سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تصوف

باب:

صفحو:1

تصوف

تاريخي ۽ جاگرانيائي لوچ

چوڏهن تحقيقي مقالا

 

سنڌيڪار: علامه نبي بخش ”دانش“ شر

ڇپائيندڙ پاران

اسلامي دنيا ۾ تصوف، هڪ اهڙو عنوان آهي، جيڪو مسلمانن ۾ اندر جي ڪيفيتن ۽ باطني سلوڪ جو مکيه قسم آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اسلامي عرفان، تصوف جي روپ ۾ ظاهر ٿيو آهي. تصوف ۾ اسلام جي ميراث جو هڪ عظيم حصو سمايل آهي. ”تصوف ۽ جاگرافي“ ٻه اهڙا موضوع آهن، جيڪي تصوف تي مختلف رُخن کان روشني وجهن ٿا.

هيءُ ڪتاب ”تصوف بابت تاريخي ۽ جاگرافيائي لوچ“ ڪل چوڏهن فصلن تي مشتمل آهي. هر فصل الڳ الڳ ليکڪن طرفان پنھنجي ملڪن جي تصوف بابت لکيل آهي. جنھن مان انھن ملڪن ۾ تصوف جو طريقو ۽ تصوف بابت انھن ملڪن ۾ ’صوفين جا نظريا‘ بيان ڪيل آهن. انھن ۾ خاص ڪري، مختلف دورن جي تصوف بابت معلومات ملي ٿي، جيئن ’تصوف ابتدا کان ڇھين صدي هجريءَ تائين‘، ’تصوف ايران ۾‘، ’تصوف وچ ايشيا ۽ قفقاز ۾‘، ’تصوف ننڍي کنڊ ۾‘، ’تصوف ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾‘، ’تصوف چين ۾‘، ’تصوف مصر ۾‘، ’تصوف آفريڪا ۾‘، ’تصوف اولھه جي ملڪن ۾‘ وغيره. آخري فصل ۾ ’تصوف تي ٿيل تنقيدون‘ به هن ڪتاب ۾ شامل آهي. اهڙيءَ طرح هر ملڪ جي صوفين جو پنھنجو مسلڪ يا نظريو رهيو آهي ۽ انھن جا هڪ ٻئي سان اختلاف به رهيا آهن. ڪتاب ”تصوف بابت تاريخي ۽ جاگرافيائي لوچ“ جي مطالعي مان اهڙي ڄاڻ ملي ٿي.

هن ڪتاب جو فارسيءَ مان سنڌي زبان ۾ محترم نبي بخش ’دانش‘ شر صاحب ترجمو ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب حيدرآباد جي اسلامي جمهوريه ايران جي ’خانه فرهنگ‘  ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي گڏيل سھڪار سان شايع ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ بورڊ جناب رضا پارسا صاحب ڊئريڪٽر خانه فرهنگ جو ٿورائتو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي شروع کان ئي اها ڪوشش رهي آهي ته، ٻين موضوعن سان گڏ تصوف متعلق پڻ ڪتاب شايع ڪري پڙهندڙن تائين رسائجن. بورڊ جي هر دلعزيز مانواري چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب جن جي دلچسپي ۽ سندن حڪمت عمليءَ تحت ادارو ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي ۽ اداري طرفان نوان توڙي ريپرنٽ ڪتاب شايع ڪيا پيا وڃن. هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو آءٌ عزت مآب مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب جن جي سرڪردگيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري رهيو آهيان.

اُميد آهي ته، تصوف جي موضوع سان دلچسپي رکندڙ عالمن ۽ شاگردن کي اسان جي هيءَ ڪاوش پسند ايندي.

