سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آيل ڙي اولاڻا

باب:

صفحو :12

سامياڻي ڏھڪاءُ ڀريل نيڻن سان اندر جا ڄيرا پنھنجي اندر ۾ اوتيندي، بجڪو ھن جي پيرن ۾ پيل ڇڏيو، سندس نيڻن ۾ وڏي ڦٿڪاٽ سان نھاريندي، اچانڪ اوڇنگارن سان سٽ ڏئي موٽ ٿي کائي. کن لاءِ ھو ڄڻ سراپجي پنڊپھڻ ٿيو وڃي. اچانگ ڪو سانگ ساري ھو پٺيانس نھاريندي واڪو ٿو ڪري:

”ترس نھ، پوري ڳالھھ نھ مھاڙ، ايڏو ڦوڙائو، گيڙوءَ رتو آھيان. جي نيڻن سان گڏ ٻانھن بھ وڌائي اٿئي، تھ پوءِ مون کي بھ اروڙ جي ٻنڌ ڀڃڻ ٿي اچي.“

ھو سنياسين جيان پنھنجي وڏي اجرڪ جو ٻانڌڻو ڳچيءَ سان ٻڌي ٿو. وڻن ۾ لٽڪيل پنھنجي ڪپڙن ڏانھن نھاري بھ نٿو. بس، رڳو بجڪو ۽ پاڻيءَ جي کلي ۽ بسڪوٽ کڻي، پٺيري سانت ڀريل ماٺار ۾ بيھي ويل سامڻ جي ڪلھي ۾ پاڻيءَ جي کلي ۽ ٻانھن ۾ ٻانھن اڙايو ساڻس جٽ ٿيو ھلڻ لڳي ٿو.

ٻھ پاڇا وڃي رھيا آھن...... جوڳين جي دونھين ۾ دودرن ڏانھن، چٽا پٽا، ٻھ روشن پاڇا آنھريءَ جيان.

سندر سپنا ڀيانڪ سپنا

برف ٿيڻ لاءِ، ٻرندڙ جبل رکي رکي، دکي دکي، گجي گجي، ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پوندو.... ڀنڀٽ ٿي ويندو.... ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين لاوي جو ساگر لھرون ھڻندو. ايءَ ڪا ھندو پراڻن جي ڪٿا ناھي. ايءُ ڪو قيامت جو منظر ناھي. برف ٿيڻ لاءِ سڀ ڪجھھ ٿيندو آھي.

مون ڏٺو، سون مياڻيءَ جا سڀ تڙ توائي ٿي ويا آھن. سمنڊ ۾ خوفناڪ طوفان اچي ويو آھي. خوفناڪ مانگر مڇ ھزارين ٻيڙيون ٻوڙي ڇڏيون آھن. ڪلاچ جو ڪن رت جون ڇوليون ھڻي رھيو آھي. ماڻھو مورڙو مورڙو پڪاري رھيا آھن ۽ سڀ ٿر بر اوڀائي جو گھر ٿي ويا آھن. ايءُ ڪو ڀيانڪ سپنو ناھي.

مون ڏٺو، اڄ جو ٻيجل سر تريءَ تي. ٻئي ھٿ ۾ دنبورو. نگريءَ نگريءَ، وستيءَ وستيءَ، گھر گھر، در در، بين وڄائي سر جي سين ھڻي رھيو آھي. ”ڪو آھي! منھنجا گيت ٻڌي. ڪو آھي! سر جو دان ڏئي. سارو جھونا ڳڙھ گونجي ويو آھي. ماڻھو ماڻھو سورٺ ور آھي. ايءُ راڳ جھونا ڳڙھ جلائيندو. ڪيئي ڪانڌ ڪھائيندو. ڪو تھ ممڻ مچائيندو. ايءُ ڪا ٻارن جي راند تھ ناھي.“

۽ مون ڏٺو، خوفناڪ گھمسان جي جنگ لڳي پئي آھي. ھزارين لاش وکريا پيا آھن. دودي جو سر نيزي تي ٽنگيو پيو آھي ۽ ٻاگھيءَ جي ڪک رتو ڇاڻ. گج تار تار ۽ لوئي ليڙون ليڙ ٿيو پئي آھي ۽ ماڻھو ڇتن ڪتن وانگي ھن جي ڳٽن ۾ چڪ ۽ ڇاٿين ۾ رانڀوٽا ھڻي رھيا آھن ۽ ھوءَ رانڀاٽ ڪري چنيسر کي سڏي رھي آھي: چنھون.... چنھون.... چنھون.....! ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين ھن جي رڙين جو پڙاڏو گونجي رھيو آھي ۽ مان جنگ جي ڏھڪاءُ کان چانھونءَ جي ھڪ ڪنڊ ۾ ڪنن تي ھٿ ڏيو ساھ لڪايو ستو پيو آھيان. صدين کان ٻاگھيءَ جي رڙين جو پڙاڏو منھنجي ڪنن ۾ گونجي گونجي ٻڏي ويو آھي. مان پنھنجي ساڳيءَ ڪنڊ ۾ ڪرونڊڙو ٿيو، لڪو ويٺو آھيان. ھاڻي پري پري ڏورانھين ڏيھھ کان نگر نگر جا ماڻھو مون کي ۽ منھنجي پراڻي سڀيتا کي ڏسڻ لاءِ ايندا آھن. مون کي ۽ منھنجي کنڊرن کي حيرت سان ڏسندا آھن ۽ پنھنجي نوٽ بُڪن ۾ لکندا آھن ۽ آئون پنھنجي ساڳيءَ ڪنڊ ۾ لڪو ويٺو آھيان.

۽ مون ڏٺو ھڪ ڏينھن ساڳي ٻاگھي، ساڳيو گج، ساڳيو اجرڪ، ساڳيو روپ سروپ ڪري، پنھنجي ننڍڙي ڀاءُ کي مون ڏانھن اشارو ڪري چيائين: ”دودا ادل، ھيءُ ڏس!“ ننڍڙي نينگر جي ھٿ ۾ ڪوڙو ڦٽاڪي وارو پستول ھو. مون ڏانھن حيرت سان نھاريندي چيائين: ”ادي، ھيءُ ھڏن جو پڃرو اتي ڇو پيو آھي؟“

ٻاگھيءَ چيو: ”دودا! منھنجا ڪونڌر ڀاءُ! ھيءُ ماڻھوءَ جو پڃرو آھي. شايد ويچارو جنگ جي ڏھڪاءَ کان انھيءَ ڪنڊڙيءَ ۾ ساھ لڪائي اچي ستو ھو ۽ اتيئي ڪو پٺيءَ ۾ بڙڇ وڄائي ويس جو اڃا تائين پٺيءَ جي ھڏن ۾ ڦاٿو پيو اٿس.“

دودي چيو: ”ھيءُ مرد جو پڃرو آھي يا عورت جو؟“ ٻاگھيءَ چيو: ”الائي ادا، خبر نٿي پوي. ھن جي ھٿن ۾ سراڻ ڪانھي. تنھن ڪي ھيءُ مرد نٿو ٿي سگھي ۽ ھٿن ۾ چوڙيون بھ ڪونھ اٿس، تنھن ڪري ھي عورت بھ ناھي.“

”پوءِ ڇا آھي ادي؟“

ٻاگھيءَ نفرت مان مون ڏانھن نھاريو ۽ چيائين: ”ھيءُ نھ مرد آھي ۽ نھ عورت!“

ٻار جي منھن ۾ گھنڊ پئجي ويو ۽ شرارت کان ڪوڙي پستول ۾ ڦٽاڪو ڀري مون ڏانھن تاڻي ٺڪاءُ ڪرايائين.

