سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :3

جنت جي ڪنجي

ڪلمو ”لا الھ الله“ جنت جي ڪنجي آهي. هر ڪنجيءَ ۾ ڏندا به هوندا آهن. جيڪڏهن ڪنجيءَ ۾ ڏندا نه هوندا ته ڪلف کلي نه سگهندو. ان طرح جيڪڏهن توحيد جي ڪلمي سان عمل صالح نه هوندا ته جنت جو ڪلف به کلڻ ڏکيو آهي. (صحيح بخاري)

موڪليندڙ: منصور احمد کتري، ٺٽو.

بدبختي ۽ مايوسي

بدبختي اها آهي جو مان پنهنجو خالي هٿ ماڻهن ڏانهن وڌايان ۽ ڪير انهيءَ تي ڪجهه به نه رکي ۽ مايوسي اها آهي جو مان پنهنجو ڀريل هٿ ماڻهن ڏانهن وڌايان پر ڪير به ان مان ڪجهه نه وٺي. (خليل جبران)

موڪليندڙ: ديوان لعل، ڪنڌڪوٽ

ڀڳوانداس وارهه.

ٽين انعامي ڪهاڻي

سنڌي ٻوليءَ جو عام پهاڪو آهي ته ”سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي“ ان پهاڪي جو مطلب اهو آهي ته خراب صحبت انسان کي کاري خراب ڪري ٿي پر ان جي ابتڙ سٺي صحبت انسان کي سٺو بڻائي ٿي. ڳالهه ڪندا آهن ته گهڻو وقت اڳ هڪڙا ٻه ڀائر رهندا هئا، ٿوري وقت کان پوءِ سندن پيءُ گذاري ويو. هو ٻئي پاڻ ۾ اصل ڪو نه ٺهندا هئا، نيٺ ٻئي ڄڻا ڌار ٿيا ۽ هر هڪ پنهنجو طرف وٺي ڪمائڻ لاءِ نڪتو. هڪڙو ڀاءُ هلندي هلندي هڪڙي وڏي جهنگ ۾ وڃي پهتو. هن کي ان جهنگ ۾ رات پئجي وئي، تنهن ڪري هن دل ۾ ارادو ڪيو ته هتي رات گذاري وري صبح جو پنڌ پوندس. هن هيڏي هوڏي ڪنهن مناسب جاءِ لاءِ نهاريو، جتي هو سلامتيءَ سان رات گذاري سگهي. نيٺ هن کي هڪ جهوپڙي نظر آئي، جنهن مان دونهون نڪري رهيو هو. هيءُ ان جهوپڙي ڏانهن روانو ٿيو، جڏهن ان جهوپڙيءَ ۾ اندر گهڙيو ته اتي هن کي هڪ درويش قسم جو ماڻهو  نظر آيو، جيڪو خدا تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول هو. هيءُ ڳچ وقت تائين اتي بيٺو رهيو ۽ ان درويش کي ڏسندو رهيو، جڏهن اهو درويش پنهنجي عبادت کان فارغ ٿيو ته هيءُ اڳتي وڌيو، ۽ ان درويش سان مليو. درويش هن کان اچڻ جو سبب پڇيو. هن جواب ڏنو ته ”سائين! آءٌ روزگار جي تلاش ۾ نڪتو آهيان، رات هن جهنگ ۾ پئجي ويئي، تنهن ڪري ارادو ڪيم ته رات هتي گذاري پوءِ اڳتي وڌندس، توهان جي جهوپڙي ڏسي اچي هتي پهتو آهيان، ٻيو احوال خير جو آهي“. درويش جواب ڏنو ته ”ابا ڀلي آئين، جيءُ آئين. مان درويش ماڻهو فقيرن وانگر زندگي گهاريان ٿو ۽ دنيا سان تعلق ٽوڙي ڇڏيو اٿم، نيٺ ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن الله تعاليٰ وٽ وڃڻو آهي. هيءَ دنيا ڏينهن ڏون. اهڙي فاني دنيا تي ڀروسو ڪرڻ سراسر بيوقوفي آهي. هاڻي هتي آءٌ الله تعاليٰ جي عبادت ڪندو آهيان، جيڪي حال آهي سو حاضر ڪريان ٿو.“ ائين چئي درويش وٽ جيڪا ماني رکي سڪي هئي سا هن کي ڏنائين. ان درويش جي ڳالهين جو هن تي اهڙو ته گهرو اثر پيو جو هو ان درويش وٽ رهي پيو ۽ الله تعاليٰ جي عبادت شروع ڪيائين ۽ الله تعاليٰ جو ڏاڍو خوف ٿيس. هن ان درويش کان علم جي روشني حاصل ڪئي ۽ هڪ وڏو عالم بڻجي پيو. پوءِ ان درويش هن کي هديت ڪئي ته ”تون هاڻي دنيا جي ماڻهن کي الله جي سنئين واٽ ڏيکار ۽ ٻين کي وڃي علم سيکار“ پوءِ هو درويش کان دعائون وٺي ان کان موڪلائي نڪتو ۽ ماڻهن کي الله تعاليٰ جو خوف دل ۾ وهارڻ ۽ کين گناهن ڪرڻ کان روڪڻ جي تلقين ڪيائين. ڪيترائي ماڻهو سچي دل سان الله تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ لڳا.