 

22 ربيع الاول 1446هه                           ميرزا دبير حسين بيگ

27- سيپٽمبر 2024ع                                 سيڪريٽري

 

     هي ڪتاب ”تصوف تاريخي ۽ جاگرافيائي لوچ“ مختلف موضوعن تي لکيل تحقيقي مقالن جو هڪ اهڙو مجموعو آهي جيڪي  ’حداد عادل‘ جي نظرداريءَ هيٺ، حسن طارمي راد هٿان فراهم ۽ الف ب جي ترتيب سان، ٻين ڪيترن ئي مقالن سان گڏ، ڪيترن ئي جلدن تي مشتمل ”دائرت المعارف“ ۾ ڇپبا رهيا آهن. هن مجموعي ۾ گڏ ڪيل مقالا ڇپائيءَ جي ڪيفيت کي مدِنظر رکندي دائرت المعارف واري مخصوص بيهڪ مان ڪڍيا ويا آهن ۽ منجهن ڪا ٿوري گهڻي مٽا سٽا به ڪئي وئي آهي، سا به اهڙي طرح جو انهن جي تحقيقي ۽ سَنَدي پهلوءَ سان ڪا هٿ چُراند نه ٿئي. اهي ڪتاب جيڪي ”دانشنامه جهان اسلام لائبريريءَ“ جي مجموعي ۾ ڇپيا وڃن ٿا، سي مخصوص موضوعن تحت لکيا ۽ تدوين ڪيا ٿا وڃن، ان جي ڪري ئي طرح، طرح جا آهن. جيڪي حديث، فقه، عرفان، فلسفه، ڪلام، ادبيات، تاريخ، جاگرافي، سماجي تاريخ، هنر، علمن جي تاريخ ۽ موجوده دؤر ۾ اسلامي دنيا، جهڙن موضوعن تي مشتمل آهن.

سنڌيڪار پاران

 

اعوذ بالله من الشيطان الرجيم

بسـم الله الرحمٰن الرحيم

 

الحمد لله المالک الملک، مجري الفلک، مسخرالرياح، فالق الاصباح، ديّان الدين، رب العالمين و الصلاة و السلام عليٰ عبده و رسولھ ابي القاسم المصطفيٰ محمد و عليٰ اهل بيتھ الطاهرين و صحبھ المنتجبين.

