ادارو
شاهه عبداللطيف ڀٽائي
اهو ڪهڙو سنڌي ٻار هوندو، جنهن شاهه عبداللطيف
ڀٽائي جو نالو نه ٻڌو هوندو! جهرن جهنگن، ڳوٺن ۽
شهرن جا ٻار سندس نالي کان چڱي پر واقف آهن. رڳو
شاهه جي بيت يا شاهه جي ڪلام چوڻ سان ذهن ۾ هڪدم
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو نالو اچيو وڃي. شاهه
سائين نه رڳو سنڌ جو وڏو شاعر آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1102 هجري مطابق 1690ع ۾،
حيدرآباد ضلعي جي هالا تعلقي ۾،”هالا حويلي“ نالي
هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. هالا حويلي ڀٽ کان نو
ڪوهه پري، هن وقت ويران حالت ۾ آهي. جنهن گهر ۾
شاهه سائين جو جنم ٿيو هو، تتي پوءِ لونگ نالي
ڀٽائيءَ جي هڪ مريد مسجد ٺهرائي هئي، جا اڃا تائين
نصير واهه جي ڪپ تي قائم آهي.
شاهه صاحب جي پيءُ جو نالو حبيب شاهه هو ۽ سندس تڙ
ڏاڏي جو نالو شاهه عبدالڪريم هو، جيڪو پاڻ به هڪ
سٺو شاعر هو. شاهه عبدالڪريم جو مقبرو بلڙي شهر ۾
آهي. اهو مقبرو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٺهرايو هو.
شاهه صاحب جي تعليم بابت پوري خبر ڪانهي. ڪي چون
ٿا ته هو اڻپڙهيل هو، پر ڪي چون ٿا ته هو پڙهيل هو
_ فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ عربي به ايندي هيس.
اها ڳالهه سندس رسالي سان ظاهر آهي. انڪري يقين
سان چئي سگهجي ٿو ته ڪي قدر درسي تعليم ڪري، ۽ ڪي
قدر پنهنجي سر تجربي ۽ مطالعي ڪري، شاهه عباللطيف
اُن زماني جي لياقت آهر، هر علم ۾ چڱي مهارت حاصل
ڪئي. چون ٿا ته قرآن شريف، روميءَ جي مثنوي شاهه
ڪريم جو رسالو ساڻس گڏ هوندا هئا.
شاهه صاحب جوانيءَ ۾، جوڳين ۽ سنياسين سان گڏ
گهڻيئي ملڪ گهميو ڦريو ۽ گهڻيئي پاڪ جايون اکين
سان ڏٺائين.هن لکپت ۽ گرنار، کنڀات ۽ پور بندر،
هالار ۽ جهونا ڳڙهه، دوارڪا ۽ هنگلاج لس ٻيلي ۽
لاهوت، جيسلمير ۽ لڙ، کنجي ۽ هاڙهي، ٻٻ ۽ حب، وندر
۽ وڻڪار کي چڱيءَ طره گهمي ڏٺو. شاهه صاحب انهن
جاين جو پنهنجي ڪلام،”سُر سري راڳ، ”ستر گهاتو“،
”سُر سامونڊي“، ۽ سُر سهڻي“ ۾ جتي ڪٿي ذڪر ڪيو
آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ اٽڪل ٽي سال سير ۽ سفر ۾
گذاريا، ۽ اهڙيءَ طرح دنيا جو گهڻو تجربو حاصل
ڪيائين. نيٺ اچي اهو خيال پيس ته هيڏي هوڏي رلڻ جي
بدران، وري پنهنجي وطن وڃي، خدا جي بندگيءَ ۽ ماءُ
پيءَ جي خدمت ۾ گذاريان. هڪ ڏينهن هو اوچتوئي
اوچتو اچي گهر سهڙيو.
