سائين انھيءَ ويران مندر ۾ متان ويو آھين. انھيءَ
۾ رڳو ھندن جا ڍيڍ اٿئي. ٽنگن ٻانھن کان سڪي
پوندين. اھڙا تھ پليت اٿئي جو ماڻھو ڪلمو مبارڪ
پڙھندئي تھ رام رام ڪندين. الله نھ ڪنھن کي ڍيڍ جي
منھن چاڙھي، ويندي جي ويرم.
ماڻھن جا وات بھ وڏا آھن ۽ ڳالھيون بھ!.....
درياھ شاھ ۾ وڏي ماٺار آھي. ڪير چوندو تھ منجھس
مستي بھ ايندي.
- درياھ سڪي ٻيلاٽيون ٿي ويندا آھن. درياھ شھرن جا
شھر ٻوڙي ميدان ڪري ڇڏي ويندا آھن.
- ماڻھو تھ آھن ئي ماڻھو.
ماڻھوءَ ۽ درياھ کي ڪا جھل پل بھ آھي ڇا؟......
ھو سوچي ٿو:
- ھيڏو حسناڪ مندر، جنھن ۾ شري ڪنور ڀڳت ڀڳتيون
ڪري وڏو ٿيو ھجي، جنھن ۾ علڻ فقير جھڙو سنت ماڻھو
ٻھاريون ۽ ڏيئا ٻاري وڏو ٿيو ھجي، ان کان ماڻھو
ايڏا ڊناڻا، ايڏا جو ويندا تھ ڄنگھون سڪي ويندن!
شايد ماڻھن جون دليون دڪي ٺوٺ ٿي ويون آھن. تمام
ننڍڙيون ٿي ويون آھن.
- ڀلا ھي سڀ آھي ڇا؟!...... سوچن جي لڙاٽ
- ھون....... مندر تھ کڻي ھندن جو ٿيو، پر شاھ
اويس قرنيءَ جو مزار ويران ٿي ويو. اڳي گھڻو اڳي،
انگريزن جي زماني ۾ اتان تھ شاھ اويس قرنيءَ جو
واھڙ وھندو ھو، ٻنيءَ ٻاري لاءِ. اھو بھ سڪي ويو.
وڏو سوال تھ شاھ اويس قرنيءَ تي لائيٽ ڇو ڪينھي.
شاھ اويس قرني تھ سنڌ سڳوريءَ جو پھريون ۽ سچو
مسلمان ھو، پوءِ سندس شھر مٿان اوندھ جو اڇلائي
وئي آھي؟......!.......؟
- ڪارڻ؟......
ھو ھلندو سوچيندو ٿو وڃي، ڏوجھرا کائيندو ٿو وڃي.
- ھون، مندر جو ڪارڻ تھ آھي. درياھ شاھ مانجھند جي
پراڻي شھر کي پنھنجي مستيءَ ۾ اچي ايئن کڻي ويو جو
ھاڻ انھن پڊن تي رڳو لئيءَ جا کيت آھن، ٻيو نالو
الله جو. بس رڳو ھڪ ھيکل ويران سنسان مندر جيئن جو
تيئن رھجي ويو آھي. ان ڪري تھ مندر جون پيڙھيون ۽
پنڊال ڏاڍا اونھان ٻڌا ويا ھئا، نھ تھ ڪو جادوءَ
جي زور سان ڪين بچي ويو ۽ شاھ اويس قرني ٽڪرين تي
آھي.
- باقي ماڻھو؟
- ڇا اھي ماڻھو ماڻھو آھن!
- ڇا اھي ڍور ڍور آھن!......
کن لاءِ ھو پريشان ٿي وڃي ٿو. کن لاءِ ڇا، گھڙيءَ
گھڙيءَ پريشان ٿي وڃي ٿو. اھو تھ سنڌ سڳوري جو
ڏاڍو ڀلارو پاسو آھي. اڳيان سن سڳورو، پوءِ لڪي
ڌارا تيرٿ، پوءِ سيوھڻ شريف، قلندر جي نگري، سوني
دروازي ساڻ، پوءِ دادو ضلعي جو سڀ کان وڏو شھر
دادو.
ھو ڏوجھرا کائيندو، وڌندڙ اونداھيءَ ۾ اوجھڙ ٿيندڙ
درياھ شاھ تان نھار ڦھلائيندو ٿو وڃي. مير بحرن وٽ
گاسليٽ ڪينھي، تنھن ڪري ٻيڙين ۾ اوندھ آھي. پري
پري لاڪڙ جي مھاڄار جيھي کيت مان ڪٿان ڪٿان ڪا
دونھين ڌوندي ٿي نظر اچي ۽ پارو پلٽي پيو آھي. پوھ
لائا لوھ آيو ڪين آيو. سياري جي مھاڙ مچي پئي پر
پوءِ بھ درياھ پھرئين پھر جي سونھن کي پنھنجا ڏاوڻ
ھوندا آھن. رڳو ڏسندڙ جي اکين ۾ موتئي جو پاڻي نھ
پئجي ويو ھجي.
ھو ڏسائن ۾ ٿو نھاري.
اتر،
ڏکڻ،
اڀرندو،
الھندو،
چار ڏسائون
وري آڪاس ۾ ٽيڙو.
وڇون، ڪتيون، کير ڌارا سڀ اوجھڙ اوجھڙ آھن، ڌنڌلا
ڌنڌلا آھن، درياھ شاھ جيان. رڳو آڪاس ۾ ڪارا ڪڪر
ھاٿين جيان ھلندا ٿا وڃن.
ھو اجرڪ ويڙھي ٿو ڇڏي. ان ڪري تھ اڄ ھن وٽ وقت
ڪينھي، نھ تھ ويچارا مير بحر چوندا:
- او مسافر، اڄ ڏاڍي سٺي مڇي آھي. اسان جو بھ ڪڏھن
مانيءَ ڳڀو کائي وڃ، ذات ڪانھ گھٽ ٿي پونديئھ.
