گذارش
ڪي ڪي چوڻيون ۽ پهاڪا اهڙيءَ طرح اسان جي ڏهاڙيءَ
جي زندگيءَ جو حصو بنجي ويندا آهن، اٿندي ويهندي
ٻين کان ٻڌندا توڙي پاڻ ڪتب آڻيندا رهندا آهيون.
اهڙي ئي هڪ چوڻي آهي:”ٻار آئيندي جا ابا آهن.“ اها
چوڻي هونءَ ته عام ڪتب ايندي آهي، پر خبر ناهي ته
اسان مان ڪيترن ان تي پورو ڌيان ڏنو آهي ۽ ان جي
اهميت تي ڪڏهن سوچيو ويچاريو آهي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو
اچي ته ان چوڻيءَ جي حيثيت بنهه رسمي آهي. باقي
هونءَ حقيقت ۾ اسين ان کي چوٽيءَ جي حيثيت بنهه
رسمي آهي. باقي هونءَ حقيقت ۾ اسين ان کي ڪا گهڻي
اهميت ڪين ٿا ڏيون. سبب گهڻا ٿي سگهن ٿا. اسان جي
وڏن شهرن، ۽ ڳوٺن جي زندگيءَ ۾ وڏو فرق آهي. ڳوٺن
۾ اڃان تائين تعليم پوريءَ طرح ڪانه پکڙي آهي. اتي
جا ٻار جڏهن ڪجهه ڪرڻ جا لائق مس بنجن ٿا، ته هڪدم
اباڻي ڪرت کي لڳيو وڃن. جئين مال چارڻ ۽ هر ڪاهڻ.
گهڻو ڪري سڀ تعليم کان وانجهيل هوندا آهن. ننڍن
شهرن ۾ ڪجهه نه ڪجهه تعليم آهي، پر اتي جي ٻارن کي
اهي سموريون سهولتون ميسر ڪونه آهن، جيڪي وڏن شهرن
جي ٻارن کي حاصل آهن. جهڙوڪ: پڙهڻ ۽ سکڻ جا نوان
طريقا ۽ وندر ورونهن لاءِ لئبريريون، گهمڻ ڦرڻ جون
جايون، وڏا باغ، ٽي وي وغيره. انڪري ننڍن شهرن جي
ٻارن جو ذهني واڌارو پوريءَ طرح نٿو ٿئي. باقي
رهيا وڏن شهرن جا ٻار، ته اهي تعليم ۽ وندر ورنهن
جي سهولتن جي لحاظ سان وڌيڪ خوشقسمت آهن. پر انهن
جي لاءِ به هڪ وڏو مونجهارو آهي. اهو هيءُ آهي ته
وڏن شهرن جي زندگي ايڏي ڊوڙڊڪ ۽ هڻ وٺ واري آهي،
جو پيءُ ۽ ماءُ کي ايترو وقت ئي ڪونه ٿو ملي، جو
پنهنجن ٻارن تي پورو ڌيان ڏئي سگهن. اها لاپرواهي
۽ بيڌياني ٻارن جي لاءِ نقصانڪار آهي، جن کي ان
عمر ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي مدد جي وڌيڪ ضرورت
هوندي آهي. انهن کان سواءِ ڪي ٻيا به ڪارڻ ٿي سگهن
ٿا، پر سڀ کان وڏو ڪارڻ اسين پاڻ آهيون. ڇو ته
اسان انهن سوالن تي ڪڏهن سنجيدگيءَ سان سوچيو
ڪونهي. اسان انهن سوالن تي ڪڏهن سنجيدگيءَ سان
سوچيو ڪونهي. اسان پنهنجن ٻارن کي ڇا ڏنو آهي،
ڪهڙي سکيا ۽ تربيت ڏني آهي. جو هو آئيندي هلي قوم
جا ابا بنجندا يا قوم جا معمار ٿيندا؟ چوڻ کي ته
اسين چيو ڇڏيون، پر هڪ پيءُ، هڪ ماءُ، هڪ استاد ۽
هڪ وڏي جي حيثيت سان اسان تي جيڪا ذميداري آهي، ان
کي اسان ڪيتري حد تائين پورو ڪيو
آهي؟ اچو ته سڀ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسون.
ٻارڙن کي:
اسين ڪوشس ڪري رهيا آهيون، ته اوهان جي موڪليل
سمورين صلاحن تي عمل ڪريون. شروع شروع ۾ اسان کي
ڪجهه تڪليفون پيش اچي رهيون آهن، پر اميد آهي ته
آهستي آهستي تڪليفون دور ٿي وينديون. اسان کي ان
ڳالهه جي خوشي آهي ته ”گل ڦل“ ۾ تمام گهڻن ٻارن
دلچسپي ورتي آهي. گهڻن ٻارن پنهنجون لکڻيون
موڪليون آهن. پر اسان کي انهن پيارن ٻارن کان هڪڙي
شڪايت آهي، ته هو پني جي ٻنهي پاسي لکي ٿا موڪلين.