انهن ٽن ورهين جي دوران ۾ شاهه عبداللطيف دنيا ۽
دنيا جي ماڻهن جو چڱو آزمودو پرايو. گهڻائي ڏاکڙا
ڏٺائين، جهنگل جهاڳيائين ڏونگر ڏوريائين، ساڌن
فقيرن، ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان گڏ رهيو. انهيءَ
جو نتيجو اهو نڪتو جو سندس قلب مان تعصب ۽ ٻيائي
جي ڪٽ ڪورجي ويئي، ۽ انسانذات لاءِ سندس قرب ۽
همدردي زياده ٿي. انساني طبيعت جو هن ڳوڙهو اڀياس
ڪيو، جهن جي ثابتي سندس رسالي مان ملي ٿي. هن
پنهنجيءَ دوربين اک سان پروڙيو ۽ غريب ۽ اڻڄاڻ
ڳوٺاڻن ۾ ڪي اهڙا گڻ ۽ خوبيون آهن، جي شاهوڪار ۽
پڙهيل شهرين ۾ ملڻ مشڪل آهن. گمنام ماڻهن وٽان هن
سهڻيءَ صلاح جا سچا موتي ۽ حقيقت جا هار حاصل ڪيا.
کيس پروڙ پئي ته ڀونگين ۾ رهندڙ، جيتوڻيڪ ٻاهران
ميرا ۽ گدلا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تڏهن به هنن جون دليون
صاف ۽ اڇيون اجريون آهن ۽ ثابت قدميءَ، صبر ۽ حب
الوطنيءَ ۾ بيمثال آهن.
سير سفر ۾ شاهه صاحب هالا کان چڱي پنڌ تي، واريءَ
جي پٽن م ڪراڙ ڍنڍ جي ڀرسان، هڪ وڏو واريءَ جو دڙو
جاچيو هو ۽ پڪو پهه ڪيو هئائين ته اتي اچي پنهنجو
ديرو ڄمائيندو. چناچه، شاهه صاحب سفر تان موٽن بعد
ستت ئي پنهنجي حُبدارن سان گڏ اچي اها ڀٽ وسائي.
شاهه صاحب تي ”ڀٽائي“ نالو پڻ ان ڪري پيو، اتي پاڻ
پنهنجي هٿن سان مزورن وانگي پورهيو ڪيائين ۽ مٿي
تي تغاريون ڍويائين. شاهه صاحب پنهنجي حُبدارن سان
ڀٽ کي وسندي بنائڻ ۾ ئي لڳل هو، ته پيءَ جي
ناچاقائيءَ جو ٻڌائين. جيترو پاڻ وڃي ساڻس ملي ئي
ملي، تنهن کان اڳ شاهه حبيب وفات ڪئي. پيءُ جي
وفات شاهه صاحب جي دل کي وڏو صدمو رسايو. ٿورن
ڏينهن کان پوءِ سندس گهر واري بيبي سعيده به هي
جهان ڇڏيو. جنهن ۾ ڳالهه سندس دل کي هيڪاري گهڻو
لوڏيو.
شاهه صاحب ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اصلوڪيءَ عادت موجب
جهنگ منهن ڏيئي هليو ويندو هو. جبلن، ماٿرين ۽
ميدانن ۾ گهمڻ جو کيس گهڻو شوق هوندو هو. ”سر
سارنگ“ پڙهبو ته ڏسبو ته شاهه صاحب وسڪاري جي مند
کي ڪهڙي سرهائي وچان ڳايو آهي. قدرت جي موهيندڙ
نظارن سندس روح کي راحت ٿي ڏني ۽ بي اختيار سندس
وات مان شعر جا سهڻا موتي ريلا ڏئي ٿي نڪتا.
شاهه صاحب پنهنجي زماني جي وڏن عالمن: شاهه عنايت،
خواجه محمد زمان لنواريءَ واري، مخدوم محمد معين
ٺٽوي، سچل سرمست جي ڏاڏي فقير صاحبڏني درازن واري
۽ عبدالرحيم گرهوڙيءَ سان گهڻو ملندو هو ۽ ساڻن
مذهبي ۽ علمي ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو.