اما بعد

هيءُ ڪتاب تصوف جي تاريخ ۽ ان جي جاگرافيائي لوچ تي مشتمل آهي. دراصل چوڏهن ليکڪن جي، چوڏهن مختلف مقالن تي مشتمل آهي. هر ليکڪ پنهنجي طئي ڪيل زاويي کان تصوف تي ڀلي روشني وڌي آهي. اصل ڪتاب، فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي ۽ هي سنڌي ترجمو ـــ جيڪو هن وقت توهان جي هٿن ۾ آهي ـــ ان ئي فارسي نسخي تان ڪيو ويو آهي. حيدرآباد ۾ واقع اسلامي جمهوريه ايران جي خانه فرهنگ جي ڊائريڪٽر جناب سائين رضا پارسا صاحب فون ذريعي هن ڪتاب جي سنڌي ترجمي ڪرڻ جي فرمائش ڪئي. جيڪو انٽر نيٽ تي اسڪين ٿيل، سافٽ ڪاپيءَ جي صورت ۾ موبائل ذريعي مون ڏانهن اماڻيائين، جنهن تان ترجمي جو ڪم ته شروع ڪري ڏنم؛ تنهن هوندي به موصوف کي ڪتاب جي ڇاپي نسخي هٿ ڪري ڏيڻ جو عرض ڪيم، ڇو جو اسڪين ٿيل سافٽ ڪاپيءَ جي، پڙهڻ  جي اعتبار کان ڪيفيت ڀلي نه هئي. هيڏانهن مان پاڻ به ڪتاب جي ڇاپي نسخي هٿ ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۾ لڳي ويس. ان ڏس ۾ تهران، قم ۽ مشهد مقدس ۾ موجود دوستن ۽ خاص ڪري  پنهنجي نياڻي مولانا اسدعلي جوهري شر کي فون ذريعي عرض ڪيم پر ان جاکوڙ جو ڪوبه  کڙتيل نه نڪتو ۽ سڀني دوستن اهو ئي جواب ڏنو ته ڪتاب ناياب ٿي چڪو آهي، انڪري بڪ اسٽالن تي آهي ئي ڪونه. ڪجهه عرصي کان پوءِ سائين رضا پارسا صاحب به معذرت ڪندي اهڙو ئي جواب ڏنو. جنهن سبب مجبور ٿي موبائل جي اسڪرين تان ئي ترجمي جي ڪم کي جاري رکيم، تان جو مهيني، ٻن کان پوءِ مولانا اسدعلي جوهري شر صاحب، ڪراچيءَ مان، انٽر نيٽ تي موجود سافٽ ڪاپيءَ جي ئي پرنٽ ڪڍرائي، هڪ ڪاپي تيار ڪرائي موڪلي، جيڪا اسڪيننگ جي ڪيفيت ڀلي نه هئڻ ڪري، ڪيترين ئي جاين تان پڙهڻ جوڳي نه هئي، جنهن ڪري ڪتاب جي متن کي سمجهڻ ۽ نتيجي ۾ ترجمي ڪرڻ ۾ ڪافي ڏکيائي ٿيڻ لڳي. خاص ڪري ڪتاب جا فٽ نوٽ، انهن ۾ درج انگريزي، ترڪي ۽ ايٽاليائي لفظ، پڻ مقالن ۾ درج مددي ڪتابن جي نالن پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ وڏي ڏکيائي پيش اچڻ لڳي، جو اُهي سَنهي، فونٽ سائيز ۾ آهن، اصل ڪتاب جي نه هئڻ ڪري پيش آيل مشڪل کي، تصوف جي ڪن ٻين ڪتابن ۽ انٽر نيٽ ذريعي حل ڪندو رهيس. پڙهندڙن جي خدمت ۾ واضح ڪندو هلان ته ترجمي دؤران ڪافي مشڪلاتون پيش اينديون رهيون جيڪي پنهنجي علمي اجتهاد، ڪجهه ڪتابن ۽ انٽر نيٽ جي مدد سان به حل ڪندو رهيس. خاص ڪري فارسيءَ ۾ انگريزن جي نالن کي پنهنجي سنڌيءَ ۾ آڻڻ وقت. انڪري جو فارسيءَ وارا، انگريزي، اسان پاڪستان وارن کان گهڻي مختلف لهجي سان پڙهندا آهن، مثال طور A کي آ پڙهندا آهن، U  کي اُو پڙهندا آهن. مثال: لڪس (Lux) کي لوڪس لکندا ۽ پڙهندا آهن، اهڙي طرح ايپل (Apple) کي آپل اُچاريندا ۽ لکندا آهن، انڪري اهڙن لفظن توڙي نالن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ آڻڻ وقت وڏي ڏکيائي پيش ايندي رهي. ان کان علاوه، روس جي مسلم رياستن جي صوفين توڙي اتان جي ماڳن مڪانن جي نالن، پڻ چين جي بزرگن جي نالن کي به سنڌيءَ ۾ آڻڻ وقت ڏاڍي ڏکيائي پئي ٿي. اهڙي طرح نسخي جي واضح نه هئڻ جي ڪري ڪيترين ئي جاين تي، نقطا، ته ڪٿان وري مورڳو حرف ئي غائب هئا، اها به هڪ وڏي دشواري هئي. جتي ڳالهه سمجهه ۾ آيم پئي ته اتي درست رسم الخط ۾ لکيو اٿم ۽ جتي سمجھه کان ڳالهه چڙهي ٿي وئي ته ان کي اوئين ئي لکي ڇڏيو اٿم. نه رڳو ايترو بلڪه ڪٿي ته ڪتاب ۾ ڪي هڪ ٻه صفحا به غائب نظر آيا، پڻ حوالا به اڳتي پوئتي يا مورڳو ئي گم لڳا. اهي سڀ مرحلا ۽ لاها چاڙها طئي ڪندو، ترجمو به ڪندو پئي ويس ته ٽائيپنگ ۽ ڪمپوزنگ به ڪندو پئي ويس.

ترجمي کي عام فهم ۽ سليس بڻائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي اٿم. اصلي ڪتاب جي ڍنگ ۽ لهجي کي به محفوظ رکيو اٿم ته ڪتاب جي ترتيب ۽ ڍنگ کي به. جيترا فصل، اصلي ڪتاب ۾ آهن ۽ جهڙي ترتيب سان متن جون پيرائون اُن ۾ ڏنل آهن ان ئي سٽاءَ سان ترجمي ۾ به رکيون اٿم. مطلب ته ترجمو ڪوشش ڪري مفهومي به ڪيو اٿم ته لفظي به. مان ان ڪم ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهيان ان جو ڪاٿو اهلِ فن ۽ اهلِ علم بخوبي لڳائي سگهندا.

