گذارش
پيارا ٻارؤ
هي مهينو نه رڳو ساوڻ جو آهي پر موسم به ساوڻ جي
آهي. سنڌ ۾ جتي ڪٿي مينهن جام پيا آهن. اڃا تائين
به اهڃاڻ اهڙا آهن، جن مان ائين ٿو محسوس ٿئي ته
اڃا به مينهن پوندا. پنجاب ۽ اتر سرحد ۾ لاڳيتا
مينهن پوڻ جي ڪري مهراڻ به موج ۾ اچي ويو آهي.
سنڌو نديءَ جي اڀرندي ۽ الهندي ڪنارن وارو ڪچو
گهڻو تڻو ٻڏي ويو آهي، حڪومت سنڌ جي احتياطي اپائن
جي ڪري، ڪنهن به قسم جو خطرو ڪونهي ۽ خدا ڪندو ته
سنڌو درياءَ ۾ جيڪا واڌ ۽ اُٿل آئي آهي اها سنڌ جي
رهاڪن لاءِ نقصانڪار ڪا نه ٿيندي پاڻ اها توقع رکي
سگهجي ٿي ته ڪچي واريون زمينون جڏهن ٻوڏ جو پاڻي
لهي ويندو ته چيٽ جي پوک لاءِ ڏاڍيون ڪارائتيون
ثابت ٿينديون.
سالنامو
گل ڦل جو هي پرچو اوهان جي آڏو پيش ڪجي ٿو. اسين
ڪوشش ڪندا رهون ٿا ته پرچو اوهان جي صلاحن مطابق
نڪري. ان ڪري اسين جنوري 1977ع جو پرچو
سالنامي
جو اعلان ڪندي، اوهان کي گذارش ٿا ڪريون ته
پنهنجون قيمتي صلاحون ۽ مشورا اسان ڏانهن 25
سيپٽمبر کان اڳ ڏياري موڪليو.
مبارڪباد
هي خبر گل ڦل جي پڙهندڙن لاءِ خوشيءَ جو باعث بڻبي
ته سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري ۽ گل ڦل جي نگران
مسٽر غلام رباني آگري کي، سنڌ سرڪار طرفان سنڌ
يونيورسٽيءَ جو پرووائيس چانسيلر مقرر ڪيو ويو
آهي. صاحب موصوف پنهنجي نئين عهدي جي چارج به وٺي
چڪو آهي. هن موقعي تي اسين مسٽر غلام ربانيءَ کي
دلي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، ۽ اميد ٿا ڪريون ته هو
صاحب پنهنجي خداداد صلاحيتن ۽ لياقتن سان پنهنجي
نئين عهدي هلائڻ ۾ ڪامياب ويندو.
نيڪ تمنائن سان
انور هالائي
ادل سومرو
ننڍڙا ڀاءُ
منهنجا مٺڙا ننڍڙا ڀاءُ،
ڊوڙي جلدي مون وٽ آءُ
پيار مان توکي ڀاڪر پايان،
هن ديس جي درد جي ڳالهه ٻڌايان،
ڀيڻ مان تنهنجي ڀائڙا آهيان،
هيءَ ڌرتي آهه اسان جي ماءُ،
او ننڍڙا ڀاءُ،
هن ڌرتيءَ آهن سور سٺا،
افغانن جا تُرخانن جا،
جن هِتڙي ڪيئي ڪِيس ڪيا،
هر سنڌيءَ سوڍي سڙيو ماههُ،
او مٺڙا ڀاءُ،
ٿيندين جڏهن تون جوان ادا،
رکي سچو ايمان ادا،
ڪجانءِ تون قربان ادا،
ديس تان پنهنجو ساهُ،
او منهنجا ڀاءُ.
ذوالفقار سيال
ديس وسايون
اچو ته هن گلشن ۾ گڏجي،
پيار ڀريا ڪي گل ٽڙايون،
ديس وسايون، ديس وسايون.
ڪوڙ ڪدورت نفرت عيوض،
سچ جا سڀ کي ٻول ٻڌايون،
ديس وسايون، ديس وسايون.
اسين ئي وقت جا والي آهيون،
هن ڌرتيءَ جو مان وڌايون،
ديس وسايون، ديس وسايون.