ڇپائڻ جي لاءِ ڪا به شئي موڪلجي، ته اها پني جي هڪ
پاسي لکڻ گهرجي ۽ ٻن سٽن جي وچ ۾ ڪجهه جاءِ ڇڏڻ
گهرجي. جيڪي ٻار پنهنجا ليک موڪلين، انهن کي
پنهنجو ڪلاس ڄاڻائڻ گهرجي، جئين خبر پئي ته هو
ڪهڙي ڪلاس ۾ پڙهي رهيا آهن. ترجمي جي حالت ۾ اهو
ضرور لکڻ گهرجي ته ان جو اصل ليکڪ ڪير آهي، ۽ اهو
ليک ڪهڙي ٻوليءَ مان ۽ ڪهڙي رسالي يا ڪتاب تان
ترجمو ڪيو ويو آهي. ٻي ضروري ڳالهه اها ته ڪو به
اهڙو ليک نه موڪليو، جيڪو اڳ ۾ سنڌيءَ جي ڪنهن
رسالي يا ڪتاب ۾ شايع ٿي چڪو هجي. نقل ڪري موڪلڻ
خراب عادت آهي. اوهان کي پاڻ محنت ڪري لکڻ کپي.
اميد ته ٻار انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکندا.
اوهان جو ڀاءُ، شوڪت حسين شورو
بيت_ سر ڪلياڻ
(شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام مان)
(1)
چئو تون الله هڪڙو، وائي ٻي وسار،
تن ۾ تند تنوار، سدا سپيرين جي.
(2)
ايڪ قصر، در لک، ڪَوڙين ڪَڻس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پَرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
(3)
سوري آهه سينگار،اڳهَين عاشقن جو،
مُڙڻ، موٽڻ ميهڻو، ٿِيا نظاري نِروارُ،
ڪُسَڻ جو قرارُ، اصل عاشقن کي.
(4)
سورُيءَ سَڏ ٿِيو، ڪا هلندي جيڏيون؟
وڃڻ تن پيو، نالو نينهَن ڳِنهَن جي.
(5)
حبيبن هيڪارَ، منجهان مِهر سڏ ڪيو،
سو مُون سڀ ڄمار، اورڻ اهوئي ٿيو.
(2)قصر= محلات. ڪوڙين= ڪروڙين. ڪڻس = کيس. ڳڙکيون
= دريون. پرک = نظر. (5) اورڻ = دهرائڻ، ورجائڻ.
وائي _ سرڪلياڻ
شاهه عبداللطيف ڀٽائي
ٿيندو تَن طبيبُ، دارُون منهنجي درد جو.
ٻُڪي ڏِيندُم ٻاجههَ جي، اچي شال عجيبُ،
دارُون منهنجي درد جو.
پريَن اچي پاڻ ڪِيو، سندو غور غريبُ.
دارون منهنجي درد جو.
ڏکندو سڀوئي ڏور ڪِيو، مَنجهَؤن تن طبيبُ،
دارون منهنجي درد جو.
اديون عبداللطيف چئي، هاتڪ آهِ حبيبُ،
دارون منهنجي درد جو.
دارون = علاج. ٻُڪي = دوا. عجيب = سڄڻ. غور =
تپاسڻ، ڏسڻ. هاتيڪ= حاذق،ماهر.
·
ادارو
شاهه عبداللطيف ڀٽائي
اهو ڪهڙو سنڌي ٻار هوندو، جنهن شاهه عبداللطيف
ڀٽائي جو نالو نه ٻڌو هوندو! جهرن جهنگن، ڳوٺن ۽
شهرن جا ٻار سندس نالي کان چڱي پر واقف آهن. رڳو
شاهه جي بيت يا شاهه جي ڪلام چوڻ سان ذهن ۾ هڪدم
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو نالو اچيو وڃي. شاهه
سائين نه رڳو سنڌ جو وڏو شاعر آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1102 هجري مطابق 1690ع ۾،
حيدرآباد ضلعي جي هالا تعلقي ۾،”هالا حويلي“ نالي
هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. هالا حويلي ڀٽ کان نو
ڪوهه پري، هن وقت ويران حالت ۾ آهي. جنهن گهر ۾
شاهه سائين جو جنم ٿيو هو، تتي پوءِ لونگ نالي
ڀٽائيءَ جي هڪ مريد مسجد ٺهرائي هئي، جا اڃا تائين
نصير واهه جي ڪپ تي قائم آهي.
شاهه صاحب جي پيءُ جو نالو حبيب شاهه هو ۽ سندس تڙ
ڏاڏي جو نالو شاهه عبدالڪريم هو، جيڪو پاڻ به هڪ
سٺو شاعر هو. شاهه عبدالڪريم جو مقبرو بلڙي شهر ۾
آهي. اهو مقبرو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٺهرايو هو.
شاهه صاحب جي تعليم بابت پوري خبر ڪانهي. ڪي چون
ٿا ته هو اڻپڙهيل هو، پر ڪي چون ٿا ته هو پڙهيل هو
_ فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ عربي به ايندي هيس.