آواز
تانگھھ
اتساھھ
اڪير
پيار جي پالوٽ – پوءِ ڪير ڀيرو ڀڃندو
ڪڏھن وري باگڙين جون مايون چونديون:
- او سائين، ڪشمور ۾ وڏا وڏا ھنر ھلائي آيا آھيون،
ھھڙي سڌي لاڪڙ تھ اسان قيام نھ ڏٺي. رئيس کي اسان
جي پارت ڪر تھ ڌوڙ مان ڌن ٺاھي ڏيونس.
پر ويچارن باگڙين کي ڪيھي خبر تھ رئيس کي سون نھ،
اڌ تولو آفيم، پنجاھ کن پراڻي نوڙيءَ وٽيل چرس جون
سلفيون کپن. پوءِ ڏوڏيءَ جو گلاس ۽ مٿان پاءُ کن
ڪچڙي ڀنگ. ويچارن ٻڙن کي آفيم ڳارڻ اچي ڪٿي. تڏا،
تؤنريون، لاڪڙ جون خوبصورت چڪون، موڙا ۽ ڀنگا ٺاھڻ
کان سواءِ اچين ڇا ٿو. رئيس روز کانئن موچڙا ھڻي
اڌ تولي آفيم جي رقم نھ ڇڏائي تھ ٻيو ڇا ڪري؟ ڪٿان
آڻي آفيم لاءِ پئسا؟ باقي پستول ڪو نانيءَ جي قبر
تي ڊيڪوريشن پيس ڪري ٺوڪڻ لاءِ ورتو اٿس ڇا!
ھو ڪارو جھنگ لتاڙي ويران مندر ۾ آيو آھي. قديم
سنڌ جي اڏاوتي ڪم جيان، ھر ڪا شيءِ سندس آڏو
ٻھڪندي ٿي رھي. ٻاروچي ٽوپيءَ جيان سونھري ٽائيلز
ڄڻ ڏيئن جو ڪم ٿا ڏين. ھيڏي ساري مندر ۾ ڪٿي بھ بت
جو ڪوئي نشان ڪينھي. جي ڪو بت آھي تھ ھو پاڻ آھي.
جي ڪٿي ڪو ڏيئو ٻري پيو تھ اھا سندس سگريٽ جي لاٽ
آھي. ھو ھڪدم موٽ ٿو کائي ۽ نڀ مان تارا ڪتيون
ڪڪرن جي ڪارونڀار ۾ ائين لڙھي ويا آھن، ڄڻ ڪنھن
ھندو سنت روھڙيءَ جي پراڻي پل مٿان ٻڪ ٽڪن جا
درياھ شاھ ۾ اڇلائي ڇڏيا ھجن.
خون خون...... وارو ڪريو مڙس مئو پيو آھي.
صبح جو سويري امام جي الم ھيٺان وڏو چؤٻول آھي.
- ادا مڙس، مڙسان مڙسيءَ ماريل آھي. مجال آھي جو
ڪو لاش سڃاڻي سگھي.
لاش سچي بھ سڃاڻڻ کان ٻاھر آھي. لاش جي سري آھي ئي
ڪانھ. رڳو ڳچيءَ وڍيل، ھنداڻي جيان ڳاڙھي، رتو ڇاڻ
آھي. ڪلھي تي قلندر جي پائلي جو نشان اٿس. ڪي چون
ٿا ڪير آھي، ڪي چون ٿا ڪير آھي. ڪير ٿو ٿي سگھي؟
گھڻا وات آھن، گھڻيون ڳالھيون آھن. پوليس بھ
پنھنجي آھي.
۽ ھو صبح جو سويري امام جي پڙ مان ٿيلھو کڻي اڳتي
اسرڻ جي ٿو ڪري ۽ سوچي ٿو:
- ڀلا ويھھ ميل بھ ڪو پنڌ آھي. ٻيلو ٻھ وکون ۽ ھو
بنان سوچڻ سمجھڻ جي پيرن تي زور ٿو ڏئي.
ڪنڊيون ۽ ٻٻرن جا جھنگ لتاڙيندو ھو ھلندو ٿو وڃي.
جيتوڻيڪ ھن کي خبر آھي تھ ھو ھزارين ماڻھن جي ھشام
۾ رھيو آھي، جتي کيس چڱيءَ ريت سڃاتو وڃي ٿو ۽ ھن
کي اتي وڃي جلسي لاءِ اسٽيج سجائڻو آھي، سيٽ
لڳائڻو آھي، اتي ھن جا پنھنجا راڄ آھن، باقي ڀاڳن
جي خبر کيس ڪانھي، ان ڪري تھ ھو نجومي نھ آھي.
- ۽ ھي ٻيو تڙ آھي.
۽ ٻيڙياتا آھن.
- ۽ ڌوٻي سندس دوست آھي. ساندھ ٻھ ڏھاڙا تھ ھو
اسٽيج پنڊال جي سجاوٽ تي سوچيندو رھي ٿو. اھو
سمورو ڪم کيس چئن ڏھاڙن ۾ مڪت ڪرڻو آھي.
اڃا پھريون ڏھاڙو مس گذريو اٿس. مھمانن جي ڌوم
شروع ٿي وئي آھي. الائي ڪھڙين ڪھڙين ڏسائن جا
ماڻھو. ھو پنھنجي ڪمن ڪارين سان ھلندو درياھ جي
بچاءُ بند تي آسيس ماڻڻ لاءِ اچي ٿو ۽ ھن کي ڀاسي
ٿو تھ مير بحرن ۾ ڪاري قيام متل آھي. ميربحرن جي
ٿڃ پياڪ ٻار سان ستل ٻانھن، ڪي شاھينگ بندوق
پستولن سان راتو واھ کڻي ويا آھن. عورتن، ٻارڙين
پوڙھن، پوڙھين ۾ روڄ راڙو آھي.