”آھ“ مان وڏي رڙ ڪري جاڳي پيس. پر ايءُ ڪو ڀانڪ سپنو ناھي. اھي ٺڪاءُ ڪوڙا ناھن. باھ ٿيڻ لاءِ ٻرندڙ جبل رکي رکي دکي رھيو آھي.

۽ مان پڙاڏو ٻڌڻ لاءِ ٻرندڙ جبل ڏي ويس. مون زور سان رڙ ڪري آواز ڏنو: ”ھو.... ھوھو.......“

چوڌاري جبل گونجي ويو.

مون وري رڙ ڪري چيو:

”منھنجي اندر ۾ ڄيرو آھي، مان جوالو آھيان.“

پڙاڏو پئدا ٿي ويو.

”منھنجي اندر ۾ ڄيرو آھي...... مان جوالو آھيان جوالو آھيان..... جو....ا.....لو.....آ.....“

”مان چانھون جي دڙي جو انسان جاڳي پيو آھيان.“

”مان چانھون جي دڙي جو انسان جاڳي پيو آھيان.......“

”جاڳي پيو آھيان. جا ... ڳي .... پيو .... آ ...... ھيان ......

”مان موھن جي دڙي جو وارث آھيان...... ھيءَ ڌرتي منھنجي آھي.“

”مان موھن جي دڙي جو وارث آھيان...... ھيءَ ڌرتي منھنجي آھي....... ھيءَ ڌرتي منھنجي آھي.......“

”ھو......“

”ھو...... و.......“

”ھو ھو“

”ھوھو...... ھو ...... و“

”مان دودو آھيان. منھنجو سر نيزي تي ھوندو.“

”مان دودو آھيان. منھنجو سر نيزي تي ھوندو......... سر نيزي تي ھوندو........ سر نيزي تي ھوندو........“

”مان سون مياڻي جو موڙرو آھيان، مان پنھنجو ماڳ ملھائيندس.“

”مان سون مياڻي جو موڙرو آھيان، مان پنھنجو ماڳ ملھائيندس. مان پنھنجو ماڳ ملھائيندس. ماڳ ملھائيندس.“

”مان جھونا ڳڙھھ جو ڏياچ آھيان. مون کان سر جو دان وٺو.“

”مان جھونا ڳڙھھ جو ڏياچ آھيان. مون کان سر جو دان وٺو، مون کان سر جو دان وٺو...... سر جو دان وٺو.“

”مان ٿر بر جو پڙاڏو آھيان.“

”مان ٿر بر جو پڙاڏو آھيان ٿر بر جو پڙاڏو آھيان...... پڙاڏو آھيان.....“

”ھو“

”ھو..... ھو.....“

”ھوھو..... ھو.....و“

”پڙاڏا گونج گونج“

”پڙاڏا گونج....... گونج...... گونج.... گونج....... گونج..... ج......“

” گونج گونج“

” گونج..... گونج..... گونج..... ج....“

سارو جبل گونجي رھيو آ. ايءُ ڪو خام خيال ناھي. ايءُ ھڪ ديواني جو سندر سپنو آھي. باھ ٿيڻ لاءِ ٻرندڙ جبل رکي رکي، دکي دکي، گجي گجي ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پوندو، برف ٿي ويندو. سڀ ٿر ڀر جل ٿل ٿي ويندا. ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين سک جو سنڌو لھرون ھڻندو.

ساڳيو ڌڻ، ساڳي لٺ، ساڳيو ڌنار

ڳالھھ ٿا ڪن تھ اڄ کان ھزارين سال اڳي جڏھن اڃا ماڻھو ڌڻ ڌارڻ، ٻج ڇٽڻ، سٽ ڪتڻ مس سکيا ھئا، جڏھن اڃا نڪي شھر ھئا نھ راجا نھ راڄڌانيون، چون ٿا اھو ڏاڍو سکن جو دور ھو. ماڻھو پاڻ ۾ ڏاڍي صلح، سانت ۽ پيار محبت سان رھندا ھئا. تڏھن نڪي چوريون ٿينديون ھيون، نڪو گھرن کي دروازا ھڻڻ جي ضرورت پوندي ھئي، نھ سڪا جڙندا ھئا، نڪي بئنڪون ھيون، نھ زمينداريون، نھ ڪو ڪنھن جو مالڪ ھو، نھ ڪو ڪنھن جو ٻانھو، سڄي زمين الله جي ھئي. جيڪو ماڻھو جتي سھنج ڏسندو ھو، اتي اچي پنھنجا پکا اڏيندو ھو. پنھنجو مالڙو ساين ويڙھين ۾ چاريندو ھو ۽ وس ۽ درياھ جي اٿل تي ٻج ڇٽي پنھنجي ٻچڙن جي گذران لاءِ اناج پئدا ڪندو ھو. ڪنھن کي ڪنھن جي ڪاڻ ڪڍڻي ڪانھ پوندي ھئي. ھر ڪو ماڻھو پنھنجي گھر جو راجا ۽ ھرڪا منڌ پنھنجي گھرجي راڻي ھئي.

چون ٿا تھ انھن ئي ڏينھن ۾ روھھ جبل جي ڏاکڻي پاسي کان راڄ گئوپال نالي ھڪ ڌنار رھندو ھو. ھو رڳو گئوپال نھ پر مينھون، رڍون ۽ ٻڪريون بھ پاليندو ھو. واڙي ۾ سدائين ھزارين جانورن جو ٻيڪراٽ پيو پوندو ھئس. ايڏي مال ھوندي بھ ھو ساين ويڙھين، چراگاھن ۽ درياھن جا ڪنارا ڇڏي جابلو لڪن، وارياسين ۽ ڀڙڀانگ برپٽن ۾ رھندو ھو، سا ماڻھن لاءِ حيرت جھڙي ڳالھھ ھئي. ھن جو مال پورو گاھ ۽ پاڻي نھ ملڻ ڪري سدائين ڏٻرو ۽ ڏڪار جو ماريل لڳندو ھو. راڄ گئوپال سان سدائين ھڪ خوفناڪ بگھڙ جي نسل جو ڪتو ساڻ ھوندو ھئس، جو مال ورائڻ ۾ سندس مدد ڪندو ھو. سدائين لٺ ڪلھي تي، ڪتي سان گڏ ھٻڙاٽ پيو پوندو ھئس.

راڄ گئوپال نھ رڍن، ڳئن مان کير ڪڍندو ھو، نھ ئي ڪا وٽس ولوڙي لاءِ ماٽي ھئي. صبح شام ڍورن جا کر پيو جاچيندو ھو ۽ منجھن لوھ جي نال پيو ٺوڪيندو ھو. صبح ٿيندي ئي مال کي واڙي مان ڪڍي ويڙھين ۽ چراگاھن ڏي ڪاھي وڃڻ جي بجاءِ اوش اوش ڪندو روھ جبل ڏي ڪاھيو ويندو ھو. جتي سدائين رڃ، سڃ، بک ۽ ڀينگ پئي واڪا ڪندي ھئي. سڄو ڏينھن سڌاريل ڪتو مال ورائڻ ۾ پيو سندس مدد ڪندو ھو.