اها ڳالهه سندس رسالي سان ظاهر آهي. انڪري يقين
سان چئي سگهجي ٿو ته ڪي قدر درسي تعليم ڪري، ۽ ڪي
قدر پنهنجي سر تجربي ۽ مطالعي ڪري، شاهه عباللطيف
اُن زماني جي لياقت آهر، هر علم ۾ چڱي مهارت حاصل
ڪئي. چون ٿا ته قرآن شريف، روميءَ جي مثنوي شاهه
ڪريم جو رسالو ساڻس گڏ هوندا هئا.
شاهه صاحب جوانيءَ ۾، جوڳين ۽ سنياسين سان گڏ
گهڻيئي ملڪ گهميو ڦريو ۽ گهڻيئي پاڪ جايون اکين
سان ڏٺائين.هن لکپت ۽ گرنار، کنڀات ۽ پور بندر،
هالار ۽ جهونا ڳڙهه، دوارڪا ۽ هنگلاج لس ٻيلي ۽
لاهوت، جيسلمير ۽ لڙ، کنجي ۽ هاڙهي، ٻٻ ۽ حب، وندر
۽ وڻڪار کي چڱيءَ طره گهمي ڏٺو. شاهه صاحب انهن
جاين جو پنهنجي ڪلام،”سُر سري راڳ، ”ستر گهاتو“،
”سُر سامونڊي“، ۽ سُر سهڻي“ ۾ جتي ڪٿي ذڪر ڪيو
آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ اٽڪل ٽي سال سير ۽ سفر ۾
گذاريا، ۽ اهڙيءَ طرح دنيا جو گهڻو تجربو حاصل
ڪيائين. نيٺ اچي اهو خيال پيس ته هيڏي هوڏي رلڻ جي
بدران، وري پنهنجي وطن وڃي، خدا جي بندگيءَ ۽ ماءُ
پيءَ جي خدمت ۾ گذاريان. هڪ ڏينهن هو اوچتوئي
اوچتو اچي گهر سهڙيو.
انهن ٽن ورهين جي دوران ۾ شاهه عبداللطيف دنيا ۽
دنيا جي ماڻهن جو چڱو آزمودو پرايو. گهڻائي ڏاکڙا
ڏٺائين، جهنگل جهاڳيائين ڏونگر ڏوريائين، ساڌن
فقيرن، ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان گڏ رهيو. انهيءَ
جو نتيجو اهو نڪتو جو سندس قلب مان تعصب ۽ ٻيائي
جي ڪٽ ڪورجي ويئي، ۽ انسانذات لاءِ سندس قرب ۽
همدردي زياده ٿي. انساني طبيعت جو هن ڳوڙهو اڀياس
ڪيو، جهن جي ثابتي سندس رسالي مان ملي ٿي. هن
پنهنجيءَ دوربين اک سان پروڙيو ۽ غريب ۽ اڻڄاڻ
ڳوٺاڻن ۾ ڪي اهڙا گڻ ۽ خوبيون آهن، جي شاهوڪار ۽
پڙهيل شهرين ۾ ملڻ مشڪل آهن. گمنام ماڻهن وٽان هن
سهڻيءَ صلاح جا سچا موتي ۽ حقيقت جا هار حاصل ڪيا.
کيس پروڙ پئي ته ڀونگين ۾ رهندڙ، جيتوڻيڪ ٻاهران
ميرا ۽ گدلا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تڏهن به هنن جون دليون
صاف ۽ اڇيون اجريون آهن ۽ ثابت قدميءَ، صبر ۽ حب
الوطنيءَ ۾ بيمثال آهن.
سير سفر ۾ شاهه صاحب هالا کان چڱي پنڌ تي، واريءَ
جي پٽن م ڪراڙ ڍنڍ جي ڀرسان، هڪ وڏو واريءَ جو دڙو
جاچيو هو ۽ پڪو پهه ڪيو هئائين ته اتي اچي پنهنجو
ديرو ڄمائيندو. چناچه، شاهه صاحب سفر تان موٽن بعد
ستت ئي پنهنجي حُبدارن سان گڏ اچي اها ڀٽ وسائي.
شاهه صاحب تي ”ڀٽائي“ نالو پڻ ان ڪري پيو، اتي پاڻ
پنهنجي هٿن سان مزورن وانگي پورهيو ڪيائين ۽ مٿي
تي تغاريون ڍويائين. شاهه صاحب پنهنجي حُبدارن سان
ڀٽ کي وسندي بنائڻ ۾ ئي لڳل هو، ته پيءَ جي
ناچاقائيءَ جو ٻڌائين. جيترو پاڻ وڃي ساڻس ملي ئي
ملي، تنهن کان اڳ شاهه حبيب وفات ڪئي. پيءُ جي
وفات شاهه صاحب جي دل کي وڏو صدمو رسايو. ٿورن
ڏينهن کان پوءِ سندس گهر واري بيبي سعيده به هي
جهان ڇڏيو. جنهن ۾ ڳالهه سندس دل کي هيڪاري گهڻو
لوڏيو.