ستت ئي شاهه صاحب جو نالو هنڌين ماڳين مشهور ٿي
ويو، ۽ پري پري جا ماڻهو سندس زيارت لاءِ ڀٽ تي
اچڻ لڳا. اهو ڏسي ان وقت جي هلنديءَ واري مذهبي
۽سياسي اڳواڻن کي ساڙ ٿيو، جن ۾ سنڌ جو ان وقت جو
حاڪم، ميا نور محمد ڪلهوڙو به شامل هو. ميان نور
محمد ته ساڙ سببان شاهه صاحب کي مارائڻ جي به ڪوشش
ڪئي، پر پوءِ شاهه صاحب اخلاق ۽ شخصيت کان ايترو
متاثر ٿيو، جو دشمن مان ڦري سندس دوست ٿي پيو.
شاهه عبداللطيف جي زماني ۾ هندستان تي مغل گهراڻي
جي حڪومت هئي. شاهه صاحب جڏهن ارڙهن ورهين جو هو
ته مغل بادشاهه اورنگزيب (1707ع ۾ وفات) ڪئي.
1737ع ۾ جڏهن شاهه صاحب جي عمر اٺيتاليهه سال هئي،
ايران جي بادشاهه نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي. سنڌ
جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي ڀڄي وڃي عمر ڪوٽ ۾
پناهه ورتي، پر نادر شاهه اتي به نه ڇڏيس. آخر
ميان نور محمد پيش پيو ۽ نادر شاهه کي هڪ ڪروڙ
رپيا نذرانو ڏنائين ۽ ويهه لک رپيا سالياني ڍل ڏيڻ
جو به انجام ڪيائين. نادر شاهه اهو انجام وٺي،
ميان نور محمد ڪلهوڙي جا ٽي پٽ: مرادياب، عطر خان
۽ غلام شاهه ضامن طور ساڻ وٺي ايران موٽي ويو.
نادر جي مرڻ کان پوءِ اهي ٽيئي شهزادا واپس سنڌ
وريا. ان کان اڳ، شاهه عنايت صوفي جهوڪ واري جي
شهادت وقت شاهه سائين جي عمر ايڪٽيهه ورهيه هئي.
انهيءَ زماني ۾، مغلن جي پاران نواب اعظم خان سنڌ
جو گورنر هو. انهيءَ نواب جي برغلائڻ تي دهليءَ جي
مغل بادشاهه فرخ سير، شاهه عنايت جي سر وڍڻ جو حڪم
جاري ڪيو. ان واقعي شاهه عبداللطيف جي دل کي نهايت
صدمو رسايو. انهيءَ مان ڏسبو ته شاهه صاحب جي
زماني ۾ وڏا تاريخي ڪم ٿيا، ۽ ظاهر آهي ته انهن
شاهه صاحب تي ضرور اثر ڇڏيو هوندو.
حياتيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ شاهه صاحب ڪربلا جي زيارت
لاءِ سنڀري نڪتو، ڪڇ لنگهي، گجرات ۾ ويو، جتان
انهن ڏينهن ۾ ٻيڙين رستي ماڻهو عراق ڏانهن ويندا
هئا، واٽ تي هڪ مريد گڏيس، جنهن کل ڀوڳ ۾ چيس ته
”سائين، چوندا آهيو ته اسان جو دفن ڪفن به ڀٽ تي
ٿيندو، پوءِ هينئر پڇاڙيءَ جي وقت ۾ ڪيئن هيڏي سفر
تي نڪري پيا آهيو؟“ چون ٿا ته شاهه صاحب اهي اکر
ٻڌي اڳتي وڃڻ جو خيال لاهي ڀٽ ڏانهن واپس
موٽيو.پويان ڏينهن هن راڳ روپ ۾ گذاريا. پورا
ايڪيهه ڏينهن، حجر ۾، اڪيلائيءَ ۾ رهيو ۽ اُنهيءَ
سموري وقت ۾ بن ويلن جيترو کاڌو مس کاڌائين. پوءِ
ٻاهر نڪري غسل ڪيائين ۽ هڪ چادر مٿان وجهي، مراقبي
۾ ويهي رهيو. فقيرن کي ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو اشارو
ڪيائين. برابر ٽي ڏينهن اهو ڳائڻ وڄائڻ هلندو
رهيو. راڳ روپ آخر پورو ٿيو. فقيرن ويجهو وڃي ڏٺو،
ته شاهه جي روح جو پکيئڙو اڏامي ويو. هو شاهه
صاحب، سن 1165 هجري مطابق سن 1752ع ۾ صفر مهيني جي
چوڏهين تاريخ، هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو، ميان نور
محمد ڪلهوڙي جي پٽ، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنڌ جي
حاڪم، مٿس هڪ عاليشان مقبرو، وقت جي مشهور رازي
عيدن کان جوڙايو، هر جمعي رات شاهه صاحب جي درگاهه
تي راڳ روپ ٿيندو آهي. جنهن ۾ سندس ئي ڪلام اصلوڪي
انداز ۾ ڳائبو آهي. هر سال، صفر مهيني جي چوڏهين
تاريخ تمام وڏو ميلو لڳندو آهي.