هاڻي وري ٻئي ڀاءُ جو قصو ٻڌو:

هو هلندو هلندو هڪڙي ملڪ جي سرحد وٽ پهتو، اتي ڪي سپاهي بيٺا هوا. هن وٽ جيڪي کيسي ۾ پئسا هئا سي انهن کي ڏيئي اڳتي وڌيو. جڏهن ان ملڪ ۾ داخل ٿيو ته هن کي ڪي لوفر ماڻهو مليا، جيڪي سڄي ملڪ ۾ چورين ڪرڻ ۽ ڌاڙن هڻڻ ۾ مشهور هوندا هئا. هن کي چورن اهڙو ته خراب ڪيو جو هيءُ خود چوريون ڪرڻ لڳو ۽ سندس نالو ملڪ ۾ چورين ۾ مشهور ٿي ويو نيٺ اتان ڀڄي پنهنجي ملڪ ۾ اچي پهتو، اتي به  ٻه- ٽي چوريون ڪيائين. هڪڙي چوري ڪندي پڪڙجي پيو ۽ سندس ٻيا  ٻه ساٿي به هن سان گڏ جيل اماڻيا ويا. هن جي ڀاءُ کي جڏهن پنهنجي ڀاءُ جي گرفتاريءَ جي خبر پيئي ته ڏاڍو ڏک ٿيس. سندس ڀاءُ هڪ وڏو عالم هو، تنهن ڪري ملڪ جو ننڍو وڏو هن جي عزت ڪندو هو. سندس وڏي ڀاءُ جي ڪوشش سان سندس جيل مان رهائي ٿي. پوءِ وڏي ڀاءُ سان گڏ رهڻ لڳو ۽ پنهنجي گذريل ڏوهن تي پڇتائڻ لڳو ۽ توبهه  تائب ٿيو ۽ اڳتي لاءِ چورين ڪرڻ کان توبهه ڪيائين.

پيارا ٻارو، ڏٺوَ نه سٺي صحبت جو سٺو اثر ٿيو ۽ خراب صحبت جو خراب اثر ٿيو، تڏهن ته سياڻن چيو آهي ته ”سنگ تاري  ڪسنگ ٻوڙي“.

اشوڪ ڪمار ”آزاد“ ٽنڊو باگو                         سائنس

 

هيلي ڪاپٽر

 

اسان کي خبر آهي ته هوائي جهاز خواهه پکن وارو هجي يا جيٽ، ان کي هوا ۾ اڏامڻ لاءِ پري تائين هڪ مضبوط ۽ ڊگهي سڙڪ تي ڊوڙڻو پوي ٿو، جنهن کي ”رن وي“ چئبو آهي.جنگ جي وقت دشمن ”رن وي“ کي بمن سان تباهه ڪري ڇڏيندا آهن ته جيئن ڪو جهاز اڏي تان نه اُڏامي سگهي ۽ نڪي لهي سگهي. انهيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ’برين‘ نالي هڪ سائنسدان لنڊن ۾ هيليڪاپٽر ايجاد ڪيو. ان جو پکو مٿان لڳل ٿئي ٿو، جنهن کي روٽر چئبو آهي. ان ڪري هيليڪاپٽر هر جڳهه تي لهي سگهي ٿو ۽ اُڏامي به سگهي ٿو. ان جي هيٺان هڪ بيهڪ جو اوزار ٿئي ٿو، جنهن کي “Stand” اسٽئنڊ چئجي ٿو، جنهن ڪري اهو پڻ هر جڳهه تي بيهي سگهي ٿو. هيليڪاپٽر جو پکو هڪ هنڌ گهمي ٿو ته سندس باڊي “Body” ڍانچو مخالف رخ ڏانهن ڦرندي آهي. پر کيس موڙڻ لاءِ اُهائي مشن هوندي آهي، جيڪا عام جهازن ۾ هوندي آهي.

اڄڪلهه وڏا هيليڪاپٽر به ٺاهيا ويا آهن. جي جنگ جي ميدان ۾ وڏيون توبون، فوجي گاڏيون، گولا بارود ۽ سپاهي هڪ مورچي کان ٻئي مورچي تائين تيزيءَ سان کڻي وڃن ٿا. امن امان جي ڏينهن ۾ هي ٻوڏن يا ٻين قدرتي آفتن جهڙوڪ زلزلن  وغيره ۾ گهر گهر مدد پهچائڻ ۽ گهيريل ماڻهن کي حفاظتي جاين تي پهچائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

هيليڪاپٽر جيترن گهڻن ڪمن ۾ استعمال ٿئي ٿو اوترن ۾ هوائي جهاز استعمال نٿو ٿئي. امن جي زماني ۾ هيليڪاپٽر  کي تجارتي، صنعتي سواري لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هيليڪاپٽر جي وڌندڙ استعمال جو مثال هي آهي جو 1960ع جي مقابلي ۾ 1976ع ۾ سندن تعداد چؤڻو وڌي ويو. ترقي يافته ملڪن ۾ جنهن ۾ وڏا وڏا ملڪ شمار ڪري سگهجن ٿا، تن ۾ عمارتن جا کُڏ ۽ ڇتيون ايتريون ته ويڪريون ٺاهيون ويون آهن جو هيليڪاپٽر انهن عمارتن جي ويڪرين ڇتين تي پڻ لاٿا وڃن ٿا.

