سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جهرڻا

باب: --

صفحو :3

 

نروپما جو وهانو

پنجن پٽن کان پوءِ جڏهين هڪ ڌيءُ ڄائي، تڏهين ماءُ پيءُ ڏاڍي پيار مان سندس نالو نروپما رکيو. هن ڪٽنب ۾ ههڙو سهڻو نالو اڳ۾ ڪنهنجو به ٻڌڻ ۾ نه آيو. اڪثر ديوي ديوتائن جا نالا ئي رکيا ويندا هئا، گڻيش، ڪارتڪ، پاروتي وغيره!

هينئر نروپما جي وهانو جي ڳالهه هلي رهي هئي. سندس پتا رامسندر ڏاڍي ڳولا ڪئي، پر ڪو پسنديءَ جهڙو ڇوڪرو نه مليس. آخر هنجي نظر هڪ راءِ بهادر جي اڪيلي پٽ تي وڃي پيئي. راءِ بهادر جي وڏن جي مال ملڪيت جيتوڻيڪ گهڻي قدر ناس ٿي چڪي هئي پر سندن ڪٽنب اڃا چڱي اوج ۾ هئَو.

ڇوڪري جي مائٽن طرفان ڏهه هزار روپيه روڪ ۽ حد کان وڌيڪ ڏاج جي طلب ڪئي ويئي. رامسندر بنان ڪجهه سوچئي سمجهي ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو. سبب ته اهڙو ڪڻو وري ملڻ ڏکيو هو!

پر پئَسن جو انتظام ڪنهن به طرح نه ٿي سگهيو. ٽپڙ گروي رکي، وڪڻي، گهڻي ڪوشش ڪرڻ تي به ڇهن ستن هزارن جي ڪمي رهجي ويئَي. هيڏانهن وهانو جا دهل اچي در تي بيٺا!

آخر وهانو جو ڏينهن به اچي ويو. ڳاٽي ڀڳي وياج تي هڪ ماڻهوءَ باقي پئسا ڏيڻ قبول ڪيا. پر مهل تي اهو به گم ٿي ويو!

وواهه منڊپ ۾ گوڙ مچي ويو. چوڌاري خوف ڇانئجي ويو. رامسندر، راءِ بهادر کي هٿ جوڙي چيو – ”هي شڀ ڪاريه پورو ٿيڻ ڏيو. پئسا مان توهانکي ڪيئَن به ڪري پهچائيندس“ پر راءِ بهادر هڪ تي ٿي بيٺو. چي ”رپين بنان ڇوڪرو هن منڊپ ۾ پير نه پائيندو.“

هن گوڙ ڪري گهر ۾ رودن مچي ويو. هن مصيبت جو جيڪا مکيه ڪارڻ هئي سا ويڏيءَ جي ڪپڙن ۽ ڳهڻن ۾ چپ چاپ ويٺي هئي. ساهرن لاءِ سندس دل ۾ ڪهڙا خيال اٿي رهيا هئا ان لاءِ ڪجهه چئي نٿو سگهجي.

ايتري ۾ تفرقو ڦري ويو. پٽ پنهنجي پيءُ خلاف ٿي بيٺو. هن پيءُ کي چيو – ”خريد، وڪري اگهه، ڀاو جي ڳالهه مان نه ڄاڻان. وهانو ڪرڻ آيو آهيان ۽ وهانو ڪري هلندس.“

پيءُ جنهن کي سامهون ڏٺو تنهنکي چيو – ”ڀائي ڏٺو اڄڪلهه جي ڇوڪرن جا افعال!“ ٻه ٽي ٻڍا جي اتي حاضر هئا تن چيو – ”اڄ شاستر سکيا ۽ نيتي سکيا ته رهي ئي ڪانهي.“

وهانو ته ڪنهن طرح ٿي ويو. پر اداسيءَ مان، خوشيءَ مان نه!

