سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جهرڻا

باب: --

صفحو :4

 

سماپتي

 

ڪرشن بي – اي پاس ڪري ڪلڪتي کان پنهنجي وطن وري رهيو هو. سندس ڳوٺ جي ڀر واري ندي تمام ننڍي هئي جنهنڪري برسات جي پاڇاٽن ڏينهن ۾ گهڻو ڪري سڪل رهندي هئي. پر هن وقت سانوڻيءَ جا ڏينهن هئا. ندي ڀرپور ٿي ڳوٺ ڀرسان بانس جي ڊگهن ڊگهن وڻن کي ڇهندي وهي رهي هئي. گهڻن ڏينهن جي لاڳيتي برسات بعد اڄ آسمان اوجل هو، اس کڙي هئي. ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ڪرشن جي اندر جو ڀاو به نديءَ مثل هو. سندس نوجوان دل جو درياه جوانيءَ جي نئين اٿل کان دل جي ٻنهي ڪنارن کي چمندو روشنيءَ کان جهرڪندو ۽ هوا ڪري ڇل ڇل ڪندو وهي رهيو هو.

ٻيڙي اچي ڪناري ڀيڙي ٿي. اوچن اوچن وڻن جي اوٽ مان ڪرشن کي پنهنجي گهر جي پٺين ڇت ڏسڻ ۾ آئي. ڪرشن پنهنجي اچڻ جو احوال نه ڏنو هو، ان ڪري کيس ڪير به وٺڻ لاءِ ڪناري تي نه آيو هو. ملاح سندس بئگ کڻي هلڻ لاءِ تيار ٿيو، پر ڪرشن کيس روڪي بئگ پاڻ کنئي ۽ سرهائيءَ مان ٻيڙيءَ کان لهي هيٺ ٿيو.

هن اڃا ڪناري تي پير ئي مس رکيو ته هو ڪناري واري گپ ۾ ترڪي ڪري پيو.

هو جيئن ئي ڪريو تيئَن ڪنهن مٺي سر ۾ زور سان ٽهڪ ڏنو؛ جنهن کان ڀر واري بڙ تي ويٺل پکي به ڇرڪي اٿيا. ڪرشن ڏاڍو لڄي ٿي هڪدم اٿي کڙو ٿيو ۽ چوڌاري نهارڻ لڳو. ڏٺائين ڀر ۾ ئي سرن جو هڪ ڍير آهي ان تي ويٺل هڪ ڇوڪري کل ۾ اونڌي ٿي رهي آهي. ڪرشن سڃاڻي ورتو ته هوءَ سندس نئَين پاڙيسريءَ جي ڌيءُ مرڻ مئِي آهي. ٻه ٽي سال ٿيا ته هو هن ڳوٺ ۾ اچي رهيا هئا. اصل ۾ هنن جو گهر هتان گهڻو پري هڪ وڏي نديءَ جي ڪناري تي هو. پر نديءَ جي اٿل ۾ گهر ڊهي وڃڻ ڪري پنهنجو ڳوٺ ڇڏي هت اچڻو پيو هون.

ڳوٺ جا مرد، مرڻ مئيءَ کي سندس چلولي سڀاو ڪري ڏاڍو ننديندا هئا، ساڳئي وقت کيس سنيہ مان ”مري“ ڪري سڏيندا هئا. پر استريون سندس ڇڙواڳيءَ ڪري سدائين ڊپ ۽ چنتا ۾ شڪي رهنديون هيون. مرڻ مئي فقط ڇوڪرن سان ئي کيڏندي هئي، ڇوڪرين سان سندس نه پيئي هئي. ان ڪري هوءَ سندن ويجهو به ڪين ويندي هئي.

مرڻ مئي پنهنجي پيءُ جي لاڏلي ڌيءُ هئي. هن ڪڏهين به کيس ڳوڙهو ڳل پوڻ نه ڏنو هو. ان ڪري ئي سندس اڙٻنگائيءَ جو هينئر به ڌاڪو هو. سندس ماءُ پنهنجي پرواسي پتيءَ جي يادگيري ڪري کيس ڪڏهين به تنگ نه ڪندي هئي. مرڻ مئي شڪل جي سانوري هئي. سندس ننڍا ننڍا گهنڊيدار وار پٺيءَ تائين ٽڙيا پکڙيا رهندا هئا. سندس منهن ڇوڪرن جهڙو هو. سندس وڏين وڏين ڪارين اکين ۾ نه حياءُ هو، نه ڀو ۽ نه استرين جهڙي ڪوملتا. سندس سرير رشت پشٽ، سٻل ۽ ڀريل هو. پر کيس ڏسي ڪنهنجي به دل ۾ اهو خيال اُٿي نٿي سگهيو ته سندس عمر وڏي آهي يا ننڍي. جيڪڏهن اهو خيال پيدا ٿئي ها ته هن جي پيءُ ماءُ جي ضرور نندا ٿئي ها.

جيڪڏهين ڪنهن ڏينهن ڪنهن اوپري زميندار جي ٻيڙي اچي گهاٽ تي لڳندي هئي ته ڳوٺ جا رهواسي گهٻرائجي ادب سان اُٿي بيهندا هئا ۽ استريون منهن ڍڪينديون هيون. پر هوڏانهن مرڻ مئي ڪنهن جي اُگهاڙي ٻار کي گود ۾ کڻي نه ڄاڻ ڪٿان اچي پرگهٽ ٿيندي هئي ۽ ادب قاعدي جي ذري به پرواه نه ڪري هنجي بلڪل سامهون اچي بيهندي هئي. ان بعد بي اٽڪ هرڻ جي ٻچن جيان بي ڊپي ٿي رونشي مان هنڏي ٽڪٽڪي لڳائي نهاريندي رهندي هئي ۽ آخر ۾ ڇوڪرن جي ڇانگه ۾ وڃي نئين آيل ماڻهوءَ جي هلت چلت جو ذڪر ڪندي هئي.

ڪرشن هن کان اڳ به ٻه ٽي ڀيرا هن ڇڙواڳ ڇوڪريءَ کي ڏسي چڪو هو ۽ سندس باري ۾ ٿورو گهڻو ويچار به ڪري چڪو هو. رواجي طرح ڪيترائي انسان اکين اڳيان اچن ٿا پر انهن مان ورلي ڪي اهڙا ٿين ٿا جي بنان ڪجهه ٻڌئي ٻولئي اکين جي تارن مان لنگهي اچيو دل تي ديرو دمائين. ائين ڪو هروڀرو سندن سونهن ڪري نٿو ٿئي پر ڪنهن ٻئي ئي گڻ ڪري. اهو گڻ شايد آتما جي نرملتا آهي.

ڪيترن ماڻهن ۾ اهو انتر آتما جو درشن پورو کليل ڪين ڏسبو آهي پر جڏهن ان پراسرار اندر جي غفا نواسي آتما جو کليل درشن ڏسبو آهي تڏهين اهو هزارن جي وچ۾ هوندي به دل ڇڪي وٺندو آهي ۽ اک ڇنڀ ۾ چت تي چٽجي ويندو آهي. هن ڇوڪريءَ جي اکين مان به اها پراسرار ۽ نرمل آتما، جهنگلي هرڻ جيان پنهنجي پوري ڦوه ۽ ڇوهه سان ظاهر هئي. کيڏندي ڪڏندي جنهن سندس ٽڙيل منهن هڪوار ڏسي ورتو تنهن کان وري وساروئي نه وسرندو.

هيءَ مرڻ مئَيء جي رونشي ڀري کل چاهي ڪيتري به مٺي ڇو نه هئي پر اڀاڳي ڪرشن کي اها چڱي ڪين لڳي. هو پنهنجي بئگ ملاح جي هٿ ۾ ڏيئي تيزيءَ سان گهر ڏي روانو ٿيو. انوقت سندس منهن لعل ٿي رهيو هو.

درياءَ جو ڪنارو، برڇن جي ڇايا، صبح جي اُس ۽ ويهن ورهن جي عمر جيتوڻيڪ اهو سرن جو ڍير اهڙو ڇڪيندڙ ڪين هو پر جيڪو انسان ان تي ويٺو هو تنهن هن سخت سڪل آسڻ کي منوهر سوڀيا سان ضرور مڙهي ڇڏيو هو.

(2)

آخر ان سرن جي ڍير جي چوٽيءَ تان وهندڙ کل جي گنگا جو مڌر آلاپ ٻڌندي ٻڌندي ڪرشن پنهنجي گهر پهچي ويو.

اوچتو ئي پٽ کي ايندو ڏسي ماءُ خوشيءَ ۾ نه سمائي. اوڙي پاڙي ۾ به خوشيءَ ڀري هلچل مچي ويئي.