راڄ گئوپال جي روز ھڪ اڌ ٻڪري، گانءِ يا مينھن اڃ بک کان رڻ پٽ ۾ نست ٿي ڪري پوندي ھئي ۽ سندس بيشمار لٺين سان بھ اٿي نھ سگھندي ھئي. ٻئي ڏينھن روھ جبل جون ڳجھون پيون مٿس لامارا ڏينديون ھيون، پر تڏھن بھ راڄ گئوپال جي ڌڻ ۾ ڪڏھن بھ کوٽ نھ پئي. جيئن پوءِ تيئن سندس مال ويندو ھو وڌندو، ڇو تھ ھر جشن يا خوشيءَ جي موقعي تي جڏھن سڀ ماڻھو ھڪ ھنڌ اچي گڏ ٿيندا ھئا تھ راڄ گئوپال ھڪ پيتيءَ ۾ سونا ھار، ڪنگڻ، ڪيوٽيون، ڦل، جھومڪ، ايرنگ وجھي اچي سڀني جي وچ ۾ وھندو ھو. جي مالوند عورتون ھار سينگار لاءِ کانئس سونا زيور وٺنديون ھيون ۽ ان جي بدلي کيس ڇيلا، ٻڪر، گابا، گايون، مينھون، رڍون ڏينديون ھيون. ھو سدائين سونن زيورن جي عيوض تازا ٿلھا ٿنڀرا جانور ڪاھيو پنھنجي آستان ڏي ويندو ھو. سڄي ملڪ ۾ جيترو بھ سون ھو، سو پوڙھي راڄ گئوپال يا سندس ابن ڏاڏن جي وگھي ھو، پر ھنن اھو قيمتي ڌاتو آندو ڪٿان ٿي؟ سا ڪل رڳو راڄ گئوپال يا سندس مري ويل ابن ڏاڏن کي ھئي.

چون ٿا تھ انھن ئي ڏينھن ۾ روھ جبل جي سڪارين پاسن ۾ ڌڱ ديو نالي ھڪ پھلواڻ مڙس رھندو ھو. سڄي ڌرتيءَ تي ھن جي مقابلي وارو مڙس اڃا ماءُ ڄڻيو ئي ڪونھ ھو، پر تڏھن بھ نھ رھڻ لاءِ اجھو ھئس ۽ نھ ھر لاءِ ڪو ڏاند، نھ کير لاءِ ڪا رڍ يا ٻڪري، نھ ئي ڪنھن ڪم ڪار لاءِ دل چوندي ھيس. سڄو ڏينھن پيو پنھنجي وٽيل بدن کي جاچيندو ھو ۽ سدائين پراون ٽڪرن تي پلجندو ھو. جتي بھ ڪو ميڙو ملاکڙو ٻڌندو ھو، اتي سڀني کان پھرين پڄي ويندو ھو. ڪڏھن ڪٿي، ڪڏھن ڪٿي پيو زور آزمائيندو ھو. اصل ڍڳي جي طاقت ھيس. جيڪو بھ پھلواڻ سامھون ايندو ھوس، واري تي وارو پٽي ڌو اچي پٽ تي ھڻندو ھئس. ماڻھو سندس طاقت ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندا ھئا ۽ عجب بھ لڳندو ھئن تھ ايڏي طاقت ھوندي بھ نھ ھو ھر ھلائي سگھي ٿو، نھ ٻنيءَ ۾ پاڻي ورائي سگھي ٿو، نھ پنھنجي رھڻ لاءِ پيڙھھ کوٽي چار پکا ھڻي سگھي ٿو.

چون ٿا تھ ھڪ ڀيري ھڪ وڏي جشن جي موقعي تي ڌڱ ديو ھڪ نچڻي نينگريءَ تي عاشق ٿي پيو ۽ کيس شاديءَ لاءِ چيائين. نچڻيءَ کلي چيس:

”ڌڱ ديو! تون آھين ٽوٽي ۽ ڪمچور. مان تھ انھيءَ مڙس سان شادي ڪنديس، جيڪو مون کي سونا زيور پھرائي، پاڻ ٻاھران ڪمائي اچي، مان گھر ۾ ويٺي لاڪس ماني پچايان ۽ سندس ننڍڙن ٻارڙن جي شيوا ڪيان، تو سان وھانءُ ڪري مون کي بک ڪونھ مرڻو آھي.“

نچڻي نينگريءَ جي ڳالھھ تي ڌڱ ديو کي باھ وٺي ويئي. سونا زيور ۽ گھر ھٿ ڪرڻ لاءِ لوھن ۾ ٿي آيو. رڳو ايتري خبر ھيس تھ سون جو راز رڳو روھ جبل وارو پوڙھو ڌنار راڄ گئوپال ڄاڻي ٿو. سو سڌو روھ جبل واري واٽ ورتائين ۽ رات ڏينھن جي پنڌ پٽڻ کان پوءِ راڄ گئوپال جي واڙي ۾ آيو.

ان ويل رات جو ٽاڻو ھو. راڄ گئوپال پنھنجيءَ پھڻ واري ڪوٺڙي ۾ مٽيءَ جي ٿلھي تي ڌمڻ دکايو مترڪي سان سون ٺپي رھيو ھو. ٻاھر ڪتو زور زور سان ڀونڪيو ۽ ان سان گڏ ئي ھڪ ڀيم مڇريل مڙس ڪھاڙي سان در تي بيٺل ڏسڻ ۾ آيس. راڄ گئوپال ڊڄڻ جي بجاءِ مرڪي چيس: ”ڀلي ڪري آئين پھلواڻ! تنھنجي آئي منھنجيون اکيون ٿڌيون. ٻڌاءِ ڪيئن اچڻ ٿيو آھي؟“ ڌڱ ديو اک ٽيڏي ڪري ڏاڍي کھرائي سان چيس: ”راڄ گئوپال! مان سون جي ڳولا ۾ آيو آھيان. مون کي ٻڌاءِ تون سون ڪٿان آڻيندو آھين؟“

ڌڱ ديو جي ڳالھھ تي راڄ گئوپال کان ھڪ وڏو ٽھڪ نڪري ويو ۽ چيائين: ”ڌڱ ديو، تنھنجي وات مان اڃا ماءُ جي ٿڃ جي بوءِ پئي اچي. سون طاقت پئدا ڪندي آھي.“ ڌڱ ديو سندس ڳالھھ اڌ ۾ ڪاٽيندي ڪاوڙ مان ھڪل ڪري چيس، ”بڪ نھ پوڙھا! تون نٿو سڃاڻين مان ڪير آھيان. منھنجي مقابلي وارو مڙس اڃان ماءُ ڄڻيو ئي ڪونھي. ڪير آھي جو مون کي سندرو ڏئي. مان ھن ڌرتيءَ جو سڀ کان طاقتور ماڻھو آھيان.“

”ڌڱ ديو! تون سچو آھين. مون توکي ڪيترن ميڙن ۽ ملاکڙن ۾ زور آزمائيندي ڏٺو آھي. سچي بھ تون ڌرتيءَ تي سڀ کان طاقتور ماڻھو آھين، پر تنھنجو جسم جيترو طاقتور آھي، تنھنجو دماغ اوترو ئي ڪمزور. ۽ سون اھو ئي اپائيندو آھي، جنھن وٽ اھي ٻئي. طاقتون ھجن.“