پنهنجي پکي جي هوا سان هيليڪاپٽر وڻن تان  ”برف هٽائڻ، ٽيليفون جي تارن تي ڄميل برف کي هٽائڻ ۽ ٻيلن ۾ باهه وسائڻ ۾ مدد ڏي ٿو.  جهنگلن ۾ باهه وسائڻ لاءِ هيليڪاپٽر وسيلي ڦوهارو پڻ ڪيو ويندو آهي. وڏن وڏن ڪارخانن جي عمارتن ٺاهڻ ۾ پڻ هيليڪاپٽر  ڪافي مدد ڪري ٿو. هيليڪاپٽر دوا ڇٽڻ واري اوزار ذريعي هڪ منٽ ۾ چوڏهن ايڪڙ زمين تي ڪيڙا مار دوا پڻ ڇٽڪاري سگهي ٿو.

هيترن سارن فائدن ڪري اڄ هر ننڍي توڙي وڏي ملڪ ۾ هيليڪاپٽر  موجود آهن ۽ ڪافي ملڪن ۾ هيليڪاپٽر جا ڪارخانا ٺاهيا ويا آهن.

 

پنهنجو مان

جنهن دلي ۾ پاڻي سگهو ۽ گهڻو ٺري. تنهن کي سڀڪو پاڻهي ڇانوَ ۾ رکي. تنهن وانگي جو ماڻهو اشراف، ايمان، وفاداريءَ ۽ نمڪ حلاليءَ سان هلندو، تنهن کي سڀڪو آڌر ڏيندو. يعني پنهنجو مان سڀ ڪنهن کي پنهنجي وس آهي.

موڪليندڙ: اشفاق حسين يوسف زئي

 

آزادي

هڪ غيرتمند انسان لاءِ دنيا ۾ فقط ٻه ڪم ٿين ٿا يا ته پنهنجي مقصد ۾ فتح ڪري، يا پنهنجو سرقربان ڪري ڇڏي. آزادي بادشاهي کان وڌيڪ آهي. ۽ ٻئي جي حڪم تي مڃتا غلامي آهي.

چونڊيندڙ: اعجاز علي پنهور، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو

 

اوهان جو امتحان

ماهه جون ۾ ڏنل امتحان جو جواب آهي ته پهرين ٽوڪريءَ ۾ ”18 انب“ هئا. صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