- آواز.....
- دل کي چيڀاٽيندڙ آواز، نفرتن جا طوفان. ھو ڪروڌ
مان اٿي درياھ جي بند کان لھي وڏي پنڊال ڏانھن
ھليو ٿو وڃي جو ڪڏھن ھندن جو ٽڪاڻو ھوندو ھو.
ڀلا ھي سڀ آھي ڇا؟!...... ؟!...... ۽ سياري جو سج
شرم کان ڄڻ نڪري ئي نٿو. ھو پوڙھي فلاسافر ڏانھن
ڪچھريءَ لاءِ ھليو ٿو وڃي ۽ ھو پوڙھي فلاسافر جي
ماٺار کي سمجھي نٿو سگھي. م ڀانءِ اڀري رھيو آھي م
ڀانءِ الھي رھيو آھي!
پوڙھو فلاسافر چڻ ڀڻ ٿو ڪري:
”تنھنجو ڪم ڏاڍو سست آھي.“
”نھ، اسان جا ماڻھو ڪم چور آھن. ڇو؟ مان ان جو سبب
سمجھي نھ سگھيو آھيان.“
ھن جي ڳالھھ تي پوڙھي فلاسافر جي پيشانيءَ تي سوچن
جا ھزارين تھھ چڙھي ٿا وڃن. ھو مرڪي ٿو پوي. (ھن ۾
سچ ٻڌڻ جي سگھھ آھي يا نھ؟) ھو ڪوبھ جواب نھ ٻڌي،
اٿڻ جي ٿو ڪري.
”ٻيو بھ ڪجھھ چوڻو اٿئي؟“
”ھا، پراڻي ٽڪاڻي ۾ ٻھ سؤ کن ڪتا آھن سبحان شاھ
جا، اھي تھ ايندڙ مھمانن کي ڦاڙي ڇڏيندا.“ ۽ ھو
ڪجھھ ڪجھھ وڌيڪ ڳالھائڻ بدران وڏي ادب سان اٿي
ھليو وڃي ٿو، پنھنجي ڪمري ڏانھن.
۽ ھو پنھنجي ڪمري ۾ اچي سوچي ٿو:
- ھر ماڻھو پنھنجي گھر جي ڀاتين ھٿان ڪتي جو موت
مرڻو آھي ۽ اھا سنڌ جي پراڻي ريت آھي.
اچانگ گولين جا ڌوڙيا ٿي وڃن ٿا. ڪتن جا ڪوڪاٽ ڄن
ستين آسمان تائين پڙالجندا ٿا وڃن. ھو ڊوڙندو ٻاھر
نڪري ٿو. سندس آڏو پنجن پونگڙن واري مادي ڪتي مئي
پئي آھي، جيڪا بيحد کھري ھئڻ جي باوجود ساڻس بھ
ھري وئي ھئي.
ڳارھيون ڪتا مار جيپون، ھٿياربند ماڻھن سان ڊوڙن
پيون. ھو ڊوڙندو پوڙھي فلاسافر وٽ وڃي ٿو:
”سائين، ھيءَ انقلاب ۾ بدديانتي آھي، ويساھ گھاتي
آھي.“
”ڪيئن؟“
”وائيلڊ لائيف ۾ ڪتو بھ ايڏو ئي ڪارائتو جانور
آھي، جيترو اٺ، گھوڙو، ٻڪري. الاھين ملڪن ۾ ڪتو
کاڌو ويندو آھي ۽ ايڪسپورٽ بھ ڪري سگھجي ٿو. سوئرن
کان ڪتن کي ۽ ڪتن کان سوئرن کي ڦاڙائڻ بدران اوھين
عيسائي ڌنار رکي انھن جي افزائش نسل بھ ڪري سگھو
ٿا. آخر ايڏي جھالت ڇو؟“
۽ ھو محسوس ڪري ٿو، دکي پوڙھو فلاسافر ڄڻ دم ٽوڙي
رھيو آھي.
مھاڀاري ماٺار...... ماٺار........
”ساري سر، منھنجو خيال آھي، مون کي الاھي ڏھاڙا ٿي
ويا آھن. منھنجي عينڪ ۽ گرم ڪپڙا ڪٿي وسري ويا
آھن. مان واپس پنھنجي ڳوٺ موٽندس.“
ماٺار...... گھٽيندڙ ماٺار...... ڄڻ سڀني مري ويل
ڪتن جي بدبوءِ حويليءَ ۾ ڪاھي پئي ھئي ۽ ھو چپ
چپات ۾ نڪري ٿو وڃي ۽ ٿيلھو کڻي رومال نڪ تي ڏئي
رتو رت گھٽين مان جلدي کان جلدي نڪرڻ لاءِ ڌڪيندو
ٿو وڃي.
”ڪنھن تو سان بد شد ڳالھايو آھي؟“ ھڪ ساٿي سندس
رسي وڃڻ تي ڪروڌ مان ڊوڙندو ٿو اچي.
”ڪنھن کي ڄڀ پٽائڻي آھي پيارا سائين! ٿئنڪز.“ ۽ ھو
محسوس ڪري ٿو تھ ھي سڀ ماڻھو انھيءَ پوڙھي فيلسوف
سان ڪلاپ ڪري رھيا آھن، دوکو ڪري رھيا آھن! سنڌ جا
نعرا ھڻي. ۽ ھو ڌارا تيرٿ ۾ وھنجڻ ۽ قلندر شھباز
جو سونو دروازو ڏسڻ کان اڳ ويگن ۾ ويھي جلدي کان
جلدي انھيءَ اونداھي ٽڪري مان نڪري ٿو وڃي.