”۽ تو وٽ اھي ٻئي طاقتون ڪونھن، پوءِ بھ تون سون اپائين ٿو. اي مرگھيل پوڙھا، مون کي بيوقوف نھ بناءِ. اھا گوٿناڪي مون سان ڪانھ ھلنديئھ. مان توکان اڄ سون جو راز پڇي رھندس. ياد رک، منھنجي ڪھاڙي جو ھڪڙو ڌڪ توکي موت جي اوڙاھ ۾ اڇلائي ڇڏيندو.“

ڌڱ ديو جي ان ڳالھھ تي راڄ گئوپال ھڪ وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين: ”ڌڱ ديو! تو منھنجي باري ۾ غلط راءِ قائم ڪئي آھي. ٺيڪ آ، مان پوڙھو ۽ ڪمزور آھيان، پر پوءِ بھ منھنجو جسم جيترو ئي ڪمزور آھي، منھنجو دماغ اوترو ئي طاقتور. مان ڌرتي تي سڀ کان عقلمند ماڻھو آھيان. مان پنھنجي دماغ سان سون پيدا ڪندو آھيان. منھنجو جسم سڪل ۽ ڪمزور آھي، پوءِ بھ  مان طاقتور آھيان. منھنجي لٺ ۾ ايتري طاقت آھي جو مان پنھنجو ڌڻ پنھنجي مرضيءَ سان جيڏانھن چاھيان، ورائي سگھان ٿو. منھنجي ڍورن مان ڪنھن کي بھ طاقت نھ آھي جو مون ڏانھن ڪرڙي اک ڪري نھاري سگھي. مان جڏھن جنھن مھل چاھيندو آھيان، کين روھ جبل جي رڻ پٽن ۽ بيابانن ڏي وٺي ويندو آھيان، جتي نھ گاھ ھوندو آھي نھ پاڻي. اتي ڌرتي سدائين تندور وانگي پئي ٻرندي آھي، پر منھنجي جانورن مان ڪنھن کي مجال آھي جو ٻڙڪ ڪڇي، ان لاءِ تھ منھنجي لٺ ۾ طاقت ھوندي آھي. مان لٺ سان اڳيان ھوندو آھيان ۽ سون پاڻيھي منھنجي گھر ۾ پڄي ويندو آھي – سمجھيئھ!“

”تون الائي ڪھڙي ڄاڙ ھڻي رھيو آھين. مان ڌوڙ بھ ڪونھ سمجھيس.“ ڌڱ ديو بيزاريءَ سان وراڻيو.

”تڏھن تھ مان چوان ٿو تھ تنھنجو جسم جيترو ئي طاقتور آھي، تنھنجو دماغ اوترو ئي ڪمزور. اڙي عقل جا انڌا! تون دنيا جو سڀ کان طاقتور انسان آھين. تون جي چاھين تھ پنھنجي لٺ جي طاقت سان سڀني ماڻھن کي پنھنجي مرضيءَ سان ھلائي سگھين ٿو. سون جو راز رڳو روھ جبل آھي. جڏھن مون ڪمزور ٻڍي کي رڳو مال تي لٺ ھلائيندي سون ملندو آھي تھ توکي ڇا ملندو! تون پارس آھين پارس..... بس مان جيئن چوان تيئن ڪر، پوءِ تون جنھن شيءِ کي ڇھندين اھا سون ٿي پوندي.... سون ٿي پوندي.“

راڄ گئوپال جي واتان سون.... سون..... سون.... ٻڌي ڌڱ ديو انڌو ٿي پيو ھو. رڙ ڪري چيائين: ”تون جيئن چوندين، مان تيئن ڪندس. ٻڌاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“

راڄ گئوپال چيو: ”تھ پوءِ ٻڌ! توکي ماڻھن کي پنھنجي مٺ ۾ قابو ڪرڻو پوندو. تون دنيا جو سڀ کان طاقتور ماڻھو آھين ۽ مان دنيا جو سڀ کان عقلمند. اڄ کان تون راجا آھين ۽ مان تنھنجو سيناپتي. بس مان جيئن چوندو ويندس، تيئن تون ڪندو وڃ. پوءِ سڄي دنيا جي دولت اسان جي پيرن ۾ ھوندي.“

ڌڱ ديو سون ھٿ ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجھھ ڪرڻ لاءِ تيار ھو. چيائين: ”مون کي منظور آھي، تون جيئن چوندين، تيئن ٿيندو.“

”تھ پوءِ ٻڌ.“ ”راڄ گئوپال چيو: ”سڀ کان پھرين توکي پاڻ جھڙا طاقتور، ٽوٽي، ڪمچور ۽ لالچي ماڻھو ھٿ ڪرڻا پوندا، جي سدائين سڻڀي ٽڪر لاءِ منھنجي وفادار ڪتي وانگر لور لور ڪندا رھن. پھرين پاڻ جھڙن طاقتور، لالچي ۽ بيڪار ماڻھن جو وڏو ٽولو سون جي لالچ ڏئي مون ڏانھن وٺي اچ. مان تنھنجو انتظار ڪندس. سون ھٿ ڪرڻ لاءِ اھو تنھنجو پھريون ڏاڪو آھي. وڃ......“

ڌڱ ديو لاءِ اھا ڪا وڏي ڳالھھ ڪانھ ھئس، چيائين: ”مان مھيني جي اندر سوين پھلواڻن کي تنھنجي آڏو پيش ڪندس.“ ۽ کانئس موڪلائي پنھنجي ڪم سان روانو ٿيو. ان رات راڄ گئوپال پنھنجو سمورو سون پيتيءَ ۾ بند ڪيو ۽ سونن زيورن جي بجاءِ لوھ جا ڪات ۽ ڪھاڙا ٺپڻ لڳو.

چوندا آھن چنڊو چنڊي کي سو ڪوھن تي ڳولي لھي. ھڪ مھيني کان پوءِ ڌڱ ديو روھ جبل ۾ راڄ گئوپال جي گھر آيو تھ ھن سان گڏ سوين پھلوانن جو ڪٽڪ ھو.

راج گئوپال ٻانھن مٿي لوڏي سندن آءُ ڀڳت ڪئي ۽ وڏي آواز سان چيائين: ”اي طاقتور پھلواڻو! اوھان سڀ ڄاڻو ٿا تھ ھن ڌرتي تي جيترو بھ سون آھي، سو سڀ منھنجن ابن ڏاڏن ۽ منھنجي بدولت آھي. اھو رڳو مان ئي آھيان جو سون جو راز ڄاڻان ٿو. سون، جو دنيا جو سڀ کان وڏي دولت آھي. اوھان مان ڪير آھي جنھن کي سون نھ گھرجي؟“

راڄ گئوپال جي آواز تي سڀني ھڪ آواز ٿي چيو:

”اسان کي سون گھرجي...... اسان کي سون گھرجي......“

راڄ گئوپال پنھنجي تقرير جاري رکندي چيو:

”تھ پوءِ ٻڌو! ھن ڌرتيءَ تي سون جو راز رڳو مان ئي ڄاڻان ٿو. اھو مان ئي آھيان جو توھان کي سون ڏئي سگھان ٿو، پر سون ھٿ ڪرڻ لاءِ ڌڱ ديو ۽ منھنجو حڪم مڃڻو پوندو. جيئن اسان چونداسين، تيئن ڪندؤ. اڄ ڏينھن کان ڌڱ ديو، جو ڌرتي تي سڀ کان طاقتور آھي، توھان جو راجا ۽ مان، جو ڌرتيءَ تي سڀ کان عقلمند آھيان، توھان جو وزير آھيان. اسان جو ھر حڪم توھان کي مڃڻو پوندو. بس پوءِ اوھان کي سون ۾ توريو ويندو.“