روٽيءَ بعد ماءُ، ڪرشن جي وهانءَ جي ڳالهه چوري. ڪرشن هن ڀيري انلاءِ تيار ٿي آيو هو. کيس نئَين زماني جي لهر لڳي چڪي هئي، تنهن ڪري هن پرتگيا ڪئي هئي ته بي – اي ٿيڻ کان اڳ وهانءُ نه ڪندس. ان ڪري اڃا تائين سندس وهانءُ نه ٿيو هو. ماءُ به ان ڪري اڃا تائين چپ هئي. ڪرشن خيال ڪيو ته هاڻي ڪو به بهانو ڪو نه هلندو. ماءُ کي چيائين – ”پرڻجندس ته ضرور پر پهرين ڪا ڇوري ته ڳولي هٿ ڪر.“ ماءُ جواب ڏنو – ”ڇوڪري ڳولي اٿم ڳالهه ٻولهه به پڪي ٿي چڪي آهي. تون انجي چنتا نه ڪر.“ پر ڪرشن اها چنتا پاڻ تي کڻڻ ئي بهتر ڄاتي. چيائين – ”جيستائين ڇوڪري مان پاڻ نه ڏسندس تيستائين وهانءُ نه ڪندس.“ ماءُ ڏٺو ته ڇوڪرو ڏاڍو نرلڄه ٿي پيو آهي. ڪلجڳ پنهنجو اگهور روپ ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي پر آخر ۾ پٽ جي مرضيءَ موجب ئي هلڻو پيس.

ان رات ڪرشن هنڌ تي ليٽيو پيو هو. ڏيو وسامي چڪو هو، پر کيس اڃا نيڻن ۾ ننڊ نه آئي هئي. چوڌاري سناٽو ڇانيل هو. ڪرشن جي ڪنن ۾ اها ئي بلند ڪنٺ مان نڪتل مٺي کل گونججي رهي هئي. سندس اندر وارو کيس ائين چئي تڪليف ڏيئي رهيو هو ته صبح جي پير ترڪڻ واري غلطي ڪنهن نه ڪنهن طرح اوس درست ٿيڻ گهرجي. هن ڇوڪريءَ کي ڪهڙي خبر ته مان ڪو بي – اي تائين پڙهيل آهيان ۽ گهڻو وقت ڪلڪتي ۾ گذاريو اٿم؛ پوءِ جيڪڏهين اتفاق سان پير ترڪڻ ڪري ڪري به پيس ته ايتري ۾ کلڻ هاب ۽ ٺٺوليء لائق ڪيئن بنجي ويس؟ ڇا مان ڪو ڳوٺاڻو ڳنوار آهيان؟

ٻئي ڏينهن ڪرشن ڇوڪري ڏسڻ لاءِ وڃڻ جي تيار ڪرڻ لڳو. پري نه پر ساڳئي ئي محلي ۾ ڇوڪريءَ جو گهر هو.

هن ڌوتي بوڇڻ نه ڪري، ريشمي سوٽ پاتو، واسڪوٽ ۽ ڪوٽ پاتائين، ڊگهي ٽوپي ڪيائين، پالش ڪيل نئون بوٽ پاتائين. اميٽيشن سلڪ جي سندر ڇٽي هٿ ۾ کنيائين. ان طرح وڏي ٺاٺ سان ٿي گهر کان ٻاهر نڪتو.

ڪنواريتي گهر ۾ هن جي پڌارجندي ئي آدر ستڪار جي ڌم مچي ويئي. ويرم ئي ڪين گذري ته ٻڍي نوڪرياڻيءَ سان، سينڌ سرمون ڪيل، نفيس رنگين ڪپڙن سان سينگاريل ڇوڪري، ڌڙڪندڙ هردي سان سندس پاسي کان لنگهي ڪنڌ هيٺ ڪري اچي هڪ ڪنڊ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺي. ٻڍي نوڪرياڻي کيس همٿائڻ لاءِ سندس ڀرسان ٿي بيٺي. ڇوڪريءَ جو ننڍو ڀاءُ پنهنجي گهر ۾ هن بي جاءِ دخل ڪندڙ نوجوان جي ٽوپي، گهڙيءَ جي زنجير ۽ وريل مڇن کي ٽڪ ٽڪي لڳائي ڏسڻ لڳو. ڪرشن ڪجهه وقت مڇن تي هٿ ڦيريندي ڏاڍي گنڀيرتا سان سوال ڪيو – ” تون پڙهندي آهين؟“

ڪپڙن ۽ ڳهڻن سان ڍڪيل ان لڄ جي موڙيءَ ڪو به جواب نه ڏنو. آخر ٻه ٽي ڀيرا سوال ڪرڻ ۽ داسيءَ طرفان برابر همٿ ڏيارڻ تي هن تمام آهستي يڪساهيءَ جواب ڏنو – ”ٻالٻوڌ ٻيو ڀاڳو، ويا ڪرڻ سار، هندستان جي جاگرافي، انگي حساب ۽ ڀارت ورش جو اتهاس.“ ان وقت ٻاهران ڪنهنجي اچڻ جي آهٽ معلوم ٿي ۽ ترت ئي ڊوڙندي، سهڪندي ۽ پٺيءَ تي جهنڊولا لوڏيندي مرڻ مئي اُتي اچي پهتي. هن ڪرشن ڏي نهاريو به ڪين باقي ڇوڪريءَ جي ننڍي ڀاءُ راکال کي هٿ کان وٺي ڇڪڻ ۽ گهلڻ لڳي. راکال انوقت تن من سان نئَين آيل مهمان جي ڏسڻ ۾ مشغول هو؛ جنهنڪري هو ڪنهن به طرح اُتان وڃڻ لاءِ راضي نه ٿيو. داسي ان ڳالهه جو خيال رکندي ته ڪٿي سندس آواز جي واجبي ڪوملتا ڪم نه ٿي وڃي جيتريقدر ٿي سگهيس تکائيءَ مان مئَيء کي ڇڙٻڻ لڳي. ڪرشن پنهنجي سموري گنڀيرتا گڏ ڪري چپ چاپ صدريء ۾ لڙڪندڙ گهڙيء جي زنجير کي مهٽڻ لڳو. جڏهن مرڻ مئيء ڏٺو ته راکال اصل چريئَي نٿو تڏهن هنجي پٺيء تي زور سان ٻه ڌڪ ڄمائي ۽ ڀيڻس جي منهن تان ڪپڙو لاهي طوفان جيان تيزيءَ سان ٻاهر نڪري ويئَي. داسي انتي غصي ٿي گرجڻ لڳي ۽ راکال ڀيڻ جي منهن کلڻ تي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. سندس پٺيء تي جو زور سان ٻه ڌڪ لڳا هئا تنکي هن ليکيو ئي ڪين. اها هنجي لاءِ ڄڻ هڪ رواجي گهٽنا هئي. هن قسم جي ڏي وٺ هنن ٻنهي جي وچ۾ برابر هلندي رهندي هئي. ڪنهن وقت مرڻ مئَيء جا وار ايترو ته وڏا ٿي ويا هئا جو ذري گهٽ ڪمر تائين ٿي پهتا. هڪڙي ڏينهن راکال چپ چاپ پٺيان وڃي ڪئنچيءَ سان وارن جي صفائي ڪري ڇڏي. ان تي مرڻ مئيءَ کي ڏاڍو ڪروڌ آيو ۽ راکال جي هٿ مان ڪئنچي ڦري باقي رهيل وارن کي به ڏاڍي بي رحميء سان پاڻ ئي ڪاٽي ڇڏيائين. سندس شهمور وارن جون گهنڊيدار چڳون ٽاريءَ مان ڪريل ڪارن انگورن جيان پرٿويءَ تي پکڙجي وييون.

هن گهٽنا ٿي وڃڻ بعد هن بي رسي امتحان گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو مٽيء جي مودڪ مثل ڇوڪري ڪنهن طرح وري اٿي ڊگهي ٿي ۽ داسيء سان گڏ اندر هلي ويئي. ڪرشن به ڏاڍي گنڀيرتا سان پنهنجي ننڍن ۽ ڇڊين مڇن کي مهٽيندو اُٿي کڙو ٿيو. دروازي وٽ پهچي هن ڏٺو ته سندس پالش ڪيل نئَون بوٽ غائب آهي. گهڻي ڳولا ڦولا بعد به انجو ڪو پتو نه پيو.

سڀني گهر جي ڀاتين کي ان تي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ سڀ اچي ڏوهيء تي مٺيا. جڏهين بوٽ لڀڻ جي ڪا اميد نه رهي، تڏهين ڪرشن، راکال جي پيءُ جو ڦاٽل ٽٽل پراڻو سليپر پائي پنهنجي سجاوٽ ڏسندو ڏاڍي خبرداريء سان ان ڪيچڙ ڀريء گنديء گليء مان ٻاهر نڪري گهر ڏانهن هليو.

هو جيئن تلاءَ جي اڪيلي ڪناري تان لنگهي رهيو هو تيئَن کيس وري اهو ئي ٽهڪڙو ڪنن تي پيو. انوقت ائين معلوم ٿيو ڄڻ ساکيات رونشي ڪوڏي بن لڪشمي وڻن جي اوٽ مان ڪرشن جو هي اڻ سهندو سليپر ڏسي کلي رهي آهي.

