سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تصوف

باب:

صفحو:7 

فصل ڇهون

تصوف، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾

 

     ڏکڻ اوڀر ايشيا، خاص ڪري انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي تهذيب ۾ تصوف جو ستين صدي هجريءَ ڌاري اسلام جي آمد سان هڪ گهرو ڳانڍاپو آهي. محققن جي راءِ موجب، ان علائقي جي مسلمان ٿيڻ واري عمل ۾ جيڪو لڳ ڀڳ نائين صدي هجريءَ تائين جاري رهيو، صوفين جو وڏو ڪردار رهيو آهي[1]. محققن جو چوڻ آهي: مغلن هٿان بغداد جي شڪست کان پوءِ اتان جي صوفين اسلامي تعليم کي واپارين ۽ واپاري ٻيڙن ذريعي تصوف جي تعليمات سان گڏ ملائيشيا جي علائقي مالاڪو ۾ آندو.البته تصوف ڏانهن اهڙي نسبت ڏيڻ وارن دستاويزن ۽ سندن ۾ ڪنهن به مخصوص طريقي جو ڪو نالو ناهي آيو[2].

     بظاهر، مُنڍ ۾ جابر ۽ ڏاڍا حڪمران صوفين ۽ ابن عربيءَ توڙي سندس فڪر جهڙوڪ ”انسان ڪامل“ جي حمايت، پنهنجي حڪومت جي جواز ۽ شرعي حيثيت ثابت ڪرڻ جي نيت سان ڪئي هئي[3]، ان جي باوجود شريعت تي عمل جو به تاڪيد ڪندا رهندا هئا. اهو ئي سبب هو جو جيڪي صوفي مقامي عالمن طرفان مرتد قرار ڏنا ٿي ويا، انهن سان باقائده مقابلو ڪندا هئا. جيئن سيتي جنار نالي هڪ صوفي ٿي گذريو آهي جنهن جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته سندس زندگي ۽ گفتگو حلاج واري زندگيءَ ۽ گفتگوءَ سان مشابهت رکندي هئي، ان کي سنه 922هه، 1516ع ۾ موت جي سزا ڏني وئي هئي[4]. يارهين صدي تائين به ڪن صوفين لاءِ موت جي سزا مقرر ڪئي وئي.

     بهرحال ڏکڻ اوڀر ايشيا جي مشهور قادري طريقي جي پيروڪار شخصيت، جيڪا وحدت الوجود جي به قائل هئي ۽ مٿي ڄاڻايل علائقي ۾ ڏهين صدي هجريءَ ڌاري اسلامي فڪر پکيڙڻ وارن ۾ پهرين مبلغن مان ڄاتي ٿي وڃي، اهو هو حمزه قنصوري[5]. ان جو مريد شمس الدين سوماتراني (متوفيٰ 1040هه) هو، جنهن علم ڪلام ۽ عرفان تي ڪيترائي ڪتاب لکيا[6]. وحدت الوجود واري نظريو ۽ هندو توڙي ٻڌ مت ۾ ان جي هڪ جهڙائي، پڻ انهن ٻنهي مذهبن جو علائقي تي اثر  ان ڳالهه جو ڪارڻ بڻيو ته وحدت وجود وارو فڪر، جيڪو فنصفوري ۽ سوماتراني ذريعي پيش ڪيو ويو هو، تمام جلديءَ سان علائقي ۾ پکڙجي[7].

     ان ئي علائقي جي هڪ ٻي نامور صوفي شخصيت  نورالدين رانيري (متوفيٰ 1068ھه) آهي، جيڪو احمد سرهنديءَ جو مريد هو ۽ هندستان جو هڪ اصلاح طلب صوفي هو. ان لڳ ڀڳ اڻٽيهه ڪتاب لکيا، جن مان اڪثر ۾ فنصوري ۽ سوماتراني واري وحدت الوجودي نظريي جي نفي ٿيل آهي ۽ اهي اڄ سوڌو ملائيشيا جي ديني مدرسن ۾ پڙهايا به وڃن ٿا[8]. رانيريءَ پنهنجي ڪتاب ”تبيان في معرفة الاديان“ ۾ ٻاهتر فرقن کي اسلام مان خارج ڄاڻايو آهي، انهن ۾ فنصوريءَ ۽ سوماتراني جا پوئلڳ به اچي وڃن ٿا[9]. ان جو نظريو هو: وحدت الوجود واري نظريي، ماڻهن کي حيران، پريشان ۽ اسلام کان گمراهه ڪري ڇڏيو آهي. ان، سلطان اسڪندر دوم (حڪومت 1637ع کان 1641ع) واري دؤر حڪومت ۾ پنهنجي ست ساله قضاوت ۽ شيخ الاسلاميءَ واري عرصي ۾ سلطان کي وحدت الوجود نظريي سان سخت مقابلي ۽ ان نظريي جي قائلن کان توبه ڪرائڻ لاءِ تيار ڪري ورتو هو[10]. رانيريءَ جو شريعت ۽ طريقت کي هڪ ٻئي سان مطابقت ڏيڻ تي وڏو زور هوندو هو. سندس ڪتاب ”صراط المستقيم“ ملائيشيا ۾ پهريون فقهي ڪتاب ڄاتو ويندو آهي[11]. جڏهن اسڪندر دوم سندس حمايت ختم ڪري ڇڏي ته لڏي هندستان هليو ويو، جتي چوڏهن سالن کان پوءِ وفات ڪري ويو[12].