راڄ گئوپال جي آواز تي وري سڀني ھڪ آواز ٿي چيو:

”اسان کي اوھان جو ھر حڪم منظور آھي.“

راڄ گئوپال ٻانھن لوڏي سڀني کي ماٺ ڪرائي چيو: ”تھ پوءِ ٻڌو، صبح ٿيندي ئي اسان ھتان ڪوچ ڪنداسين ۽ وستي وستي گھر گھر جو گھمرو ڪنداسين ۽ ماڻھن کي پنھنجي نئين راجا ۽ پنھنجي طاقت آڏو جھڪائينداسين. جيڪو بھ اسان جو حڪم نھ مڃندو، ان کي پنھنجن ڪاتن ڪھاڙن سان مارينداسين ۽ ان جي گھر کي باھ لڳائي ڇڏينداسين. بس سون جو راز اھو ئي آھي.“

”ڇا پوءِ اسان کي سون ملي ويندو؟“ ڪٽڪ مان ھڪ پھلواڻ زور سان چيو.

”بس اسان جو حڪم مڃندا ھلو. مان اوھان کي سڄو روھ جبل سون ڪري ڏيندس. ياد رکو تھ مان دنيا جو سڀ کان وڏو عقلمند ماڻھو آھيان. ڌرتيءَ تي اھو مان ئي آھيان جو سون جو راز ڄاڻان ٿو.“

”اسان کي منظور آھي.... اسان کي منظور آھي“ سڀني پھلواڻن ھڪ آواز ٿي چيو ۽ ڌڱ ديو ۽ راڄ گئوپال آڏو سر نوائڻ لڳا.

صبح ٿيندي ئي راڄ گئوپال ھر ھڪ پھلواڻ کي ڪات ۽ ڪھاڙو ڏنو ۽ سڀني کي پنھنجي پٺيان ھلڻ جو حڪم ڏنائين. سڀ کان اڳيان ڌڱ ديو ھو، ان جي پٺيان راڄ گئوپال ۽ ان جي پٺيان سوين ڪاتن ۽ ڪھاڙن سان پھلواڻن جو ڪٽڪ، جي وستي وستي، گھر گھر ووڙيندا ويا. جتي ٿي ڌڱ ديو جو ڪٽڪ پھتو، اتي ماڻھن ۾ مانڌاڻون ٿي پئجي ويو. سوين گھر ساڙيا ويا، سوين ماڻھو ماريا ويا. راڄ گئوپال ھڪ ھڪ ماڻھو کي ڌڱ ديو جي آڏو جھڪايو ۽ چيائين:

”ڌڱ ديو ھن ڌرتيءَ تي سڀ کان وڏو طاقتور ماڻھو آھي. اڄ کان ڌڱ ديو اوھان جو راجا آھي. اڄ کان ھيءَ سموري ڌرتي ڌڱ ديو جي آھي. اوھان کي ھر سال پنھنجي فصل ۽ مال جو ھڪ حصو راجا ڌڱ ديو کي ڏيڻو پوندو ۽ اوھان کي روھ جبل جي مٿان راجا لاءِ وڏا عاليشان محل ۽ رنگ رتول ٺاھڻا پوندا ۽ ان جي چوڌاري راجا جي حفاظت لاءِ ڪوٽ ٻڌڻو پوندو. ياد رکو! اوھان مان جيڪو بھ راجا ڌڱ ديو جو حڪم نھ مڃيندو يا بغاوت ڪندو، ان جو جڻ ٻچو گھاڻن ۾ پيڙايو ويندو ۽ ان جي گھر کي باھ لڳائي ويندي.“

ماڻھو ويچارا ان اوچتو اجل کان اھڙا تھ وٺي ڊنا جو ساھ ئي سڪي وين. ڪير ڪڇي؟ سڀني کڻي پنھنجي نئين راجا آڏو ڪنڌ جھڪايو. ڌڱ ديو جو ڏھڪاءُ سڄيءَ ڌرتيءُ تي پري پري تائين پڄي ويو. ڪنھن کي بھ ھمٿ نھ ھئي جو ھن جي اڳيان ڪنڌ کڻي.

روھ جبل جي مٿان وڏو ڪنگرن سان ڪوٽ اڏجڻ لڳو، جنھن کي ڏسڻ سان ھوند پٽڪو ڪري پوي ۽ ان جي اندر راجا ۽ ان جي ڪٽڪ لاءِ وڏا عاليشان محل ۽ رتول ٺھڻ لڳا. راتو ڏينھن ھزارين ماڻھو ڪم ۾ گڏھن وانگر جٽيا پيا ھوندا ھئا ۽ مٿانئن راجا جي سپاھين جا چھبڪ پيا ڪاريھر نانگ وانگي ڪڙڪندا ھئا. جي ڪو پورو کاڌو ۽ پاڻي نھ ملڻ ۽ گھڻي ڪم ڪرڻ جي ڪري نست ٿي ڪري پوندو ھو تھ ان کي بھ پھڻ ۽ سرن سان گڏ ڪوٽ جي ٿلھي مائي واري ڀت ۾ لمبيو ويندو ھو. تانجو اھو ڏينھن بھ آيو جو وارياسين رڻ پٽن واري روھ جبل جي مٿان ھڪ نئين راڄڌاني اڀري آئي ۽ راجا جي تاجپوشي جي جشن جي تاريخ مقرر ڪئي وئي. راڄ گئوپال پنھنجي بچايل سموري سون مان راجا لاءِ ھڪ سونو تخت، تاج، بڙڇ ۽ ھزارين سڪا ٺاھيا، جن تي راجا جي تصوير اڪريل ھئي.

راجا جي تاجپوشي واري جشن جي رات سوين حسين ڪامڻين نرتڪين نينگرين راجا جي اڳيان ناچ ڪيا. راجا کي سوني تخت تي وھاري مٿي تي سونو تاج پھرايو ويو ۽ سندس ھٿ ۾ سونو بڙڇ ڏنو ويو ۽ سڀني ڪٽڪ جي پھلواڻن ۾ سونا سڪا ورھايا ۽ ان خوشي ۾ راڄ گئوپال پنھنجي سمورن جانورن جو روھ جبل جي رڻ ۾ ٻليدان ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

چون ٿا اھا روھ جبل جي راڄڌاني دنيا جي پھرين راڄڌاني ھئي، جنھن جو رواج اڄو اڄ تائين ھليو اچي. اڄو اڄ تائين روھ جبل وارو اھو رڻ ھزارين جاندارن جي قرباني گھرندو آھي. سدائين ڳجھون پيون لامارا ڏينديون آھن. ساڳيو روھ جبل آھي، ساڳيو راجا، ساڳيو سڪو، ساڳيو تخت، ساڳيو تاج، ساڳيو بڙڇ ۽ ساڳي پرجا.

ٻٽاٽيڙو

چنڊ ڪينھين، چنڊ کي منڊ آھي.