بلئڪ ائنڊ وائيٽ
مان حيران آھيان تھ ٻيھر، ٻيو ڀيرو، اوچتو ئي
اوچتو، مان سندس جيون ۾ ڪيئن آيس، ڪھڙي سانگ، نيٺ
ڇو؟!...... جڏھن تھ اسان ٻنھي جي واٽ ساڳي ھوندي
بھ اسان ٻنھي ۾ وڏاندري نظرياتي جنگ آھي. ايڏي ئي
وڏي، جيڏي چين ۽ روس جي وچ ۾ ٿي سگھي ٿي. جيئن
موجودھ حالتن ۾ آھي، جيئن جتي ڪٿي ذھني توڙي
ھٿيارن واري جنگ جاري آھي. اسان ٻنھي جي وچ ۾ بھ
ڪڏھن ڪڏھن ايڏا ويڇا پئجي ويندا آھن. مان کانئس
رسي ھليو ويندو آھيان، وڏن گھاٽن جھنگن، کيٽن،
ڍنڍن، درياھن ۽ سمونڊن ڏانھن. ڪڏھن مير بحرن سان
ميربحر ٿي، ھارين سان ھاري ٿي ۽ ڪڏھن جوڳين،
سامين، ڪاپڙين سان پيو پنھنجا ويچار لڙائيندو
آھيان. مان پٺيان مڙي نھارڻ جو عادي نھ آھيان.
دنيا ڏاڍي وڏي ۽ ڪشادي آھي. وري ڪڏھن ڪڏھن ڪٿي نھ
ڪٿي ايئن بھ ٿيندو آھي جو واٽون ويھھ وڃي، ھڪ وڏي
شاھراھ سان ملي ھڪ ٿي وينديون آھن ۽ حيران پريشان
ٿي سوچيندو آھيان تھ ساڳين ڄاتل سڃاتل سڙڪن ۽ موڙن
تان نھ چاھيندي ڇو ھلندو ويندو آھيان؟ مان پاڻ
چاھيندو آھيان تھ ساڻس ڪڏھن بھ نھ ملان. مون پاڻ
تي وڏن فنڪشنن، ميڙن، منڊلين جا سڀ دروازا ڄاڻي
ٻجھي بند ڪري ڇڏيا آھن. پر الائي ڪھڙي يگ، جنب،
ڪال، اڪال جا ڦيرا آھن جو اسان ٻئي، ڪٿي نھ ڪٿي،
ڪنھن نھ ڪنھن موڙ تي ملي ويندا آھيون. ان ساڳئي
پراڻي ڀرپور انداز سان، لک ئي نھ پوندي آھي تھ
اسان ٻنھي جي وچ ۾ ڪي وڏا ويڇا آھن. مون کي ڏسي
ھوءَ ڇا محسوس ڪندي آھي؟ ان جو اندازو آئون نھ
لڳائي سگھندو آھيان. پر مان کيس ڏسي سک ئي سک
ماڻيندو آھيان. مون کي رڳو ايتري خبر پئي ھئي تھ
سوريھ گرھڻ جي ڪري ھوءَ ڪلر بلائينڊ ٿي وئي آھي ۽
ڪلر بلائينڊ سان گڏ ڪڏھن رڙيون ڪري بيھوش ٿي ويندي
آھي. ھونئن بھ اسان جي ميلاپ تي ڪا پابندي ڪانھي،
سندس ماءُ مون کي پٽن جيترو پيار ڪندي آھي.
ان ڏھاڙي ٻھ سؤ ميلن جي سفر، منھنجو سنڌ سنڌ الوڙي
ڇڏيو ھو. ڪينٽ اسٽيشن تان ٿيلھو لڙڪائيندو وڏي ٿڪ
سان ھڪ ٽانگي واري کي چيم:
- يار، منھنجي طبيعت ٺيڪ ڪانھي. مون کي فريئر ھال
پھچاءِ. ۽ جڏھن فريئر ھال جي گھاٽن وڻن جي ڇايا
ھيٺ ڪجھھ وسرام ڪري مون کي تؤنس لڳي تھ پراڻا ٽٽل
پاڻيءَ جا نلڪا ڳولڻ لڳس. الائي ڇو، انھن نلڪن جو
شفاف پاڻي مون کي وڻندو آھي ۽ ٺيڪ جڏھن مان نلڪي
مان ھٿ منھن پير ڌوئي رھيو ھئس تھ منھنجي نھار
امريڪن ايمبسيءَ سامھون گيٽ وٽ، ساوتري تي پيئي.
ان کي ھڪ نرس سان ڏسي، کن لاءِ مون کي ائين لڳو ڄڻ
نيچر مون سان وڏي جنگ لڙي رھي آھي، جيڪا شايد مون
کي مارڻ کان سواءِ بازي کٽي ڪانھ سگھندي.
- ھان، ٽن چئن سالن کان پو؟ اھو بھ ساڳي فريئر ھال ۾!.....
ويچارو اندر جو ماڻھو!......
۽ ھوءَ.... ھوءَ مون کي سڃاڻي، کن لاءِ ٽڪ ٻڌي
نھاري ٿي. نرس کي مون ڏانھن اشارو ڪري ڪجھھ چوي ٿي
۽ وري سرجان مارشل جي گھوڙي جي پاڻي پيئڻ واري
پئماني نما ٺھيل رڪاھين ھاڏر ۾ الاھي ڇا ووڙيندي،
منھنجي قدمن جي آواز تي، آڌر ڀاءُ لاءِ اڳتي ٿي
وڌي.
- سچ ٻڌاءِ، تنھنجي گمان ۾ ھو تھ آئون صبح سويري
فريئر پارڪ ۾ ھونديس. جڏھن تھ آئون سڀ رنگ وڃائي
چڪي آھيان. ھاڻي تھ باغن ۾ ڪجھھ بھ نھ رھيو آھي.
کن لاءِ مان گھور ٻڌي منجھس نھاريندو رھيس، ڏسندو
رھيس.
- رنگ..... ھونئن بھ رنگ آھن ڪٿي؟ ماڻھو ڏينھن
ڏٺي، انڌا بھ ٿي ويندا آھن. ان سان ڇا ٿو
ٿئي......