يارهين ۽ ٻارهين صدي هجريءَ ڌاري انهن عالمن جن غزاليءَ جي لکڻين جي بنياد تي باشرع عرفان جا سختيءَ سان طرفداري پئي ڪئي ۽ انهن صوفين جيڪي اسلام جي عرفاني عقيدن کي هندن ۽ ٻڌمت جي ريتن رسمن سان گڏائي هلائڻ پئي چاهيو، انهن جي وچ ۾، خاص ڪري وحدت الوجود واري مسئلي تي وڏا بحث ڇڙڻ لڳا  جنهن جي نتيجي ۾ ملائيشيائي مسلمان عقيدتي وائڙائپ جو شڪار بڻجي پيا[13]. ان مسئلي مڪي ۽ مديني جي عالمن جو به ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرائي ورتو. انڪري ابراهيم ڪوراني (متوفيٰ 1102هه) اتان جي ماڻهن کي جواب ڏيڻ لاءِ وڏي ڪوشش سان ڪي ڪتاب به لکيا[14].

     لڳي ايئن ٿو ته يارهين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ديني اصلاح ۽ صوفين جي جن ڳالهين کي بدعت ڄاتو ويندو هو، انهن سان مقابلي وارو ماحول ڪن عالمن ۽ ڪن صوفين جهڙوڪ: مڪي مديني جي پڙهيل عالمن، احمد قشاني (متوفيٰ 1071هه)، ابراهيم ڪوراني ۽ عبدالڪريم سَمّان (متوفيٰ 1189هه) ذريعي ڏکڻ اوڀر ايشيا پهتو. عام طرح ان علائقي جا سمورن صوفي طريقن جا مبلغ مڪي، مديني جا پڙهيل هئا. ايتريقدر جو شطاري ۽ نقشبندي به سڌا هندستان مان ايڏانهن نه ويا هئا، بلڪه حرمين شريفين (مڪي ۽ مديني) کان آيا هئا. تن مان هڪ عبدالرؤف سينڪيلي[15] (متوفيٰ 1104 يا 1105هه) جيڪو ڄائو ته آچي ۾ هو، پر اتان حجاز هليو ويو ۽ ڪورانيءَ جي واسطي سان شطاري قادري طريقي جي مشائخ احمد قشاشي وٽ پڙهيو. سينڪيليءَ قرآن مجيد ۽ تفسير بيضاويءَ جو مالائي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. ان کان علاوه شافعي فقه متعلق به سندس ڪي لکڻيون آهن[16]. اهڙي طرح سندس هڪ رسالو ”عمدة المحتاجين“ به آهي، جيڪو عرفان بابت آهي، منجهس طريقت جا آداب جهڙوڪ: ذڪر ۽ مناجات جا جلسا منعقد ڪرڻ وغيره متعلق هدايتون درج ٿيل آهن. ابن عربيءَ جو مخالف هو، پر رانيريءَ جي ڀيٽ ۾ گهٽ مخالف هو. اهو ئي سبب هو جو ابن عربيءَ وارو، انسان جي وجود جي ستن مرتبن وارو نظريو، پنهنجي ڪتاب ۾ اڻ سڌي طرح درج ڪيو اٿس[17]. سينڪيلي جو عقيدو هو ته الله تعاليٰ حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم  جي نور مان اعيان ثابته ۽ اعيان ثابته مان، خلقت جو جهان جهان (اعيان خارجه) پيدا ڪيا آهن ۽ اعيان خارجه (خلقت جو جهان) خدا کان نرالو آهي.  ان جي ڪوشش هئي ته خدا ۽ مخلوق ۾ هڪ قسم جي تمايز ۽ امتياز قائم ڪري[18]. سندس ان ان نظريي قائم ڪرڻ جو اصلي مقصد شريعت ۽ طريقت (تصوف) ۾ هڪ قسم جو ٺاهه پيدا ڪرڻ هو، ان جي ڪري ئي شطاريه طريقي جي تعليمات کي شريعت جي مطابق ڄاڻندو هو[19].

     صوفين مان هڪ ٻيو اصلاح طلب صوفي، ڪوراني جو شاگرد محمد يوسف بن عبدالله خلوتي مقصري (متوفيٰ 1037هه) عرف شيخ يوسف ٿي گذريو آهي[20]، اهو تصوف، کي خدا جي توحيد تي خالص ايمان ڪوٺيندو هو. شيخ يوسف جو عقيدو هو: خدا جو وجود حقيقي، باقي ٻي سموري مخلوق جو مجازي آهي. سندس گمان هو ته سندس اهو عقيدو وحدت الوجود جي عقيدي سبب پيدا ٿيل اهنجن کي حل ٿو ڪري[21]. شيخ يوسف پنهنجي طريقت ”نقشبندي“ ۽ ”خلوتي“ طريقن جي اصولن مان ملائي جوڙي ورتي هئي ۽ ان کي ”احمّدي“ يا ”محمّدي“ طريقت ڪوٺيندو هو[22].

      مديني جو هڪ ٻيو تربيت يافتو عبدالصمد پاليمباني (متوفيٰ 1203هه) هو، جيڪو غزاليءَ جي تصوف جي نمائندن مان هو. پنهنجي ڪتابن ”هداية السالڪين“ ۽ ”سِيرُّ السَّالڪين“ ۾ غزاليءَ جي لکڻين مان گهڻو ڪجهه کڻي رکيو اٿس. ان خود، توڙي سندس شاگردن، سمانيه (خلوتيه جي هڪ شاخ)، خلوتي، نقشبندي ۽ قادري طريقن جي مرڪب اصولن کي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾  چڱي طرح پکيڙيو. ان منجهان هنن جو اصلي مقصد شريعت کي طريقت سان سازگار ڪرڻو هو[23].