     بهرحال جو ڪجهه هو، وڏي محنت ۽ ڏينهن رات اوجاڳن سان، نيٺ اهو ڪم پورو ڪري ورتم. ان تي مان پنهنجي رب ڪريم جو شڪر گذار آهيان، جو مسلسل فهم به ڏيندو رهيو ته لکڻ، پڙهڻ ۽ ترجمي ڪرڻ جي سگھه به عطا ڪندو رهيو، ورنه من ڪجا و اين کار مشڪل ڪجا!. ان ڏس ۾ مان سڀ کان پهريان اسلامي جمهوريه ايران واري حيدرآباد ۾ قائم خانه فرهنگ جي ڊائريڪٽر سائين رضا پارسا جو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جنهن هن ڪم جي سعادت نصيب ڪئي. ان بعد عزيزم مولانا اسدعلي جوهري شر صاحب جو ٿورائتو آهيان جنهن انٽرنيٽ تان ئي ڪتاب جي پرنٽ ڪڍرائي، هڪ خوبصورت فور ڪلر ٽائيٽل سان، جلد بندي ٿيل ڪاپي تيار ڪرائي ڏني، ظاهر آهي ته ان ۾ موصوف جو ڪافي وقت ۽ سرمايو خرچ ٿيو هوندو. اسد صاحب جي ان احسان سان، ترجمي واري ڪم ۾ ڪافي سولائي ٿي. اهڙي طرح پنهنجي وڏي ڌيءَ محترمه معلمه معصومه دانش جو به مشڪور آهيان جنهن انگريزي عبارتن جي سوڌ سنوار ۽ متن جي پروف ريڊنگ ۾ منهنجي معاونت ڪئي. ايئن ئي پنهنجي شريڪ حيات جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪم لاءِ پرسڪون ماحول فراهم ڪري ڏيڻ توڙي ويٺي هنڌ، وقت سر، ماني ۽ قهوه ڏيڻ ۾ منهنجي ڀلي ٻانهن ٻيلي رهي. جزاهم الله خيرالجزاءِ.

     آخر ۾ هڪ وضاحت ضروري ٿو سمجهان، اها هي ته اسلامي جمهوريه ايران ۾ ٻن قسمن جا هجري سن رائج آهن، هڪ شمسي (سج جي چڪرن تي مبني)، ٻيو قمري (چنڊ جي چڪرن تي مبني). شمسي هن وقت 1402 هلي رهيو آهي جڏهن ته قمري 1445 آهي. انڪري جنهن به سن جي پويان ھه ش لکيو ويو آهي ان مان مراد ايران ۾ رائج، هجري شمسي سن آهي ۽ جنهن پٺيان ھه ق ڏنو ويو آهي، ان مان مراد هجري قمري آهي.

الله تبارڪ و تعاليٰ جي در جو فقير ۽ مسڪين بندو

 

دانش، نبي بخش شر

شاهه لطيف ڪالوني، ٺري، ميرواھ

24-12-2023، مطابق  10 جمادي الثاني، 1445هه.

 

مهڙ

 

     ٻين دينن جي پوئلڳن جيان، مسلمانن جو به پنهنجي دين تي عمل مختلف سطحن جو رهيو آهي، ان اعتبار کان ان جا جلوا به مختلف رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسلام مختلف قسم جي ڌڙن جي صورتن ۾ نمودار ٿيندو رهيو آهي. سالڪاڻو سلوڪ ۽ اندر جي اور به هڪ قسم جي ديني اور ۽ سلوڪ جو ئي نمونو آهي ۽ اسلامي دنيا ۾ ”تصوف“ هڪ اهڙو عنوان آهي، جيڪو مسلمانن ۾ اندر جي اور ۽ باطني سلوڪ جو مکيه قسم آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي: اها ئي اندر واري اور يا اسلامي عرفان، تصوف جي روپ ۾ نمودار ٿيو آهي. جيئن ته تصوف ۾ اسلام جي ميراث جو هڪ عظيم حصو سمايل آهي انڪري اسلامي ثقافت ۽ ان جي تهذيب کي صحيح سمجهڻ، تصوف جي پيرائتي ۽ درست ادراڪ کان سواءِ ممڪن ئي ناهي.

     تصوف جي تاريخ ۽ جاگرافي ٻه اهڙا عنوان آهن جيڪي تصوف تي ٻن مختلف رخن کان روشني وجهن ٿا ۽ خاص ڪري جاگرافيائي تقسيم بنديءَ جي بنياد تي ان کي واضح ڪن ٿا.

