·
ادارو
بدڪن
جي کنڀن تان پاڻي ڇو وهيو وڃي؟
اوهان ڪڏهن ان ڳالهه تي سوچيو آهي، ته بدڪن جا کنڀ
پاڻي4 ۾ ڪونه پُسندا آهن! بدڪ جي مٿان پاڻي هاربو،
ته اهو وهي هليو ويندو ۽ کنڀ اهڙي جا اهڙا هوندا.
پاڻي بدڪ جي پٺيءَ تي ٽڪي ئي ڪونه، ڀلي کڻي ڪيترو
به هارجي.
منهن پوڻ کان پوءِ ته بدڪن جي لاءِ هيڪاري مزو مچي
ويندو آهي. بدڪون رڙيون ڪري، ڪنڌ کي لوڏي، پاڻيءَ
پاڻي واري گاهه منجهان جيت ڳولينديون آهن ۽ انهن
کي کڻي ٻاهر اينديون آهن. ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ سندن
پک اهڙا خشڪ ۽ گرم ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جهڙوڪر کين
گرم ڪپڙن جي مٿان واٽر پروف ڪوٽ پاتل هو.اصل ۾
سندن پک ئي واٽر پروف آهن. واٽر پروف جي معنيٰ:
جنهن اندر پاڻي نه وڃي سگهي. بدڪن جا پک سندن
سموري بت جو ڍڪ آهن.
هر هڪ پک تي، مٿي کان وٺي پڇ تائين، تيل مکيل
هوندو آهي، انڪري مينهن جو هر ڦڙو ان تان ترڪيو
لهيو وڃي. بدڪن جي کل جي هيٺان اهو قدرتي تيل
ايترو ته هوندو آهي، جيڪو کين هميشه گرم رکندو آهي
۽ پک تيلاڻا رهندا آهن. بدڪن کي سياري جي پرواهه
ڪانه هوندي آهي. کين سيءَ ڪڏهن به ڪونه ستائي. پک
ئي بدڪن جا گرم ڪپڙا آهن.اوهان اڪثر بدڪن کي
پاڻيءَ ۾ ڇنڊا اُڏائيندي ۽ وهنجندي ڏٺو هوندو. هو
ته سياري ۾ به وهنجڻ جو ايترو مزو ماڻينديون آهن،
جيترو اونهاري ۾.
·
ادارو
زراف
دنيا جو ڊگهي
۾ ڊگهو جانور
عام
طور زراف جو قد پندرهن فوٽ ڊگهو هوندو آهي ۽ ڪن جو
قد ارڙهن فوٽ پڻ هوندو آهي، جيڪو ٻه ماڙ جاءِ جي
برابر اهي. ان لحاظ سان زراف دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو
جانور آهي. زراف جي ڊيگهه جو اڌ سندس ڊگهي ڳچيءَ
جي ڪري آهي. حقيقت ۾ زراف جي ڳچيءَ جا هڏا اهڙا
آهن، جهڙا انساني ڳچيءَ جا، پر زراف جي ڳچيءَ جا
هڏا تمام ڊگها هوندا آهن. زراف کي سندس ڳچيءَ مان
هڪ اهو به فائدو آهي ته سندس مٿو ايڏو اوچو هوندو
آهي جيڏو ٻه ماڙ واري جاءَ جو ڇڄهرو، انڪري هو
تمام پري تائين ڏسي سگهندو آهي ۽ هو پري کان ئي
پنهنجو دشمن ڏسي ڀڄي وڃي سگهي ٿو.
زراف ٻڪرين، هرڻن ۽ سامبرن جيان وڻن جي تارين ۽
ٻُوڙن جي پنن کي چرندو آهي. زراف تمام اوچين ٽارين
کي جهلي کائي سگهي ٿو، اوستائين ٻيو ڪو به جانور
نٿو پهچي سگهي. خود هاٿيءَ لاءِ به انهن ٽارين
تائين پهچڻ مشڪل آهي، جن تائين زراف پهچي ويندو
آهي. زراف زمين کان ارڙهن فوٽ مٿي، پنهنجي ڪمائتي
زبان وسيلي ٽاريون ڀڃي کائيندو آهي. ڳئون زبان جي
وسيلي گاهه کائيندي آهي، زراف جي زبان ڳئون جي
زبان کان وڌيڪ بهتر آهي. زراف ٽاريءَ جي چوڌاري
زبان کي ويڙهي، ان کي ڀڃي وٺندو آهي. زراف جي
زبان تمام ڊگهي ۽ لچڪيدار هوندي آهي. اها ڪنڊن کي
مڇيءَ مارڻ جي ڪُنڍي يا ڪليءَ وانگر سوگهو جهليندي
آهي.