هالا کان: محمد احمد، نذير احمد ميمڻ، امتياز شوڪت ابڙو، علي اڪبر ابڙو، عبدالقيوم فيروز ميمڻ، فوزيه قمر شيخ، جاويد اسحاق ابڙو، پروين فيروز ميمڻ، ۽ سيما شاهين ابڙو. شڪارپور کان: شڪنتلا ديوي، اشوڪ ڪمار گيانچند، عظمت الله سنجراڻي، ظهور احمد هڪڙو، طارق احمد هڪڙو ۽ سومرو نورالدين ”شاد“. نئين ڪوٽ کان: صلاح الدين فاروقي ۽ تيرٿ داس. لاڙڪاڻي کان: شوڪت علي ميمڻ، پرويز احمد، سليم الله شيخ، ظفر الله شيخ، آفتاب احمد جوڻيجو ۽ لاله نثار احمد سومرو. ڳوٺ گهنور خان زرداريءَ کان:  غلام حسين زرداري. خدا آباد کان: صلاح الدين قريشي ۽ شجاع الدين قريشي. ڳوٺ ٺاٺريءَ کان: پرديسي عبدالغفور سومرو. ڳوٺ ڀرڳڙي ضلعي خيرپور کان: محمد هاشم لاشاري. پليجاڻي هالا کان: نارومل پرواڻي. دڙي کان: غلام مصطفيٰ ميمڻ لاکائي، اشفاق احمد ”معصوم“ ميمڻ ۽ محمد ايوب سومرو. ڏهرڪيءَ کان: ايم الطاف سومرو، محمد خان لغاري ۽ ايم اسحاق سومرو. کپري کان: شنڪرداس ڪلومل، رميش چندر کتري، نٿرمل آسواڻي، رضوان سعيد قاضي ۽ فرحان سعيد قاضي. ڏيپلي کان: سريش ڪمار جواهر لعل، محمود گل مٺواڻي، ياسر عبدلله ڏيپلائي، فضل الرحمان صديقي، ميمڻ زاهد حسين ”اسد“، الهه ورايو ميمڻ، نياز احمد ميمڻ، منظور قادري، عبدالقادر ميمڻ، عباس احمد، محمد افضل سرائي، محمد اقبال انصاري، غلام الله مٺواڻي ۽ محمد صالح مٺواڻي ٿاڻي بولا خان کان: تاراچند ڪوهستاني. شاهپور چاڪر کان: الطاف احمد ۽ رياض احمد کوکر. موري کان: بهادر خان گهلو. ٽنڊي ڄام کان: سرو پالي سوائي، غلام حسين بلوچ ۽ غلام نبي ”گل“ جمالي. ميرپور بٺوري کان: ڪرشن ڪمار ۽ رمضان علي سمون. لائقپور کان: محمد اسلم گگو.ٽنڊي سومري کان: نور محمد نظاماڻي ۽ غلام محمدنظاماڻي، ڳوٺ ڪنڊيءَ کان: طفيل احمد قريشي. بدين کان: راجا عبداللطيف بلوچ، سڪرنڊ کان: عبدالسلام انصاري، ڳوٺ محمد بخش ميرپور پراڻي کان: عبدالنبي ”امر“ پنهور. ميرپور ماٿيلي کان: غلام مجتبيٰ ڪولاچي، سشيل ڪمار پنشي، سريش ڪمار، ايس- ڪي، ڪرشن داس، راجه جي- ڪي بجاج، جيئرامداس، ڪروڙي رام، لکي رام ۽ مڪيش ڪمار ايڇ جيسراڻي. قمبر کان: سليم گل، منظور علي شيخ، حفيظ احمد شيخ، سيف الله شاهه ۽ نور راهي. سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ کان: ياسين احمد شيخ، جميل احمد شيخ ۽ سنتوش ڪمار ڪي –ڪمراڻي. ڳڙهي ياسين کان: محمد پناهه سومرو ۽ ذوالفقار علي ميراڻي. ڦٽي کان: منظور احمد عقيلي ۽ مقبول احمد عباسي. شاهپور جهانيان کان: ”عاجز“ محمد اسلم لغاري بلوچ. ڳوٺ احمد خان کوسي کان: محمد يوسف کوسو. ڳوٺ باغ حيات علي سکر کان: راجڪمار ايڇ گوريجا. جهڏي کان: فرحين مشتاق مٺواڻي، محمد جعفر حجام ۽ عبدالرحمان ٿيٻو. ڳوٺ عبدالله کوسي کان: علي محمد کوسو، لطيفان کوسو ۽ شهناز کوسو. گهوٽڪيءَ کان: عبدالجبار ڌاريجو. ڊگهڙيءَ کان: گوتم پرڪاش بچاڻي. ٺل کان: نثار احمد نوناري، مختيار احمد چنا ۽ محمد يار  پٺاڻ. ڳوٺ جروار کان: هيرو جي سونارو، مولا رام تلريجا، هريداس لنڊ، اشوڪ ڪمار تلريجا، منوهر لعل، رميش لعل، نانڪرام، شيئل داس ۽ هوندراج. ميرپور خاص کان: مير فياض احمد. سيتا روڊ کان: مستانه عبدالستار ساند. نصرپور کان: خليل الله ابڙو. خيرپور ميرس کان: مقصود ضيا احمد شاهه. ڳوٺ حيات پتافيءَ کان: مهتاب احمد کوکر فهيم، نرنجن لعل، اشوڪ ڪمار تلريجا ۽ اشوڪ ڪڪريجا. وارهه کان: غلام محمد سومرو. ساماري روڊکان: رفيق احمد ڀرڳڙي. ڳوٺ حاجي عيسيٰ لغاريءَ کان: جان محمد ڳاهو. ڳوٺ ڪڪو منگواڻي کان: غلام رسول شاهه. ڪنڌڪوٽ کان: عبدالفتاح سيال، زبير احمد آغا، سنتوش ڪمار منڌاڻ، جيرام داس ”دکي“ ، جئپال داس ٽي ڇاٻڙيا، اندر لعل، لنڊ، ڪرتار لعل، رميش لعل ۽ ديوان لعل. پني عاقل کان: محمد عمر شيخ، حيدرآباد کان: شفيق الرحمان ميمڻ. مٽياريءَ کان: يونس قمر شيخ، جيڪب آباد کان: مقصود احمد آگاڻي. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري کان: منظور احمد ميمڻ. ٽنڊي باگي کان: ڀيشم ڪمار ”بيوس“، اشوڪ ڪمار آزاد، اشوڪ ڪمار ”اُداسي“، سليم رضا کتري ۽ هريش ڪمار. ڳوٺ ليهار جوکئي کان: تراب علي جوکيو. گجي کان: زمان علي جوکيو ۽ عبدالحليم جوکيو. نوابشاهه  کان: ڪنيا لعل، عرفان احمد ميمڻ، محمد اقبال کوکر ۽ اعجاز حسين ميمڻ. پراڻي باڊهه کان: جئپال داس. ڳوٺ سمي شريف کان: نواب علي کوکر. ڪلوئيءَ  کان: چنديرام. ڳوٺ مهر علي جماليءَ کان: گل شير جمالي. ڳوٺ ڪمال جهتيال کان: ”مظلوم“ قربان علي جهتيال. پيرومل کان: نوتن لاک، سٺ  ميل نوابشاهه کان: مير محمد تلهار کان: خالد احمد جمالي ۽ محمد اسماعيل جمالي. ڳوٺ ڏتي جي مياڻيءَ کان: علي اصغر قريشي. ڳوٺ درٻيلي پراڻي کان: نظير احمد ميمڻ، عمرڪوٽ کان: تاراچند بي بچاڻي ۽ رميش ڪمار بچاڻي. ڳوٺ کهڙن کان: الطاف حسين ميمڻ ۽ اسدالله ميمڻ. ڳوٺ ڊٻ ميهر شاهه کان: محمد ابراهيم شيخ. ڳوٺ سرهاڙيءَ کان: حسيني گل حسن زرداري. ڳوٺ لونگ ڏيٿي کان: عرس خان ڏيٿو. ڪڙئي گهنور کان: حاجي محمد. ٽنڊي محمد خان کان: ٺاڪرداس پريمي. ڳوٺ گلڻ لاکير کان: علي احمد لاکير. ڳوٺ ابچي مٺياڻيءَ کان: انور حسين سهتو. وسپور  پراڻي سکر کان: نور محمد شيخ. ٺيڙهيءَ کان: ذبيح الله شيخ. رتيديري کان: نور محمد شيخ. ٺيڙهيءَ کان: الهداد بروهي.

اوهان جو امتحان- 16

هيٺين ٽن سوالن جا جواب ڏيو:

 

1- آمريڪا جي آزاديءَ جو ڏينهن ڪهڙو آهي؟ تاريخ ۽ مهينو لکو.

2-  پاڪستان جي بحري فوج جو هيڊ ڪوارٽر ڪهڙي شهر ۾ آهي.