     هي ڪتاب چوڏهن فصلن تي مشتمل آهي:

     پهريون فصل، لفظ بابت ڄاڻ تي مشتمل آهي، هن ۾ تصوف جي لغوي معنيٰ بيان ڪرڻ کان پوءِ تصوف متعلق انهن ٻن نظرين جو جائزو ورتو ويو آهي جن مان هڪ ۾ چيو ويو آ هي: ”تصوف“، يوناني لفظ ”سوف“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ڏاهپ ۽ دانائي. ٻئي ۾ چيو ويو آهي: ”تصوف“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. هن ٻئي ڌڙي لفظ ”تصوف“ جا ست رُخ بيان ڪيا آهن. انهن جو بيان ۽ ان تي واريل اعتراض به درج ڪيا ويا آهن.

     ٻئي فصل جو عنوان آهي: ”تصوف مُنڍ کان ڇهين صدي هجريءَ جي آخر تائين“. هن فصل جي ليکڪ، جيڪو تصوف جي موضوع تي تحقيق ڪرڻ وارن ۾ وڏو نالو ٿو رکي، تصوف جي ابتدا واري دؤر کان لکڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن تصوف اڃا معاشرتي جوڙجڪ ۽ مخصوص فڪري اصولن جي تعين کان وانجهيل هو ۽ ان زماني ۾ صوفين لاءِ فقط قيامت ۾ آجپو، رب جو ديدار، دنياداريءَ کان پاسو ۽ دنياوي ڏيک ويک کان پرهيز جهڙا مسئلا ئي اهم هئا، ڇو ته ان طرح سان زندگي گذارڻ کي ئي حقيقي دينداري ۽ انهن اصولن جي مخالفت کي دين جي برخلاف ڄاڻندا هئا. ليکڪ، سن کان پوءِ انهن تبديلين کي بيان ڪيو آهي جيڪي هوريان، هوريان ڇهين صدي تائين تصوف ۾ پيدا ٿينديون رهيون آهن، جهڙوڪ مريد ۽ مرشد جو رابطو، درگاهه جا طور طريقا، فڪري ۽ نظرياتي سلسلن جو وجود ۾ اچڻ، صوفي فڪر تي مبني ننڍن وڏن ڪتابن جو لکجڻ ۽ مختلف صوفي فرقن جو ايجاد ٿيڻ وغيره. ليکڪ ان سان گڏ صوفين جي هڪ ٻئي سان عقيدتي اختلاف، تربيتي طور طريقن ۽ سلوڪ يا اندر جي اور بابت به لکيو آهي. ان کان علاوه ڪي ٻيا بحث به ڪري ٿو جهڙوڪ: سماع، شاعريءَ ڏانهن رجحان ۽ تصوف ۾ مرشد ٿيڻ جي سوچ جي غلبي جو ايجاد ٿيڻ. ان بعد ٻئي فصل جي شروعات ٿئي ٿي. پهرئين فصل ۾ لفظ شناسيءَ وارو بحث، ايندڙ فصلن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ نهايت ئي مناسب وضاحتي لکڻي آهي.

      ٽئين فصل جو عنوان ”ايران ۾ تصوف“ آهي، سلجوقي حڪمرانن جي حڪمرانيءَ وارو آخري دؤر تمام اهميت وارو زمانو آهي انڪري جو ان صديءَ ۾ ئي تصوف سگهارو بڻيو. ان فصل ۾ سڀ کان پهريان مختصر طور ٽن حصن تي مشتمل بحث ٿيل آهي:

 1) ايران ۾ صفوي دؤر کان پهريان.

 2) صفوي دؤر  کان موجوده دؤر تائين.

 3) ايران ۾ صوفين جون شاخون جهڙوڪ: نعمت اللٰهي ۽ ڪِبرَوِي، پڻ انهن ٻنهي مان ڦٽي نڪرندڙ شاخون: نور بخشي، ذهبي، نقشبندي، سهروردي، قادري، خاڪسار، جلالي ۽ آخري: ”اهل حق“ شاخ.