ھڪ واٽھڙو ٻاٽ ۾ درياھ جو بچاءُ بند وٺيو، ھلندو بيھندو، واساما ۽ ڏوجھرا کائيندو ٿو وڃي ۽ تارن ڀريل آڪاس ۾ رکي رکي تارا ٽلڪندا ٽمڪندا ٿا رھن. ڪڏھن آڪاس ۾ تھ ڪڏھن آرسيءَ جيان ٽڪ ٻڌل سنڌوءَ ۾. ۽ ٻيا آھن ساروڻن جا، سپني ماتر ترورا ترورا، ڌنڌلا ڌنڌلا اولڙا....

]اولڙا، جي ذھن جي آڪاس ۾ ور ور ٽلڪي ٽمڪي ٻڏندا اپڙندا ٿا وڃن[

”ٻڌ؟....“ ڄڻ رڃن مان ٻاڪاريندڙ تئونس ڀريل آواز، الائي ڪٿان ويڻا جيان وڄي وڃي ٿو.

”ھون......“ ھو دور ٻڏندڙ سنڌيا جي فلارجندڙ رنگن روپن تان نھار ھٽائي، پنھنجي ننڍڙي سينڌيءَ جي پيرن، پير ڪڙن، ريشمي پڙي جي گھيراو، سنھڙيءَ ننگي چيلھھ، سون ڦلڙي جڙيل دن کان مٿي پولڪا ۾ لڪل ارھن، ھسليءَ ڀريل ڳچيءَ، چپڙن، سونيءَ نڪ بولڙيءَ ۽ چيلھھ کان ھيٺ ڇمڪن سان لڙڪندڙ سڳين ۾ گھارا وجھندڙ نھار سان نھاري ٿو ۽ اٻاڻڪن نيڻن جي منڊ ۾ ڦاسي ٿو وڃي. ھون.... کان اڳتي اکر اجھنس نٿا. آواز نڙي ۾ ئي ڄڻ گھٽجي ڦاسي ٿو پويس. ھو رڳو ڇوڪريءَ جي ڪڙي تيل لڳل مٿي تي کاڏي رکي، وارن مان ايندڙ سڳنڌ ۽ ڪڙي تيل جي تيک تي پاڻ کي لوڙھي ڇڏڻ لاءِ روئي ٿو پوي ۽ وري وڏي ڦٿڪاٽ سان ڇوڪريءَ جي سڳين مان، گھوڙي جي رينن جيان جھلي، گونگن نيڻن سان منجھس نھاريندو ٿو رھي.

]نيڻ!...... جن ۾ لڙڪ نھ ھوندي بھ ڄڻ ڪارا سمونڊ ڇلندا ٿا رھن[

”وري ڪڏھن؟.....“ ڇوڪري دانھين ٿي.

”جڏھن..... جڏھن امتحان پورا ٿيندا.“

”ڇا تڏھن؟.....“ ڇوڪري راڙو ٿي ڪري.

]کن لاءِ لوڙھيندڙ ٻوڙيندڙ ماٺارو[

”اون – ھون – نھ ونءُ، ڦيل ڇو نٿو ٿين.... تھجو سوڳنڌ آئون سڄي ڄمار ٻٽيون تگاريون کڻي توکي عينش ڪرائينديس. ڦيل ٿي پئھ نھ. ڇاکان ٿو ڊڄين؟......“ ”...........“

ھلندي ھو آڪاس ۾ ٽيڙو ٿو ڳولي. ھو سدائين ٽيڙو ڳوليندو آھي. چوندا آھن تھ جڏھن آڪاس ۾ جاڙا ٽيڙو ڏسڻ ۾ ايندا آھن تھ جڳن جا وڇڙيل پريمي پنھنجي ماڳ تي مڙي ايندا آھن. ھو دور دور آڪاس ڦلھوڙيندو ٿو رھي ۽.......

۽ آڪاس ۾ ٽيڙو ڪٿي ڪينھن. تارا، ڪتيون، کيرڌارا، آڪاس ۾ گھوماٽيون کائيندا ڦرندا ٿا وڃن. ڪنن ۾ ساروڻن جا اڀامندڙ سڏڪا، رنڀون، راڙا، پڙاڏجندا ٿا وڃن. ”نھ.... نھ..... ايڏي سڪرات بھ ٿيندي آھي ڇا؟......“

(۽ تارا، تارا ھن جي نيڻن جي سرڪلز ۾ ڦرندا، ڌنڌلجندا، اونداھو ڪن بڻجندا ٿا وڃن)

کن لاءِ ھن جي اکين آڏو اونداھيون اچيو وڃن. پوءِ وريو ننڍڙا ننڍڙا نکيتر، لئي ۾ ڦاٿل ماڪ ڦڙن جيان، ٽلڪندا ٽمڪندا اجاگر ٿيو، ڪاريءَ رات ھاڻو سارو وايو منڊل چھچٽو ڪريو ڇڏين.

ھان – شايد ٿورڙي ڀنواٽي اچي وئي ھئي. توبھن...... جي امتحان ۾ فيل ٿي پوان ٿا تھ ڪيڏو نھ سٺو ٿئي ھا. ھينئر ڪھڙو پي. ايڇ. ڊي آھيان يا بيچلر آف سائنس، جو تارا ويٺو ڳڻيان..... مون کي تھ ايتري بھ خبر ڪانھين تھ آڪاس ۾ ڪڏھن جاڙا ٽيڙو بھ اجاگر ٿيندا آھن.

”جاڙا ٽيڙو؟..... شايد منھنجي نظر گھٽ ٿي وئي آھي.“ ھو ٿاٻڙجي گھوماٽي کائي، بند تي ويھي ٿو وڃي ۽ کن لاءِ لڙڪ ڀريل نيڻ مھٽيندو ٿو رھي.

ٻيو کن

سگريٽ.

(اندر توڙي ٻاھر دونھن ڀريل کن)

کن.

پل، کن پل ۾!....

چيزنگ، وڏي ويڙھاند:

”ٻڌ، اڄ آئون توسان کلي ڳالھائڻ ٿي گھران؟“

”چئھ، ڀلا مون توکي ڪڏھن نھ ٻڌو آھي، ڪڏھن؟....“

”مون..... مون اھو پئي چوڻ چاھيو تھ مان توکي ڪڏھن بھ ايڏو ھلڪڙو، خسيس ۽ رواجي ماڻھو ڪين سمجھي ھيس!.......“

”ڇا؟.....“

”تون ڀل پاڻ کي اوٽول کان وڏو ايڪٽر سمجھندو ھج، آئون بدتميزي برداشت نھ ڪندي آھيان.“

”بدتميزي؟!... الا- مان نھ سمجھيس. مان ماڻھو آھيان، ٿي سگھي ٿو مون کان ڪنھن کي تڪليف پھتي ھجي. تون ڇو پئي مون کي ايڏو ڇنڀين! ڇو ڀرجي ويو آھي تو ۾ ايڏو ڪروڌ؟....“

”تون ڪير ٿيندو آھين واري واري سان منھنجو در کڙڪائڻ وارو؟ ڪير ٿيندو آھين ماڻھن کان منھنجون پڇائون ڪرڻ وارو؟“

”عجب آھي!... ڀلا توکي وشواش اچي ٿو تھ مون ائين ڪيو ھوندو؟ توکي ويساھ ڪيئن آيو؟ ڪيئن؟!...... ايڏو نرلڄ، ڪڌو ۽ غنڊو تھ آئون ڪڏھن ڪين آھيان.“

”نھ تو ائين ڪيو آھي.“

(ڪروڌ..... الميا ۽؟......)