- ھوندو.... ۽ ائين آھي بھ. ھا..... ممي توکي ڏاڍو
ياد ڪندي آھي. چڱو ٿيو تون اچي وئين. مون ھڪ وڏو
فيصلو ڪيو آھي. خبر اٿئي، ھينئر تون مون کي ڪيئن
پيو ڏسڻ ۾ اچين؟ جھڙوڪر پاڪستاني بلئڪ اينڊ وائيٽ
فلمن جو ڪو ڪردار. اھا ڪيڏي نھ ڏکوئيندڙ ڳالھھ
آھي. پر اندر چيڀاٽ سان گڏ مون محسوس ڪيو تھ باغن
۾ ھلندي اڄ بھ ھوءَ اڏامندڙ نازڪ پوپٽيءَ جيان
رنگا رنگ آھي ۽ ائين ڀاسندو آھي، ڄڻ ڇھاءُ سان
سندس رنگ ھٿن ۽ چپن تي چڙھي ويندا، پوپٽ جي پرن جي
رنگ سمان.
گھر ۾ ساوتري جي ممي جي امٽ سدا سوڀياوان مرڪ ڏسي،
کن لاءِ محسوس ڪيم ڄڻ سارا سور مٽجي ويا، ڄڻ گھر
پھچي ويس، ان ماءُ وٽ جنھن ڄڻيو ھئم. پر وري
مرڪندڙ اٿاھ خوش نيڻن ۾ لڙڪ ڏسي ڀانيم تھ ڀڄي
وڃان. سک، چين، سانت ڪٿي بھ ڪانھي ۽ اڳي جڏھن اھڙي
حالت ٿيندي ھيم تھ ميران ديوي وانگي رڳو پيو پرڀو
شانتي.... پرڀو شانتي پڙھندو ھئس ۽ پوءِ جلدي
محسوس ڪري ويس تھ اھي ھندو ٽوٽڪا آھن. مان نھ ٻڌ
آھيان، نھ ميران. منھنجي پنھنجي ڊگر آھي ۽ منھنجي
...... منھنجي پنھنجي جدا واٽ آھي. وڙواند ڏڦير
واٽ – جنھن مٿان مون کي گذري وڃڻو آھي، ڏاڍي
شانائتي مانائتي انداز سان.
سنجھا سنجھا رات
ڪوھيڙو.
تاڙي جي لات. سڀ آواز نڀ جي ماٺا ۾ ماٺار ٿيندا ٿا
وڃن. مون کي خبر بھ ڪانھ پئي تھ ساوتري منھنجي
ڪمري ۾ ڪيئن پيھي آئي؟
آئون...... ٻري اجھامي ۽ اجھامي ٻرڻ لاءِ جتن ٿو
ڪريان ۽ سوچيان ٿو مان ميڻ بتي بھ ناھيان. الائي
ڇو، ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي شڪست جو احساس وجود ۾ ڪرٽ
وھائيندو ويندو آھي. آئون حيرت ۾ آھيان تھ ھوءَ
اسان سڀني کي ھيکل شڪست ڏيندي ٿي وڃي. بنان ٻنين
ٻارن ۾ ڍرڻ جي. بنان ڪنھن ڏڪاريءَ لاھياريءَ جي
ٻار مٿان ھٿ ڦيرائڻ جي. ڇا ھوءَ اسان کان اڳاھين
نھ لڳندي آھي.... تمام وڏي. تمام......
- ڪمري ۾ توکي ڪا شيءِ خراب تھ نھ پئي لڳي؟
- نھ..... مان ڏانھس نھارڻ کان سواءِ وراڻيان ٿو.
- سچ ٻڌاءِ، ڪھڙي ڪارج سان آيو آھين؟
- توکي وٺڻ آيو آھيان.
- ڪيڏانھن وٺي ويندين مون کي؟ منھنجو علاج ھتي آھي
ئي ڪونھ ۽ ٻاھر، پرڏيھھ...... جي ڪڏھن پنھنجي ڏيھھ
۾ ئي ڪين ئي ڪين آھي تھ پرڏيھھ ۾ ڇا ھوندو؟
- پرڏيھھ جي ڳالھھ ڪير ٿو ڪري؟ مان ٿرن برن ولين ۽
واڙين جون ڳالھيون ٿو ڪريان، ڳوٺن جون ڳالھيون.
- ڇو؟......
- تون اسان جي ملڪ جي وڏور ھاري ليڊر عورت آھين.
- ائين ڇو نٿو چئين تھ اوھان سڀ ٿڪي ٽٽي ساڻا ٿي
پيا آھيو. اوھان کي واھڻن ۾ وڃڻ لاءِ حسناڪ ڇوڪرين
۽ عورتن جو ساٿ گھرجي.
- ساٿ نھ ھوندو آھي ڇا؟ جي انقلاب ۾ عورت حصو نھ
وٺي تھ دنيا جو ڪوئي مرد ھيکل يا سڀ مرد گڏجي ڪوئي
بھ ڪنھن بھ قسم جو انقلاب نٿا آڻي سگھن. آئون سچ
پيو چوان نھ؟.....
- ڏس مان ڪلر بلائينڊ آھيان ۽ ڏاڍي پيڙا مان گذري
رھي آھيان. پوءِ بھ پنھنجي گھر جو رستو سونھون ٿي
ويندي آھيان. اوھان بلئڪ اينڊ وائيٽ جا ٻھ پيگ پي
بتال ڇو ٿي ويندا آھيو؟
مان ڪجھھ محسوس ڪريان ٿو.
- ڇا توکي مٿي ۾ سور آھي؟
- نھ، برين ٽيومر ٿيو اٿم......
- ائين ڇو نٿي چئين تھ تو مان اھا سگھھ ڇڏائي وئي
آھي.
- جيئن وڻئي تيئن سجھھ.