ڪرشن لڄي ٿي بيهي رهيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. انوقت اها نرلڄي اپراڌڻ گهاٽي جهنگل مان ٻاهر نڪري آئي ۽ وڃايل بوٽ سندس اڳيان رکي ڀڄڻ لڳي. ڪرشن کان اوڏيِء مهل رهيو نه ٿيو هن ڏاڍي ڦرتيءَ سان ڊوڙي کڻي کيس ڀاڪر ۾ جهليو.

مرڻ مئِيء اوسيري پاسيري ٿي خوب زور لڳائي هٿن ڇڏائڻ ۽ ڀڄڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر اها سڀ اجائي ويئي. سندس گهنڊيدار وارن سان وڪوڙيل، ڀريل ۽ کلندڙ منهن تي ٽارين جي وچمان ڇڻندا سورج جا ڪرڻا پوڻ لڳا. جهڙيءَ طرح رونشي ڪوڏيا راهگير اُس ۾ چمڪندڙ، نرمل ۽ چنچل نديءَ جي پيٽ ڏي جهڪي نهاريندا آهن، برابر ساڳيءَ طرح ڪرشن به مرڻ مئيءَ جي مٿي کنيل منهن تي جهڪي سندس بجليءَ سمان ٻڙندڙ چنچل اکين سان پنهنجون اکيون کڻي اڙايون. ڪيترو وقت يڪ ٽڪ ڏانهنس نهاريندو رهيو. ۽ پوءِ بلڪل آهستي آهستي مٺ ڍري ڪري کيس ڇڏي ڏنائين. انوقت جيڪڏهن ڪرشن کيس کڻي مار ڪڍي ها ته هنکي جيڪر ڪو به عجب نه لڳي ها. اها هڪ رواجي ڳالهه ٿئي ها. پر هوءَ هن ماٺ ميٺ جي ڳجهي سزا جو ته ڪو مطلب ئي سمجهي نه سگهي جا کيس هن اڪيلي هنڌ ايتري خوبصورتيءَ سان ڏني ويئي. ان کانپوءِ وري اهو ئي سڄي آڪاش ۾ گونجندڙ ٽهڪڙو ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ائين معلوم ٿيو ڄڻ نچندڙ قدرت جي ديويءَ جي پانزيبن جي جهنڪار گونجي رهي آهي چنتا ۾ ٻڏل ڪرشن بلڪل آهستي آهستي پير وڌائيندو اُتان اڳتي وڌيو ۽ اچي گهر پهتو.

انهيءَ ڏينهن ڪرشن پنهنجي ماءُ کي منهن ئي ڪو نه ڏيکاريو. قسم قسم جا بهانا بڻائي سڄو ڏينهن ائين ئي لنگهائي ڇڏيائين. روٽيءَ مهل ماءُ سان گڏجڻو پويس ها، پر خوش قسمتيءَ سان انهيءَ ڏينهن ڪٿي ٻاهر نوتو مليل هوس جنهنڪري اهو وقت به ائين گذري ويو. سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته نيٺ ڪرشن جهڙي پڙهيل ڳڙهيل ۽ گنڀير آدميءَ کي هڪ رواجي اڻ پڙهيل ڇوڪريءَ اڳيان پنهنجي ڪريل شان کي قائم ڪرڻ ۽ هنکي پنهنجي وڏائيءَ جي واقفيت ڏيڻ جي ايتري وڌيڪ اڻ تڻ ڇو ٿي آ. جيڪڏهن هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ کيس هڪڙو رواجي آدمي ٿي سمجهو ته ڇا ٿي پيو؟ ۽ جيڪڏهن هن ٿوري وقت لاءِ سندس خيال نه ڪري بي سمجهه راکال سان کيڏڻ لاءِ زور ٻڌو ته ان ۾ به سندس ڇا ٿي بگڙيو؟ جيڪڏهن هو ’وشوديپ، نالي ماسڪ پتر ۾ سما لوچنا لکي ٿو ته ان ۾ هنجو ڇا؟ جي سندس ٽرئنڪ مان، عطر، بوٽ، چٺي لکڻ جا رنگ برنگي ليٽر فارم ۽ هار مونيم سکيا وغيره چيزون رات جي گرڀ مان نڪرندڙ پرڀات جيان ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪن ٿيون ته ڀلي ڪنديون رهن. مرڻ مئيءَ اڳيان انهن ڳالهين جي ثابتي پيش ڪرڻ جي ته ڪا ضرورت ڪا نه ٿي ڏٺي. پر هڪڙو ته من کي سمجهائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ٻيو ته شرييت ڪرشن بي – اي ان لاءِ تيار نه هو ته هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ اڳيان هار مڃي ماٺ ڪري وهي!

جڏهين سانجهن جو ڪرشن گهر وريو تڏهين ماڻس پڇو – ”ڪرشن، ڪيئَن ڇوڪري ڏسي آئين؟ ڪيئَن آهي؟ پسند آئي يا نه؟“

ڪرشن ڪجهه لڄي ٿي چيو –”ها، ڏسي آيس امي، ۽ انهن مان هڪ ڇوڪري پسند به ڪري آيس.“

ماڻس اچرج مان پڇو – ”تون ته اتي هڪڙي ڇوڪريءَ کي ئي ڏسڻ ويو هئين. گهڻيون ڪٿان آيون؟“

آخر ۾ گهڻي رد بدل بعد معلوم ٿيو ته ڪرشن، پاڙيسري رامچندر جي ڇوڪري مرڻ مئيءَ کي پسند ڪيو آهي. افسوس! هيتري پڙهڻ، لکڻ سکڻ بعد به ڇوڪري جي هيءَ پسندي!

ڪرشن ڏاڍو لڄارو ڇوڪرو هو پر جڏهين ماڻس، سندس پسنديءَ جي سخت مخالفت ڪئي تڏهين هنجي لڄ جو مضبوط بند به ڀڄي پيو. هو ضد ۾ ايتريقدر به چئي ويٺو ته ”جي مان پرڻجندس ته مرڻ مئيءَ سان، ٻيءَ سان هرگز نه.“ جيئن جيئن هو ٻين مٽيءَ جي مودڪ جهڙين ڇوڪرين جو خيال ڪرڻ لڳو تيئن تيئن سندس دل ويئي پرڻجڻ کان پاسي ٿيندي.

ٻه ٽي ڏينهن ٻنهي طرفن کان مان اپمان، بنان کاڌي پئي رهڻ جي چوٽن ملڻ بعد آخر ۾ جيت ڪرشن جي ئي ٿي. ماءُ پنهنجي من کي سمجهايو، ’هڪ ته مرڻ مئي اڃا ننڍي ڇوڪري آهي ٻيو ته سندس ماءُ ۾ ايترو لڇڻ ڪونهي جو هوءَ پنهنجي ڌيءُ کي ڪجهه سيکاري سگهي. جڏهين ڇوڪري منهنجي هٿن ۾ ايندي تڏهين مان کيس ٺاهي ٺپي سڌو ڪري ڇڏينديس.‘ آهستي آهستي کيس اهو ويچار ڪري خوشي ٿيڻ لڳي ته ڇوڪري شڪل جي ڏاڍي سهڻي آهي؛ پر ساڳئي وقت خيال آيس ته سندس وار بلڪل ننڍا آهن ان ڪري هوءَ ڏاڍو نراس ٿي. هن اهو خيال ڪري دل کي ڏڍ ڏنو ته جيڪڏهن مان روز سندس وار ٻڌنديس ۽ پوري خيال سان تيل ۽ ڪريمون ڪم آڻينديس ته ان عيب دور ٿيندي به دير نه لڳندي.

ڪرشن جي هن پسنديءَ جو نالو به نڪري ويو. اوڙي پاڙي جا ماڻهو انکي ”بي مثل پسندي“ سڏڻ لڳا. ڳوٺ ۾ جيتوڻيڪ اهڙن ماڻهن جي ڪمي ڪا نه هئي جن مرڻ مئيءَ کي پيار ڪيو ٿي پر اهڙو هڪڙو به ڪو نه هو جو هن سان پنهنجي پٽ جي شادي پسند ڪري.

بروقت مرڻ مئيءَ جي پيءُ رامچندر کي اهڙي خبر ڏني ويئي. هو هڪ اسٽيمر ڪمپنيءَ پاران نديءَ ڪناري هڪ ننڍيءَ اسٽيشن جو ڪلارڪ هو ۽ ٽڪيٽ ڏيڻ وٺڻ ۽ مال لهرائڻ چڙهائڻ جو ڪم ڪندو هو.

مرڻ مئيءَ جي وهانو جي خبر ٻڌي هنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. اهو ٻڌائي نه سگهبو ته انهن جي اندر ڪيتري خوشي سمايل هئي ۽ ڪيترو دک.

مهاشيه رامچندر ڪمپنيءَ جي مئنيجر ڏي ڌيءُ جي وهانءِ لاءِ موڪل جي درخواست موڪلي، پر مئنيجر انکي هڪ رواجي ڳالهه سمجهي موڪل نامنظور ڪري ڇڏي! تڏهين هن، ڳوٺ خبر ڏني ته کيس دسهڙي جي موقع تي هڪ هفتي جي موڪل ملندي، تنهنڪري وهانءَ لاءِ دسهڙي جي ويجهو ڪو ڏينهن مقرر ڪيو وڃي. پر ڪرشن جي ماءُ اها ڳالهه نه مڃي چيو ته – ”هن مهيني جو مهورت بلڪل سٺو آهي تنهن ڪري هينئر تاريخ ڪين بدلائبي.“

جڏهين رامچندر جون ٻئي درخواستون نامنظور ٿيون تڏهين هو صبر ۾ اچي ويو ۽ دکيءَ دل سان اڳئين جيان نوڪري ڏيندو رهيو.