نروپما کي ساهري اپڙائيندي پيءُ کيس ڇاتيءَ سان لائي اکين جي ڳوڙهن کي روڪي نه سگهيو. نروپما پڇو – ”پتا جي! ڇا هو مون کي هاڻي هيڏانهن موڪل نه ڏيندا؟“

رامسندر چيو – ”ڌيءُ! ڇو ڪين ڏيندا مان توکي وٺي ايندس.“

رامسندر اڪثر پنهنجي ڌيءُ کي ڏسڻ ويندو هو. پر سيڻڪي گهر کيس ڪو به آدر ڀاءُ نه ملندو هو. نوڪر چاڪر به کيس نفرت سان ڏسندا هئا. ڪنهن ڏينهن هو ڌيءُ سان گهر جي ٻاهرئين ڪمري ۾ گڏجي سگهندو هو ته ڪنهن ڏينهن ائين ئي موٽي ايندو هو.

سيڻن جو اهڙو اپمان سهڻ کان ٻاهر آهي. رامسندر پڪ ڪئي ته ڪيئَن به پئسا ڏبا.

پر جو قرض هينئَر سر تي هوس اهو ئي لاهڻ ڏکيو هو. گهر جي خرچ جو به ڪنهن طرح ڇڪي تاڻي پئي پورائو ڪيائين. قرضين جي نظر کان بچڻ لاءِ ڪيترن ئي قسمن جا رستا سوچڻا پوندا هئس.

هيڏانهن ساهرن ۾ ڇوڪريءَ کي اٿندي وهندي سيل سهڻا ٿي پيا. مائٽن جي نندا ٻڌي ڪمري جو دروازو بند ڪري ڳوڙها ڳاڙڻ ته هنجو روز جو ڪم ٿي پيو.

خاص ڪري سس جون سهمون ته بند ئي نٿي ٿيون. جيڪڏهين ڪا چوندي هئي ”آها! ڪهڙي نه سهڻي آهي. ڪنوار جو منهن ڏسي دل ٿي خوش ٿئي“ ته سس ڪڙڪو ڪري چوندي هئي – ”ڇو ڪين هوندي. جهڙي گهر جي ڇوڪري آهي شڪل به اهڙي هوندس نه؟“

ٻيو ته ڇڏيو پر نروپما جي کائڻ پائڻ جو به. ڪو خيال نه ڪندو هو. جيڪڏهن ڪا ديالو پاڙيسرڻ ڪنهن ڪميءَ جو ذڪر ڪندي هئي ته سس چوندي هئس – ”بس اهو ئي گهڻو آهي“ يعني ته جيڪڏهين پيءُ پورا پئسا ڏئي ها ته ڇوڪريءَ جي به پوري خاطر داري ٿئي ها. سڀني جو ساڻس اهڙو ورتاءُ هو جو ڄڻ ڪنوار جو هن گهر ۾ ڪجهه هئَوئي ڪو نه. هوءَ ڄڻ دوکي سان گهر ۾ گهڙي آئي هئي.

ڌيءُ جي هن نرادر ۽ اپمان جي ڳالهه سندس پيءُ جي ڪنن تائين پهچي ويئي. رامسندر لاچار ٿي پئسن جي پورائيءَ لاءِ پنهنجي جهڳي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.

پر پٽن کان اها ڳالهه لڪل رکيائين ته هو ڪو کين بي گهر ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. ارادو ڪيائين ته جاءِ وڪڻي، وري ساڳي جاءِ مسواڙ تي وٺبي ۽ اهڙي ڪوشش ڪبي جيئن منهنجي مرڻ کان اڳ ڇوڪرن کي خبر نه پوي ته ڪا جاءِ وڪرو ٿيل آهي.

پر ڇوڪرن کي هن ڳالهه جي خبر پئجي ويئي. سڀ اچي رئڻ لڳا. خاص ڪري وڏا ٽي ڇوڪرا شادي ڪيل هئا. ۽ انهن مان ڪي ٻارن ٻچن وارا به هئا. هنن جي اعتراض رامسندر کي ڏاڍي مشڪلات ۾ وجهي ڇڏيو. آخر جاءِ وڪڻڻ جو خيال لاٿو ويو. تڏهين رامسندر هنڌ هنڌ ڪري پٽڻ شروع ڪيو. ڳري وياج تي ٿورا ٿورا پئسا قرض وٺڻ لڳو. نوبت ايتري تائين اچي پهتي جو گهر جو خرچ هلائڻ به مشڪل ٿي پيو.