زراف جي رهڻ جو هنڌ آفريڪا ۾ صحرا جو ڏاکڻيون رڻپٽ
آهي. زراف جي کل جو رنگ واريءَ جهڙو هوندو آهي ۽
ان تي گهرا خاڪي چٽا هوندا آهن. زراف کي چئن يا
پنجن انچن جا ننڍڙا سڱ، کل ۽ وارن ۾ ڍڪيل هوندا
آهن. انهن جو ڪو خاص ڪارج ڪونهي. زراف پنهنجن
دشمنن سان وڙهڻ وقت انهن کي پنهنجن اڳين ڊگهين ۽
سنهين ٽنگن سان زور دار ڌڪ هڻندو آهي. زراف جو
زوردار ڌڪ هڪ شينهن کي به ساڻو ڪري ڇڏيندو
آهي.زراف ايترو تکو ڊوڙي سگهندو آهي، جو ان کي رڳو
هڪ تيز رفتار گهوڙو ئي پُڄي سگهي ٿو.
زراف جي نسل کي بچائڻ جي لاءِ ان جي شڪار ڪرڻ تي
بندش پيل آهي.
·
خدا بخش ابڙو، حيدرآباد
جشن نوروز
جشن نوروز، اسان جي پاڙيسري ۽ ڀاءُ ملڪ ايران جي
ماڻهن جي هڪ عيد آهي. جيڪا هر سال 21 مارچ تي
ملهائي ويندي آهي. اهو نه رڳو ايراني سال جو پر
موسم بهار جو پڻ پهريون ڏينهن هوندو آهي. جسن
نوروز تيرهن ڏينهن جاري رهندو آهي. هن عيد
يعني”جشن نوروز“ جي شروعات ڪيئن ٿي؟ انهيءَ بابت
ايراني شاعر فردوسي لکي ٿو ته”هڪ عظيم بادشاهه
جمشيد هو. هن ملڪ کي ديون کان ڇوٽڪارو ڏياريو ۽
انهيءَ جنگ مان کيس ڪافي هيرا، جواهر، لعل ۽ سون
هٿ لڳو. انهن مان هن تخت جوڙايو. ان سان گڏ هن
اهڙي ريشم جي پوشاڪ ٺهرائي، جنهن تي به هيرا،
جواهر جڙيل هئا. پوءِ هن پنهنجي رعيت ۽ سڄي دنيا
جي ملڪن جي سفيرن کي دعوت ڏني. جڏهن هو ان تخت تي
ويٺو، ته سج جا ڪرڻا سندس چهري تي پيا ۽ ائين نظر
اچڻ لڳو ته ڄڻ اهو چهرو ڪنهن غيرفاني شخصيت جو
آهي. مانهن انهيءَ ڏينهن کيس شهنشاهه جو لقب عطا
ڪيو ۽ پوءِ ڏاڍيون خوشيون ۽ جشن ملهايا ويا.“
انهيءَ ڏينهن کان وٺي جشن نوروز جي شروعات ٿي ۽
اهو ڏينهن اڃا تائين ملهائبو اچي. جمشيد کان پوءِ
جيڪي بادشاهه آيا تن شهنشاهه جو لقب اختيار ڪيو ۽
جشن نوروز ملهائيندا رهيا. انهيءَ ڏينهن تي
شهنشاهه اسيرن، وزيرن ۽ غير ملڪي سفيرن سان ملندا
هئا. اڄ به شهنشاهه ايران انهيءَ ڏينهن تي قصر
گلستان منجهه اهم سخصيتن سان ملندو آهي ۽ دعوت ۾
شريڪ ٿيندو آهي.
جشن نوروز جي تياري هڪ مهينو اڳ ۾ شروع ٿي ويندي
آهي ۽ گهرن ۽ باغن کي صاف ڪيو ويندو آهي. نوان
ڪپڙا سبيا ويندا آهن ۽ عيد جي خريداري شروع ٿي
ويندي آهي. جشن کان پندرهن ڏينهن پهرين هر گهر ۾
”سبزه“ تيار ڪيو ويندو آهي. هڪ پليٽ منجهه ڪڻڪ يا
جون جا داڻا وجهي ان منجهه پاڻي وڌو ويندو آهي.
اهي ٻج ڦٽي نوروز تائين ڪيترا ڊگها ٻوٽا ٿي ويندا
آهن. اها رسم ادا ڪرڻ هرخاندان لاءِ ضروري ڄاتي
ويندي آهي.