هينئر مرڻ مئيءَ جي ماءُ توڙي اوڙي پاڙي جي سڀني ٻڍين، مرڻ مئيءَ کي سندس ساهري گهر جي هلت چلت جي باري ۾ اپديش ڏيڻ شروع ڪيو. کيڏڻ ڪڏڻ، اڪڙي هلڻ يا ڊوڙڻ، ٽهڪ ڏيئي کلڻ، ڇوڪرن سان گڏجڻ مسجڻ ۽ بک لڳندي ئي کائڻ وهڻ وغيره سڀني ڳالهين جي نه ڪرڻ جي صلاح ڏنائونس ۽ ڏاڍي سڦلتا سان ثابت ڪيائون ته وهانءُ ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه نه آهي ڏاڍي خوفناڪ چيز آهي. ان مان مرڻ مئيءَ جي دل تي اهو ئي اثر ويٺو ته ڄڻ کيس سڄو جيون جيل ۾ گهارڻو پوندو ۽ آخر ۾ ڦاسيءَ تي لڙڪايو ويندو.

آخر هن هچاريءَ اٽ هڻي بيٺل ٽٽونءَ جيان پٺتي هٽي منهن موڙي جواب ڏنو – ”مونکي اهڙو پرڻو ئي نه گهرجي.“

(4)

تڏهين به کيس وهانءُ ڪرڻو پيو.

ان بعد وري سس جي سکيا شروع ٿي. هڪڙي ئي رات ۾ مرڻ مئيءَ جي سڄي کليل آزاد پرٿوي ڄڻ ڪرشن ماءُ جي گهر اندر قيد ٿي ويئي.

سس سڌاري جو ڪم چالو ڪري ڇڏيو. هن ڏاڍي سختيءَ سان چيو –”ڏس ڌيءُ، تون هاڻي ننڍي ڪين آهين. اسانجي گهر ۾ هاڻي تنهنجي اها بيحيائي نه هلندي.“

پر سس جنهن ڀاو سان اهو اُپديش ڏنو، تنهن انکي ان ڀاو سان نه سمجهو. هن ويچاريو ته جي هن گهر ۾ نه هلندي ته شايد ڪٿي ٻئي هنڌ هليو وڃڻو پوندو. آخر ٻن پهرن جو هوءَ گم ٿي ويئي. ڳولا ڦولا شروع ٿي. ۽ نيٺ وشواس گهاتڪ راکال، سندس لڪڻ جو هنڌ ڏيکاري کيس پڪڙائي ڇڏيو. هوءَ هڪڙي بڙ هيٺان منوهرداس جي ڀڳل گاڏيءَ ۾ لڪي ويٺي هئي.

ان تي سس، ماءُ ۽ اوڙي پاڙي جي سڀني ڀل گهرين کيس خوب ڌڪاريو.

رات جو بادل مڙي آيا ۽ رم جهم برسات برسڻ لڳي. ڪرشن آهستي آهستي ٿي پنهنجي بستري تان سرڪي مرڻ مئيءَ وٽ آيو ۽ بلڪل مٺي آواز ۾ چيائين – ”مرڻ مئي، ڇا تون مونکي پيار نٿي ڪرين؟“

مرڻ مئي هڏيءَ مان وراڻيو – ”نه! مان توکي ڪڏهن به پيار نه ڪنديس.“ ڄڻ هنجي سموري ڪاوڙ ڪٺي ٿي اچي ڪرشن مٿان ڪري.

ڪرشن چوٽ کائي دکي ٿي چيو – ”ڇو، مون تنهنجو ڪهڙو ڏوه ڪيو آهي؟“

مرڻ مئيءَ چيو – ”تو مون سان وهانءُ ڇو ڪيو؟“

ڪرشن هن ڏوه لاءِ ڪو دل ڀريو سبب نه ڏيئي سگهيو، پر دل ۾ پڪ ڪيائين ته ڪيئن به ڪري هن چلولي ڇوڪريءَ کي باز آڻيندس.

ٻئي ڏينهن سس، ننهن کي هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو، ڇو ته کين خيال هو ته هاڻي هوءَ ڪو نه ڪو رولو ضرور مچائيندي. مرڻ مئيءَ پهريان ته پڃري ۾ بند ڪيل نئين پکيءَ جيان ڦڙ ڦڙائيندي هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ ڪرڻ لڳي. ان بعد جڏهين کيس ڪٿان به نڪرڻ جو رستو نه مليو تڏهين هن جوش ۾ اچي چڪن سان هنڌ جي چادر ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏي. ۽ پوءِ پٽ تي اونڌي ٿي دل ئي دل ۾ پيءُ کي پڪاري رئڻ ۽ سسڪڻ لڳي.

ان وقت هڪ ماڻهو آهستي آهستي سندس ڀرسان آيو ۽ ڏاڍي پريم سان سندس ڌوڙ ۾ پيل وارن کي ڳلن تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ان تي مرڻ مئي مٿو تاڻي زور مان جهٽڪو ڏيئي سندس هٿ هٽائي ڇڏيو. تڏهين ڪرشن جهڪي کيس آهستي آهستي ڪن ۾ چيو – ”مان آهستي آهستي ڪري دروازو کوليان ٿو. هل ته ٻئي هتان ڀڄي هلون.“ مرڻ مئيءَ تيزيءَ سان ڪنڌ ڌوڻي رئندي رئندي چيو – ”نه!“ تڏهين ڪرشن کاڏي مٿي ڪندي کيس چيو – ”هيڏانهن ته نهار، ڏس ته هي ڪير آيو آهي!“

هوڏانهن مرڻ مئيءَ کي ڌور ۾ ليٽندو ڏسي راکال جو عقل چرخ ٿي رهيو هو. دروازي وٽ ئي بيٺو سمورو رنگ ڏسي رهيو هو. مرڻ مئي منهن مٿي نه کڻي زور سان ڪرشن جو هٿ هٽائي ڇڏيو. تڏهن به ڪرشن پريم مان چيو – ”ڏس، راکال توسان کيڏڻ لاءِ آيو آهي. تون ساڻس کيڏڻ نه ويندينءَ؟“ مرڻ مئيءَ غصي مان وراڻيو – ”نه!“ راکال به ڏٺو ته اڄ منهنجي دال نه ڳرندي، تنهنڪري هو ڪنهن طرح جان بچائي ڀڄي ويو. پر ڪرشن ماٺ ڪري اُتي ويٺو رهيو. جڏهين رئندي رئندي مرڻ مئيءَ کي ننڊ اچي ويئي. تڏهين هو به اُتان آهستي آهستي اٿي ڪڙو پائي ٻاهر نڪري ويو.

ٻئي ڏينهن مرڻ مئيءَ جي پيءُ جي چٺي آئي ان ۾ اول هن پنهنجي پراڻ پياري ڌيءَ مرڻ مئيءَ جي شاديءَ ۾ شريڪ نه ٿي سگهڻ لاءِ ڏک ظاهر ڪيو هو، ۽ آخر ۾ پنهنجي ڌيءُ ۽ ناٺيءَ جي ڪلياڻ لاءِ ايشور کي پرارٿنا ڪري دلي آشيرواد ڏني هئي.

مرڻ مئيءَ پيءُ جي چٺي پڙهي پنهنجي سس وٽ ويئي ۽ چيائينس –”مان پنهنجي پيءُ وٽ وينديس، مونکي اوڏانهن موڪليو.“ سس هيءُ اڻ وڻندڙ وينتي ٻڌي سڙي ويئي ۽ کيس جهڻڪي چيائين – ”پڻهين جو به ڪو منهن مٿو هجي ته ڪٿي ٿو رهي! تون ٿي چئين پيءُ وٽ موڪليو؛ ڇوڪريءَ جي ڳالهه ته ٻڌو.“ ننهن اُنجو ڪو جواب نه ڏيئي هلي ويئي. ۽ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي در بند ڪري جيئن نراس آدمي ايشور کي پرارٿنا ڪندو آهي تيئن پرارٿنا ڪرڻ لڳي – ”بابا مونکي وٺي وڃو. هتي منهنجو ڪير به ڪونهي! مان هتي ڪين بچنديس!“