- پوءِ مان.... ڇا مان موٽي وڃان؟
- اوھان ڪڏھن مون کي اڌ واٽ ۾ نھ ڇڏيو آھي؟!......
ٻڌاءِ نھ، ڪڏھن؟...... اوھان سڀ سدائين مون کي اڌ
واٽ ۾ ھيکل ڇڏي ھليا ويندا آھيو.
۽ کن لاءِ مون کي سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ منجھس
نھاريندو رھان، منھن ٻئي پاسي ڦيرائي ڇڏيان يا سيس
نمايان ۽ ھوءَ....... ھوءَ ڀت تي ٽنگيل پينٽنگ ۾
نھاريندي ٿي رھي. سنڌ جي پھاڙن ۾ کاٽي کڻندڙ، پگھر
ڳاڙيندڙ، سگھارن مزورن جا ڌمڪ، پاھوڙا، ھٿوڙا ۽
سيولون ٽيڪم ۽ ڪڏھن نھ ختم ٿيندر ڪم ڪاريون ۽
محنت.
- تون ھاڻ ڀلي پنھنجي پينٽنگ کڻي وڃ. پينٽنگ جو تھ
سڄو مزو رنگن سان آھي. سچ ٻڌاءِ، ڪنھن لاءِ ٺاھي
ھيئي اھا پينٽنگ؟
- مزورن لاءِ، نھ تھ اڄ ڪنھن آرٽ گيلريءَ ۾ ٽنگيل
ھجي ھا. مان بھ تپي ويس تھ نيٺ ھوءَ پاڻ کي سمجھي
ڇا ٿي؟ آئون چئي سگھان ٿو تھ مان ڪينسر جو مريض
آھيان.
پوءِ ....... ٻڌاءِ تھ ....... مون کي ڇا ڪرڻ
گھرجي؟ پھرين ٻڌاءِ، اسين پنھنجي اسپتالن ۾ گھڻن
قسمن جون بيماريون چڱيءَ ريت ڊائيگنوز ڪري سگھيا
آھيون؟ ڪنھن ھڪ اسپتال، ڪنھن ھڪ ڊاڪٽر جو نالو کڻ.
- ھون...... ڳالھھ تھ تون ٺيڪ پيو ڪرين. ان ڪري تھ
ھاڻ اسان وٽ ڳالھين کان سواءِ ڪجھھ باقي بھ تھ نھ
بچيو آھي، پاڇي بھ نھ. چئھ ھا..... ھا نھ؟
ايتري م ممي پليٽ ۾ ڪجھھ کڻي اندر اچي ٿي. ائين
جيئن ڳوٺاڻيون مائرون اينديون آھن.
- اچي من.....
- جيجي توکي خبر آھي. ھوءَ منھنجي ڳالھھ اڌ گيدي
ڪريو ڇڏي.
- اڙي چريا، لاڙڪاڻي جي اٿئي، ڀيڻھين موڪلي آھي.
- پوءِ کائيندس.
- نھ، پھرين ٻڌاءِ تھ اوھان ٻنھي جو جھڳڙو اڃا
گھڻيون صديون ھلندو؟ ۽ آئون سندس ڳالھين تي ٿڌو ٿي
چمچي سان ھوريان ھوريان مٺائي کائڻ ٿو لڳان.
- ”چڱو پٽ، آئون ھلان ٿي، ڏاڍو ٿڪ پئي محسوس
ڪريان.“ ۽ پوءِ ممي ھلي ٿي وڃي ٿي ۽ ساوتري
بھ......
۽ ننڊ...... ننڊ ڪرڻ لاءِ مان پنھنجي پسند جي ڪيسٽ
پنھنجي بيگ مان ڪڍي، ريڊيو ڪيسٽ ۾ لڳائي سمھڻ لاءِ
پاسا ٿو ورايان.
ننڊ نٿي اچي. کن لاءِ آئون ڄڻ جاڳ جي خواب ۾ کوئجي
ٿو وڃان.
نھ توکي ھلڻو پوندو...... اڄ چئي ڏيندوسانس تھ
پوءِ عورتون ٻار ڇو ڄڻينديون آھن؟ ھر عورت مرڻ
گھڙيءَ تائين ٻار ڄڻڻ جي آشائن ۾ ڇو ھوندي آھي؟ ڇا
ان لاءِ تھ ٿرن برن ۾ اھي ٻار ويلا ڪڍن؟
اوچتو ئي اوچتو ڪمري جو در کلي ٿو.......
- تون، ھن وقت!
- ھينئر نرس انجيڪٽ ڪيو آھي. ننڊ ئي نيڻن ۾ ڪانھي.
سنگيت جو پڙلاءُ ٻڌي ھلي آيس.
- مون کي بھ ننڊ ڪانھي. پوريون ٻھ گوريون ننڊ جون
کاڌيون اٿم.
- تون درديلا گيت ڇو ٻڌندو آھين؟
- ان ڪري تھ اسين سڀ وڏي پيڙھندڙ دور مان گذري
رھيا آھيون.
- ۽ تون انھيءَ دور جي چاڪيءَجي گھاڻي جو ڏاند
آھين.
سچ سندس ڳالھھ تي منھنجو من جلي ٿو وڃي.
- ڇو ڀلا، جھرن جھنگن ۾ ڪلھي تي ڪاٺي رکي ولڙو
ڳائيندڙ ڌنارن جا ٻارڙا لاڏاڻا ڪري ويا آھن ڇا؟ ڪا
نئين پارٽيشن ٿي آھي ڇا؟
- پارٽيشن، منھنجي ملڪ ۾ پارٽيشن ڪرڻ جي سگھھ ڪنھن
۾ آھي؟ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. ٻيھر مون سان اھڙي ڳالھھ
نھ ڪجان. اھو منھنجي برداشت کان ٻاھر آھي.
- مون کي ڪھڙي خبر تھ انقلابي ماڻھو ايڏا حساس بھ
ھوندا آھن.