3- خيرپور رياست ڪهڙي سال کان سنڌ جو  ضلعو بڻيو.

ٽنهي سوالن جا صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا ويندا. پنهنجي جوابن سان گڏ ڪوپن نمبر 16 موڪلڻ ضروري آهي. پنهنجا جواب ڪوپن جي ڪنهن به پاسي تي لکي سگهجن ٿا. جن ٻارن جا ٻه يا هڪ جواب صحيح هوندا، انهن جا نالا ڪو نه شايع ڪيا ويندا.

جواب موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 14 سيپٽمبر  1976ع آهي.

زاهده پروين شيخ

مون ڪهاڻي لکي

 

مان اڱڻ ٻاهر کٽ تي ليٽي پئي آهيان. رات جي وقت هر طرف سناٽو ڇانيل آهي. گهر جا سڀ ڀاتي ننڊ پيا آهن، پر مان جاڳان پئي. سوچيان ٿي ته گل ڦل لاءِ ڪهاڻي لکان. سوچي سوچي ٿڪجي ٿي پوان. .. . . ها. . .  ذهن ۾ هڪ ڪاهڻيءَ جو پلاٽ اچي ٿو، سوچيان ٿي ڇا ڪهاڻي هن وقت لکان؟ پر سستي به ڏاڍي ٿي محسوس ٿئيم. وري سوچيان ٿي ته اگر کٽ تان اٿنديس ته متان گهر جا ڀاتي جاڳي پون. جي ائين نه جاڳن ته روشني ٿيڻ تي ته ضرور جاڳن، پوءِ امان پڇندي ته هن وقت ڇا  جي لاءِ اُٿي آهين. پوءِ ڪهڙو جواب ڏينديس. ته ڪهاڻي لکڻ. . . .اونهون . . . اها  به ڳالهه نه ٺهي. امان چوندي ته تو کي هن وقت به آرام نه ٿو اچي، وڃ وڃي پنهنجي هنڌ تي سمهه. هي آرام ڪرڻ جو ٽائيم آهي. اف! ان ڪري سوچيان ٿي ته ڀلا ڇا ڪريان، نيٺ اکيون بند ڪري سمهي ٿي پوان. ننڊ اچي ٿي وڃي. ۽ خواب ٿي ڏسان ته پنهنجي کٽ تان اٿي آهيان، پنا ۽  پين کڻڻ. . . ها. . . ڏاڍيءَ آسانيءَ سان اٿي آهيان، سچ- لائيٽ  ٻاريان ٿي. پر ڪير به نه ٿو اُٿي. ها، پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي ويئي آهيان. پنا ۽ پين کڻي ڪهاڻي لکڻ شروع ٿي ڪريان. پنهنجي پياري رسالي گل ڦل لاءِ. ها، ڏاڍي سٺي ڪهاڻي ٿي لکان. ڏاڍي پياري پياري، سچ ايترو ته وڻي ٿي، جو اوهان کي ڇا ٻڌايان؟ (پڙهو ها ته خبر پئيوَ ها) ها ٻيو، جلدي جلدي ڏاڍي سٺي ڪهاڻي لکي ورتم. پر هاڻي ننڊ به پئي  اچي. سو ڪهاڻي پنهنجي ويهاڻي جي هيٺان رکي سمهي پيم. ۽ اچانڪ اک کلي، شايد صبح ٿي ويو. ها واقعي صبح ٿي ويو آهي. خواب ياد ٿو پئي. پر مان حقيقت سمجهي ويهاڻي جي هيٺان ڪهاڻي ٿي ڳولهيان. اوه ويهاڻي هيٺان ته ڪجهه به ڪونهي. امان  مون کي ننڊ مان اٿي ويهاڻي جي هيٺان هٿ هڻندو ڏسي پڇي ٿي. زاهده، ويهاڻي جي هيٺان ڇا ٿي ڳولهين؟ مون  ننڊاکري آواز ۾ چيو مان رات ڪهاڻي لکي هيم، شايد ساجو کڻي ويو آهي. امان حيران ٿيندي چيو، ڪهاڻي ڪهڙي ڪهاڻي. سچ مون کي به ياد ٿو اچي ته خواب ڏٺو هوم. پر ڏاڍو شڪي ٿي ٿيان. ڪهاڻيءَ جو پلاٽ ٿي سوچيان پر هڪ لفظ به ياد نٿو اچي. ڏاڍو افسوس ٿو ٿئي. سوچيان ٿي ته ڪيئن نه سستيءَ جي ڪري ڪهاڻي وڃائي ڇڏيم.  ڪاش، ڪهاڻي لکي سمهان ها.

پر هيءَ به ته هڪ ڪهاڻي آهي. پيار ٻارؤ ڪيئن اوهان کي منهنجي ڪهاڻي پسند آئي يا نه؟

احمد راهي، چوهڙ جمالي

سزا جو سبب

 

هڪ قيد خاني ۾ ٽي قيدي جڏهن گهرا دوست ٿي ويا تڏهن هڪ ٻئي کان ڪيل ڏوهن بابت پڇا ڳاڇا ڪيائون. هڪڙي همراهه چيو، ”آءٌ ڪم تي دير سان پهتو هوس، تنهن ڪري مون تي سستيءَ جو الزام مڙهي سزا ڏني وئي.“

ٻئي وراڻيو، ”آءٌ ڪم تي ٿورو اڳ ۾ پهتو هوس، تنهن ڪري مون کي جاسوسيءَ جي الزام ۾ سزا ڏني وئي.“ ٻنهي دوستن ٽئين قيديءَ کان پڇيو. ”ڏي خبر تون ڪهڙي ڏوهه جي سزا پيو ڪاٽين؟“ هن چيو، ته مون تي جيڪو الزام ڌريو ويو آهي، سو اوهان ٻنهي جي وهه کان نازڪ آهي، آءُ ڪم تي پوري وقت تي پهتو هوس، تنهن ڪري مون تي هي الزام مڙهيو ويو ته آءٌ پاڻ وٽ ضرور ڪا دشمن ملڪ جي واچ رکان ٿو.