     تيرهين صدي هجريءَ ۾ تصوف جي ڪجهه طريقن جهڙوڪ: سمانيه، قادريه، نقشبنديه ۽ ڪڏهن ڪڏهن شطاريه، سامراج جي خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ تنظيم سازي به ڪندا هئا. ان ڪري هالينڊ واري سامراج دؤران تصوف جا اهي طريقا دٻاءَ، ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ جو شڪار رهيا. اڳتي هلي، آهستي آهستي چوڏهين صديءَ جي شروع ۾ قومي شعور جي نتيجي ۾ صوفين جون سامراج خلاف بغاوتون گهٽجڻ لڳيون ۽ صوفي طريقا صلح پسند مسلمانن جي ايجاد ڪيل حالتن جي حملن جو شڪار ٿيڻ لڳا[24]. اهي حالتون خاص ڪري مصر جي اصلاح پسند عقيدن ۽ خاص ڪري شيخ محمد عبده ۽ رشيد رضا جي فڪر کان متاثر هيون[25]. البته صوفين جا ڪي ٻيا طريقا جهڙوڪ: ”خالديه“ (نقشبندين مان ڦٽل) چوڏهين صدي هجريءَ جو شروع کان ئي ان علائقي ۾ باقائده پکڙجي ويو هو. جيئن ته ان طريقي جو شريعت طرف رجحان هو انڪري ان جا پوئلڳ ڪنهن حد تائين اصلاح پسندن سان گڏجي پيا آهن[26]. ان ئي صديءَ ۾ ”تيجاني“ طريقو[27] اتر آفريقا کان ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڪاهي پيو، جنهن جي بانين جي دعوائن مان هڪ دعويٰ هيءَ به آهي ته انهن وارو طريقو بنا ڪنهن واسطي جي حضرت رسولِ خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان مليل آهي. انڪري اهو طريقو ٻين صوفين ۽ اصلاح پسندن جي مخالفت جو شڪار ٿي پيو، پر ان جي باوجود به پکڙندو ويو. نه رڳو ايترو بلڪه مفتين ۽ فقيهن جي تائيد به حاصل ڪري ورتائين[28].

     چوڏهين صدي هجريءَ ۽ ويهين صدي عيسويءَ ۾ ڪن طريقن جي پيروڪارن جا ڪي ڪردار جهڙوڪ: پنهنجي سيني ۾ لوهي سوئا ٽنبڻ، عوامي جاين تي دهل وڄائڻ، ولين جي مزارن جي زيارت ڪرڻ ۽ مزارن تي نذرانا ڏيڻ وغيره، اصلاح پسند مسلمانن جي نظر ۾ شرڪ سمجهيا ٿا وڃن، ان ڪري تصوف جي ڪمزوريءَ جو ڪارڻ بڻجي پيا آهن[29]. اڄڪلهه ڪي طريقا ته پاڻ کي روزمره جي ضرورتن سان برميچي چڪا آهن ۽ انهن جو مهم ڪردار خاص ڪري نشي آور شين کان پاڻ بچائڻ يا روحاني بيمارين مان آجپي حاصل ڪرڻ لاءِ عرفاني تربيت ڪرڻ آهي[30].

     اوڀر ڏکڻ ايشيا ۾ اڄ تائين اهو ئي تصوف ڪامياب رهيو آهي جيڪو شريعت سان قائم رهيو آهي، انڪري ”رانيري“ ۽ ”سينڪيلي“ طريقا ٻين طريقن جي بنسبت وڌيڪ رائج ٿيندا رهيا آهن. عالم به عام طرح جنيد، قشيري، ۽ غزالي واري تصوف جا طرفدار رهيا آهن. ان کان علاوه هن علائقي ۾ تصوف جي رائج ٿيڻ واري شروعاتي دؤر کان اڄ تائين اتان جا فقيه به صوفي رهيا آهن. انڪري انهن جي شريعت سان ٺهندڙ تصوف سان مخالفت ناهي رهي[31]. اڄڪلهه ته حڪومت جي اعليٰ سطحي آفيسرن، عوام جي روشن خيال طبقي، ديني عالمن تان جو اصلاح پسندن جو به تصوف ڏانهن  لاڙو باقائده نظر ٿو اچي[32].

 

مددي ڪتاب

1)     ”دانشنامه جهان اسلام“ زير نظر غلامعلي حداد عادل، تهران بنياد دائرة المعارف اسلامي، 1375هه ش.

2)    مرل ڪالوين ريڪلفس ”تاريخ جديد اندونزي“ فارسي ترجمو عبد العظيم هاشمي بيگ، تهران 1370هه ش.

3)    محمدرضا مظفري، ”اندونزي، تهران؛ دفتر مطالعات سياسي و بين المللي“ 1374هه ش.

4)    دليار نوٽر، ”نهضتهاي نوين اسلامي در اندونزي“، فارسي ترجمو: ايرج رزاقي ۽ محمد مهدي حيدرپور، مشهد

5)     1370هه ش.

6)    Azyumardi social realities", in Islamic Azra. "Education, law, mysticism: constructing civilization in the Malay world, ed. Mohd. Taib Usman, Kuala Lumpur. Dewan Bahasa dan Pustaka, 1997.

7)    ___Opposition to Sufisim in the East Indies in the seventeenth and eighteen centuries: in Islamic mystielom contested thirteen centuries of controversies and polemics, ed. Frederick de Jong and Bernd Radtke, Leiden Brill, 1999.

8)    Julian Baldick, Mystical Islam and introduction of Sufism, London 2000.

9)    Martin van Bruinessen, "Controversies and polemics involving the Sufi orders in twentieth-century Indonesia", in Islamic mysticism contested, ibid.

10)Sven Cederroth, "Indonesia and Malaysia", in Islam outside the Arab world, ed. David Westerlund and Ingvar Svanberg, Richinond: Curzon, 1999..

11) The Encyclopaedia of Islam, new ed., Leiden: Brill., 1960, s.v. "Indonesia IV: History. n: Islamic period" (by S.M.N. Al-Attas). Ismail Hamid, "Kitab Jawi intellectualizing literary tradition", in Islamic civilization in the Malay world ibid.

12)Alexander Knysh, Islmic mysticism a short history, Leiden 2000.