نروپما، پيءُ جو منهن ڏسي سڀ سمجهي ويئي. ٻڍڙي پتا جي اڇن وارن، سڪل منهن ۽ لٿل دل تي مفلسيءَ ۽ ڳڻتيءَ جي ڇايا صاف صاف ڏيکاري ڏيڻ لڳي. ڌيءُ جي سامهون جڏهين پيءُ اپراڌي آهي، تڏهين ان اپراڌ جو اثر ڪيئن ٿو لڪائي سگهجي. رامسندر جڏهين سيڻن ۾ اجازت ملندي ڌيءَ سان گهڙي پل گڏجندو هو تڏهين پيءُ جي ڇاتي ڪيئَن ٿي ڏري اهو هنجي سڪي کل ڏسڻ سان ئي معلوم ٿي سگهيو ٿي.

ان لاءِ خاص ڪري پيءُ جي دل کي سنتوش ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن کان نروپما پيڪي وڃڻ لاءِ ڏاڍي آتي ٿي ڏٺي. پيءُ جي سڪل منهن کي ڏسي هينئَر هوءَ پري نٿي رهي سگهي. هڪ ڏينهن هن رامسندر کي چيو ”بابا! مونکي گهر وٺي هلو.“ رامسندر چيو – ”هائو ڌيءُ!“

پر هو بيوس هو. پنهنجي ڪنيا تي پتا جو جيڪو سڀاويڪ حق آهي، اهو ڄڻ ڏاج جي پئسن عيوض گروي رکڻو پيو هوس. ٻيو ته ڇا پر ڇوڪريءَ سان گڏجڻ لاءِ به ڏاڍو هچڪندي ڄڻ بيک پنڻي پوندي هئس ۽ ڪنهن نه ڪنهن وقت نراس ٿيڻ تي ڪجهه به ڪڇڻ جي همٿ نه ٿيندي هيس. پر ڇوڪريءَ جڏهين خود پيڪي اچڻ ٿي چاهيو، پوءِ ڀلا پيءُ هنکي بنان آڻڻ جي ڪيئن ٿي رهي سگهيو؟ تنهنڪري سيڻن وٽ اهڙي ڳالهه جي درخواست پيش ڪرڻ کان اڳ رامسندر ڪيتري گهٽتائي، ڪيترو اپمان ۽ ڪيترو نقصان سهي ڪيئن به ٽي هزار رپيا ڪٺاڪيا. ڪيئَن ڪٺا ڪيائين تنهنجو ڳجهه لڪو رهڻ ئي چڱو آهي.

نوٽ رومال ۾ ويڙهي رامسندر سيڻ وٽ اچي ويٺو. پهرين منهن تي مشڪ آڻي پنهنجي اوڙي پاڙي جي ڳالهه ڇيڙيائين ’هري ڪرشن جي گهر کي کاٽ لڳو آهي!‘کاٽ جو سمورو حال احوال منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ڪري ٻڌايائين. آخر حقو هڪ ڪنڊ تي رکي ڳالهه تان ڳالهه ڪڍندي چيائين – ”ها، توهانجا پئسا ته اڃا رهيل آهن. جڏهين ايندو آهيان تڏهين خيال ڪندو آهيان ته ڪجهه کڻي وڃان. پر هلندي وقت يادگيري لهيو وڃي – نيٺ پيري اوسٿا آهي!“

هن طرح هڪ لمبي ڀومڪا ٻڌي، ڍڪ ڀري انهن ٽن نوٽن کي ڄڻ ڏاڍي آسانيءَ سان، ڏاڍي لاپرواهيءَ سان ڪڍي ٻاهر ڪيائين.