جڏهين ڳپل رات گذري ويئي ۽ ڪرشن کي ننڊ اچي ويئي، تڏهين مرڻ مئي آهستي آهستي هنڌ تان اُٿي دروازو کولي گهر کان ٻاهر نڪري ويئي. جيتوڻيڪ بادل مڙي رهيا هوا پر رات چانڊوڪي هئي. رستي سڃاڻڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ڪانه هئي. مرڻ مئيءَ کي خبر نه هئي ته پيءُ وٽ ڪهڙي رستي وڃي سگهبو. هنجو وشواس هو ته جنهن رستي کان ٽپالي وڃي ٿو ان رستي کان ڪيڏانهن به وڃي سگهجي ٿو. تنهن ڪري هن اهو ئي رستو ورتو. هلندي هلندي ٿڪجي پيئي، رات به اچي پڄاڻيءَ تي پهتي. جهنگل ۾ جڏهين ٻه چار پکي کنڀ ڦڙڦڙائي ٻوليون ٻولڻ شروع ڪندا آهن ۽ وقت جي پوري پڪ نه هجڻ ڪري وري ماٺ ٿي ويندا آهن. ان وقت هوءَ به اچي رستي جي ڇيڙي تي درياءَ جي ڪنٺي تي پهتي. ڪنٺي جي اوريان رستو ويڪرو ٿي وڃي ٿي درياءَ سان مليو. اتي ڪجهه دڪان به هئا. هوءَ فيصلو نه ڪري سگهي ته اڳتي ڪيڏانهن وڃي. ايتري ۾ کيس ڪيترائي دفعا ٻڌل جهن جهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ٿوريئي وقت ۾ ٽپال جي ٿيلهي مٿي تي کڻي گهنگهرن پيل، نوڪدار لٺ لوڏيندو ٽپالي اچي پهتو. هو ڊوڙندو اچي رهيو هو. مرڻ مئي جلدي ان وٽ وڃي نيزاريءَ سان چيو – ”مان پنهنجي پيءُ وٽ ڪاشي گنج وينديس، مونکي پاڻ سان وٺي هلندين!“ ”ڪاشي گنج ڪٿي آهي؟ مونکي خبر نه آهي.“ ائين چئي ٽپالي گهاٽ ڏي هليو ويو. گهاٽ تي ٽپال جي ٻيڙي بيٺي هئي. هن جلدي ملاح کي جاڳائي ٻيڙي ڇوڙائي. هنکي نه ديا ڪرڻ لاءِ وقت هو نه پڇا ڳاڇا لاءِ.

ڏسندي ڏسندي سمهيل گهاٽ ۽ بازار جاڳي اٿي. مرڻ مئيءَ گهاٽ تي وڃي ملاح کي چيو – ”تون مونکي ڪاشي گنج وٺي هلندين؟“ ملاح جي جواب ڏيڻ کان اڳم ئي ڀر واريءَ ٻيڙيءَ تان هڪڙي آدمي سڏ ڪري چيو – ”ڪير مرڻ مئي! ڌيءُ تون هتي ڪيئن آئينءَ؟“ مرڻ مئيءَ ڏاڍي اتاوليءَ مان چيو – ”بن مالي، مان پنهنجي پيءُ وٽ وينديس، ڪاشي گنج. تون مونکي پاڻ سان وٺي هل.“ بن مالي مرڻ مئيءَ جي ڳوٺ جو ئي ملاح هو. هو هن ڇڙواڳ ڇوڪريءَ کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هو. هن چيو – ”پيءُ وٽ ويندينءَ؟ ڏاڍي چڱي ڳالهه. هل ته وٺي هلانءِ“ مرڻ مئي ٻيڙيءَ تي چڙهي ويٺي. ٻيڙي ڇوڙي ويئي. بادل مڙي آيا ۽ خوب برسات پيئي. بڊي جي چڙهيل ندي ٻيڙيءَ کي ٿڦيڙون هڻي لوڏڻ لڳي. مرڻ مئيءَ جون اکيون ننڊ ۾ ڀرجڻ لڳيون. هوءَ پلاند وڇائي ليٽي پيئي ۽ نديءَ جي هندوري ۾ قدرت جي پيار مان پاليل سانتيڪي ٻار جيان ترت ننڊ کڻي ويس.

گهڻي دير بعد جڏهين اک کليس تڏهين ڏٺائين ته مان ساهري گهر ۾ کٽ تي سمهي پيئي آهيان. گهر جي نوڪرياڻيءَ کيس جاڳندو ڏسي بڪ بڪ شروع ڪئي ۽ سندس سر ۾ سر ملائي سسڻس به ڀانت ڀانت جون ٻوليون ٻولڻ لڳي. آخر جڏهين ٻنهي ڄڻين سندس پيءُ کي ڳالهائڻ شروع ڪيو تڏهين هوءَ هڪدم اُٿي ڀر واري ڪمري ۾ اندران تاڙي پائي وڃي پئجي رهي. ڪرشن لڄ لاهي ماءُ کي چيو – ”امي، مرڻ مئيءَ کي ٻن چئن ڏينهن لاءِ پيءُ جي گهر موڪلڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي؟“

ان تي ماءُ ڪرشن جي خوب خبر ورتي. هنکي ان اپراڌ ۾ به ڦٽڪار سهڻي پيئي ته هزارن سٺين سٺين ڇوڪرين هوندي به هڪ اندر ساڙيندڙ چنڊيءَ کي پسند ڪري هن پنهنجي لاءِ خرابي ڪئي آهي.

(5)

اهو سڄو ئي ڏينهن هڪ پاسي ٻاهر قدرتي برسات ته ٻئي پاسي گهر اندر نيڻن مان نير جي برسات برسندي رهي.

ٻئي ڏينهن جڏهين اٽڪل پهر رات گذري چڪي تڏهين ڪرشن مرڻ مئيءَ کي جاڳائي چيو – ”تون پنهنجي پيءُ وٽ هلندينءَ؟“

مرڻ مئيءَ تڪڙ مان اُٿي ڪرشن جو هٿ پڪڙي چيو – ”ها هلنديس.“

ڪرشن چيو – ”تڏهين هل ته اسين ٻئي چپ چاپ ڀڄي هلون. مون ٻيڙي اڳ۾ ئي ڀاڙي ڪري ڇڏي آهي.“

مرڻ مئيءَ پهريان ڏاڍي شڪر گذاريءَ مان پتيءَ جي منهن ڏي نهاريو ۽ پوءِ تڪڙو اُٿي چيائين – ”هلو.“ ڪرشن هڪڙي چٺي لکي هنڌ تي ڇڏي ته جيئن پٺيان ماڻس کي ڪا چنتا نه ٿئي، پوءِ ٻئي گهر کان ٻاهر نڪتا.

مرڻ مئيءَ لاءِ اهو پهريون ئي موقع هو جڏهين هن انهيءَ اونداهيءَ رات ۾ سانت ڀرئي اڪيلي رستي تي خود بخود دلي چاهه ۽ دلي وشواس مان پنهنجي پتيءَ جو هٿ پڪڙيو هو. سندس دل جي آنند جون لهرون ان نازڪ سپرش ڪري ڪرشن جي نس نس ۾ تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳيون.

رات جو ئي ٻيڙي ڇوڙي ويئي بي حد خوشيءَ هوندي به مرڻ مئيءَ کي جلد ئي ننڊ کڻي ويئي. ٻئي ڏينهن هن جنهن آزاديءَ ۽ سک جو انڀو ڪيو تنهنجو بيان ڪري نٿو سگهجي. نديءَ جي ٻنهي طرفين ڪيترا وهڻ ۽ ڳوٺ، کيت، جهنگل ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڪيتريون ٻيڙيون اينديون وينديون ڏٺيون ٿي. مرڻ مئي انهن بنسبت ذري ذري تي پنهنجي پتيءَ کان هزارين سوال ڪرڻ لڳي. هن ٻيڙي تي ڪير آهن، اهي ڪٿان آيا آهن، ڪيڏانهن ويندا، هن هنڌ کي ڇا چوندا آهن، وغيره. انهن سڀني سوالن جا جواب ڏيڻ سولو ڪم ڪين هو؛ ڇو ته ڪرشن انهن بابت نڪي ته پنهنجن سڪولي ڪتابن ۾ ڪجهه پڙهيو هو ۽ نه انجي ڪلڪتي جي ڄاڻ ئي ان نسبت ڪا دلجاءِ ڏياري ٿي سگهي. هن انهن سوالن جا جيڪي جواب ڏنا تن مان گهڻن جا جواب صفا غلط هوا. هنکي، ترن سان ڀريل ٻيڙيءَ کي ايلسيءَ سان ڀريل ٻيڙي، غريب پور کي راج ننگري، ۽ ڪورٽ کي زميندار جي اوطاق ٻڌائيندي ذري هٻڪ نه ٿي. پر سندس اهڙن اُبتن جوابن ڏيندي به وشواسي سوال ڪندڙ جي دل ۾ ذرو به شڪ نه جاڳيو.

ٻئي ڏينهن سانجهن جو ٻيڙي اچي ڪاشي گنج پهتي. مهاشيه رامچندر هڪڙي جستي ڇپر هيٺان ويٺو حساب لکي رهيو هو. اڳيان هڪڙي ننڍي ٽيبل هيس جنهن تي هڪڙو مٽيءَ سان ڀريل ميرو لالٽين ٻري رهيو هو. هنکي ڌوتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪپڙو بت تي پيل ڪو نه هو. انوقت هيءَ نئين جوڙي سندس آفيس ۾ پڌاري. مرڻ مئيءَ چيو – ”بابا!” هن کان اڳ هن هنڌ اهڙو آواز هن ڪڏهين نه ٻڌو هو.