13)Ira M. Lapidus. A history of  Islamic  societies, Cambridge1991.

14)The Oxford encyclopedia of the modern islamic world, ed. John L. Esposito, New York 1995, s.v. "Malay and Indonesian  literature" (by Hendrik M.J. Mater).

 

فصل ستون

 

تصوف، چين ۾

 

     چين ۾ تصوف جي تاريخ ڪنهن حد تائين مبهم آهي. ان متعلق جيڪي به تحقيقون ٿيون آهن، سي نيون آهن. اسلامي تصوف، ڏهين صدي هجري ۽ سورهين صدي عيسويءَ ڌاري وچ ايشيائي ملڪن مان چين ۾ داخل ٿيو. چين جي اولهه ۾، مغربي ترڪستان (جنهن کي اڄڪلهه سين ڪيانگ يا شين جيانگ صوبو سڏيو ٿو وڃي ۽ اسلامي ڪتابن ۾ ڪاشغر ۽ ختن سڏيو ويو آهي) چين ملڪ ۾ تصوف جو مکيه ۽ پهريون مرڪز هو[33].

     اتان جي مقامي روايتن مطابق:  سنه 940هه ۾ خواجگان (دهه بيدي) طريقي جو جيڪو هڪ پوئلڳ، ڪاشغر واري خان جي ازبڪ باشندن سان مذاڪرات ۾ شرڪت سانگي، سمرقند کان ڪاشغر ويو هو[34]، اهو ترڪستان ۾ خواجگان طريقي يا ترڪستاني خوجن جو پهريون باني خواجه احمد ڪاساني (متوفيٰ 949هه) عرف مخدوم اعظم هو ۽ اهو ئي اتان جي صوفين جو روحاني پڙ ڏاڏو ڄاتو وڃي ٿو[35]. اهو مخدوم اعظم جون شاديون ته ٻه هيون جن مان هڪ گهر واري سمرقندي ۽ ٻي ڪاشغري هئس، کيس ٻه پٽ هڪ نالي خواجه اسحاق ولي ۽ ٻيو محمد امين ٿيا. خواجه اسحاق، ”اسحاقيه“ يا ”قره داغليڪ“ (سياهه ڪوهي) طريقي جو باني بڻيو. جڏهن ته محمد امين جو پوٽو (يا ڏوهٽو؟)[36] خواجه هدايت الله عرف آپاق، جيڪو ”ايشان ڪلان“ (حڪومت 1089 کان 1106هه) جي نالي سان به مشهور هو، ”آفاقيه“ يا ”آق داغليڪ“ (سفيد ڪوهي) طريقي جو باني بڻيو[37].

     مخدوم اعظم جا ٻه تربيت يافتا، هر هڪ نالي مازونگ شينگ (Ma Zungsheng 1049 ـــ 1131ھه، 1639 ـــ 1719ع) ۽ ما زوجن (Ma xugen)  ترتيبوار ٻن طريقن، بي جياچانگ (Bei Jiachang)۽ مفتي طريقن جو بنياد وڌو[38]. مالاچي نالي ان جو ئي هڪ ٻيو مريد (1092 ـــ 1180، 1681 ـــ 1766ع) هو، جنهن کي مخدوم اعظم ”ابوالفتوح“ لقب ڏنو هو، تنهن وري ”هوئا سي“ (Hua Si) طريقي جو بنياد وڌو[39].

     قره داغليڪ وارن ”يارغند“ ۽ ”بيچنگ“ کي جڏهن ته آق داغليڪ وارن وري ”ڪاشغر“ ۽ ”آرٽوش“ کي پنهنجي فعاليت جو مرڪز بڻايو[40]. انهن مان پهرئين ٽولي، ڏاکڻي تين شان جي قرخيزين جي ”قرا“ قوم جي تي، جڏهن ته ٻئي ٽولي جو وري ”ايلي“ علائقي جي ”قرخيز“ ۽ ”قزاق“ قومن تي دارومدار هو[41]. انهن ٻنهي ٽولن جو مکيه فرق فقط خفي ۽ جلي ذڪر ڪاهڻ ۾ هو. اهو فرق وچ ايشيائي ۽ ماوراءُ النهر وارن علائقن ۾ گهڻو اهم ڪونه هو، پر چين واري ترڪستان ۾ وري وڏي ڇڪتاڻ ۽ جهيڙي جو ڪارڻ هو[42]. ايتريقدر جو هڪ ٽولي وارا ٻئي ٽولي وارن کي چريو سڏڻ لڳا[43]، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ٽولن جا هڪ ٻئي سان اقتصادي، معاشرتي، سياسي ۽ خانداني تعلقات به ختم ٿي ويا، نه رڳو ايترو بلڪه ڳالهه رتوڇاڻ تائين به وڃي پهتي[44]. نيٺ جڏهن سنه 1089هه جي لڳ ڀڳ، هدايت الله آفاق، ڪاشغر جي حڪومت حاصل ڪئي تڏهن وڃي اهي دشمنيون ڪنهن حد تائين گهٽيون[45]. آفاق جي سياسي اقتدار واري دؤر ۾ ڪي نوان صوفي طريقا به پوين طريقن مان ڦٽي نڪتا ته ڪي نوان طريقا جهڙوڪ: قادري، سهروردي به سمرقند کان ڪاشغر ۽ ختن ۾ اچي پهتا[46]. وڻج واپار جي مچڻ، واپارن جي اچ وڃ ۽ مسلمانن جي مڪي مديني اچڻ وڃڻ ۾ آزاديءَ جي ڪري، انهن جي وچ اوڀر جي صوفياڻن خيالن کان واقف ٿيڻ جي نتيجي ۾ چين ۾ تصوف زور شور سان وڌڻ لڳو[47].