 

تراب علي ”تراب“ شڪارپور

جهڙي صحبت تهڙو اثر

 

ڪارو وهي ڪمري ساڻ، رنگ نه مٽائي ته عادت ضرور مٽائي.

نثار: موسيٰ، متان خراب صحبت ۾ رهين نه ته ”سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي“ واري تعدي ٿيندٰءِ.

موسو: سو وري ڪيئن؟

نثارِ جي تون ڪنن ۽ رولو ڇوڪرن سان گهمندين ته رنگ نه مٽائيندين ته عادتون ته اڻپڇو مٽائيندين.

موسوِ ائين جيڪڏهن آهي ته ڇو نه ڪنا ڇوڪرا منهنجي هلت ڏسي پاڻ اٽلندو  سڌري پون؟ مان جيڪڏهن پنهنجو ڪم ڪار لاهي هنن سان وڃي کل مسخري ڪندس ته مون کي ڪو هنن جون عادتون لڳي پونديون ڇا؟

نثارِ ڇو نه؟ چڱو ڀلا هئين ڪر، منهنجي ميز تي اٺ انب رکيا اٿيئي سي کڻي آءُ.

(موسو انب کڻي آيو تن مان هڪ انب تمام رجهي ويو هو).

نثار: اهي سڀ انب وڃي کاري ۾ وجهي رک.

موسو: انهن انبن مان هڪ انب ته رڌو پيو  آهي، اهو ته ٻين کان پري رکڻ گهرجي.

نثار: هڪڙو انب جي رڌو پيو هوندو ته ڪهڙي حرڪت آهي؟ ٻين ستن انبن سان گڏ رهندو ته اهو به چڱو ۽ سالم رهندو.

موسو: ائين ڀلا ڪڏهن ٿيو آهي، تون رڳو چرچا  پيو ڪرين.

نثار: جيڪڏهن ائين نه ٿيو آهي ته تون وري ڪيئن ٿو  چوين ته بري سنگت ۾ رهي تون رولو ۽ خرابن کي پاڻ سڌو ڪندين؟

موسوِ ٻيلي چوين سچ ٿو، ڳالهه هينئر دل سان لڳيم ٿي. اڄ ڏينهن کان پوءِ مون کي جي خراب جٺ ۾ ڏسين ته پوءِ بلاشڪ جيڪا جٺ وڻيئي سا ڪج.

نثار احمد ميمڻ هالا

 

پڇتاء جا ڳوڙها

اسڪول جي گهنڊ پنهنجي سيني تي لڳندڙ ٺڪائن سان اهڙو ته شور ڪيو. جو هن کان ڇرڪ نڪري ويو. مون ڪنڌ مٿي ڪري کيس ڏٺو. پورو پنو قد، بدن ۾ ڏٻرو؛  سانورو رنگ جنهن ۾ هلڪي پيلاڻ، جهڙو ٽامون. اُداس  نگاهون جن مان دائمي ڳولا پئي نظر آئي. گهور ڪري هو مون کي ڏسندو رهيو ڄڻ ته مون کي ڪجهه چوڻ وارو هو. مان به پوري غور سان کيس ڏسندو رهيس. مون کي الائي ڇو خود بخود ساڻس همدردي ٿيڻ لڳي ۽ اوچتو هن جون نظرون مون  مان هٽِي سامهون ايندڙ ماستر ۾ وڃي اٽڪيون. هو هر هڪ ماستر کي تڪيندو رهيو. ڄڻ ته انهن ۾ ڪنهن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن جو خيال سامهون هڪ ماستر ڏي هو. خيال آيو ته پڇي وٺانس ته تو کي ڪنهن جي تلاش آهي؟ تون ڪنهن سان ملڻ چاهين ٿو، يا تو کي ڪجهه مدد جي ضرورت آهي؟ مان اڃان پڇانس تنهن کان اڳ هو ان ماستر ڏي وڌڻ لڳو. منهنجي حيرت ۾ تيئن اضافو ٿيو ۽ مان به آهستي آهستي سندس پٺيان وڃڻ لڳس. ان ماستر کي ٿورو ويجهو وڃي بيهي رهيو. سمجهيم ته ضرور هي هاڻ ڪجهه ڪڇندو پر ائين نه ٿيو. هو هيٺ ڪنڌ ڪري ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو، ڄڻ ته پنهنجي ڪنهن وڃايل شيءِ کي وري حاصل ڪرڻ لاءِ تدبير سوچي رهيو هو. آئون حيرت سان ڏانهس ڏسندو رهيس. هن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ آسپاس جو جائزو وٺندي روانو ٿي ويو.