     چوٿين فصل جو عنوان ”تصوف وچ ايشيا ۽ قفقاز ۾“ رکيل آهي. ان فصل جو خاص ڪري آخري حصو ڌيان طلب آهي، جنهن ۾ صوفين طرفان روس جي ڪميونسٽ حڪومت سان برتاءُ بيان ڪيو ويو آهي.

     پنجين فصل جو عنوان ”تصوف ننڍي کنڊ ۾“ آهي. ان جي شروعات جن عنوانن تحت بحث ڪيو ويو آهي سي آهن: بر ننڍي کنڊ ۾ تصوف جي آمد، ننڍي کنڊ ۾ صوفين جون درگاهون، ننڍي کنڊ ۾ تصوف ۽ سياست، ننڍي کنڊ ۾ رائج تصوف جو تنقيدي جائزو. ان ئي فصل جي ٻئي حصي ۾ تصوف جي هندومت ۽ تشيع سان مشترڪ ڳالهين کي بيان ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ، تمام اختصار سان هندستان ۽ ايران جي تصوف جي هڪ ٻئي سان لاڳاپي متعلق بحث ڪيو ويو آهي ۽ آخر ۾ هندستان جي صوفياڻي ادبيات جو جائزو ورتو ويو آهي.

     ڇهون فصل ”تصوف ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾“ عنوان تي مشتمل آهي. هي موضوع خاص ڪري ان روءِ سان اهميت جوڳو آهي جو ان علائقي ۾ اسلام جي ظهور ۽ ان جي ترويج سان تصوف جو هڪ اٽوٽ رشتو جڙيل آهي.

     ستين فصل جو موضوع ”تصوف چين ۾“ آهي. هن فصل جي لکندڙ جي سوچ موجب اتان جي تصوف جي تاريخ غير واضح آهي ۽ ان بابت جيڪي به تحقيقون انجام ڏنيون ويون آهن، سي نيون آهن. هي فصل آخر ۾ چين اندر تصوف بابت تحقيقون ڪندڙ نون محققن جي پڌرائي تي ختم ٿئي ٿو.

     اٺون فصل ”تصوف ننڍي کنڊ ايشيا ۽ بالقان ۾“ عنوان تحت لکيل آهي. يعني هڪ اهڙو علائقو جيڪو بظاهر سوين عبادتگاهن، قربانگاهن، مندرن ۽ پهاڙن ۾ جوڙيل مخصوص اعتڪاف خانن کي مد نظر رکڻ سان چٽو ٿي ٿو پوي ته اهو علائقو عرفاني (فقرائي) ۽ درويشي لاڙن جي پيدا ٿيڻ ۽ انهن جي تربيت توڙي نشو نما لاءِ تمام مناسب مقام هو. (هي مقالو در اصل ”دائرة المعارف اسلامي فائونڊيشن“ جي سفارش تي ترڪي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي).

     نائين فصل جو عنوان ”تصوف، اندلس ۾“ آهي. ان علائقي جي تذڪري سان، بنا ڪنهن وٿيءَ جي اسلامي عرفان جي مک شخصيت يعني محي الدين ابن عربي ذهن ۾ اچي ٿو وڃي.

 فصل ڏهون، ”تصوف، مصر ۾“ موضوع تي لکيل آهي. هي فصل مصر ۾ تصوف جي تاريخ بيان ڪرڻ کان پوءِ، اتان جي رائج اهم صوفي طريقن ۽ شاخن جهڙوڪ: رفاعي، احمدي، شاذلي، خلوتي، دسوقي، بڪتاشي، نقشبندي، قادري ۽ ميرغاني کي بيان ٿو ڪري. صوفيت، مصر ۾، خاص ڪري هڪ مخصوص ترتيب يافته ۽ منظم هجڻ جي ڪري وڏي اهميت رکي ٿو، انڪري ان لاءِ هڪ ڌار ۽ مخصوص حصو قرار ڏنو ويو آهي انڪري پوئين حصي ۾ ان کي ناهي ڏنو ويو.

     يارهون فصل، ”تصوف آفريقا جي ٻين علائقن ۾“ جي تاريخ متعلق آهي. هن ۾ اتان جي مکيه گروهن جهڙوڪ: قادري، شاذلي، طيبي، زروقي، ختمي، جزولي، سماني، رحماني ۽ مجزوبي متعلق ڄاڻ تي مشتمل آهي.