     سنه 1089هه ۾ ڪاشغر جو خان، اسماعيل، خواجگان طريقي جي وڌڻ جي ڪري ڊڄي ويو هو، انڪري آفاق کي ڪاشغر مان ڪڍي ڇڏيائين، پر جانگر (Djoungar) جي ڪلموڪ مغلن جي مدد سان وري ڪاشغر موٽي آيو ۽ اسماعيل کي شڪست ڏئي، ڪاشغر جي گاديءَ واري هنڌ ”يارقند تي قبضو ڪري، ڏاکڻئي ”سين ڪيانگ ۾ اقتدار تي ويٺو[48]. سندس حڪومت واري دؤر ۾ ”آلتي شهر جي گهڻ قومي آبادي، اسلام ۽ نقشبندي تعليم جي بنياد تي هڪ مشترڪ صورت اختيار ڪري ورتي[49]. سندس سياسي پاليسين جي ڪري چين ۾ تصوف تمام گهڻو پکڙيو، جنهن جي نتيجي ۾ هر هڪ طريقو ۽ فرقو، ڪاشغر، يارقند، تورفا، ۽ ٻين علائقن ۾ پنهنجي طريقي کي هلائڻ لاءِ درگاهن تعمير ڪرڻ ۾ لڳي ويو[50]. زونگار وارن تي ته تمام ڳري ڍل مڙهي هئائين، جڏهن ته باقي ٻن طريقن: ”آفاقيه ۽ ”اسحاقيه جي پوئلڳن کي ڍل معاف ڪري ڇڏيائين[51].

     ڪاشغر تي خواجگان جي وسيع حاڪميت، يارقند جي حاڪم دانيال جي سنه 1149هه ۾ وفات بعد سندس چئن پٽن ۾ ورهائجي وئي[52]. سندس پٽ يوسف جو خيال هو ته حڪومت جي ٻين دعويدارن وچ ۾ خانه جنگيءَ ايجاد ڪري سموري ڪاشغر کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻي[53]، پر ايئن ڪري نه سگهيو ۽نيٺ ڪاشغر ننڍين رياستن ۾ ورهائجي ويو، تنهن هوندي به خواجگان جي وس ۾ هو. انهن، ڪلموڪ مغلن جي مدد سان چين جي حڪومت کان ڌار ٿي، پنهنجي آزاد ۽ مستقل حڪومت جوڙي ورتي[54].

     سنه 1168هه ۾ منوياچينگ حڪمران سلسلي (حڪومت 1644 کان 1912ع) جي فوج زونگار تي حملو ڪري ڏنو ۽ ان ڪوشش ۾ به رهيا ته آفاقيه خاندان جي ٻن ڀائرن (قليچ برهان الدين عرف خواجه بزرگ ڪاشغر جي حاڪم ۽ خواجه جهان عرف خواجه ڪوچڪ، يارقند جي حاڪم) جي حمايت به حاصل ڪري وٺن، انهن ٻن ڀائرن سندن مقابلو ڪيو ۽ ڪجهه وقت تائين پنهنجي مستقل حڪومت قائم رکي سگهيا. آخرڪار چينين سنه 1173هه ۾ ڪاشغر تي قبضو ڪري ورتو، اهڙي طرح خواجگان جي حڪومت جو خاتمو ٿيو[55] ۽ مٿي ڄاڻايل ڀائر بدخشان ڀڄي ويا، پر اتان جي امير انهن کي مارائي ڇڏيو[56].

     اُڀرندي ترڪستان وارا خواجگان، پهريان سمرقند ۾ ان کان پوءِ اُتر اوڀر افغانستان ۾، دهه بيدي مشائخن کان عام طرح ڌار پار ۽ مستقل فعاليت ڪندا هئا. باوجود ان جي جو انهن جو وڏو ساڳيو ۽ هڪ ئي هو، تنهن هوندي به سندن مزارون ۽ خانقاهون ڌار ڌار هونديون هيون، پوءِ به افغانستان جي فيض آباد وارن دِهه بيدي مشائخن سان تعلقات قائم ڪري ورتائون، انڪري دانيال ۽ خواجه مخدوم زاده جا مڙهه ”دِهه بيد“ موڪلي، اتي دفن ڪرايائون[57].

     ان کان بعد واري دؤر ۾ اسحاقيه ۽ آفاقيه طريقن جو ”ذڪر“ واري مسئلي ۾ جيڪو اختلاف هو، سو ختم ٿي ويو، پر ان جي جاءِ تي وري قديمي صوفي طريقن ۽ نون ايجاد ٿيل طريقن جا پاڻ ۾ اختلاف ڀڙڪي پيا[58]. ٻارهين صدي هجريءَ ۾ نئين طريقي جو رهبر، ڪانسو (Kansu) جو رهاڪو نالي ”ما منگ هسن“ ((Ma Ming-hsin  هو[59]، جيڪو عرب ملڪن ۽ وسطي ايشيا ۾ پڙهي آيو هو[60]. تمام سختيءَ سان سادي زندگي گذارڻ جو حامي هو. پاڻ سان هڪ ننڍڙو قرآن شريف، جنهن ۾ ڪي چونڊ قرآني سورتون هيون، پاڻ سان گڏ ڪانسوءَ آندو هئائين ۽ نقشبندي طريقي ۾ ڪا نواڻ به ايجاد ڪئي هئائين. سندس خيالن ۾، ٻارهين ۽ تيرهين صدي هجريءَ دؤران چين جي الهندن علائقن ۾ برپا ٿيندڙ جهادي تحريڪن وارو رنگ هو[61].