پورو هفتو گذري ويو، مون کيس نه ڏٺو. اٺين ڏينهن جيئن ئي مان اسڪول کان موٽي رهيو هوس ته هو مون کي ملي ويو. ڇولن واري جي پاسي ۾ هڪ ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيو پريان ويندڙ ٻارن کي گهوري رهيو هو. مون وڃي سندس ڪلهي تي هٿ رکيو. هن کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪنڌ ورائي مون کي ڏٺائين ۽ ڪجهه چوڻ تي هو تيستائين آءُ پڇي ويٺس ”ميان اتي ڇا پيو ڪرين؟“ هن جي زبان مان بي اختيار نڪتو. ”پنهنجو ماضي پيو ڳوليان.“ پنهنجو ماضي پيو ڳولين؟ سو وري  اتي. منهنجي دلچسپي وڌندي ويئي ۽ کيس زوريءَ گهلي ڀر واري هوٽل وٺي ويس.

هن هڪ ڀرپور نظر مون تي وڌي ۽ پنهنجو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو: اسڪول  واري زماني ۾ مون کي صالح نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ سڀني شاگردن ۾ هوشيار هوندو هوس. استادن جو پيارو ايتري قدر جو ڪنهن مون کي اڙي به نه چيو. سواءِ ان ڏينهن جي جڏهن هڪ نئون ماستر اسان وٽ بدلي ٿي آيو. ان ڏينهن مان کيس نئون ڏسي هڪ نازيبا حرڪت ڪري ويٺس.هن مون کي مار ڏني، ڏاڍي مار، اصل منهنجو سنڌ سنڌ ڀڳائين. مون کي کانئس نفرت ٿيڻ لڳي، نتيجو اهو نڪتو جو جيڪڏهن هر ڪو سوال  پڇندو هو ته آڏو ابتو جواب ڏيئي ويهي رهندو هوس. اگرچ قصور منهنجو هو پر آءٌ جاهل جذباتي ٿي پيس ۽ انتقام وٺڻ جا رستا ڳوليندو رهيس ۽ پوءِ مون اهو سڀ ڪجهه ڪيو جو هڪ ذليل شاگرد به پنهنجي استاد جي خلاف نه ڪري. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن کي ڪڍيو ويو. وڃڻ وقت صرف مون کي ايترو چيائين ته ”صالح جو ڪجهه تو ڪيو سو ٺيڪ نه ڪيو، ياد رک سک جو ٽڪر تو کي به نصيب ڪو نه ٿيندو.“ ان جو مون تي ڪو به اثر نه ٿيو ۽ مون  پنهنجو منهن ٻئي طرف ڦيرائي ڇڏيو. منهنجو شاگردن ۾ نالو ٿيڻ لڳو، هر ڪنهن جي وات صالح هو. آئون تيئن پاڻ کي سمجهڻ لڳس. هر ڪنهن تي رعب رکڻ ۽ ٿوري ٿوري ڳالهه تي وڙهڻ منهنجو اصول بڻجي چڪو هو. منهنجي شڪايتن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو ۽ اهو به ڏينهن مون کي ياد آهي، جڏهن مون کي هيڊ ماستر چيو،  صالح تون هاڻي اهو نه رهيو آهين. ۽ پوءِ مون کي اسڪول مان ڌڪاري ڪڍي ڇڏيائين. گهر ڪو نه ٻڌايم. پيءُ ته اڳيئي مري چڪو هو، ماءُ کي ٻڌائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هاڻ آءُ رلڻ لڳس، منهنجو تعلق هڪ اهڙي ٽوليءَ سان ٿي ويو، جنهن جو ڪم هو اسڪول ويندڙ ٻارن کي ٺڳي انهن کان پئسا ۽ ٻيون شيون ڦرڻ. مون ان ڏس ۾ ڪافي ترقي ڪئي. هاڻ کيسا ڪترڻ لڳس. نيٺ جهلجي پيس ۽ سزا مليم، جيل جي اونداهي ڪوٺڙين ۾ گذاريندي مون کي اهو وقت ياد اچي ويو. ان استاد جي شڪل منهنجي سامهون ڦري آئي. مون کي استاد جا چيل لفظ ياد اچي ويا. ”ياد رک ائين ڪرين ٿو. باقي سک جو ٽڪر تو کي به نصيب ڪو نه ٿيندو.“ منهنجي ضمير مون کي چونڊڙي وڌي ۽ منهنجي پٿردل ڦيرو کاڌو ۽ هڪ دفعو وري صالح ٿيڻ جو پڪو ارادو ڪيم.

مون ڏٺو ته هن جي اکين مان ٻه گرم گرم ڳوڙها ڪري پيا. شايد پڇتاءُ جا ڳوڙها هوا.

اين. ايم. سومرو، ڪنڌڪوٽ

اخلاقي سق

هٺ وڏائي کان پاسو ڪريو

 

هٺ جهڙي بري عادت ٻي ڪا نه ڏسڻ ۾ ايندي. هٺ انسان کي ڪنڌ ڀَر ڪيرائي ٿو ۽ هٺ وارو ماڻهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو.

پيارا ساٿيو، هٺ هرگز نه ڪريو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن هٺ سببان ڪنڌ ڀَر ڪرڻو پوندو.