رامچندر جي اکين مان ٽپ ٽپ ڳوڙها ڳرڻ لڳا. ان وقت هو فيصلو ڪري نه سگهيو ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي.

راڄ جي يوراج سمان ناٺي ۽ يوراج جي استريءَ سمان ڌيءُ لاءِ، اتي پيل ڪاٺ جي گڏن وچ۾ سون جو سنگهاسڻ ڪيئن بڻايو وڃي انجو جواب هنجو منجهيل من نه ڏيئي سگهيو.

ان بعد روٽي پاڻيءَ جي چنتا اچي ورايس. غريب ڪلارڪ پنهنجي هٿن سان دال کچڻي رڌي، کائي پيو وقت گذاريندو هو. اڄ هن آنند جي اوسر تي ڇا ڪري ۽ ڇا کارائي!

مرڻ مئيءَ چيو – ”اڄ اسين سڀيئي گڏجي روٽي تيار ڪنداسين.“ ڪرشن کي به اهو خيال پسند پيو جنهن ڪري هن به ان ڪم لاءِ گهڻو اُتساهه ڏيکاريو.

هن ڇپر ۾ جاءِ جي ڪمي هئي، ماڻهن جي ڪمي ۽ اَن جي به ڪمي هئي. پر جهڙي طرح ڦوهارو ننڍڙي ٽنگ مان چوڻي زور سان وهندو آهي تهڙيءَ طرح هن غريبيت جي ننڍڙي سوراخ مان خوشيءَ جو وهڪرو تيزيءَ سان وهڻ لڳو.

اهڙيءَ طرح ٽي ڏينهن گذري ويا. روزانو ٻئي وقت مقرر وقت تي اسٽيمر ايندو هو ۽ ڪجهه وقت لاءِ اهو هنڌ سوين مسافرن جي چهل پهل هل ۽ گوڙ سان ڀرجي ويندو هو، پر سانجهن جو سڄو ڪنارو ويران لڳو پيو هوندو هو. ان وقت اتي بي انت آزاديءَ جو درشن ٿيندو هو. تڏهين ٽيئي ڄڻا گڏجي کاڌي لاءِ طرح طرح جون شيون تيار ڪندا هوا – ڀلون ڪندا هوا ۽ هڪ جي بدران ٻيو ڪري وهندا هئا. ان بعد مرڻ مئي پنهنجي چوڙين جي جهنڪار ۽ سنيهه ڀريل هٿن سان روٽي پرڇيندي هئي. سهرو ۽ ناٺي گڏجي کائيندا هئا. ٻئي گڏجي مرڻ مئيءَ جون سوين چڪون پڪڙيندا هئا ۽ انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري خوش ٿيندا هئا. مرڻ مئي ان تي کجندي ۽ منهن سڄائيندي هئي. ان طرح اهو خوشيءَ ۽ گهپيءَ جو نظارو ختم ٿيندو هو. آخر هڪڙي ڏينهن ڪرشن چيو – ”هاڻي هتي وڌيڪ رهڻ ٺيڪ نه آهي.“ مرڻ مئيءَ نيزاريءَ مان ڪجهه ڏينهن وڌيڪ ترسڻ لاءِ وينتي ڪئي. ڪرشن چيو – ”نه ڪا ضرورت ڪانهي.“

موڪلائڻ مهل رامچندر ڌيءُ کي ڇاتيءَ سان لائي سندس مٿي تي هٿ رکي ڳوڙها ڳاڙيندي گد گد ٿي چيو – ”ڌيءُ تون ساهري گهر جو سينگار ٿي لڪشمي بني رهجانءِ. جيئن منهنجي ڌيءُ مان ڪو عيب نه ڪڍي سگهي.“

مرڻ مئي رئندي رئندي پتيءَ سان گڏ موڪلائي هلي ۽ رامچندر ان ننڍڙي ويران ڇپر ۾ موٽي ڏينهن بعد ڏينهن ۽ مهينن پٺيان مهينا گذارڻ لڳو ۽ پنهنجي هميشہ جي ڪار کي لڳو رهيو.

(6)

جڏهين ٻئي ڏوهاري موٽي گهر آيا تڏهين ماءُ ماٺ رهي. گنڀير، وات مان اکر به ڪو نه ڪڍيائين؛ نه ڪنهنکي ڏوه ڏنائين جنهنجي دور ڪرڻ جي هو ڪوشش ڪن. سڄو ڪٽنب شيهي جي ڀاري ٻوجهي مثل هن ماٺ جي دانهن ۽ سانتيڪي اڀمان هيٺان دٻيو رهيو.

جڏهين هي بار سهڻ کان ٻاهر ٿي ويو تڏهين ڪرشن، ماءُ وٽ اچي چيو –”امي، ڪاليج کلي ويا آهن هاڻي مونکي وڪالت پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو.“

ماءُ بي دليو پڇيو – ”ڪنوار جو ڇا ٿو ڪرين؟“

ڪرشن چيو – ”اها هتيئي رهندي!“

ماءُ چيو – ”نه بابا، ائين نه ڪريو. توهين کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃو.“ ماءُ هي پهريون ئي دفعو پٽ کي ’توهين‘ ڪري سڏيو هو – اڳ۾ هوءَ کيس هميشہ’تون‘ ئي ڪري ڪوٺيندي هئي.

ڪرشن دک ۽ غيرت وچان ٽٽل آواز ۾ چيو – ”چڱو!“

ڪلڪتي وڃڻ جي تياري ٿيڻ لڳي. هن دک ڀرئي آواز ۾ مرڻ مئيءَ کان پڇو – ”مرڻ مئي، تون مون سان ڪلڪتي نه هلندينءَ.“

مرڻ مئيءَ چيو – ”نه.“

ڪرشن پڇو – ”تون مونکي پيار نٿي ڪرين؟“

پر ان سوال جو هن کي ڪو به جواب نه مليو.

ڪرشن پڇو – ”شايد تون راکال کي ڇڏي نٿي سگهين. هنکي ڇڏڻ جو خيال ڪندي ئي دل ۾ خبر نه آهي ته ڇا پيو ٿئيئي؟ ائين نه؟“

مرڻ مئيءَ جي واتان بي اختيار نڪري ويو – ”ها.“

ان تان هن بي اي پاس نوجوان جي دل ۾ ان ننڍڙي ٻار راکال ڏانهن حسد پيدا ٿيو. چياءِ – ”مان جلد گهر اچي ڪين سگهندس.“

ان جي جواب ۾ مرڻ مئيءَ کي ڪجهه به چوڻو ڪو نه هو. ٿورو رکي ڪرشن وري چيو – ”ڀانئجي ٿو ته ٻه سال کن اچي نه سگهان، شايد ان کان به وڌيڪ وقت لڳي.“ انتي مرڻ مئيءَ حڪم ڏنو ته جڏهين تون واپس اچين راکال لاءِ ٽن ڦرن وارو چاڪو وٺندو اچجانءِ.

ڪرشن ليٽيو پيو هو، تنهن ٿورو اُٿي چيو – ”ته تڏهين تون هتي ئي رهندينءَ؟“

مرڻ مئيءَ چيو – ”هائو، مان پنهنجي ماءُ وٽ وڃي رهنديس.“

ڪرشن شوڪارو ڀري چيو – ”چڱو، اتي ئي رهجانءِ! پر جيستائين تون مونکي اچڻ لاءِ چٺي نه لکندينءَ تيستائين مان موٽي نه ايندس. ڪيئن، انمان ته توکي پاڻ خوشي ٿي هوندي؟“

مرڻ مئي هن سوال جي جواب ڏيڻ جي ضرورت نه سمجهي سمهڻ لڳي. پر ڪرشن کي ننڊ نه آئي هو وهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو رهيو.

رات ڳپل گذري ويئي. چندرما جو پرڪاش اچي هنڌ تي پيو. ڪرشن ان پرڪاش ۾ مرڻ مئيءَ ڏي نهاريو. نهاريندي نهاريندي هنکي خيال آيو ته هيءَ ڪنهن آکاڻيءَ جي راج ڪنيا آهي. کيس ڪو روپي جي ڇڙهي گهمائي بيهوش ڪري ويو آهي. ڪٿان سون جي ڇڙهي ملي وڃي ته کيس جاڳايو وڃي ۽ ساڻس مالها بدلائي وڃي.