شاهه صاحب ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اصلوڪيءَ عادت موجب
جهنگ منهن ڏيئي هليو ويندو هو. جبلن، ماٿرين ۽
ميدانن ۾ گهمڻ جو کيس گهڻو شوق هوندو هو. ”سر
سارنگ“ پڙهبو ته ڏسبو ته شاهه صاحب وسڪاري جي مند
کي ڪهڙي سرهائي وچان ڳايو آهي. قدرت جي موهيندڙ
نظارن سندس روح کي راحت ٿي ڏني ۽ بي اختيار سندس
وات مان شعر جا سهڻا موتي ريلا ڏئي ٿي نڪتا.
شاهه صاحب پنهنجي زماني جي وڏن عالمن: شاهه عنايت،
خواجه محمد زمان لنواريءَ واري، مخدوم محمد معين
ٺٽوي، سچل سرمست جي ڏاڏي فقير صاحبڏني درازن واري
۽ عبدالرحيم گرهوڙيءَ سان گهڻو ملندو هو ۽ ساڻن
مذهبي ۽ علمي ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو.
ستت ئي شاهه صاحب جو نالو هنڌين ماڳين مشهور ٿي
ويو، ۽ پري پري جا ماڻهو سندس زيارت لاءِ ڀٽ تي
اچڻ لڳا. اهو ڏسي ان وقت جي هلنديءَ واري مذهبي
۽سياسي اڳواڻن کي ساڙ ٿيو، جن ۾ سنڌ جو ان وقت جو
حاڪم، ميا نور محمد ڪلهوڙو به شامل هو. ميان نور
محمد ته ساڙ سببان شاهه صاحب کي مارائڻ جي به ڪوشش
ڪئي، پر پوءِ شاهه صاحب اخلاق ۽ شخصيت کان ايترو
متاثر ٿيو، جو دشمن مان ڦري سندس دوست ٿي پيو.
شاهه عبداللطيف جي زماني ۾ هندستان تي مغل گهراڻي
جي حڪومت هئي. شاهه صاحب جڏهن ارڙهن ورهين جو هو
ته مغل بادشاهه اورنگزيب (1707ع ۾ وفات) ڪئي.
1737ع ۾ جڏهن شاهه صاحب جي عمر اٺيتاليهه سال هئي،
ايران جي بادشاهه نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي. سنڌ
جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي ڀڄي وڃي عمر ڪوٽ ۾
پناهه ورتي، پر نادر شاهه اتي به نه ڇڏيس. آخر
ميان نور محمد پيش پيو ۽ نادر شاهه کي هڪ ڪروڙ
رپيا نذرانو ڏنائين ۽ ويهه لک رپيا سالياني ڍل ڏيڻ
جو به انجام ڪيائين. نادر شاهه اهو انجام وٺي،
ميان نور محمد ڪلهوڙي جا ٽي پٽ: مرادياب، عطر خان
۽ غلام شاهه ضامن طور ساڻ وٺي ايران موٽي ويو.
نادر جي مرڻ کان پوءِ اهي ٽيئي شهزادا واپس سنڌ
وريا. ان کان اڳ، شاهه عنايت صوفي جهوڪ واري جي
شهادت وقت شاهه سائين جي عمر ايڪٽيهه ورهيه هئي.
انهيءَ زماني ۾، مغلن جي پاران نواب اعظم خان سنڌ
جو گورنر هو. انهيءَ نواب جي برغلائڻ تي دهليءَ جي
مغل بادشاهه فرخ سير، شاهه عنايت جي سر وڍڻ جو حڪم
جاري ڪيو. ان واقعي شاهه عبداللطيف جي دل کي نهايت
صدمو رسايو. انهيءَ مان ڏسبو ته شاهه صاحب جي
زماني ۾ وڏا تاريخي ڪم ٿيا، ۽ ظاهر آهي ته انهن
شاهه صاحب تي ضرور اثر ڇڏيو هوندو.
حياتيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ شاهه صاحب ڪربلا جي زيارت
لاءِ سنڀري نڪتو، ڪڇ لنگهي، گجرات ۾ ويو، جتان
انهن ڏينهن ۾ ٻيڙين رستي ماڻهو عراق ڏانهن ويندا
هئا، واٽ تي هڪ مريد گڏيس، جنهن کل ڀوڳ ۾ چيس ته
”سائين، چوندا آهيو ته اسان جو دفن ڪفن به ڀٽ تي
ٿيندو، پوءِ هينئر پڇاڙيءَ جي وقت ۾ ڪيئن هيڏي سفر
تي نڪري پيا آهيو؟“ چون ٿا ته شاهه صاحب اهي اکر
ٻڌي اڳتي وڃڻ جو خيال لاهي ڀٽ ڏانهن واپس
موٽيو.پويان ڏينهن هن راڳ روپ ۾ گذاريا. پورا
ايڪيهه ڏينهن، حجر ۾، اڪيلائيءَ ۾ رهيو ۽ اُنهيءَ
سموري وقت ۾ بن ويلن جيترو کاڌو مس کاڌائين. پوءِ
ٻاهر نڪري غسل ڪيائين ۽ هڪ چادر مٿان وجهي، مراقبي
۾ ويهي رهيو. فقيرن کي ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو اشارو
ڪيائين. برابر ٽي ڏينهن اهو ڳائڻ وڄائڻ هلندو
رهيو. راڳ روپ آخر پورو ٿيو. فقيرن ويجهو وڃي ڏٺو،
ته شاهه جي روح جو پکيئڙو اڏامي ويو. هو شاهه
صاحب، سن 1165 هجري مطابق سن 1752ع ۾ صفر مهيني جي
چوڏهين تاريخ، هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو، ميان نور
محمد ڪلهوڙي جي پٽ، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنڌ جي
حاڪم، مٿس هڪ عاليشان مقبرو، وقت جي مشهور رازي
عيدن کان جوڙايو، هر جمعي رات شاهه صاحب جي درگاهه
تي راڳ روپ ٿيندو آهي. جنهن ۾ سندس ئي ڪلام اصلوڪي
انداز ۾ ڳائبو آهي. هر سال، صفر مهيني جي چوڏهين
تاريخ تمام وڏو ميلو لڳندو آهي.
شاهه صاحب جي ڪابه سچي تصوير موجود ڪانهي، چون ٿا
ته هو وڏي ويڪري منهن، سهڻين اکين ۽ گهاٽي ۽
چاپئينءَ ڏاڙهيءِ واري هو. سادو کائيندو ۽ سادو
پهريندو هو. گهنو ڪري ڪاري ڌاڳي سان سبيل هڪ گيڙو
رنگ جي ڪفني پائيندو هو. مٿي تي ڪاري ڪپڙي جي ٽڪري
سان ويڙهيل ڪلاه پائيندو هو. جتي به ڏاڍي سادي
هيس، نه ته پيرين اگهاڙو پنڌ ڪندو هو. هٿ ۾ جوڳين
واري بيراڳن جهڙي لٺ کڻندو هو. کاڌي پيتي لاءِ هڪ
ڪشتو هوندو هوس. سمهندو هڪ صندل تي هو. ۽ سندس
بسترو هڪ پراني کٿانئين گودڙي هئي. اهي مڙيئي شيون
اڃا تائين ڀٽ تي موجود آهن.
سندس اخلاق لاءِ مشهور آهي ته هو سڇائيءَ، نيڪيءَ
۽ رحم جو پتلو هو. وڏن ماڻهن سان گهٽ پوندي هيس،
غريب جو يار هو. چناچه، سندس ڪلام جتي ڪٿي ”ڏاڍن
لاءِ نفرت“ ۽ ”هيڻن لاءِ پيار“ ظاهر آهي. رحمدل ۽
ٻاجهارو ته هڪڙوئي هو. انسانذات لاءِ نهايت قرب ۽
همدردي هيس، پر گگدام هيوانن سان پڻ پيار هوس.
پنهنجي هٿ سان ڪڏهن ڪو جانور نه ماريائين. ننڍپڻ ۾
جڏهن جيڏن سان گزڪمان راند کيڏندو هو، تڏهن به
ڪنهن پکيءَ پکڻ کي ڌڪ نه هنيائين. جهنگ جي سهن
لاءِ ته هيڪاري قياس پوندو هوس، ۽ ماڻهن کي هدايت
ڪندو هو ته انهن کي نه آزاريو. شاهه صاحب راڳ بي
مست هو. سنڌ ۽ هند جا وڏا وڏا ڳائڻا هردم سندس
حضور ۾ هوندا هئا. چون ٿا ته راڳ ٻڌي مستيءَ ۾ اچي
ويندو هو. هڪ دفعي چيائين ته” منهنجي دل اندر هڪ
وڻ آهي، جو راڳ ٻڌڻ سان سائو ۽ سرسبز ٿيو وڃي.“
راڳ ۽ شآعري سندس زندگي هئي. شاهه سائين جي امر
شاعريءَ جي کٿوريءَ جي خوشبوءَ جو سڀني سنڌين صدين
کان واس پئي ورتو آهي.
·
مترجم: رشيد ڀٽي
(ڪهاڻي)
سامبر ۽ رسٽي جونس
اتي جي ڪُراڙن ۽ پراڻن رهواسين به پنهنجيءَ سانڀر
۾ ڪڏهين اهڙو سخت سيارو نه ڏڍو هو. اوٽانوسنس ۽
ڪاديوڪ ندين جي هن ماٿريءَ ۾ ايڏي برف اڳ ڪڏهن به
ڪانه پيئي هئي. زمين جو ته ڪو پتو ئي ڪونه پئي
پيو. برفباري ايتري لڳاتار ۽ ساندهه ٿي، جو ڪاٺ جي
ٺهيل جاين جا به رڳو ڇپر ٿي نظر آيا. آسپاس جي
ڇڙوڇڙ گهرن ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن تي رستن جا لنگهڻ جي
پچر اڌ سياري ۾ ئي ڇڏي ڏني هئي. سياري جي اوج تي
پهچڻ سان هنن برفاني بوٽن جو استعمال شروع ڪيو هو.