     ٻارهين صدي هجريءَ ڌاري، سين ڪيانگ جي تهذيبي تاڃي پيٽي ۾ هوريان، هوريان نقشبندين لاءِ قديمي اصلاح وارو عمل هلي رهيو هو. هو جيئن ته  خفي ذڪر ڪندا هئا انڪري کين چيني ”خفيه ڪوٺيندا هئا ۽ جوزف فليچي (Joseph Fletcher) جي بقول: اهو لفظ، آهستي آهستي وسطي ايشيا جي مڙني نقشبندين لاءِ هڪ قسم جو نالو بڻجي پيو[62]. ”خفيه جي مقابلي ۾ وري ”جهريه هئا، جيڪي جلي ذڪر جا طرفدار هئا. انهن، يعقوب بيگ جي سرواڻيءَ ۾ سنه 1864 کان 1877ع تائين چينين جي حڪومت خلاف بغاوت ڪري، ڪجهه وقت تائين سين ڪيانگ ۾ چينين جي حڪومت کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو هو[63].

     نقشبندين جي خفي ذڪر طرف رجحان کان علاوه، نماز کان پوءِ افطار ڪرڻ ۽ بزرگن جي مزارن جي زيارت جهڙا عمل به انهن جي رسمي آداب ۾ شامل هئا، مامينگ هسين انهن جو به مخالف هو، پر ان ۾ به ماضيءَ ۾ آفاقيه ۽ اسحاقيه جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلافن جيان، بظاهر سياسي ۽ معاشرتي مسئلا ئي، ديني اختلافن جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ بڻبا رهيا. جيئن مامنگ هسن جو عقيدو هو ته طريقت جو رهبر ۽ شيخ بڻجڻ وارو دروازو سڀني لاءِ کليل هجڻ گهرجي[64]. بهرحال جديد سکيائون خواجگان طريقي جي موروثي مقام ۽ انهن جي اقتصادي برتريءَ کي خطري ۾ مبتلا ڪري رهيون هيون.

     چين ملڪ ۾، جديد سکيائن جي پوئلڳن ۽ قديم صوفين جي وچ ۾ ڪشمڪش واري صورتحال ئي در اصل تيرهين صدي هجري يا اڻويهين صدي عيسويءَ ۾، چيني مسلمانن ۾ پيدا ٿيل بيچينيءَجي سببن مان هڪ هئي[65]. جيئن ته مُنڍ ۾ عرض به ڪري آياسين ته چين ۾ تصوف جي تاريخ ڪنهن حد تائين مُبهم آهي، انڪري تصوف جي ڪنهن نئين يا قديمي طريقي متعلق معلومات به نه هجڻ برابر آهي. اهو ئي سبب آهي جو تصوف جا جيڪي طريقا چين ۾ رائج آهن، انهن جي نقشبندي طريقي جي شاخ هجڻ ۾ به محققن شڪ ڏيکاريو آهي. مثال طور باوجود ان جي جو ايزرائيليءَ مامينگ ـــ هسن جي نقشبندي هجڻ جو احتمال ڏيکاريو آهي، تنهن هوندي به نئين پيدا ٿيل شاخ کي نقشبندي طريقي مان ڦُٽل نٿس ڄاتو[66].

     تصوف جي ”ايشان“ شاخ (جنهن متعلق چوٿين فصل ۾ ڳالهائي آيا آهيون) [67] جو به چين ۾ خاصو اثر رسوخ آهي. شروع ۾ ان جا ڪلئي مشائخ وسطي ايشيا کان چين آيا ۽ شيخ احمد سرهنديءَ جي فڪر جي پرچار ۾ لڳي ويا[68].

     ڪبروي طريقي جا پوئلڳ به سين ڪيانگ، هدنان، چينگ هاي ۽ ڪانسو صوبن ۾ آهن. ان طريقي جو باني محي الدين نالي هڪ ايراني شخص هو، جنهن پاڻ تي چيني نالو ”جالڪ“ رکيو هو، انڪري سندس وارو طريقو ”جالڪ خاندان واري سلسلي“ جي نالي سان به مشهور آهي[69]. ڪبروي، چين ۾ موجود چئن وڏن صوفي طريقن مان هڪ هڪ آهي[70]. ان جا اڪثر پيرڪار ”دونگ شيان“ قوم سان تعلق رکن ٿا[71]. جلي ذڪر، طريقت ۽ سياسي جدوجهد جي اڳواڻيءَ جي خلافت جو ورثي طور هڪ ٻئي کي ڏيڻ وٺڻ، چين جي ڪبرويه طريقي وارن جي خصوصيت آهي[72]. انهن جي مکيه درگاهه اتراولهه چين ۾ آهي[73].

     قادري طريقو وري عبدالله نالي هڪ شخص، وسطي ايشيا مان چين ۾ پهچايو. جنهن کي سندس ٻن مريدن نالي ”چي جنگائي“ (Qi jingyi)  جيڪو طريقتي ڪنيت ”هلال الدين سان مشهور هو[74] ۽ ”ما دائوزو (Ma Daozu)مختلف علائقن ۾ پکيڙيو، پر اڳتي هلي ما دائوزو جي مريدن ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو، جنهن ڪري ٻن طريقن نالي ”جيو ساءِ سنگ“ ۽ ”خوزي خو ۾ ورهائجي ويا[75]. هتي گهڻو ڪري قادرين جون خانقاهون  ناهن انڪري عبادت لاءِ مسجد کان وڌيڪ[76] بزرگن جي مزارن ۽ مقبرن کي اهميت ڏيندا آهن[77]. انهن جو ئي هڪ ٻيو ٽولو جنهن کي ”ڊين جيا رن (Dan jia ren) ٿا سڏين، ان جا پوئلڳ پنهنجي مذهبي رسمن جي بجا آوريءَ لاءِ خانقاه ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن[78]. چين جي قادرين جي هڪ ٻي خاصيت هي آهي ته اهي پنهنجو رهبر پاڻ چونڊيندا ۽ خفي ذڪر تي تمام گهڻو زور ڏيندا آهن[79].