وڏي اسر جو ڪرشن، مرڻ مئيءَ کي جاڳايو ۽ چيائينس – ”منهنجي وڃڻ جو وقت ٿي ويو هل ته توکي ماڻهين وٽ پهچائي اچان.“

مرڻ مئي کٽ ڇڏي اُٿي کڙي ٿي. ڪرشن کيس ٻنهي هٿن کان جهلي چيو – ”مان توکي هن وقت هڪڙي وينتي ٿو ڪريان مون تنهنجي ڪيترائي دفع مدد ڪئي آهي. اڄ وڃڻ وقت انجي بدلي مونکي ڪو انعام ڏيندينءَ؟“

مرڻ مئيءَ عجب ۾ پئجي پڇيو –”ڇا؟“

ڪرشن چيو – ”تون پنهنجي خوشيءَ سان پريم مان مونکي هڪڙي مٺي ڏيڻ ڏي.“

ڪرشن جي هيءَ عجيب گهر ۽ گنڀير منهن ڏسي مرڻ مئيءَ کي کل اچي ويئي. هن ڏاڍي مشڪلات سان کل روڪي مٺي ڏيڻ لاءِ پنهنجو منهن اڳتي وڌايو؛ پر منهن ڪرشن ڀرسان نيندي ئي هوءَ پاڻ روڪي نه سگهي ۽ وري اچي کل ۾ ڇٽڪي. ان طرح ٻه ڀيرا ڪوشش ڪري ۽ آخر ۾ لاچار ٿي هوءَ وات تي ڪپڙو رکي کلڻ لڳي. ڪرشن سانت ڪرائڻ لاءِ بناوٽي غصي مان کيس جهڻڪيو.

مرڻ مئيءَ وڌيڪ ڪين کليو. ڪرشن کيس پرڀات جي پرڪاش ۾ اڪيلي رستي کان سندس ماءُ جي گهر پهچائي آيو ۽ موٽي پنهنجي ماءُ کي اچي چيائين – ”مون ويچاري ڏٺو ته جيڪڏهن مان مرڻ مئيءَ کي ساڻ وٺي ويندس ته مونکي پڙهڻ ۾ اٽڪ پوندي. گهر ۾ ٻيو ڪو ڀاتي به نه هوندو. اڪيلو رهڻو پوندس. تون ته کيس پاڻوٽ رهائڻ نٿي چاهين تنهنڪري مان کيس سندس ماءُ وٽ پهچائي آيو آهيان.“

(7)

ماءُ جي گهر اچي مرڻ مئيءَ ڏٺو ته ڪنهن به ڪم ۾ سندس من نٿو لڳي. ڄڻ سڄوئي گهر بدلجي ويو آهي، ان سان سندس ڪو لاڳاپو نه رهيو آهي. هوءَ اهو فيصلو نه ڪري سگهي ته ڇا ڪري؟ ڪيڏانهن وڃي ۽ ڪنهن سان ملي جلي؟

کيس ائين معلوم ٿيو ڄڻ سڄي گهر ۽ ڳوٺ ۾ ڪو ماڻهو ئي ڪو نه رهيو آهي. ڄڻ سڄو ڳوٺ کانئس وڇڙي جدا ٿي ويو آهي. ڄڻ ٻنپهرن جي سورج کي گرهڻ لڳي ويو آهي. هوءَ ڪنهن طرح سمجهي نه سگهي ته اڄ جو ڪلڪتي وڃڻ لاءِ سندس دل ايترو ڇڪجي رهي آهي سا ڪالهه رات جو ڪاڏي پئي هئي! ڪالهه هن نٿي ڄاتو ته جيون جي جنهن حصي سان جڙڻ لاءِ سندس من ايترو وياڪل ٿي رهيو آهي، سو ڪو سڀاڻي ان کان ايترو بيزار ٿي ويندو. اڄ ڄڻ وڻ جي پڪل پن جيان سندس من اڳئين جيون کان ڇڄي ڌار ٿي ويو.

وڌاتا مرڻ مئيءَ جي ٻال پڻي ۽ جوانيءَ جي وچ تي ڪو اهڙي سنهڙي ڌار واري تلوار سان وار ڪيو هو جنهن جو مرڻ مئيءَ کي ڪو پتو ئي نه پيو، پر اڄ ٿوري ئي ٺوڪر لڳڻ تي سندس ٻالپڻو، جو انهيءَ کان ڇڄي ڌار ٿي ويو ۽ مرڻ مئي عجب ۽ دک مان نهاريندي ئي رهجي ويئي.

پيڪن ۾ سندس سمهڻ وارو ڪمرو هينئر کيس پنهنجو نٿي لڳو. اهو ڪمرو جيئن سينگاريل رهندو هو هاڻي منجهس اهڙي ڪا به نيشاني ڪانه نظر آيس، هاڻي سندس دل ور ور ڪيو هن نئين گهر، نئين ڪمري ۽ نئين کٽ ڏي پي ڊوڙي.

مرڻ مئيءَ کي هينئر ڪنهن ٻاهر نڪرندو نٿي ڏٺو. هاڻي سندس ٻڌا ٻڌا ٽهڪ به ٻڌڻ ۾ نٿي آيا. راکال هاڻي کيس ڏسندي ئي ڊڄي ٿي ويو – کيڏڻ ڪڏڻ ته هينئر کيس ياد به ڪو نه ٿي پيو.

مرڻ مئيءَ چيو – ”امي مونکي ساهري گهر موڪلي ڏي.“

هيڏانهن موڪلائڻ مهل پٽ جو دک ڀريو چهرو ياد ڪري ڪرشن ماءُ جو هردو ڏرڻ لڳو. هنجي دل ۾ اها ڳالهه ڪنڊي جيان چڀڻ لڳي ته پٽس ڪاوڙجي ڪنوار کي پيڪي ڇڏي آيو آهي.

اهڙي حالت ۾ هڪڙي ڏينهن مرڻ مئي منهن ڍڪي لٿل منهن سان وٽس لنگهي آئي ۽ اچي سندس پيرن تي ڪري پيئي. سس کيس هڪدم کڻي ڇاتيءَ سان لاتو. سندس اکيون ڀرجي آيو – اک ڇنڀ ۾ سس ۽ ننهن ٻئي پاڻ ۾ سرچي وييون. سس پنهنجي ننهن جي منهن ڏي نهاري وسميءَ ۾ پئجي ويئي. ڏٺائين ته هيءَ ته اها اڳين مرڻ مئي نه آهي. عام طرح اهڙو ڦيرو سڀ ڪنهن ۾ نٿو ڏسجي. وڏي ڦيري لاءِ طاقت به وڌيڪ گهرجي.

سس ارادو ڪيو هو ته هڪ هڪ ڪري مرڻ مئيءَ جا سڀ عيب سڌارينديس، پر هنجي ان سڌار ڪرڻ کان اڳ۾ ئي نه ڄاڻ ڪهڙي غيبي سڌارڪ ڪهڙي سولي رستي سان مرڻ مئيءَ کي سڌاري ڄڻ نئون جنم ڏيئي ڇڏيو.

انوقت ئي مرڻ مئيءَ سس کي سمجهو ۽ سس به مرڻ مئيءَ کي سڃاتو. جيئن وڻ سان ٽاريون مليل رهن ٿيون تيئن هي سڄو ڪٽنب هڪ ٻئي سان ملي هڪ ٿي ويو.

هڪ گنڀير سنيهه ڀريو استري سڀاءُ مرڻ مئيءَ جي سڄي تن ۽ بدن جي رڳ رڳ ۾ ڀرجي ويو ۽ انڪري ڪو درد سندس دل ۾ جاڳي اٿيو. آکاڙ جي شروعاتي ڀريل ڪارن ڪڪرن سمان سندس دل ۾ ڪو ڳوڙهن ڀريو فخر ڪر کڻي اُٿڻ لڳو. ان اڀمان هنجي نيڻن جي پنبڻين مٿان گهري ڇايا ڇانئين ڇڏي. هوءَ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي مان ته مورک هيس، تنهنڪري مان پاڻ کي سڃاڻي نه سگهيس، پر هن مونکي ڇو ڪين سڃاتو؟ هن مونکي سزا ڇو نه ڏني؟ هن مونکي پنهنجي مرضيءَ موجب ڇو نه هلايو؟ جڏهين هيءَ راڪسڻ ساڻس ڪلڪتي هلڻ لاءِ راضي نه ٿي تڏهين ڇو ڪين هو کيس زوريءَ پڪڙي ساڻ وٺي ويو؟ مونکي ڳالهائڻ ڇو ڏنائين، منهنجو چوڻ ڇو مڃيائين. منهنجي ’نه‘ چوڻ کي ڇو ڏٺائين؟

ان بعد اهو نظارو سندس اکين اڳيان گهمي ويو جڏهين ڪرشن تلاءَ جي ڪناري اڪيلي رستي تي کيس کڻي ڀاڪر ۾ قابو ڪيو هو ۽ ڪجهه به ڪڇڻ ڌاري رڳو ٽڪٽي لڳائي سندس منهن ۾ نهاريندو رهيو هو. اوچتو کيس اهو تلاءُ، اهو رستو، اهو ساوڪ ڀريو ڪنارو، اها صبح جي مٺي اُس ۽ اها دل جي بار سان ڍڪيل اڪير ڀري گنڀير نهار ياد اچي ويئي ۽ اُنجو سڄو مطلب سندس سمجهه ۾ اچي ويو. ان بعد موڪلاڻيءَ جي ڏينهن جو سندس مٺيءَ کان موٽايل منهن، ان وقت بيابان جي رڃ مثل پياسي پکيءَ جيان ان گذريل واقع ڏانهن ڊوڙڻ لڳو پر ڪنهن به طرح سندس پياس نه لٿي. هاڻ کيس رکي رکي من ۾ رڳو ائين ئي اچڻ لڳو ته هاءِ جيڪڏهن مان ان وقت هيئن ڪريان ها، سوال جو جيڪڏهن هي جواب ڏيان ها، انوت جيڪڏهين هيئن ٿئي ها! وغيره.