جنهن به سائل سين هنئي آ،
خالي تنهن کي ڪين ورايون،
ديس وسايون، ديس وسايون.
علم جي دنيا روشن رهندي،
خون ڏئي ڪا جوت جلايون،
ديس وسايون، ديس وسايون.
نثار بزمي
کِلندا وتو، ڪُڏندا وتو
گلن جهڙا ٻارڙؤ! کِلندا وتو، ڪُڏندا وتو،
شاهه زادا بڻجي پنهنجي شان سان گهُمندا وتو،
ڪُڏندا وتو.
سوچ ۽ سچ جا ڀري ڀنڊار دلين ۾ رکو،
ادب ۽ اخلاق جا انوار دلين ۾ رکو،
علم جي لامُن تي ادڙو! لَڙڪندا، لُڏندا وتو،
ڪُڏندا وتو.
ملڪُ ۽ مِلــّت اوهان جي لاءِ آهن منتظر،
آسَ پالي ٿي اوهان جي لاءِ هر ڪائي نظر،
نيڪِيُن جي راهه تي ڀَڄندا وتو، ڊُڪندا وتو،
ڪُڏندا وتو.
شينهن جِي هڪ ڏينهن جي ڀي زندگي آ بهترين،
ٻيءَ طرح ڪهڙو گذارو گدڙ جو آ برزمين،
نونِهالو! هونهارو! اَوج لئه اُٿندا وتو،
ڪُڏندا وتو.
قوم جي ميراث جا اي وارثو، اي مالڪو!
ٻاٽَ ۾ ڪا لاٽَ ٻاري پوءِ ٻهڪو ٻالڪو!
هڪٻئي کان منزلن جي رهه گذر پُڇندا وتو،
ڪُڏندا وتو.
پٽَ تي پئجي پئجي آخر رنگ ڪهڙو لائبو،
جا نفشانيءَ سان ئي مقصد دل جو ٻارو! پائبو،
چنڊ کي، تارن کي پنهنجي هٿن سان ڇُهندا وتو،
ڪُڏندا وتو.
سرحدون هن پاڪ ڌرتيءَ جي اوهانڏي ٿيون تڪن،
ڳل ڏسي ڳاڙها اوهان جا پوءِ ٿيون مرڪي پون،
پنهنجي جذبن کي وڌائي، سونَ ۾ تُرندا وتو،
ڪُڏندا وتو.
مائرن جي، امڙيُن جي مدعا آهيو اوهين،
ڀينرن جي آرزو جي انتها آهيو اوهين،
ٿر جي ٿڌڙي هير وانگر تِن مٿان گهُلندا وتو،
ڪُڏندا وتو.
وير ۽ ويڇا وساري پاڻ ۾ گڏجي وڃو،
سِينا سِينن سان ملائي ٻهڳڻو! ٻکجي وڃو،
ثاٽِلُن دِلين کي سڪ سان سورهيو! سُبندا وتو،
ڪُڏندا وتو.
ساهه جي سوغات آهي هي سدوري سنڌڙي،
ننڍڙا اي دوستو! هيءَ سنڌڙي آ جندڙي،
شل جيئي جِئندي رهي، ههڙي دعا گهُرندا وتو،
ڪُڏندا وتو.
شل هجو آباد ٻارو! شل هجو باغ و بهار،
ٻي دعا ڪهڙي ڏِئي آخر ڀلا ”بزمي نثار“،
ٻارڙؤ! انسانيت جي پوئِتان پُڄندا وتو،
ڪُڏندا وتو.
پروفيسر عبدالغفور ميمڻ لاڙڪاڻو
مضمون
اتحاد
ٻڌيءَ
۽ اتحاد سان سوين ڪاڄ سرن ٿا. ماکيءَ جون مکيون،
جڏهن پاڻ ۾ اتحاد ڪن ٿيون، تڏهن ماکيءَ جهڙي مٺي ۽
لذيذ شيءِ ڪٺي ٿي سگهي ٿي. ساريءَ دنيا جو ڪاروبار
اتحاد تي ٻڌل آهي، جيڪڏهن ائين نه هجي ته جيڪر ڪا
به شيءِ پنهنجي موجود صورت ۾ نظر نه اچي.