نوروز کان اڳ اربع تي جنهن کي ”چهارشنبه سوري“ چيو
ويندو آهي، هر گهر جي اڳڻ ۾ باهه جا گهٽ ۾ گهٽ ٿي
مچ ٻاريا ويندا آهن ۽ خاندان جو هر ڀاتي هيئن
چوندا مچ تان ٽپندو آهي ته ”منهنجي پيلاڻ (بيماري)
توکي پهچي ۽ تنهنجي ڳاڙهاڻ (صحت) مون کي ملي“. ڪن
ڳوٺن منجهه ماڻهو باهه مچ بدران پاڻيءَ تان ٽپندا
آهن، جيئن سندس گهٽتايون ۽ اوڻايون پاڻيءَ منجهه
رهجي وڃن. ايران جي ڪن حصن منجهه هيءَ رسم به آهي
ته ڪن گهرن ۾ ڪا بيماري هوندي آهي، ته انهيءَ گهر
جو زائفائون پتل جي ٿانون تي چمچا وڄائينديون گهر
گهر وينديون آهن ۽ بيماري جي علاج لاءِ شوروي ۾
پوندڙ شيون گهر گڏ ڪنديون آهن. جيئن ته هو برقعو
پاتل هونديون آهن، انهيءَ ڪري پتو نه پوندو آهي ته
گهرندڙ ڪير آهي؟ شرير ٻار به انهن زائفائن جو نقل
رڪي زائفان جي ويس ۾ ماڻهن جي گهرن ۾ شيون گهرڻ
ويندا آهن.
آخر نوروز اچي ويندو آهي ۽ خاندان جا ڀاتي گڏجي
ويهي توبن ڇٽڻ جي گهڙي جو اوسيئڙو ڪندا آهن. توبن
جي ٺڪائن سان گڏ ئي جشن شروع ٿي ويندو آهي. هڪٻئي
کي مبارڪون ڏنيون وينديون آهن. ۽ پوءِ سڀ هڪ دستر
خوان، جنهن کي”سفره هفت سين“ چوندا آهن، انهيءَ جي
چوڌاري ويهندا آهن ۽ دعوت کائيندا آهن. انهيءَ
دستر خوان تي گهٽ ۾ گهٽ ست شيون اهڙيون رکيو
وينديون آهن، جن جا نالا ”س“ سان شروع ٿيندا آهن:
انهن ۾ سرڪو، سير (ٿوم)، سماق(هڪ قسم جي خاڪ)،
سيب(صوف) سدر (هڪ ميوو)، سنجد(تر) ۽ سبزه. انهيءَ
کان سواءَ هي شيون به هونديون آهن: هڪ برني، جنهن
منجهه سنهري مڇيون پيون ترنديون آهن. هڪ آرسي، عرق
گلاب، رنگين ميڻ بتيون رنگ برنگي آنا، گل، مٺائي ۽
قرآن شريف. ان کان ان کان پوءِ سڀ پنهنجي وڏي کان
سوکڙيون ۽ عيد جي خرچي وٺندا آهن ۽ پوءِ پنهنجن
مائٽن، دوستن ۽ پاڙيسرين سانملڻ لاءِ هڪٻئي وٽ
ايندا ويندا آهن. ٻارن کي سوکڙيون ۽ خرچيون تمام
گهڻيون ملنديون آهن. ڪنهن کي به کاڌي کارائڻ کان
سواءِ نه ڇڏيو ويندو آهي. موٽر ڪارن وارا ٽريفڪ جي
سپاهيءَ کي بلڪل ويجهو پهچي انعام ڏيندا آهن.
نوڪرن کي به انعام اڪرام ۽ نوان وڳا ڏنا ويندا
آهن. مطلب ته ڪجهه وقت لاءِ هر شخص امير نظر ايندو
آهي. بازارن منجهه ماڻهن جا ميڙ هوندا آهن، جن ۾
مسخرا، پيشه ور ڳائڻا ۽ ڦوڪڻن وارا هوندا آهن.
عيد جو تيرهون ڏينهن سڀني کان ڏينهن کان گهڻو رونق
وارو هوندو آهي. انهيءَ ڏينهن تي”سيزده بدر“
ملهايو ويندو آهي. شاهي خاندان سميت هر شخص پڪنڪ
تي ويندو آهي. شهرن جا امير ماڻهو موٽر ڪارن ۾
سوار ٿي جبلن يا ڳوٺاڻن علائقن ڏي نڪري ويندا آهن.
جن وٽ اهڙو ڪو سواريءَ جو وسيلو نه هوندو آهي، سي
بسن ۾ سوار ٿي شهرن کان ٻاهر هليا ويندا آهن.