     چوڏهين صدي هجري / ويهين صدي عيسوي واري ثقافتي انقلاب دؤران، ”مائو“ واري دؤر کان پوءِ ۽ ”چئن ڄڻن“ واري حڪومت ۾، جنهن ۾ چين ۾ موجود اسلامي تنظيمن تي حملا ٿيا، تصوف واڌ ويجھه حاصل ڪري ورتي. پر 1978ع کان پوءِ جڏهن اسلامي تنظيمن آهستي آهستي سرڪاري حمايت حاصل ڪري ورتي ته صوفين جو اثر گهٽجڻ لڳو[80]. هاڻي به ”منگ زيا“ (Ming xia)، ڪانسو ۽ ڪين گهاءِ (Qin ghai) ۾ قديمي صوفين ۽ ”اخوان“ يا ”قرآني“ طريقي وارن، يعني جيڪي فقط قرآن شريف جي ڳالهه ڪندا آهن ۽ گهڻو ڪري وهابيت جو اثر اٿن، ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا آهن[81].

     چين ۾ موجود صوفي خانقاهن يا تنظيمن جون مختلف حيثيتون، جهڙوڪ: مذهبي، اقتصادي، معاشرتي ۽ سياسي آهن، جن کي اتان جي مقامي اصطلاح ۾ ”منهوان“ (Menhuan)ڪوٺيو ٿو وڃي. اهي تنظيمون يا انجمنون گذريل صوفي مشائخن جي اولاد ڪوششن سان جڙيل آهن، جڏهن ته بزرگن جون مزارون وري مذهبي جدوجهد جا مرڪز آهن[82].

     چين ۾ تصوف جو وڏو کوجي ”فلچر آهي. کانئس پوءِ سندس شاگرد: ايزنبڪ طوغان ۽ جانٿان لپمين (Jonathan Lipman) ان ڪم ۾ مشهور آهن. ساگوچي توزو (Saguchi Tozu) ۽ ڊريو گلاڊن (Dru Gladne) وري لوڪ شناسيءَ متعلق کوجنا ڪئي آهي. چينين مان وري ما ٽانگ (Ma Tong) جيڪو ڪانسو جي قوم شناسي فائونڊيشن ۾ استاد آهي، 1980ع واري ڏهاڪي جي منڍ ۾ چين جي تصوف متعلق ڪافي تحقيقون ڪيون آهن. ان بابت سندس ٻه ڪتاب چيني ٻوليءَ ۾ لکيل آهن، جن مان هڪ جو موضوع آهي: ”اسلامي گروهه ۽ صوفي سسٽم جنهن جو ننگ زيا (Ning xia) صوبي جي ”خلق پبليڪيشن 1995ع ۾ ٻيو ڇاپو ڇاپيو آهي ۽ ٻيو ”اتراولهه چين ۾ اصلي اسلام جون خصوصيتون جي عنوان تحت، لينزان (Lanzhon) يونيورسٽيءَ جي پبليڪيشن طرفان 1990ع ۾ ڇپيو[83]. اهڙي طرح چينين جي لکڻين مان هڪ لکڻي ”چين ۾ اسلامي تاريخ جي مطالعي جا چونڊ مدرڪ آهي جنهن کي ”لي زنگ هوئا (Li Xing Hua) لکيو آهي ۽ اهي دراصل ”چين ۾ صوفي طريقا جي عنوان تحت، سلسليوار مقالن جو مجموعو آهي[84].                                             

مددي ڪتاب

1)        محمد جواد اميدوار نيا، ”طريقت کبرويه در چين“، ترڪستان ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي سفارتخاني جي ثقافتي مشاورت ڪاميٽيءَ طرفان، شيخ نجم الدين ڪبريٰ جي مان ۾ منعقد ٿيل بين الاقوامي سيمينار ۾ پيش ڪيل مقالن جو مجموعو،، تدوين ۽ سوڌ سنوار محمد عمري، عشق آباد، ترڪستان ۱۳۸۰ ش

2)       ”مطالعات اسلامي در چين طي دهءِ اخير”مندوار“ مطالعات آسياي مرکزي و قفقاز“، شمارو 24، اونهارو 1377هه ش.

3)       رافائل ايزرائيلي، ”مسلمانان چين روياروئي در فرهنگ“، فارسي ترجمو حسن نقيزاده طوسي، مشهد، ايران 1368هه ش.

4)       اليگزينڊر بنيگن ۽ اينڊرز ويمبش، ”صوفيان و ڪيسرها“،  (روسي جمهوري رياستن ۾ تصوف)، فارسي ترجمو، فسانه منفرد، تهران 1378هه ش.

5)        فنگ چين يوئان، ”فرهنگ اسلامي و ايراني در چين“، فارسي ترجمو محمد جواد اميدوار نيا، تهران (بنا تاريخ)

6)       گروس، ”امپراطوري صحرانوردان“ فارسي ترجمو عبدالحسين ميڪده، تهران 1365هه ش.

7)       زاسڪاهير، ”سياست چين در آسياي مرکزي“، فارسي ترجمو: اردلان مختاري، مندوار ”مطالعات آسياي مرکزي و قفقاز“، شمارو 24، اونهارو.

8)       Justin Ben-Adam, "China", in Islam outside the Arabworld, ed. by David Weslerlund and Ingvar Svanberg, Richmond 1999

9)       Encyclopaedia Iranica, s.vv. "Chinese Turkestan. V: Under the Khojas" (by Isenbike Togan), "Dahbidiya" (by Hamid Algar)

10)   Isenbike Togan, "The Khatt, Jahri controversy in Central Asia revisited", in Nuyshhandis in western and Central Asia: change and continuity, ed. Elisabeth Özdalga, Istanbul 1999


 

[1]  ريڪلفس، ص 18، 19؛ سيدروٿ (Cedrroth)، ص 265.

[2]  ريڪلفس، ص 18، سيدروٿ، ساڳي جاءِ تي،لاپدوس، ص 248، 249.