اِنسان هن دنيا ۾ اِنهيءَ لاءِ خلقيو ويو آهي، ته
دنيا ۾ اَمن اَمان قائم ڪري، جيئن انسان ذات بنا
ڪنهن وڳوڙ جي ترقي ڪري سگهي. هاڻي اهو ئي انسان
جنهن کي اهڙو بلند درجو عطا ٿيل آهي، سو جيڪڏهن
خود دنيا ۾ نفاق يا بدامني پکيڙي ته ڪيتري قدر نه
ڏک جي ڳالهه چئبي.
تاريخ شاهد آهي، ته جڏهن به ڪنهن قوم ۾ اتحاد ۽
اتفاق رهيو آهي. ان وقت ان قوم امن ۽ سلامتيءَ سان
گذاريو ۽ ترقيءَ جون منزلون تيزيءَ سان طئي ڪيون
پر جڏهن حسد ۽ ساڙ، بغض ۽ ڪيني، لالچ ۽ خودغرضي
پيدا ٿي ته ان قوم جو اخلاق ڀاڱا ڀاڱا ٿي ويو ۽
اها قوم تباهه ٿي ويئي.
اسن جي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعريءَ
جو مرڪزي مفهوم به ’محبت‘ آهي. هو سمجهائي ٿو ته
اسان ته اجايو پيا پاڻ ۾ وڙهون. حقيقت ۾ اسان هڪ
وحدت مثل آهيون، جدائي ته اسان ۾ آهي ئي ڪا نه.
اِها جهالت آهي، جنهن اسان ۾ خود غرضي پيدا ڪئي
آهي، جو هڪ ٻئي کي جدا سمجهي پنهنجي پير تي پاڻ ئي
ڪهاڙو پيا هڻون. پوءِ جيستائين اسان ۾ ايڪو ۽
اتحاد هوندو، تيستائين اسان جو وار ونگو به ٿي
نه سگهندو، پر خود غرضي ۽ خود پرستيءَ بغض ۽ حسد،
ساڙ ۽ ڪيني اَسان جي اتحاد ۽ اتفاق ۾ ڏار وجهي
ڇڏيا آهن، تڏهن ئي اسان پاڻ ۾ ڀاڱا ڀاڱا ٿي برباد
ٿي رهيا آهيون.
جنهن ملڪ جو بنياد اسلامي عقيدن تي رکيل هوندو
آهي، اُن ۾ قومي اتحاد سڀ کان زياده اهميت رکندو
آهي. جيئن ته ’اسلام‘ انساني برادري ۾ هڪ
جهڙائيءَ جو علمبردار آهي، ان ڪري هن ملڪ ۾ قومي
اتحاد کي ڪنهن به قيمت ۾ نظرانداز ڪري نٿو سگهجي.
ٻڌيءَ سان ئي قوم کي زندگي حاصل ٿئي ٿي. ٻڌيءَ تي
ئي اَسان جي بقاءُ جو دارومدار ۽ انهيءَ تي ئي
اَسان جي مقدس وطن (پاڪستان) جي وجود جو بقاءُ
آهي. اسان جڏهن اَڻ ورهايل ملڪ ۾ منظم طور قومي
اتحاد جو مظاهرو ڪيو، تڏهن پاڪستان هڪ عظيم سلطنت
جي حيثيت سان وجود ۾ آيو. ڇاڪاڻ ته اسان مسلمانن
پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٿي گذارڻ جي تڙپ هئي، اُميدن ۽
احساسن جي هڪ جهڙائيءَ جو قومي جذبو هو. اخوت ۽
باهمي اتحاد سان ئي هيءَ ڪاميابي حاصل ٿي. ساڳيءَ
طرح سان اڳتي هلي ملڪ کي زياده مستحڪم بنائڻ جي
ڪاميابيءَ جو دارومدار پڻ اخوت ۽ اتحاد تي آهي.
عوامي حڪومت جي شروع کان ئي اها ڪوشش رهي آهي، ته
هن ملڪ جا رهاڪو ڪهڙي به صوبي سان تعلق رکندا هجن،
ڪهڙي به علائقي ۾ رهندڙ هجن، ڪهڙي به ٻولي
ڳالهائيندڙ هجن، پر قومي نظريي جي اعتبار کان سدا
هڪ ٿي رهن ۽ قومي وجود جي باغ جي اَخوت ۽ اتحاد
سان آبياري ڪندا رهن اِنهيءَ لاءِ ته اسين ۽ اسان
جا ايندڙ نسل باهمي محبت جو ميوو حاصل ڪري سگهون.