نوروز جي سڀ کان وڏي تقريب اها هوندي آهي ته”سبزه“
وهندڙ پاڻي ۾ اڇلايو ويندو آهي ۽ اهو خيال ڪيو
ويندو آهي، ته انهيءَ سان گڏ بدبختي، بدنصيبي،
پراڻا جهڳڙا ۽ غم دور ٿي ويندا.
·
ادارو
ديس ديس جو خبرون
لاهور ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس ٿي گذري
پراڻي تاريخ شهر ۾ 22،23 ۽24 فيبروريءَ 1974ع تي
ايشيا ۽ آفريڪا جي 37 مسلمان ملڪن جي اڳواڻن
۽نمائندن جي ٻين ڪانفرنس ٿي گذري. پهرين سربراهه
ڪانفرنس 1969ع ۾ مراڪش جي سهر رباط ۾ ٿي هئي. هن
ڪانفرنس جو مقصد مسلمان ملڪن جي وچ ۾ ٻڌي پيدا ڪرڻ
۽ هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ آهي. لاهور واري اسلامي
سربراهه ڪانفرنس ۾ وچ اوڀر جي مسئلي کي سڀ کان
وڌيڪ اهيمت ڏني وئي، جنهن موجب اسرائيل طرفان مصر،
شام ۽ اردن جي والاريل علائقن کي خالي ڪرڻ، فلسطين
جي ڏتڙيل رهاڪو عربن کي حقن ڏيڻ ۽ بيت المقدس کي
آزاد ڪرڻ جي گهُر ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ شريڪ مسلمان
ملڪن عهد ڪيو ته ان ڏس ۾ هو سڀ گڏجي ڪوشس ڪندا. هن
ڪانفرنس جي سڀ کان وڏي ڳالهه اها هئي ته ان موقعي
تي پاڪستان طرفان بنگله ديش کي هڪ آزاد ملڪ جي
حيثيت سان مڃيو ويو.
انهيءَ موقعي تي لاهور شهر کي ڪنوار وانگر
سينگاريو ويو هو. مختلف اسلامي ملڪن جي رنگارنگي
جهندن سان سجايل هوائي اڏي تي 9 هزار گلاب جا ٻوٽا
۽ هزار موسمي گل رکيا هئا. سربراهن جي آجيان ڪرڻ
لاءِ اتي صدر فضل الاهي چوڌري، وزير اعظم زوالفقار
علي ڀٽو، ٽنهي فوجن جا اڳواڻ ۽ ٻيا وڏا عملدار سڄو
ڏينهن بيٺا هئا. پاڪستان جي ميداني، سامونڊي
۽هوائي فوج جي دستن هر سربراهه کي مارچ باسٽ ڪندي
سلامي ڏني. فوجي بئنڊ پاڪستان ۽مهمان سربراهه جي
ملڪ جي قومي ترانن جون ڌنون ٿي وڃايون. هوائي اڏي
تي هر ملڪ جي سربراهه جي اچڻ جو اعلان 21 توپن جي
سلاميءَ سان ڪيو پئي ويو.
اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ 12 ملڪن جا صدر، 7 ملڪن
جا بادشاهه، ۽ 4 ملڪن جا وزير اعظم، 6 ملڪن جا
پرڏيهي وزير ٻين ملڪن جي سرڪاري نمائندن شرڪت ڪئي.
انهن جا نالا هن ريت آهن.
الجزائر: صدر، حواري بومدين.
افغانستان: عبدالرحمان پزواڪ.
اومان: سلطان، سيد قابوس بن سعيد.
ايران: پرڏيهي وزير، خلعت باري.
انڊونيشيا: پرڏيهي وزير،آدم ملڪ.
بنگلاديش: وزير اعظم،شيخ مجيب الرحمان.
بحرين: امير، شيخ عيسيٰ بن سليمان الخليفه.
ترڪي: پرڏيهي وزير،توران گنيس.
چاڊ: صدر، نگارتاٽو مبلباءِ.
مصر: صدر، انور سادات.
گمبيا: صدر، باودا جورا.
گني:وزير اعظم، ڊاڪٽر نسانا بيواگوئي.
گني بسائو: وزير اعظم فرانسڪو ميندس.
ڪويت: امير،شيخ السالم الصباح.
لبنان: وزير اعظم، نقي الدين الصالح.
لبيا: صدر،ڪرنل معمر قذافي.
ملائيشيا: وزير اعظم، تن عبدالرزاق.
نائيجر: صدر، ڊيوري حماني.