صرف ٽن هزارن جا نوٽ ڏسي راءِ بهادر ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. چيائين – ”رکو، رکو. انهن جي ضرورت ڪانهي. ٿوري واسطي هٿ ڇو ڪنان ڪريان!“

راءِ بهادر جي اهڙي هلت کانپوءِ ڇوڪريءَ جي موڪل جي ڳالهه ڪڍڻ ڏاڍي ڏکي هئي. پر رامسندر خيال ڪيو ته هينئر مٽي مائٽيءَ جو شڪ ڪرڻ سونهين نٿو. دل تي سخت چوٽ لڳڻ ڪري هو ڪجهه دير چپ رهيو. آخر ۾ پنهنجي مطلب جي ڳالهه چوريائين. راءِ بهادر ڪنهن سبب ڏني بنان ئي چيو – ”هينئَر ائين نه ٿي سگهندو.“ ايترو چئي هو ڪنهن ڪم سان ٻاهر هليو ويو.

رامسندر ڌيءُ کي منهن نه ڏيکاري ڏڪندڙ هٿن سان نوٽ رومال ۾ ٻڌي سڌو گهر هليو آيو. دل ئي دل ۾ پرتگيا ڪيائين – ”جيستائين سڀ پئسا چڪائي، ڇوڪريءَ کي گهر ۾ نه آڻيندس تيستائين سيڻن جي چائنٺ تي نه چڙهندس.“

ڪيترائي ڏينهن گذري ويا. نروپما نياپن پٺيان نياپا موڪليا پر پيءُ جو منهن ڏسڻ نصيب نه ٿيس. آخر ڪڪ ٿي نياپا موڪلڻ بند ڪري ڇڏيائين. رامسندر جي دل تي سخت چوٽ لڳي، پر تڏهين به هو نه ويو!

اسوءَ جو مهنو آيو. رامسندر چيو – ”هن ڀيري پوڄا جي ڏينهن ۾ ڇوڪريءَ کي ضرور گهرائبو، نه ته مان....“

ڏاڍي گهور پرتگيا ڪري ويٺو!

پنجين يا ڇهين ڏينهن وري رومال ۾ ڪجهه نوٽ ٻڌي رامسندر سيڻ جي گهر هلڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. پنجن سالن جي پوٽي اچي چيس”بابا منهنجي لاءِ گاڏي وٺڻ ٿا وڃو؟“ گهڻن ڏينهن کان هو گاڏيءَ تي چڙهي هوا کائڻ لاءِ چئي رهيو هو. پر ڪنهن به طرح سندس گهر پوري نه ٿي هئي. ڇهن سالن جي هڪ پوٽيءَ رئندي رئندي اچي چيس – ”بابا! پوڄا جي ڏينهن ۾ گهمڻ ڦرڻ لاءِ مون وٽ هڪ به سٺي گهگهري ڪانهي“

رامسندر سڀ ڄاتو ٿي. هو حقو ڇڪي هن باري ۾ گهڻو ڪجهه سوچي رهيو هو. راءِ بهادر جي گهران جڏهن پوڄا جي نالي جي نينڍ ايندي تڏهين ڇا منهنجي نهرن کي هي رواجي ڳهه پائي قياس جوڳي حالت ۾ وڃڻو پوندو؟ اهو خيال ڪندي هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو پر ان مان سندس نرڙ جون ريکائون ڇڪجي اچڻ کانسواءِ ٻيو ڪو نتيجو نه نڪتو!

پنهنجي درد کان پيڙيل گهر جون دکي دانهون ساڻ کڻي رامسندر سيڻن جي گهر گهڙيو. اڄ کيس ڪا به هٽڪ نه ٿي. دربان ۽ نوڪرن اڳيان ايندي به سندس اڳيون حجاب جو پڙدو هٽي ويو. ڄڻ پنهنجي گهر ۾ گهڙيو!

اندر وڃي ٻڌائين ته راءِ بهادر گهر ۾ ڪونهي. ٿوري دير وهڻو پوندو. رامسندر دل جي امنگ کي نه روڪي سگهيو. ڌيءُ سان وڃي گڏيو. خوشيءَ کان ٻنهي جي اکين مان ٽپ ٽپ ڪري ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. پيءُ به رئڻ لڳو، ڌيءُ به رئڻ لڳي. ٻنهي مان ڪنهن جي وات مان ڳالهائڻ نه نڪتو. ان طرح ڪجهه وقت گذريو. پوءِ رامسندر چيو – ”هاڻي توکي وٺي هلندس. ڌيءُ! هينئر ڪا رڪاوٽ ڪانهي.“