ننڍا ننڍا وڻ ۽ ٻوٽا ته ائين ڍڪجي ويا هئا، ڄڻ هئا
ئي ڪين ڊگها ڊگها ديال ۽ چيل وغيرهه جا نوڪيدار وڻ
به ڪپهه جي منارا پئي لڳا. واءَ جي زور تي جتان
برف ڇڻي پئي هئي، اتي اهي جايون ائين نظر پئي آيون
جيئن ڪنهن اڇي پني تي مس جا داغ ٿي پيا هجن.
ٻيلي م رهندڙ جهنگلي جانورن لاءِ اها مند تمام
ڊگهي ۽ ڏکوئيندڙ هئي. اهي جانور البت ڀاڳ وارا
هئا، جي سياري جي شروعات ۾ ئي پنهنجو کاڄ ڪٺو ڪري
وڃي اونهين چُرن ۽ کامن ۾ لڪا هئا، جتي کين برف جي
ٿڌ ڇُهي به نه پئي سگهي. جيڪي ٻيا جانور مصيبت جون
گهڙيون گهاري رهيا هئا. تن ۾ مکيه سامبر هئا. هي
ڳرا جانور، جيڪي سياري ۾ رڳو ڍڪيل جهڳٽن ۾ رهڻ ۽
انهن مان پيچرا ٺاهي
پنهنجي کاڌخوراڪ هٿ ڪرڻ تي هريل هئا، سي هيل
سياري جي مند ۾ ئي پاڻ کي آهيءَ ۾ آيل محسوس ڪرڻ
لڳا هئا. سياري جي اوج تي اچڻ تي هنن پنهنجون سڀ
راهون بند ڏٺيون. هنن ننڍا ننڍا ٻوٽا کائي ختم ڪري
ڇڏيا هئا، ۽ وچولي درجي جا وڻ به ڪي ٿورا وڃي بچيا
هئا، هاڻي ته هو اڌ مئا ٿي چڪا هئا، ۽ پنڌ ڪري
کاڌي ڳولڻ کان لاچار هئا. ڊگهن ڊگهن وڻن هيٺان
کامن ۾ قيد ٿيل هنن جانورن جي ڪن ڪٽنبن وٽ ته
ايترو به ڪونه هو جو حياتيءَ کي جاري رکي سگهن.
انهن مان ڪيترا پوين پساهن ۾ هئا.
اهڙيءَ طرح جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن
سيارو به وڌيڪ سخت خطرناڪ ٿيندو ويو.
برائين گهٽيءَ جي ڇيڙي تي، سمٿ جي دڪان جي ٻاهران
اهو دڪان جيڪو ڳوٺ جو ٽپال گهر به هوندو هو. هڪ
نوجوان،رسٽي جونس پنهنجي برفاني هٿ کاڏيءَ تي
پنهنجو سامان جون جي ڳوڻ، ڳڙ جو ڪولو ۽ گاسليٽ جو
ٽين، وغيره ٻڌي رهيو هو. سندس کهرن ۽ ڪڪن وارن جي
ڪري، هن کي رسٽي (Rusty،
يعني ڪٽ لڳل) ڪوٺيو ويندو هو. پنهنجو سامان ٻڌي
دلجاءِ ڪري، هن گهر جا آڻيل نيرا دستانا پاتا، ۽
پيرن ۾ پيل سليپرن مٿان سامبر جي کل مان ٺهيل
برفاني بوٽ چاڙهيا. هن هٿ لوڏي دڪان ۾ ويٺلن کان
موڪلاڻي ڪئي، ۽ برف سان ڍڪيل چار ميل ڊگهي رستي جي
مسافريءَ تي اُسهيو. هو پنهنجين ٻنين تي پئي ويو.
هن کي ڏاڍي دير ٿي ويئي هئي. اندازي ڪيل وقت کان
هو ٻه ڪلاڪ پوئتي رهجي ويو هو. هو ٽپال وٺڻ لاءِ
ترسي پيو هو. ڪنهن اخبار ۾ هڪ دلچسپ خبر پڙهڻ لاءِ
هو ڏاڍو آتو هو. هاڻي هن کي اهي سڀ ڪم ياد آيا، جي
کيس گهر پهچي ماني کائي، پڙهڻ تي ويهڻ کان ڳان اڳ
ڪرڻا هئا.
اڌ ميل هلڻ کان پوءِ هن کي هڪ ترڪيب دماغ ۾ آئي.