ڪرشن جي من ۾ ان سبب دک ٿيو هو ته مرڻ مئيءَ کيس پورو ڪين پڇاڻيو. مرڻ مئي به اڄ ويٺي ويٺي ويچاريو ته هن مونکي ڇا سمجهو ۽ ڇا سمجهي مونکي ڇڏي هليو ويو. ڇا ڪرشن کيس، بي ڀئي، چلولي، ڪم عقل، بي سمجهه ڪري ڄاتو. هردي جي پورن امرت ڌارا سان پريم جي پياس ٻجهائيندڙ استري ڪري نه سمجهو. اهو ويچار ڪري هوءَ پردک، لڄ ۽ اندر جي ڌڪار کان دکي ٿيڻ لڳي. هوءَ اهي مٺيون ۽ سهاڳ جا قرض ڪرشن جي هنڌ جي وهاڻن تي چڪائڻ لڳي. ان طرح ڪيترائي ڏينهن گذري ويا.

ڪرشن چئي ويو هو ته جيستائين تون چٺي نه لکندينءَ تيستائين مان گهر نه ايندس. اها ڳالهه ياد ڪري مرڻ مئي هڪڙي ڏينهن پنهنجي ڪوٺيءَ کي ڪڙو پائي چٺي لکڻ ويٺي. ڪرشن چٺي لکڻ لاءِ جيڪي سونهري ڪناريءَ سان رنگي ڪاغذ ڏيئي ويو هوس. سي ڪڍي هوءَ ويچارڻ لڳي ته ڇا لکان ۽ ڪيئن لکان. آخر هن ڪاغذ ۽ قلم کي زور سان جهلي آڱريون مس سان ڀري ننڍن وڏن ۽ ڏنگن ڦڏن اکرن ۾ مٿان ڪا به عبارت نه لکي، لکيو – ”تون مونکي چٺي ڇو نه ٿو لکين؟ تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟ تون گهر اچ! ان کان پوءِ ڇا لکجي سو ڪجهه ويچاري نه سگهي. هوءَ جيتوڻيڪ مطلب جون سڀ ڳالهيون لکي چڪي هئي پر ته به محسوس ڪرڻ لڳي ته کيس اڃا به ڪجهه دل کولي وڌيڪ لکڻ گهرجي جنهن مان سندس دل جو درشن ملي سگهي. تنهنڪري اڃا به ڪجهه وقت سوچ ويچار ڪري ڪجهه وڌيڪ لکيائين – ”هاڻي توهين مونکي چٺي لکجو. ڪيئن آهيو سو احوال ڏجو ۽ گهر اچو. امي چاڪ آهي. اسانجي ڪاري گانءِ کي گابو ڄائو آهي. وشني چاڪ آهي.“ ايترو لکي چٺي پورو ڪيائين. چٺي موڙي لفافي ۾ وڌائين ۽ دلي پيار مان هڪ هڪ اکر ٺاهي لفافي تي سرنامون وڌائين ”شرييت ڪرشنچندر“ چاهي ڪيترو به پيار مان لکيو هجيس ته به اکر صاف، حجي صحي ۽ سٽ سڌي نه بيٺي.

کيس سڌئي ڪا نه هئي ته لفافي مٿان نالي کان سواءِ ٻيو به ڪجهه لکبو آهي. ڪٿي سس يا ٻيو ڪو ڏسي نه وٺي ان شرم کان هن هڪ وشواسي داسيءَ هٿان اها چٺي ٽپال ۾ وجهڻ لاءِ موڪلي ڏني. ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي ته ان چٺيءَ جو ڪو به نتيجو نه نڪتو. ڪرشن گهر ڪو نه آيو.

(8)

وئڪيشن شروع ٿي ويئي تڏهين به ڪرشن گهر نه آيو. ماڻس سمجهو ته هو شايد اڃا به مٿس ناراض آهي.

مرڻ مئيءَ به ائين ڄاتو ته هو ضرور مٿس ناراض آهي. پنهنجي چٺيءَ کي ياد ڪري هوءَ لڄ ۾ ٻڏڻ لڳي. اها چٺي ڪيڏي نه ننڍي هئي. ان ۾ لکيو به ڇا هوم. ان ۾ منهنجي دل جو ڪو به ڀاءُ ظاهر نه ٿي سگهيو. چٺي پڙهي هن مونکي هيڪاري مورک سمجهو هوندو. اهي ڳالهيون ويچاري مرڻ مئي دل ئي دل ۾ تڙڦڻ لڳي. هن وري وري ڪيترائي ڀيرا داسيءَ کان پڇيو – چٺي ٽپال ۾ وڌي هيئَه نه؟ نوڪرياڻيءَ کيس هزار دفعه ويساه ڏياري چيو – ”ڪنوار، چٺي مان پنهنجي هٿن سان دٻي ۾ وجهي آئي هيس. مالڪ کي اها ڪڏهين جو وڃي ملي هوندي.“

آخر هڪڙي ڏينهن سسڻس کيس سڏ ڪري چيو – ”ڌيءُ ڪرشن ڪيترن ڏينهن کان گهر ڪو نه آيو آهي مرضي اٿم ته ڪلڪتي وڃي کيس روبرو ڏسي اچان. تون هلندينءَ؟“مرڻ مئيءَ ڪنڌ جي لوڏ سان هائو ڪئي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي اندران ڪڙو پائي ڇڏيائين. پوءِ هنڌ تي ليٽي وهاڻي کي ڇاتيءَ سان لائي کلي ۽ لڏي لچڪي دل جي اُمنگن کي ٺاري آهستي آهستي سانت ۾ اچي گنڀير بنجي خوف کان ويهي رئڻ لڳي.

ڪرشن کي خبر ڏيڻ کانسواءِ ئي ٻئي دکي استريون هنجي خوشيءَ جي بکيا وٺڻ لاءِ ڪلڪتي روانيون ٿيون ۽ وڃي نياڻي جي گهر لٿيون.

انهي ڏينهن مرڻ مئيءَ جي چٺي اچڻ جي آشا کان نراس ڪِرشن پنهنجو انجام ٽوڙي کيس چٺي لکڻ لاءِ ويٺو هو پر دل ڀريا اکر مليس ئي نٿي. هنجي مرضي هئي ته ڪي اهڙا لفظ لڀن جن مان پريم به ظاهر ٿئي ۽ مانائتو روسامون به. پر اهڙن لفظن نه ملڻ ڪري ماتر ڀاشا مان سندس شرڌا گهٽبي ٿي ويئي. انهيءَ وقت کيس ڀيڻيوئي جي چٺي پهتي جنهن ۾ لکيل هو ”امي آئي آهي جلدي اچو. رات جي رسوئي به هت اچي ڪيو. ٻيو سڀ سک آهي.“ آخر ۾ سک جي لفظ هوندي به ڪرشن دک جي خيال کان ڇرڪي ويو. بنان دير جي هو ڀيڻ جي گهر وڃي پهتو.

ماتا سان ملندي ئي هن پڇو ”امي، ٻيو سڀ سک آهي نه؟“

ماءُ چيو – ”سڀ سک آهي. تون موڪلن ۾ گهر نه آئين، ان ڪري مان توکي وٺڻ آئي آهيان.“

ڪرشن – ”ان لاءِ هيتري تڪليف وٺي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. وڪالت جو امتحان آهي، پڙهڻو گهڻو ٿو پوي وغيره.“

روٽي کائڻ وقت ڀيڻ پڇيس – ”دا دا! هن ڀيري تون ڀاڀيءَ کي پاڻ سان گڏ ڇو ڪين وٺي آئين؟“

ڀاءُ گنڀير ڀاو مان چوڻ لڳو –”وڪالت جو امتحان آهي، پڙهڻو گهڻو ٿو پوي، وغيره“

ڀيڻيوئي چيو –”ان دليل ۾ ڪو دم نه آهي. اسان جي ڊپ کان وٺي اچڻ جي همٿ نه ٿيئه.“

ڀيڻس چيو – ”ڀلا توهانجي خوفناڪ هجڻ ۾ ڪهڙو شڪ آهي! ڪچيءَ عمر جا ماڻهو ته توهانکي ڏسنديئي ڇرڪي ٿا پون.“

هن طرح کل چرچو ٿيڻ لڳو پر تنهن هوندي به ڪرشن گهور چنتا ۾ هو. هن کي ڪابه ڳالهه مٺي ڪا نه ٿي لڳي. هو خيال ڪرڻ لڳو ته جڏهين امي ڪلڪتي آئي، تڏهين جيڪڏهين مرڻ مئي چاهي ها ته هن سان گڏي اچي سگهي ها. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اميءَ کيس آڻڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ته به هوءَ راضي نه ٿي آهي. ان باري ۾ لڄ کان هو ماءُ کان به سوال نه ڪري سگهيو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com