ايتري ۾ رامسندر جو وڏو پٽ هر موهن پنهنجي ٻن ٻارن کي وٺي اوچتو گهر ۾ گهڙي آيو. پيءُ کي اچي چيائين – بابا! ته ڇا هاڻي اسانکي گهٽيءَ گهٽيءَ جو بيکاري بڻجڻو پوندو؟

رامسندر ڪروڌ ۾ اچي چيو – ”ته ڇا مان توهان لاءِ نرڳي بڻجان؟ ڇا توهين مونکي پنهنجي پرتگيا پاڙڻ به نه ڏيندا.؟“

رامسندر جاءِ وڪڻي ڇڏي. جيئن ڇوڪرن کي پتو نه پوي تنهن لاءِ هن ڪافي انتظام ڪيو هو. پر تڏهن به هنن کي خبر پئجي ويئي. رامسندر کي ان ڪري پٽن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي.

سندس پوٽو سندس گوڏن کي پڪڙي منهن مٿي کڻي چوڻ لڳو ”بابا! منهنجي گاڏي.“

رامسندر ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺو رهيو. ڏاڏي وٽان ڪو جواب نه ملندو ڏسي ڇوڪرو ڊوڙي نروپما وٽ ويو. چيائينس –”دادي! مونکي، هڪ گاڏي وٺي ڏيندينءَ؟“

نروپما سڀ سمجهي ويئي. پيءُ کي چيائين، ”بابا! جيڪڏهن توهان هڪ پئسو به منهنجي ساهرن کي ڏيندا، ته پوءِ توهين پنهنجي ڌيءُ کي نه ڏسي سگهندا. توهان کي ڇهي مان اهو سنهن ٿي کڻان“

رامسندر چيو – ڌيءُ اهڙيون ڳالهيون نه ڪر. مان پئسا ڏيئي نه سگهيس ته ان ۾ تنهنجي پيءُ جي ئي بي عزتي آهي. تنهنجو به اپمان آهي.

نروپما چيو – اپمان ته پئسن ڏيڻ ۾ آهي. ڇا منهنجي ڪا عزت ئي ڪانهي؟ مان ڇا صرف رپين جي ٿيلهي آهيان، جيستائين مان پيسا آڻيندي رهنديس تيستائين منهنجي قيمت آهي؟ نه بابا! پئسا ڏيئي توهان منهنجو اپمان نه ڪريو. تنهن سواءِ توهان جو ناٺي به ته پئسا ڪو نه ٿو گهري.

رامسندر چيو – ته ڌيءُ پوءِ توکي هو موڪل ئي نه ڏيندا.

نروپما چيو – موڪل نه ڏيندا ته ٻڌايو توهان ڇا ڪندا؟ پوءِ توهان موڪل وٺڻ ئي نه اچجو.

رامسندر ڏڪندڙ هٿن سان نوٽ ٻڌي دپٽو ڪلهي تي رکي وري چورن جيان سڀني جي نظر بچائي گهر موٽي آيو. پر رامسندر پئسا ڏيڻ آيو هو ۽ ڌيءُ جي منع ڪرڻ تي پئسن ڏيڻ بنان هليو ويو، اها ڳالهه سندس سيڻن کان لڪل نه رهي. ڪنهن نخريلي داسيءَ در جي اوٽ ۾ بيهي ڪن لائي سڀ ڳالهيون بيٺي ٻڌيون ۽ وڃي نروپما جي سس جي ڪنن تي وڌائين. هوءَ ٻڌنديئي ڪاوڙ ۾ آپي کان ٻاهر نڪري ويئي.

نروپما لاءِ هينئر ساهرا موت جي سيجا سمان ٿي پيا هڪ ته سندس پتي وهانو کان جلد ئي پوءِ ڊپٽي مئجسٽريٽ بڻجي پرديس هليو ويو هو. ٻيو ته اچ وڃ جي رستي ڪري ڪا خرابي نه پيدا ٿئي تنهن لاءِ پيڪن سان سندس گڏجڻ به بند ڪيو ويو هو.