سياڻن چيو آهي ته: ’هٺ بدبختيءَ جي دولت آهي‘ ، هٺ ڪرڻ وارو انسان ڪڏهن به جنت جو حقدار ٿي نٿو سگهي، ۽ نه وري پنهنجي آخرت موچاري ڪري سگهي ٿو. قرآن ڪريم ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: ”آخرت موچاري انهن شخصن لاءِ آهي، جي زمين تي هٺ نٿا ڪن“. اسان جي پالڻهار هٺ کي گهڻو ئي ننديو آهي ۽ ڪيترين جاين تي هٺ بابت سمجهاڻي ڏنل آهي ۽ انهن ماڻهن کي نصيحت ٿيل آهي، جيڪي زمين تي هٺ ۽ وڏائي ڪن ٿا ۽ غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ بيواهن سان آڪڙ جي هلن ٿا ۽ انهن تي ظلم ڪري پاڻ کي چڱو سمجهن  ٿا ۽ انهيءَ ڳالهه کي موچارو سمجهن ٿا. هٺيلا ماڻهو هميشه رکا هوندا آهن. جيڪڏهن ڪو به ڳالهائيندن ته مجبور ٿي ڪري رڳو ڪنڌ کي لوڏيندا پر پورو جواب نه ڏيندا. اسان جو سچو پرين سائين فرمائي ٿو ته: تون ماڻهن کان منهن نه سُڄاءِ يعني ماڻهن سان بي رخي اختيار نه ڪر، ۽ زمين تي آڪڙ سان نه گهم.

عزيزو! جيڪڏهن اسان جو پالڻهار به اسان کي اهڙين خراب ڳالهين کان روڪي ٿو ته پوءِ اسان ڇو چپ آهيون؟ اسان به ان جي پيروي ڪريون ۽ ان تي پورو عمل ڪري، انهيءَ خراب عادت کي پاڻ  مان هميشه پري ڌڪاري ڇڏيون. ان ڪري اچو ته عهد ڪريون ته اسين انهن سمورين ڳالهين جي  پيروي ڪنداسون ۽ هٺ وڏائيءَ کان پاسو ڪنداسون.

 


 

تاج الملوڪ

اولمپڪ رانديون

 

پيارا ٻارو، گذريل مهيني 17 – جولاءِ 1976ع کان ڪئناڊا جي شهر مانٽريال ۾ اولمپڪ رانديون شروع ٿيون ۽ هن مهيني جي پهرين آگسٽ تي ختم ٿيون. اهڙيءَ طرح دنيا جي تاريخ ۾ اولمپڪ راندين جو هي 21 (ايڪيهون) مقابلو هو.

چيو وڃي ٿو ته عيسوي سن کان اٽڪل 1300 سال اڳي اولمپڪ رانديون شروع ٿيون هيون پر ڪن تاريخي ڄاڻن جي راءِ آهي ته هيءَ راند يونان جي  اولمپيا نالي شهر ۾ عيسوي سن کان اٽڪل 800 سال اڳي شروع ٿي، جتي  يونانين جي ديوتا زيوس جو   بت به موجود آهي. اصل م اها راند ان يوناني ديوتا کي راضي رکڻ لاءِ بهادريءَ جي هڪ نمائش هئي. ان ديوتا جي ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ هڪ شمع ٻاري ويندي هئي، جيڪا هاڻي سج جي ڪرڻن سان ٻاري ويندي آهي. اها يونان جي اولمپيا شهر مان کڻي جنهن شهر ۾ رانديون ٿينديون آهن، اتي آندي ويندي آهي ۽ راندين پوري ٿيڻ تائين ٻرندي رهندي آهي. پهريائين پهريائين هي راندين جا مقابلا  پنج ڏينهن هلندا هئا، پر پوءِ رومي شهنشاهه ٿيوڊسيس پهرئين سال 393ع ۾ انهن راندين کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ 426ع ۾ راندين جو  ميدان به ڊهرائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح سوين سالن تائين هي رانديون وري نه ٿي سگهيون. 1859ع ۾ يوناني حڪومت اٿينس ۾ اولمپڪ رانديون وري شروع ڪرايون پر 1889ع تائين به  دنيا جو توجه انهن راندين ڏانهن نه ٿي سگهيو. آخرڪار ڪوڪوبرئن هڪ فرانسيسي رهاڪو 1894ع ۾ هڪ عالمي ڪانفرنس گهرائي ۽ هڪ ٺهراءُ پاس ڪرائي ورتو ته اولمپڪ رانديون هر چوٿين سال دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ملڪ ۾ ٿيڻ کپن. اهڙيءَ طرح سال 1896ع کان اڄ تائين هر چوٿين سال اهي رانديون ٿيڻ لڳيون آهن. رڳو 1940ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي جي موقعي تي نه ٿي سگهيون. اڄ تائين جيڪي رانديون ٿيون آهن، انهن جو تفصيل هن ريت آهي:

نالو ملڪ جو       نالو شهر جو                سال

1-      يونان           اٿينس                 1896ع

2-     فرانس          پئرس                  1900ع

3-     فرانس          سينٽ لوئي            1904ع

4-     انگلينڊ        لنڊن                   1908ع

5-      سئيڊن                 اسٽاڪ هوم  1912ع

6-     جرمني                 برلن            1916ع

7-     بيلجيم        اين ٽورپ              1920ع

8-     فرانس           پئرس                1924ع

9-     نيدرلئنڊ       ايمسٽڊم              1928ع

10-    آمريڪا        لاس اينجلس          1932ع

11-    جرمني                 برلن            1936ع

12-    انگلينڊ        لنڊن                   1940ع

13-    انگلينڊ        لنڊن                   1944ع

14-    فرانس          پئرس                 1948ع

15-    فن لئنڊ        هيلسنڪي            1952ع

16-    آسٽريليا       ميلبورن                1956ع

17-    اٽلي            روم                    1970ع

18-    جپان           ٽوڪيو                 1974ع

19-    ميڪسيڪو   ميڪسيڪو           1978ع

20-    اولهه جرمني   ميونچ                  1982ع

21-    ڪئناڊا                 مانٽريال       1986ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com