رستي جي ساڄي پاسي هيٺ لهي، ماٿري ٽپي، هو هڪ ميل
جو فاصلو گهٽائي پئي سگهيو، ٻئي مند ۾ ان ماٿري
مان جلدي گذرڻ ممڪن ڪونه هو، ڇو ته اتي ڪيترائي
گهاٽا ٻيلا ۽کڏون کاما هئا. پر هن برفاني مند ۾
ائين نه هو، سڄي ماٿري برف سان ڍڪجي هڪ سنئون
ميدان ٿي ويئي هئي. ۽ اتان لنگهن به ائين هو، جيئن
ڪنهن رستي تان، پنهنجي برفاني گاڏيءَ کي آسانيءَ
سان هيٺ لاهيندي هو رستي کان هيٺ، ماٿريءَ ڏانهن
وڌيو. هن سوچيو ته اهو خيال ڇو نه شروع ۾ آيو!
جيتوڻيڪ هو ڇوڪراٽ هو، تڏهن به هن کي يقين هو ته
طرفن جي ڄاڻ ۽ اوسي پاسي جي واقفيت، کيس سولائي
سان پنهنجيءَ منزل تي وڃي ڇڏيندي.
وڏن ۽ ڊگهن وڻن جي وچ مان رستو ٺاهيندي، ۽
ڪانڊيرن، وڻن ۽ کڏن کامن کان پاسو ڪندي، رسٽي
ماٿريءَ ۾ اڳتي وڌندو ويو. هن جا کيت باقي ميل پري
وڃي بچيا هئا. آسمان تي شفق جو رنگ ٿڌو هئڊو
ميرانجهڙو ٿي ويو، ته هو به هڪ برفاني کامي جي
ڪناري تي اچي پهتو. ان کامي جي اڌ حصي کي شاهه
بلوط جا وڻ ڍڪيو بيٺا هئا. هيٺ نهاريندي، هن جي
نظر سامبر جي هڪ ڪٽنب تي پيئي، جيڪي هڪٻئي جي مٿان
ڪريا پيا هئا. ان مند ۾، آسپاس 5 ميلن تائين ڪنهن
سامبر جي هجڻ جو ڪو امڪان ئي ڪونه هو، پر ان هوندي
به سامبر جا ڪي اهڙا ولر هئا، جن اهڙي سخت سياري ۾
به ان ماٿريءَ ۾ رهڻ پسند ڪيو هو.
اُداس سانجهيءَ جي انهيءَ گُهٽيل فضا ۾، هن سامبر
جو اهڙو ئي هڪ ڪٽنب ڏٺو هڪ سٻر ميرانجهڙي رنگ جو
سامبر، ڪاراڻ مائل مادي ۽ ٻه ننڍڙا ٻچا. سڀئي زمين
تي ليٽيا پيا هئا. هڪ پاسي ڀر ليٽيل ٻچو بلڪل مري
چڪو هو ، ۽ سندس جسم به برف وانگر ڄمي ويو هو.
باقي ٻيا سامبر تمام ڏک ۽ نراسائيءَ وارين نظرن
سان ان کي ڏسي رهيا هئا. اوچتوئي اوچتو، وڏو سامبر
پاڻ ۾ رهيل سهيل سگهه ڪٺي ڪري ٽنگن تي زور ڏيئي
اٿي بيٺو ۽ ڏڪندو ڪنبندو، پنهنجي ٻچن جي بچاءُ
لاءِ، پنهنجي بڇڙي دشمن انسان سان وڙهڻ لاءِ تيار
ٿيو. رسٽي جونس ڏٺو ته هو ايترو ته لهڪارجي ويو هو
جو کيس مٿس رحم پئي آيو. سندس چمڙي پاسن کان لڙڪي
رهي هئي. رسٽيءَ جون ٻاجهه ڀريون ڀوريون اکيون
ڳوڙهن سان ڀرجي آيون.”چنه چه!“ هڪ ڀڻڪيو،”ويچارا
بک ۾ پاهه پيا ٿيڻ!“
هن پنهنجي گاڏيءَ جو رسو ڦٽو ڪيو، ۽ پٺتي موٽي، هڪ
چڙهائي تي چڙهڻ لڳو، جتي هن ايندي وقت ڪي ساوا
ٻوٽا ڏٺا هئا. اتي پهچي، هن پنهنجي ڪپ سان، جو هو
همشيه پاڻ سان رکندو هو، سائي گاهه جي چوکي ڀري
وڍي ورتي. اهو سامبرن جو دلگهريو گاهه هو.
جڏهن رسٽيءَ اها ڀري هيٺ ڦٽي ڪئي، ته سامبر خوشيءَ
۾ هڏڪارڻ لڳو. مادي ۽ ٻچو به اٿي کڙا ٿيا. هنن جي
رڳن ۾ زندگي جو نئون رت ڊوڙي ويو، ۽ هو کاڌي جي
مٿان ڳاهٽ ٿيڻ لڳا. اهو حال ڏسي هو، وري گاهه جي
ڳولا ۾ واپس ويو.