انهيءَ ۾ ئي ته اسان جي ملڪ جي استحڪام ۽ اَسان
جي بقاءَ ۽ خوشحاليءَ جو راز موجود آهي.
اچو ته اسان گڏجي عهد ڪريون ته اسان پنهنجي ڀائرن
جي حقن جو پورو پورو احترام ڪنداسون، هڪ ٻئي جي
حقن تي ڌاڙو هڻڻ کان پاسو ڪنداسون، هڪٻئي ڏانهن
محبت ۽ همدرديءَ جو هٿ ڊگهيرينداسون، هڪ ٻئي کي
سڏيءَ سڏ ڏينداسون، هڪ ٻئي کي اوکيءَ ويل ۾ ڪم
اينداسون، هڪ ٻئي سان ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار
ٿينداسون، هڪ ٻئي جي ترقيءَ لاءِ ميدان هموار
ڪنداسون، پاڻ ۾ ميٺ ۽ محبت قائم ڪنداسون، بغض ۽
حسد، ساڙ ۽ ڪيني، تعصب ۽ تڪرار جون پاڙون هميشه
هميشه لاءِ پٽي پڌر ڪنداسون. ايثار کان ڪم وٺي
اتحاد اتفاق جي فضا قائم ڪنداسون ۽ خود پسندي ۽
خود غرضيءَ کي جيءَ ۾ جاءِ نه ڏينداسون.
سنڌيڪار: ممتاز عباسي لاڙڪاڻو
فلسطيني ڪهاڻي
شهيد
جي ماءُ
اٺ مس ٿيا هئا، جو اسڪول جي چوڌاري اسرائيلي پوليس
جون گاڏيون بيهجي ويون. اها ڪا نئين ڳالهه نه
هئي، جو اسرائيلي فوجي يا پوليس وارا جڏهن وڻين،
تڏهن عربن جي جاين جون تلاشيون وٺن ۽ بيگناهه عربن
کي جيل ۾ وجهن. جڏهن پوليس جون گاڏيون اسڪول جي
چوگرد بيٺيون، تڏهن ٻارڙن جون دليون، سُسي ويون.
هڪ پوليس آفيسر اندر اسڪول ۾ آيو. ان وقت سڄي
اسڪول ۾ ماٺ هئي. مس آسيه جنهن جو ڪلاس شرارت ڪرڻ
۾ مشهور هو. اتي موهن جي دڙي جهڙي اُداسي هئي ۽
خود مس آسيه پريشانيءَ مان ڪتاب جا ورق اٿلائي رهي
هئي. ٻيا ماستر ، ماسترياڻيون ۽ شاگرد وياڪل هئا.
پوليس آفيسر هيڊ ماستر جي آفيس ۾ ويو ۽ ان سان
ايترو ته تيز ڳالهايو جو توفيق دانهن ڪئي: ”يا
الله خير ڪجانءِ“ جڏهن هيڊ ماستر ۽ پوليس آفيسر جو
سخت بحث ختم ٿي ويو. ان وقت هو ٻئي آفيس مان ٻاهر
نڪري نڍڙي باغ ۾ آيا. پوءِ سمورن شاگردن کي ڪلاس
کان ٻاهر سڏايو ويو. شاگرد قطارن ۾ اچي بيٺا. سڀني
کان اڳ ۾ مٿين ڪلاس جو ڪمزور شاگرد محمد بيٺو هو.
سندس رنگ فلسطين جي ڪلراٺي زمين جهڙو هو، هو نه
ڊنل هو ۽ نه هيسيل ۽ نه منجهيل. هيڊ ماستر سمورن
ٻارن کي وڏي واڪي چيو: ”اُهي شاگرد جلدي ٻاهر نڪري
اچن، جن ڪلهه بازار ۾ اشتهار هنيا آهن!“
هيڊ ماستر جو آواز پولار ۾ پڙلاءُ ٿي گونجيو.