     فصل ٻارهون، ”اسلامي تصوف، اولهائين ملڪن ۾“ جي موضوع تي ٻڌل آهي ۽ موضوع جي اعتبار کان اڳ ۾ بيان ڪيل فصلن کان ٿورو گهڻو مَٽَ آهي. هن فصل ۾ سڀ کان پهريان تصوف جي باري ۾ مغربي ملڪن جي يونيورسٽن طرفان ڪيل مطالعن ۽ تحقيقن جي باري ۾ ڳالهايو ويو آهي، تنهن بعد ”تصوف جو علمي پهلو“ جي عنوان هيٺ، ان سلسلي جي آمريڪي رياستن ۾ ڇڏيل اثرن متعلق گفتگو سان گڏ، اتان جي ٽن قسمن جي صوفي هلچل جو تعارف به ڏنو ويو آهي. آخر ۾ نهايت ئي مختصر هن موضوع متعلق به بحث ڪيو ويو آهي ته ”مغربي ماڻهن ۾ تصوف گهڻو ڪري مولانا روميءَ جي شعرن ذريعي رائج ٿيندو رهيو آهي“. (ان فصل سان لاڳاپيل مقالو ”دائرة المعارف اسلامي“ جي گهُر تي انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي).

 رهتو پويان ٻن فصلن مان تيرهون فصل، ”مستشرق ۽ تصوف“ متعلق گفتگوءَ بابت آهي، جنهن ۾ تصوف جي اصلي بنياد بابت انهن جي مختلف نظرين کي بيان ڪيو ويو آهي جن ۾ چيو اٿن ته ”تصوف مڪمل طرح هڪ غير اسلامي مڪتبِ فڪر آهي“، ان تحت انهن جو خيال آهي ته تصوف جي جوڙجڪ ۾ عيسائيت، يوناني رسمون، هندو ۽ ٻُڌ مت جا طور طريقا ۽ ايراني رواج، اسلام کان گهڻو اڳ مؤثر  رهيا آهن. جيئن ته ان فصل جي آخر ۾ اچي ٿو: ڪجهه مستشرقن پڌرو ڪري ڏيکاريو آهي ته ”حقيقت ۾ تصوف قرآن ۽ حديث مان ڦُٽي نڪتل آهي“، جيتوڻيڪ ٻين رسمن کان به ضرور متاثر ٿيل آهي، انڪري ان کي هڪ غير اسلامي ۽ ٻاهر کان اسلامي تهذيب ۾ داخل ڪيل نٿو چئي سگهجي.

     آخري چوڏهون فصل، جنهن جو عنوان آهي ”تصوف جو تنقيدي جائزو“، ان ۾ اهل شريعت (سني توڙي شيعه) ۽ خود صوفي مفڪرن طرفان تصوف تي ڪيل تنقيد جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي.

     هن ڪتاب جي هي ”دائرة المعارف“ واري جوڙجڪ، هن کان اڳ، رسالي نالي ”دانشنامه جهان اسلام“ (جلد 7، تهران، 1382هه ش[1]) ۾ هڪ ڊگهي مقالي جي صورت ۾ ڇپجي چڪي آهي. هن کي نئين سر علمي ترتيب ڏيڻ، ٻوليءَ جي سوڌ سنوار، سندون ۽ حوالا ڏيڻ وغيره جهڙو اڙانگو ڪم ”گروهه عرفان[2]“، پڻ ”دائرة المعارف اسلامي“ جي ”ايڊٽنگ ۽ ڪتاب شناسي“ جهڙن شعبي ۾ ڪم ڪرڻ وارن جاکوڙين جي محنت جو نتيجو آهي. سچ پچ ۾ انهن جي هي هيڏي ساري محنت، وڏي شڪرگذاري لهڻي. ايئن ئي ”مؤسسه  ڪتاب مرجع“ جي مهتمم سيد ناصر موسوي جزائريءَ ۽ سندس ساٿين، خاص ڪري سائين محمد جوهرچي جن جو به شڪريو ادا ڪجي ٿو، جنهن هن مجموعي نالي ”دانشنامه جهان اسلام لائبريري“ جي ڇپائي ۾ ڀلي مدد ڪئي.

چيئر مين

سٿ جو


[1]  مطابق سنه 2003ع.

[2]  عرفان متعلق ڪم ڪندڙ تحقيقاتي سٿ (ٽيم).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org