”بس،“ هن پنهنجي گاڏيءَ جو رسو جهليندي چيو، ”رات
لاءَ اهو کاڄ کوڙ اٿو. سڀاڻي صبح جو وري اوهان
لاءِ ٻيو داڻو آڻيندس.“
جڏهن ڇوڪر گهر پهتو، ته ڪافي دير ٿي چڪي هئي. هن
سموري ڳالهه پنهنجي ماءُ پيءَ کي ٻڌئي، جيڪي مٿس
ڏاڍو خوش ٿيا، پر سامبرن سان ڪيل انجام جي ڳالهه
تي ڪجهه ڏمريا پڻ.
”اسان کي پنهنجي مال لاءِ به داڻو ڪونه آهي،“ ماڻس
فيصلو ڪندي چيو، ”پر پڻهين سايد ڪجهه گاهه مٺ کڻڻ
ڏيئي.“
ڊگهو ۽ سنهڙو جان جونس، جيڪو سڄي تر ۾ گهڻو مشهور
ماڻهو هو، ان ڳالهه تي دل کولي کليو.
”ٻڌ، رسٽي! توکي انهن لاءِ بهڻ جون ٽاريون پاڻ
وڍڻيون پونديون!“ هن چيو، ”اهوئي انهن جو مرغوب
کاڌو آهي، ۽ جي تون سڄو سيارو انهن جي کاڌي جو
ارادو رکيو، ته پوءِ پنهنجن ڪمن ڪارين تان به هٿ
کڻڻو پوندءِ!“
”ٺيڪ آهي،“ هن ڳڙ ۽ ڊبل روٽي کائيندي چيو،”آءُ صبح
جو وڃڻ وقت هنن لاءِ داڻو کڻيو ويندس، ۽ شام جو
موٽي اچي داڻو ڪٺو ڪندس. اوهين ڪا به ڳڻتي نه
ڪريو. جي اوهين هوند کين ان حالت ۾ ڏسو ها، جنهن ۾
مون ڏٺو آهي، ته اوهين به ائين ڪرڻ کان ڪين رهو
ها.“
ان بعد ڪيترائي هفتا، هڪ نه ٻئي ڏينهن رسٽي لڳاتار
سامبر ڏانهن ويندو رهيو. سندس هٿ ۾ ڪهاڙي هوندي
هئي. برفاني گاڏي ڌڪيندو، هو ان کامي تي پهچندو
هو، ۽سامبرن لاءِ ٻن ڏينهن جي خوراڪ اڇلي واپس
ورندو هو. هن ڏٺو ته سامبر بهڻ جي ٽارين کي ٻئي
گاهه کان وڌيڪ پسند ڪندا هئا. هن تجربي طور انهن
کي ڪيترن ئي قسمن جو گاهه ڏنوهو. سندس ڀيري ڀيري
اچڻ تي سامبر به ساڻس گهڻو هري مري ويا هئا. هو
مٿي اچي پنهنجين ڊگهين ڊگهين زبانن سان کانئس گاهه
کسيندا هئا. ڪارڙي مادي، جيڪا ڪجهه شڪي ۽ حاسد
هئي، هن جي ويجهو وڃڻ کان لهرائيندي هئي. پر اها
ساڻس هري ويئي، ته وڌيڪ لالچي ۽ گستاخ ٿي پيئي.
هوءَ ٻين کي پاسي ڌڪي، رسٽيءَ جي هٿن مان سٺا سٺا
ٽار ڦرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. طبعياتي ماهرن ۽
طبعياتي ڪهاڻين ۾ دلچسپي رکندڙن جيان رسٽيءَ سامبر
جي ذوق ۽ پسند تي تجربا به پئي ڪيا. هن مشاهدو ڪيو
ته هنن کي ماني وڌيڪ پسند هئي. جيتري سڪل ۽
پاروٿي، اوتري وڌيڪ، پر نرم ۽ تازي ماني هو
سُنگهندا به ڪين هئا. کند هنن کي اصل ڀانءِ ڪين
پوندي هئي، باقي لوڻ تي سو ساهه ڏيندا هئا. ان
لاءِ ته هو سندس ڪڍ ڦرندا هئا. هن انهن کي ٿالهيءَ
۾ ان ۽ جو ڏيڻ جي به ڪوشس ڪئي هئي. پر سامبر
پليٽ سنگهڻ کان پوءِ نڪ مان اهڙو ته زور سان
ڦوڪارو ڏنو، جو اهي ڪڻو ڪڻو ٿي اڏامي ويا. جو جيئن
ته اڻلڀ ۽ مهانگا هئا، ان ڪري هن وري جون جو تجربو
نه ڪيو. پر هن جا ڪريل جو به اجايا نه ٿيا. سهڻن،
چمڪندڙ پرن وارن پکين جو هڪ جوڙو، جن کي رسٽي
سامبر پکي سڏيندو هو، اچي اهي ٽڙيل پکڙيل جو منٽن
۾ چُڳي ويا، ۽ هڪ ڪڻو به سندس تيز ۽ سنهڙين اکين
کان بچي نه سگهيو. |