شاگردن جي چرپر ختم ٿي ويئي. مس آسيه پنهنجي عينڪ
لاهي صاف ڪئي. هيڊ ماستر جو آواز ٻيهر آيو. ڪنهن
به شاگرد ها نه ڪئي. محمد بيچينيءَ مان پاسو
بدلائي اُستاد ربيع کي ڏٺو. جيڪو لوهه وانگر سڌو
بيٺل هو.
پوءِ سمجهيوسين ته سڄي باهه ان اشتهار جي مچايل
آهي، جيڪو جمع ڏينهن بازار ۾ لڳايو ويو هو. انهن
کي هڻندڙ هن اسڪول جا شاگرد هئا. اشتهار ۾ لکيل هو
ته: ”جمعي ڏينهن کان وٺي هڪ هفتو ڪاروبار بند ڪيو.
جيئن اسرائيلي عدالت جي ڏنل فيصلي خلاف احتجاج
ڪريون.“ اشتهار جو لکندڙ به موجود هو ۽ هڻندڙ به
موجود هئا. هيڊ ماستر
جي
سخت تنبيهه وارا لفظ شاگردن جي ڪنن تائين پهتا.
”مان آهيان - - - !“ محمد دانهن ڪئي. پوءِ سمورا
شاگرد هن ڪمزور تي کلي پيا. پوليس آفيسر گهور ڪري
محمد کي ڏٺو. دانهن ڪري پڇيس ته: ”ٻيا ڪير هئا تو
سان.“
”ڪير ڪونه هو. مان اڪيلو هوس.“
”اهو ڪم هڪ ماڻهوءَ جو ناهي.“
”چيم ته مان اڪيلو هوس.“
اسرائيلي پوليس آفيسر ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ ٻه- ٽي
چماٽون محمد کي وهائي ڪڍيائون. ڏندن جي وٿين مان
گگ ۽ رت گڏجي نڪتا. محمد ڪمزور جسم کي اڳيان کڻندي
اٿي بيٺو. ان وقت استاد ربيع جا ڏورا سيٽجي ويا-
پر ان کان اڳي ئي اڌ شاگرد ٻاهر نڪري آيا ۽ پڪارڻ
لڳا:
”اشتهار اسان هنيا آهن. . . . اشتهار اسان هنيا
آهن!“
هڪ تيز آواز اڀريو ۽ گوڙ بند ٿي ويو. اسرائيلي
پوليس آفيسر جي خاص هدايت کان پوءِ باقي بيٺل
پوليس پنهنجون سنگينون ڏوهاري شاگردن ڏانهن ڪيون.
ڪراڙي هند، پنهنجي گهر ۾ اڪيلي ويٺي هئي. سُٽ کولي
ٿڪي هئي يا اندر جي ڪا پريشاني هن کي مونجهاري ۾
ڦاسايو هو. شايد هن کي پنهنجي عزيز مجاهدن جو فڪر
هو. ڊپ هوس ڪٿي هو شهيد نه ٿي ويا هجن. هوءَ سڀني
جي صحيح سلامت ورڻ جون دعائون گهري رهي هئي. ڇو نه
گهري؟ مڙس جي سهاڳڻ هئي. پٽ جگر جو ٽڪرو هوس ۽
ڀاءُ سڀ کان وڏي طاقت هوس.
پٽ اسڪول پڙهڻ ويو هوس. مڙس ۽ ڀاءُ مجاهدن سان
گڏجي هڪ اهم فوجي مشن تي ويل هئا. ٽنهي جي ياد هن
کي اچڻ، تعجب جي ڳالهه نه هئي. ٿوري دير کان پوءِ
قاصد کيس اچي ٻڌايو ته: ”مائي! تنهنجو مڙس شهيد ٿي
ويو.“
ڪراڙي هند، هن خبر کي اهڙيءَ طرح سان ٻڌو جيئن
ڪجهه ٿيو ئي ڪو نه هو ۽ وراڻيائين:
”اناالله و انا اليھ راجعون- زندگيءَ جو ڪامياب
سودو شهادت جو موت آهي.“
ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪ ٻيو شخص اطلاع کڻي آيو ته:
”نيڪ بخت! تنهنجو ڀاءُ جنگ ۾ شهيد ٿي ويو.“ |