شاهه صاحب جي ڪابه سچي تصوير موجود ڪانهي، چون ٿا
ته هو وڏي ويڪري منهن، سهڻين اکين ۽ گهاٽي ۽
چاپئينءَ ڏاڙهيءِ واري هو. سادو کائيندو ۽ سادو
پهريندو هو. گهنو ڪري ڪاري ڌاڳي سان سبيل هڪ گيڙو
رنگ جي ڪفني پائيندو هو. مٿي تي ڪاري ڪپڙي جي ٽڪري
سان ويڙهيل ڪلاه پائيندو هو. جتي به ڏاڍي سادي
هيس، نه ته پيرين اگهاڙو پنڌ ڪندو هو. هٿ ۾ جوڳين
واري بيراڳن جهڙي لٺ کڻندو هو. کاڌي پيتي لاءِ هڪ
ڪشتو هوندو هوس. سمهندو هڪ صندل تي هو. ۽ سندس
بسترو هڪ پراني کٿانئين گودڙي هئي. اهي مڙيئي شيون
اڃا تائين ڀٽ تي موجود آهن.
سندس اخلاق لاءِ مشهور آهي ته هو سڇائيءَ، نيڪيءَ
۽ رحم جو پتلو هو. وڏن ماڻهن سان گهٽ پوندي هيس،
غريب جو يار هو. چناچه، سندس ڪلام جتي ڪٿي ”ڏاڍن
لاءِ نفرت“ ۽ ”هيڻن لاءِ پيار“ ظاهر آهي. رحمدل ۽
ٻاجهارو ته هڪڙوئي هو. انسانذات لاءِ نهايت قرب ۽
همدردي هيس، پر گگدام هيوانن سان پڻ پيار هوس.
پنهنجي هٿ سان ڪڏهن ڪو جانور نه ماريائين. ننڍپڻ ۾
جڏهن جيڏن سان گزڪمان راند کيڏندو هو، تڏهن به
ڪنهن پکيءَ پکڻ کي ڌڪ نه هنيائين. جهنگ جي سهن
لاءِ ته هيڪاري قياس پوندو هوس، ۽ ماڻهن کي هدايت
ڪندو هو ته انهن کي نه آزاريو. شاهه صاحب راڳ بي
مست هو. سنڌ ۽ هند جا وڏا وڏا ڳائڻا هردم سندس
حضور ۾ هوندا هئا. چون ٿا ته راڳ ٻڌي مستيءَ ۾ اچي
ويندو هو. هڪ دفعي چيائين ته” منهنجي دل اندر هڪ
وڻ آهي، جو راڳ ٻڌڻ سان سائو ۽ سرسبز ٿيو وڃي.“
راڳ ۽ شآعري سندس زندگي هئي. شاهه سائين جي امر
شاعريءَ جي کٿوريءَ جي خوشبوءَ جو سڀني سنڌين صدين
کان واس پئي ورتو آهي. |