[3]  عظيمردي آزرا، 1999ع، ص 666.

[4]  ڏسو ساڳيو، ص 671، 672.

[5]  ساڳيو، ص 672.

[6]  ساڳيو، ص 672، 673.

[7]  لپڊس، ساڳي جاءِ تي، عظيمردي آزرا، 1997ع، ص 168.

[8]  ڪنيش، ص 286، 287؛ اسماعيل حميد، ص 214، 215.

[9]  عظيمردي آزرا، 1999ع، ص 677.

[10]  ساڳيو، ص 675.

[11]  ساڳيو، ص 676.

[13]  ريگلمس، ص 72.

[14]  ڏسو، دائرت المعارف جهان اسلام، آڪسفورڊ، ج 3، ص 29، 30.

[15]  عظيمردي آزرا، 1997ع، ص 170، 172.

[16]  ساڳيو، ص 171، 172؛ گنيش، ص 287. بروليسن، ص 706

[17]  عظيمردي آزرا، 1999ع، ص 678.

[18]  دائرت المعارف جهان اسلام، ڇاپو ٻيو، Indonesia iv جي ذيل ۾.

[19]  گنيش، ساڳي جاءِ تي.

[20]  عظيمردي آزرا، 1997ع، ص 172.

[21]  اسماعيل حميد، ص 251.

[22]  عظيمردي آزرا، 1999ع، ص 681.

[23]  ساڳئي هنڌ.

[24]  ساڳيو، 1999ع، ص ساڳيو.

[25]  عظيمردي آزرا، 1999ع، ص 682، 683؛ ساڳيو، 1997ع، ص 176.

[26]  گنيش، ص 288؛ پروئينسن، ص 709.

[27]  لوئر، ص 362، 363.

[28] بالديڪ، ص 163.

[29]  ان طريقي بابت ڏسو، دانشنامه جهان اسلام، تجانيه جي ذيل ۾.

[30]  ساڳيئي هنڌ؛ بروئينسن، ص 728.

[31]  عظيمردي آزرا، 1999ع، ص 682، 683، 685، 686.

[32]  ڏسو، بروئينسن، ص 718، 719، 728؛ لوئر، ص 25، فٽ نوٽ 20، مظفري، ص 32.

[33]  فنگ جين يوئان (Feng Jin Yuan)، ص 91، 94؛ قيس بن آدم، ص 199، انهن علائقن ۾ تصوف جي آمد نائين صدي هجريءَ جي آخر ۽ پندرهين صدي عيسوي ڄاڻايو آهي.

[34]  گروس، ص 819.

[35]  توگان (Togan)، ص 37، فٽ نوٽ 125؛ دائره المعارف ايرانيڪا، Chinese Turkestan. V جي ذيل ۾.

[36]  انڪري جو فارسي عبارت ۾ لفظ نوه ڪتب آيل آهي، جيڪو فارسي ٻوليءَ ۾ پوٽي ۽ ڏوهٽي، ٻنهي معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي.  

[37]  توگان، ص 33، فگ هين يوئان، ص 95، گروسه، ساڳيو.

[38]  فنگ جين يوئان، ص 90.

[39]  ساڳيو.

[40]  فنگ جين يوئان، ص 95.

[41]  گروس، ساڳي جاءِ تي.

[42]  توگان، ص 39.

[43]  ساڳيو، ص 33.

[44]  فنگ جين يوئان، ص ساڳي جاءِ تي.

[45]  توگان، ص 20، 32.

[46]  فنگ جين يوئان،  ص 89، 96.

[47]  ساڳيو، ص 96، 97.

[48]  گروس، ساڳي جاءِ تي، فنگ جين يوئان، ص 95.

[49]  دائرت المعارف ايرانيڪا، ساڳئي هنڌ.

[50]  فنگ جين يوئان، ساڳي جاءِ تي.

[51]  توگان، ص 33.

[52]  گروس، 881.

[53]  ساڳي جاءِ تي.

[54]  ساڳيو، ص 882.

[55]  دائرت المعارف ايرانيڪا،

[56]  گروس، ساڳي جاءِ تي.

[57]  دائرت المعارف ايرانيڪا،Dahbaidiya جي ذيل ۾.

[58]  توگان، ساڳي جاءِ تي.

[59]  فنگ جين يوئان، ص 100.

[60]  ايرو ليني، 230، 330.

[61]  فنگ جين يوئان، ساڳي جاءِ تصي، توگان، ص 34، 35.

[62]  توگان، ص 34.

[63]  بن ايڊم، ص 119.

[64]  توگان، ص 35.

[65]  ساڳيو.

[66]  ابزرائيلي، 231، 252.

[67]  فنگ جين يوئان، ص 91، فٽ نوٽ 5.

[68]  ساڳيو.

[69]  ساڳيو.

[70]  اميد واريا 1380هه ش، ص 40.

[71]  ان قوم بابت وڏيڪ معلومات لاءِ ڏسو، ساڳيو ڪتاب، ص 42 کان 44.

[72]  ساڳيو، ص 45، 46.

[73]  وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو ڪتاب ص 48 کان 51.

[74]  ساڳيو، ص 44.

[75]  فنگ جين يوئان، ص 89.

[76]  بن ايڊ،، ساڳئي هنڌ.

[77]  ڏسو، اميد واريا، 1380هه ش، ص 47.

[78]  اميد واريا، 1380هه ش، ص 47.

[79]  ساڳيو، ص 26.

[80]  بنيگسن ۽ ويمبش، ص 153، 154.

[81]  هر، ص 114، فنگ جين يوئان، ص 88، 101، 102.

[82]  بن ايڊم، ص 199.

[83]  اميدواريا، 1377هه ش، ص 86، 98.

[84]  فنگ جين يوئان، ص 83.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org