- نھ، تو چوٽ ڪئي ھئي.
- تھ ڇا منھنجو ايترو بھ حق ناھي؟
- نھ، ان ڪري تھ تون اڄ تائين ٿرڊ ورلڊ ۾ ٿي رھين
۽ آئون سپر پاور ملڪن تي پيو سوچيان، جتي ڌراڙن جا
ٻار ننڍڙن رنگا رنگ فوڪر جھازن سان پنھنجي وطن جا
ولر واريندا آھن.
- ھا، باقي سڀ ٿرڊ ورلڊ وارا ڄٽ آھن. ھا نھ....
ھوءَ مرڪي ٿي ۽ وڃڻ ٿي لڳي.
- ٻڌ، آئون صبح جو پنجين وڳي واريءَ گاڏيءَ سان
ھليو ويندس.
- وري ڪڏھن ايندين؟
- مون کي ڪھڙي خبر.
صبح مان ڏاڍو دير سان اٿنديس. سچ ڏاڍو سور آھي. ڄڻ
دماغ جي وساڻن ڪوئلن کي ڪو لوھر ڌمڻ سان ھوائون
ڏيندو ٿو وڃي. ھينئر ئي موڪلائي ٿا ڇڏيون. ھوءَ
اٿڙندي، نراڙ تي ھٿ ڏئي ھڪيءَ کان ايندڙ رڙ
گھٽيندي نڪري ٿي وڃي.
۽ آئون ڪيسٽ بند ڪري ھنڌ تي ڪري ٿو پوان جلدي جاڳڻ
لاءِ!
ان ڪري تھ مون کي خبر آھي تھ اسين جيئن چوندا
آھيون، ائين ئي ڪندا آھيون.
ٽانڊاڻي جي لاٽ
روز وھندو آھي، وھائوءَ جي واٽ وٺي.
دونھين دکايو، ڀونگي جي ٿنڀ کي ٽيڪ ڏيو، پيو
واجھائيندو آھي، رات جي پوئين پھر ۾ ڀنڀرڪي اوڀر
جي اونداھي پولار ڏانھن، وھائوءَ جا گھاٽ جھليو.
ڏسڻ ٿو چاھي، اک ڇنڀ واريءَ وار وڇوٽيءَ کان بھ
سنھڙيءَ ان ريکا کي، جنھن پل، ڌوڙ ڌئيءَ جي جھول
وارن انھن اونداھن ڪوھيڙن جي تھن منجھان تارا، تر،
تڙوڪڻيون ھڪ ھڪ ٿي، ماڪ بڻجي ڇڻڻ لڳندا آھن ھيٺ
ڌرتيءَ تي ۽ اوڀر کان کڄندو آھي وھائو تارو، تر
جيان، ڏيئي جي واٽ جيان ٽمڪندو، سوت سوت مٿي
چڙھندو، اوڀر جي ڪاپار سان وڃي لڳندو آھي ۽ پٺيان
ڊوڙندي اٿس، لاک رنگ باک جي ڳاڙھاڻ.
ڏسڻ ٿو چاھي، وھائوءَ کي رنگن جي پاتار ۾ پيھندو.
سوت سوت پرھ جي آجھاڳ ڳاڙھاڻ ۾ لڙھندو!
ويٺو آھي، اک وجھيو، ڌرتي ۽ آڪاس جي سنگم واريءَ
ڦاڪ ۾، اونھي اونھي، ڌوڙ ڌئيءَ جي جھول جي ڪک ۾.
پاڳل!..... وڏي وڏي گول سج جيان، تر جيڏي وھائوءَ
کي بھ تھ رات جي اونداھين مان سوت سوت ڪني ڪڍندي
ڏسڻ ٿو چاھي ۽ سوت سوت لاک رنگ باک جي ڳاڙھاڻ ۾
ھوريان ھوريان ٻڏندي ڏسڻ ٿو چاھي! مي مت.... ڦريو
اٿس مٿو!...... ان اک ڇنڀ واريءَ وار وڇوٽي کان بھ
سنھڙي پل کي بھ وقت جي حساب ۾ ٿو آڻڻ چاھي. ان
لاءِ بھ ڪي ماپ ۽ ڪانٽا ۽ گھڙيال ٿو مقرر ڪرڻ
چاھي. جا پل ڪنھن نھ ڏٺي، ڪنھن نھ ٻڌي، ڪنھن نھ
ڳڻي، جا پل آھي ڳاڻيٽي کان ٻاھر!
ڀلا اڄ تائين ڪنھن ھڪ پل کي ٻي پل ۾ داخل ٿيندي
ڏٺو آھي؟ ڪو ٻڌائي سگھي ٿو تھ ٽانڊي مان نڪرندڙ
ڪوريئڙي جي ڄار جي تار کان بھ سنھڙيءَ دونھين جي
ڌار کي تھھ تھھ ٿي ھوا ۾ تحليل ٿيڻ ۾ گھڻا پل
لڳندا آھن؟ ڪو ٻڌائي سگھي ٿو ان کن جو مدو؟ نھ
ڪوبھ نھ....... ان لاءِ تھ اھي پل وقت جي ڳڻپ جي
حسان کان ٻاھر آھن. ائين، جيئن ھي اگھور پولار
فاصلن ۽ حدن جي حساب کان ٻاھر آھي! ڪوئي ٻڌائي
سگھي ٿو ان کن جو مدو؟ نھ ڪوبھ نھ..... ان لاءِ تھ
اھي پل وقت جي ڳڻپ جي حساب کان ٻاھر آھن. ايئن
جيئن ھي اگھور پولار فاصلن ۽ حدن جي حساب کان ٻاھر
آھي! ڪو ٻڌائي سگھي ٿو تھ ان جو ڇيھھ ڪٿي آھي؟ ڀلا
جي روشني جي رفتار کان بھ ھزارين ڀاڱا وڌيڪ تيز
راڪٽ پولار ۾ ڇوڙي ڇڏجي تھ اھو انھيءَ اکٽ پولار
جي حدن مان ڪڏھن نڪرندو؟ ڪيترين ڪروڙين پدم صدين
کان پوءِ؟ ٺاھي سگھجي ٿو ڪو اھڙو انگ؟.....
