ وري به تنهنجي ئي ڀلائي آهي.“

پوءِ ڇوڪري وڃي راڻيءَ کي سڏي آئي، ۽ اچي کيس خالي ڪوٺيون، ۽ ڪتيل سُٽ جو ڍير ڏيکاريائين. راڻي اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿي، ۽ هڪدم شاديءَ جي تيارين ۾ لڳي ويئي.

ڇوڪريءَ، راڻي کي چيو” منهنجون ٽي سوٽياڻيون آهن، جيڪي مون کي گهڻو گهرنديون آهن. هنن جا مون تي گهڻائي ٿورا آهن، سو آءُ پنهنجي چڱن ڏينهن ۾ کين وسارڻ مناسب ڪين سمجهان. ڀلائي ڪري موڪل ڏيوم ته کين شاديءَ جي دعوت به موڪليان، ته جيئن هو اسان سان گڏ اچي ويهي ماني کائين؟“

راڻيءَ ۽ شهزادي ٻنهي هاڪار ڪئي. شاديءَ جو ڏينهن ٿيو ته اهي ڪتڻ واريون زالون کل جهڙي پوشاڪ پائي اچي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيون. ڇوڪريءَ به ”اديون، ڀلي ڪري آيون، جيءُ ڪري آيون“

چئي، سندن آڌرڀاءُ ڪيو. اهو ڏسي شهزادي ڇوڪريءَ کان پڇيو ته ”تنهنجون مائٽياڻيون صورت جون اهڙيون  بدشڪليون ڇو آهن؟“ ۽ پوءِ وڏي پير واري مائيءَ کان پڇيائين ته” تنهنجو پير ايترو ويڪرو ۽ وڏو ڪيئن ٿيو آهي؟“

”چرخي جي چڪر هلائڻ ڪري!“هن وراڻيو.

وري ٻيءَ ڇوڪريءَ کان شهزادي پڇيو ”تنهنجو هيڏو سارو چپ ڪيئن لڙڪي پيو آهي؟“

”ڌاڳي کي آلو ڪرڻ ڪري!“ جواب ڏنو.

تڏهن شهزادي وري ٽينءَ کان پڇيو”تنهنجو آڱوٺو ايترو ٿلهو ڪيئن ٿيو؟“

هن جواب ڏنو”ڌاڳي کي وٽُ ڏيڻ ڪري!“

شهزادو اهي ڳالهيون ٻڌي، دل ئي دل ۾ دهلجي ويو. ۽ هڪدم چيائين ته ”اڄ کان پوءِ منهنجي مومل ڪنوار چرخي کي هٿ به ڪين لائيندي.“

ويچاري ڇوڪري هميشه لاءِ انهيءَ ڳهه ڳهان واري ڪم کان ڇٽي پيئي.

(”گرم جون آکاڻيون“ڪتاب تان)  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com