يمن عوامي جمهوري رعيتي راڄ: وزير اعظم،علي ناصر
محمد.
قطر: امير، سيخ خليفه بن احمد الثالي.
سعودي عرب: شاهه، فيصل بن عبدالعزيز.
سينيگال:پرڏيهي ويزير،اسين سڪ.
صوماليه: صدر، ميجر جنرل محمد سعيد باري.
سوڊان: صدر، جعفرالنميري.
شام: صدر، حافظ اسد.
متحده عرب رياستون:صدر،شيخ زيد بن سلطان النهيان ۽
نائب صدر، شيخ رشيد بن سعيد الخطوم.
عرب جمهوريه يمن: صدر، عبدالريحان الارياني.
ماريطانيا: صدر، مختيارداد.
يوگنڊا: صدر، عدي امين.
انهن کانسواءِ فلسطين جي آزاديءَ وار تنظيم جي
اڳواڻ ياسر عرفات، فلسطين جي مفتي اعظم امين
الحسيني ۽ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل محمود رياض پڻ
شرڪت ڪئي.
هيءَ ڪانفرنس پنجاب جي اسيمبلي هال ۾ ٿي هئي.
سربراهه ڪانفرنس جو ننڍڙو مهمان
اسلامي سربراهه ڪانفرنس جو سڀ کان ننڍڙو مهمان
حاجي عبدالناصر هو. هو يوگنڊا جي صدر عدي امين جو
سورهن مهينن جو پٽ آهي. ٻار، جنهن کي هڪ فوجي وردي
پيل هئي. ان وقت کير جي بوتل چوسي رهيو هو، جڏهن
پي.آءِ. اي جي هڪ ايئرهوسٽس هن کي کڻي جهاز مان
ٻاهر نڪتي. عبدالناصر سان سندس ماءُ گڏ ڪانهي.
هوائي اڏي تي هن کي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي
سان ملايو ويو. جنهن کيس ڳل تي چمي ڏني، ۽
چيو:”پاڪستان ۾ ڀلي ڪري آئين.“
سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي سنڌ مخطوطن جي نمائش
اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي لاهور جي
عجائب گهر ۾ هٿ سان لکيل پراڻن ڪتابن جي نمائس پڻ
ٿي. ان نمائش ۾ سنڌ جي مشهور علمي ۽ ادبي ادارن،
سنڌي ادبي بورڊ ۽ شاهه ولي الله اڪيڊمي حصو ورتو،
سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌي زبان ۾ هٿ سان لکيل
نهايت پراڻا ۽ قيمتي ڪتاب رکيا ويا هئا. ٻاهران
قيمت آيل مهمانن انهن قلمي مخطوطن جي بيحد ساراهه
ڪئي.
پهرين درجي ۾ پڙهندڙ ٻارن کي ڪتاب مفت ملندا
تازو اسلام آباد ۾ وفاقي وزير تعليم مسٽر
عبدالحفيظ پيرزادي جي صدارت هيٺ صوبائي تعليمي
وزيرن جي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته
ايندڙ تعليمي سال کان وٺي ملڪ جي سڀني اسڪولن ۾
پهرين ڪلاس جي شاگردن کي اسڪولي ڪتاب مفت ڏنا
ويندا.
ان کان سواءِ ايندڙ سال ويهه ڪروڙ رپين جي خرچ سان
ملڪ ۾ وڌيڪ پرائمري اسڪول قائم ڪيا ويندا.
مريخ تي حياتيءَ جي موجود هئڻ جو امڪان
هڪ آمريڪي سائنسدان ڊاڪٽر ايم ڪلبن، جيڪو ناسا
واري کوجنا مرڪز ۾ حياتيات واري سائنس جو ڊائريڪٽر
آهي، تنهن تازو هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته مريخ
گرهه تي حياتيءَ جي موجود هئڻ جو وڏو امڪان آهي.
هن چيو ته جيئن ته ڌرتي ۽ مريخ 40 ڪروڙ سال اڳ هڪ
ئي وقت وجود ۾ آيا ۽ ساڳئي قسم جي سين ۽ گئسن
منجهان ٺهيا آهن، تنهنڪري ان ڳالهه جو وڏو امڪان
آهي ته مريخ پڻ اهي ساڳيون ارتقائي منزلون پارڪيون
هونديون، جيڪي ڌرتيءَ ڪيون آهن. هن ٻڌايو ته 1976ع
۾ جڏهن آمريڪا جا ٻه راڪيٽ هن گرهه تي لهندا، ته
پوءِ پاڻهي خبر پئجي ويندي ته اتي حياتي آهي يا
نه؟ |