سوچن جي سمونڊ جي پاتار ۾ ٻڏاڻو، ويٺو آھي ڌرتيءَ
۽ آڪاس جي سنگم واري ڦاڪ ۾ اک وجھيو.
ڀلا ھڪ پل ٻئي پل ۾ ڪڏھن پيھندو آھي؟ يا ھڪ پل ٻئي
پل کان ڪڏھن ڇڄندو آھي؟ اک ڇنڀ ۾ ڇا مان ڇا ٿيو
وڃي. اک ڇنڀ ۾ الائي ڪيترا ھزار پل گذري ويندا
آھن. ھر پل ٻئي پل ۾ داخل ٿي، مري کپي ويندو آھي.
ان پل کي ڪوبھ موٽائي نٿو سگھي. پوءِ اسين ڇو ٿا
وسھون تھ ڪڏھن نھ ڪڏھن اسين وقت کي پنھنجي قبضي ۾
آڻي ڇڏينداسين؟ ڪلاڪ ۾ سٺ منٽ آھن. ھر منٽ ۾ سٺ
سيڪنڊ آھن. ھر ھڪ سيڪنڊ ۾ گھڻا پل آھن ۽ ان ھر پل
جا گھڻا حصا آھن؟ اھي حصا جي پاڻ ۾ ڪڙي ڪڙيءَ سان
ملندا پل، سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ، ڏينھن، ھفتا، مھينا،
سال، صديون ٺاھيندا آھن. اھي پل ڪيڏا قيمتي آھن،
انھيءَ جو اسان کي ڪوئي احساس ڪونھي. نٿا ڄاڻون تھ
ھڪ تارو ڪڏھن ۽ ڪيئن سوت سوت ڪني ڪڍي آسمان جي
وسعتن ۾ چمڪندو آھي. ڪڏھن ۽ ڪيئن آسمان جي ويڪراڻ
۾ ٻڏي ويندو آھي. اھو پل تھ اکين آڏو ترورا آڻي
ڇڏيندو آھي. نيڻ نھ چاھيندي بھ ڇنڀجي ويندا آھن.
اچانڪ اسين ڏسندا آھيون تھ ستارا ٽمڪن پيا! اچانڪ
اسان کي خبر پوندي آھي تھ ستارا ھڪ ھڪ ٿي نڀ جي
وشال رنگينين ۾ گم ٿيندا وڃن. وھائو الائي ڪڏھن ۽
ڪيئن، ڪھڙي پل اوڀر کان کڄندڙ ڳاڙھاڻ ۾ لڙھي ويو،
بس اسين رڳو باک جي رنگن کي ڏسندا رھجي ويندا
آھيون. نھ ڄاڻي ڪوريئڙي جي ڄار جي تار کان سنھڙي
ان پل ۾ ڪڏھن ۽ ڪيئن رات لڙڪ لاڙيندي ڏينھن کان
جدا ٿي ويندي آھي؟ بس اسين رڳو اوڀر کان سج کي بڻڇ
لھرائيندي، سوت سوت ڌرتي ۽ آڪاس واري ڦاڪ مان ڪني
ڪڍندي ڏسندا آھيون. (سج، جو سيڪنڊن ۽ منٽن جي قبضي
۾ آھي) اسين رڳو اڪ ڦلڙين، گل ٻوٽن، وڻن جي پنن ۽
لئيءَ جي ٽارين مٿان ماڪ ڦڙا چمڪندا ڏسندا
آھيون......
لئيءَ جي ٽارين جي ٻر ٻر ڦوندن ۾ ڦاٿل ماڪ ڦڙا
ڪيڏا نھ سھڻا لڳندا آھن. ڄڻ اڻميا امل ماڻڪ پيا
جرڪن. ڄڻ ھڪ ھڪ تارو، آسمان مان ڇڻي اچي لئيءَ جي
ڦوندن مٿان لڙڪي پيو ھجي!
سڀ ستارا اننت اونداھين مان ايندا آھن ۽ اونداھين
ڏانھن ھليا ويندا آھن. (حد کان وڌيڪ روشني بھ تھ
اونداھي آھي) اسين بھ اونداھين مان ايندا آھيون.
(شايد ھن پولار جي لاحد ڇيڙھن کان بھ پري کان!) ۽
نھ چاھيندي بھ اونداھين ڏانھن ھليا ويندا آھيون.
اسان جي اڳيان ۽ پٺيان اونداھيون مانگر مڇن جيان
وات ڦاڙيو بيٺيون آھن. اسين سڀ وقت جي خوفناڪ پل
صراط جي ترار کان تکي ڌار جي مٿان بي خيالا بيٺا
آھيون. اسين انھين اونداھين جو کاڄ آھيون.
ٽٽل ستاري جيان اکڙي، اسان کي اونداھين جي وات ۾
وڃڻو ئي پوندو. ڪو نٿو ڄاڻي تھ ھو ڪٿان آيو آھي؟
ڪوبھ نٿو ٻڌائي سگھي تھ ھو ڪيڏانھن وڃڻو آھي! بس
ائين ئي ھرڪو ماڻھو پنھنجي لاءِ ڪا واٽ ٺاھيندو
آھي. مون بھ تھ پنھنجي لاءِ ھڪ رستو چونڊيو آھي.
مان وھائوءَ جي واٽ وڃڻ چاھيان ٿو. وھائو، جو
ويندي ويندي ڦھلائي ويندو آھي روشنيون. پنھنجي
وجود جي شڪتي سان ڪري ويندو آھي اوڀر کي ڳاڙھو
کھنبو! |