”او – ف، تون ڇا پئي چوين؟... تو تھ چيو ھو ٽن مھينن کان پوءِ ملنداسين. مون کي ..... مون کي تھ ايتري بھ ڪل ڪانھي تھ اھي ٽي مھينا ڪڏھن ختم ٿيندا؟ ڀلا وڇوڙي جا پل بھ ڪڏھن ختم ٿيندا آھن ڇا؟ شاھ جو سوڳنڌ، مون کي خبر ڪانھي، ڪڏھن ختم ٿيندا اھي ٽي مھينا!......“

”!.......“

”تون چپ ڇو ٿي وئي آھين؟ ٻڌاءِ نھ، ڪڏھن ٿيندي پڄاڻي، انھن مھينن جي؟....... ڪڏھين..... ڪھڙين تاريخن تي....... ھان؟.....“ ۽ پوءِ کن لاءِ ٻئي ھڪ ٻئي ۾ منجھاڻل نيڻن سان نھاريندا، جدا ٿيو ٿا وڃن.

پلپٽيشن.

ڀچيل چپن سان، دل تي ھٿ.

اندر ڄڻ ڪٺل ڪڪڙ ٿو ڦٿڪي.

سھڪو..... وڏا ساھ ۽ ڏکڻ کان ھير ڀريل ھوائن جو ٿھمر:

ھان – ھيءَ عورت آھي؟ ...... ڪني، ڪروڌ ڀريل. چڱو ٿيو آئون پنھنجا لڙڪ پي ويس، پنھنجي اندر جو سارو روڄ راڙو ماتام آڏس لڪائي ويس – نھ تھ چوي ھا واھ جو ڀاڙيو ڪيومانس، ھونھن..... ڀلا عورتن اڳيان بھ ڪو روئبو آھي ڇا؟ عورتن اڳيان تھ کلبو آھي، ٽھڪ ڏبا آھن. ويچاري ڏاڏي چوندي ھئي، ماڻھو کي سدائين مساڳ ھڻي کلڻ گھرجي!.... مساڳ ھڻي....

...... ھونھن، وڏي ڪلاسيڪل وليجر عورت ٿي سڏائي، خانداني ڪلاسيڪل ڳائڻي. گريجوئيٽ انٽليڪچوئل عورت، آٿر، شارٽ اسٽوري رائٽر. آئون ٺپ ٻھراڙيءَ جو ٻروچ ماڻھو، مون کي ڪھڙي خبر ماڊرن رومانس جا ايٽيڪيٽس ڪھڙا ٿيندا آھن؟ مون تھ مئٽرڪ جو منھن بھ نھ ڏٺو آھي. ھيڏي وڏي ڪھاڻيڪاره گھٽ ۾ گھٽ ايترو تھ سوچي ھا تھ مون سان گڏ منھنجو پٽيوالو دوست بھ آھي. ڇا ڪنھن ماڻھوءَ کي ائين لٻوئبو لتاڙبو آھي. جيڏن سرتن اڳيان. ايڏي ڊاڊش....... ......... ......

ھان – مان.... مان کيس پري کان ڏسي ڪيڏيءَ نھ سڪ ۽ موھ مان ڏانھس وڌيو ھئس. توبھن..... ڪيترن ڏينھن کان پوءِ ڪنھن مارڳ تي مڙيا ھئاسين!...... ڄڻ ڪارونجھر مٿان ڪڪر ڪري پيا ھئا.

ڇا ڇا نھ درشن ٿيا ھئا!.....

ھان – برين واش؟...

ٿي سگھي ٿو؟

ڪاليج ۾ پڙھيو ناھيان تھ ڇا ٿيو. مون کي خبر آھي تھ ماڻھو جو برين واش ڪيئن ڪبو آھي؟

(کن لاءِ ماٺار)

ھا – ڪجھھ مڙئي آھي.. وڙھي پئي يا تڙپي ٿي.... ڀلا آئون ڇا سمجھان، مون کي تھ ويساھ نٿو اچي.

واھ – پنھنجو پاڻ تي ٽڏان ڇو نھ، منھنجي ڳولا ڪا جھڙي تھڙي آھي ڇا؟ توبھن، ڪروڌ ۾ اچي ڳالھائڻ ويل منھنجي چوڌر شينھڻ جيان ڪئين ٿي گجگوڙون ڪندي ڦري ۽ گري. ٿڙڪي پئي جولان مان! چڱو ٿيو، ڏاڏيءَ جي ڳالھھ ڳنڍ سان ٻڌي پاڻ ۾ مشڪڻ جي عادت وجھي ڇڏي اٿم. نھ تھ؟..... لپاٽ سان، جي لئوڻي ڦير لپاٽ لڳيس ھا تھ ڇا ڪاري قيام نھ اچي وڃي ھا؟ اھڙا ڳرا ھٿ تھ ڪھاڙين سان ڪپي ڇڏبا آھن، پر ھوءَ ڇا ڄاڻي انھيءَ ٻاروچي ٻوليءَ مان. الا – گھگھي ۾ ڪيڏي نھ پياري لڳندي، ھيڏو وڏو ڦرو، ڀل نئون ڄاول ٻار ڦري ۾ پيو ھجي. توبھن...... انھن رائيٽر ۽ انٽليڪچوئل عورتن سان ڪيئن پڄجي. ھن وٽ اٺ ڪتابن جا ۽ آئون اوٺار. مان تھ کيس پنھنجي ڇوٽڪاري لاءِ ھڪ پل بھ ترسائي نھ سگھيس! ائين آئي، ائين وئي، جھڙي اڏام کٽولي واري شھزادي. الائي ڏھ ڏينھن گذريا آھن، پندرھن يا ڏيڍ مھينو؟ ڀلا اھي ٽي مھينا پورا بھ ٿيندا يا نھ!... ھان......

.... پر نھ.... مون تھ کيس روڪڻ لاءِ الاھين جتن ڪيا ھئا، پر ٻڌڻ کان ئي پڙ ڪڍي بيھي  رھي. چيومانس تھ تنھنجي ماءُ مون کي ذھني مريض ٿي لڳي. ھي سائنس جو زمانو آھي. مان تنھنجي در تي ناڪ ڇو ڪريان، سنئون سڌو توکي ٽيليفون نھ ڪريان. مان تھ سنئون سڌو وڏي عظيم رووليشن جو ماڻھو آھيان. مون وٽ ايتري واندڪائي ڪٿي آھي جو ويھي ”شاھ جو رسالو“ اڳيان رکي، ڪنھن کي رومانٽڪ خط لکان، الائي ڇا ٿي ويو اٿس؟

وڏي ڳالھھ تھ اسان جي وچ ۾ نظرياتي ٽڪراؤ بھ تھ ڪونھي! ائين ٿي وڇوڙا ڪري، ڄڻ وري وري جنم وٺنداسين، وري وري ساڳئي اسٿان تي ملنداسين. ڄڻ جھان ڇڏڻو ئي ڪينھين. ماڻھوءَ کي جي مرڻو ئي آھي تھ پوءِ ايڏو ڦٿڪاٽ کڻي ڇو مري؟ حياتي ڏاڍي ننڍڙي آھي، ماڻھوءَ کي جيئن اچي تيئن ڪجي.

اندر ۾ ڦٿڪاٽ.

سڏڪا ۽ ھڏڪيون.

اندر جو ڪٺل ڪڪڙ پساھ ڇڏي نٿو.