انهيءَ وچ۾ نروپما سخت بيمار ٿي پيئي. پر ان لاءِ سندس سس کي ڏوهه نٿو ڏيئي سگهجي. هوءَ خود پنهنجي سرير ڏانهن ڏاڍو بي پرواهه رهندي هئي. ڪتيءَ جي مهني ۾ جڏهين ماڪ پوندي آهي تڏهين هوءَ سڄي سڄي رات مٿن وارو دروازو کولي سمهي پوندي هئي ۽ سڄي رات بنان ڪپڙي وجهڻ جي پيئي هوندي هئي. کاڌي پيتي جو به ڪو نيم نه هوس. نوڪرياڻيون ڪڏهين ڪڏهين روٽي آڻڻ ڀلجي وينديون هيون ته هوءَ کين ڪڏهين به وري يادگيري نه ڏياريندي هئي.

هنجي دل ۾ اها ڳالهه گهر ڪري ويئي هئي ته هوءَ هن گهر جي داس داسي آهي. مالڪ مالڪياڻيءَ جي ديا تي جيوت گذاري رهي آهي. پر اهو به سس کان سٺو نه ٿيو. جيڪڏهين کاڌي پيتي ۾ ننهن جي ڪا لاپرواهي ڏسندي هئي ته جهٽ چوندي هئي ”نواب جي ڌيءُ آهي نه. غريب گهر جو کاڌو ڪيئَن وڻندس.“ ڪڏهين چوندي هئي ”ڏسو! شڪل ته ڏسوس ڪهڙي ٿي پيئي اٿس. ڏينهون ڏينهن جهڙي سڙيل بنڊي ٿيندي ٿي وڃي.“

بيماري جڏهين گهڻو وڌي ويئي تڏهين سس چوڻ لڳي. ”هي سڀ هنجا بهانا آهن.“ آخر ۾ هڪ ڏينهن نروپما سس کي ڏاڍي نمرتا سان چيو – ”امي! مان هڪوار بابا ۽ پنهنجن ڀائرن کي ڏسڻ ٿي چاهيان.“

سس چيو –”سڀ پيڪي وڃڻ جا بهانا آهن.“

چوڻ سان ڪو وشواس نه ڪندو. جنهن ڏينهن سانجهن جو نروپما کي دم پئجي ويو تڏهين پهرئين ئي ڀيري لاءِ ڊاڪٽر کي سڏايو ويو ۽ اهو ئي ڏينهن هنجي دوا جو آخرين ڏينهن ٿيو!

گهر جي وڏي ننهن مئي هئي. خوب ڌام ڌوم سان سندس آخرين ڪريا ڪرم ڪيو ويو. اهڙي ته ڌام ڌوم سان جنهن ۾ راءِ بهادر جو شان اڳئين کان اڳرو ٿي پيو.

اهڙي چندن جي ڪاٺين جي چکيا اڄ تائين ڪنهن ڪانه ڏٺي هئي. ٻارهو اهڙي ٺاٺ سان ڪيو ويو جو راءِ بهادر جي گهر لاءِ ئي ممڪن ٿي سگهيو ٿي. ايتري قدر جو هو ڪجهه قرضدار به ٿي ويو.

رامسندر کي آٿت ڏيڻ وقت ماڻهو سندس ڌيءُ - جو آخرين ڪريا ڪرم ڪهڙي ڌام ڌوم سان ٿيو - تنهن جي ساراهه جي پل ٻڌڻ لڳا.

هوڏانهن ڊپٽي مئجسٽريٽ جي چٺي آئي – ”مون هت سڀ بندوبست ڪيو آهي، ڪنوار کي موڪلي ڏيو“

راءِ بهادر جي ماسيءَ جواب ڏنس – ”پٽ! تنهنجي لاءِ ٻي ڇوڪري ڳولي ويئي آهي. جلدي موڪل وٺي هت اچ“

هن ڀيري ويهه هزار رپيا نقد مليا ۽ بروقت وصول به ٿيا!

 

 

]ٽئگور جي پهرين ڪهاڻي[      ]وڪرم سنبت 1948[

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com