.... ۽ مان ...... مان تھ ھينئر بھ مشڪان پيو. ”پوڄا ڏنم پير“ الا – ڪيترن ڏينھن کان پوءِ ڏٺومانس، ڄڻ جنب لنگھي ويا ھئا. ھلي تھ ڪيئن ٿي، ڄڻ ڊيل ٿي ٽلي. منھنجيون تھ ڄڻ سڀني جنمن جون آشائون پوريون ٿي ويون. ڪڌاتوري، ڪڏھن سپن ۾ بھ ڪانھ اچي ۽ ھينئر..... ھينئر دل ۾ سور محسوس ڪندي بھ آئون پاڻ کي ڪيڏو نھ فريش پيو محسوس ڪريان.

(ھان!.........)

جٽائون؟

الا –

ڄڻ گھنگھور گھٽائون.

(او-ف .... ڦيري.... آئون ان مٿي جي ڦيريءَ تي ڪيڏو نھ ھرندو ٿو وڃان)

ھان – ڀلا ڇو نھ؟ ننڍڙي ھوندي کان جو ھريل آھيان. ننڍڙي ھوندي ماتا مريادا ڪيڏو نھ ڦيرائيندي ھيم ۽ سندس وڏي وڏي گھيردار پڙي سان گڏ زمين ڪيئن نھ تکي تکي ڦرندي ھئي.....!

ھان ماڻھو ڪيڏا نھ ڪ ساکيا ٿيندا آھن. ماءُ جي ڪولھياڻي ھجي تھ جھانن کان لڪائيندا، ڄڻ ڪولھاڻيون مائرون ٿين ئي ڪونھ! ڄڻ ھي بھ ڪو ٻانڀڻ راڄ وارو ڪال آھي. ڪي ديوتا، ڪي کٿري، ڪي ٻانڀڻ تھ ڪي شودر. ھونھن.... شودر؟ اڪال اڪالن کان ماڻھوءَ کي شودر بڻايو اچي.

۽ ھن ايمريڪن اسڪالر ڇا پئي چيو؟

”جن کي موٽر ۾ ھلڻ گھرجي، سي ماني لاءِ موٿاج آھن ۽ جن کي مانيءَ لاءِ موٿاج ھئڻ گھرجي، سي مرسڊيز ۾ چرس، گانجا پيو، ستن سالن جي ڪا ٻارڙي ريپ ڪرڻ لاءِ ڪارون پيا ڊوڙائين. اوھان جي سوسائٽي تھ الائي ڪھڙي مخلوق جي سوسائٽي آھي. اسان وٽ بھ ريپ جا ڪيس ٿيندا آھن، پر جواڻ ڇورين سان.“

ويچارو، ھڪ ئي خبر سان ڪيئن چڪرائجي ويو ھو.

ڪ ساکيا،

الڇڻا،

آدم جو اولاد!.....

اسلام!......

پاڪ وطن، پاڪ ماڻھو!.....

ھون – ماڻھو ڪيڏا نھ ڪ ساکيا ٿي ويا آھن. ڇا ”ڪ ساکيا“ اکر ٺيڪ نھ آھي! ڪنھن جو بھ ڪنھن ۾ ويساھ نھ رھيو آھي. ڀلا ان کان مٿي ڌرتيءَ کي ٻيو ڪھڙو ڌوڏو ايندو جو ماڻھو ستن سالن جي ٻارڙي کي زوري کڻي، پنج ڏينھن بکن ۾ پاھ ڪريو، پيا کيس ريپ ڪن ۽ يتيم خاني اڳيان اڇلائين! ڀلا آئون ان ايمريڪن کي ڪوڙو ڪيئن ڪريان؟ سچي بھ ائين تھ جانورن پکين ۽ پسن ۾ بھ ناھي. گھنڊ نر پاڏي اڳيان بھ جڏھن ڪچڙي ٽيھاڻ ڪڏڪارون ڪندي آھي تھ ويجھو پوڻ بدران ٿوناري ڪڍندو اٿس تھ مري پوندين. ٽي – ويءَ واري علڻ فقر جيان:

(قرآن، ھن ملڪ ۾ تھ زپ کولي، پينٽ اڇلائي نانگو ٿي ھلجي)

اڙي بابا، قيامت اچي وئي. ھيڏڙيون تِر جيڏڙيون ڪيئن ڳچيءَ ۾ پئجيو وڃن. لخ لعنت آ ڪراچيءَ کي. مائٽن کي بھ شابس ھجي، نياڻيءَ ذات کي نھ ساڃھھ ڏين نھ مٿي تي گندي. بس ٽي – وي تي حج مبارڪ ٿيو، اصل ڌڻ ڪتاريو ڇڏين. قرآن ھيڏڙيون سوپارين جيڏيون بُبڙيون. توبھھ آھي موليٰ علي جي در تي، بابا گيسارا. اصل ٻئي ھٿ!...... بس بابل ماٺ ڀلي آھي.“

ھا – ماٺ ڀلي آھي.

ڀڳت جي ويران باغ ۾ وڃي، ڇو نھ ماٺ مٺيءَ سان سوچيان؟

ڀلا سوچڻ کان سواءِ دنيا ۾ ٻي ڪھڙي شيءِ ڀلي آھي جا مون کي پراپت ٿي سگھي ٿي، ڏوڪڙن کان سواءِ؟

(ھو درياھ جي اڀڪپري تان اٿي، ويران باغ ڏانھن وڃڻ ٿو لڳي)

”توبھن....“

ھي شھر آھي،

يا خدائي قھر آھي؟....

”الا – ڪڏھن ھي شھر ڪيڏو نھ وڻندو ھئم! ڪير چوندو ساڳيو شھر آھي!.....“

.ھان.... ڪير چوندو ساڳيو شھر آھي؟ اڌ کان مٿي ماڻھو تھ چرس ۽ گانجي چريا ڪري ڇڏيا آھن.

شھر، سپنن جو شھر، فتح مبارڪ جو شھر، ٿيو جو شھر.

ٽيون کن:

”ھلا ٿي، لينڪيو ڏونگي کاوتو ھي.“

”ڀاڳي زا....“

”ڏونگي کاراءِ نھ؟....“ (منٿ، ايلاز)

”کنگھھ ٿينديئي ڀڄي وڃ.“

”ٻوٿ ڀڄي وڃ.“

”آ....“ (وارن کي زورائتي ڇِڪ)

”ٿو ماني سوڏھي....“

کي کي کي ........ ھي ھي ھي.

(سنگيت ئي سنگيت).

دل دھڪو....

ھانو تي ھٿ.

اندر جو ڪٺل ڪڪڙ ڦٿڪي پيو.

زندگي

تڏھن مان ھڪ ڀٽيل روح ھوس.

تيز واچوڙن جي وھڪرن، اڻڄاتل خلائن، گمناميءَ جي غارن ۾ پيو ٿڙندو ھوس. تڏھن ڪا خبر ڪانھ پوندي ھئم تھ مان ڇا آھيان، ڇو آھيان؟ ڏک ۽ سک کان بنھھ آجو، تتيءَ ۽ ٿتيءَ جي ڪا ڪل ڪانھ پوندي ھئم. پر ايترو سو ڀائيندو ھوس تھ اڳي ڪا شيءِ حاصل ھئم جا ھاڻ ڪين ھئم. سو چئني پاسي اگھور خلائن ۾ پيو واجھائيندو ھوس.

ڪئين صديون گذري ويون، تڏھن پري کان ھڪ ھنڌ گگھھ اونداھي ڏسڻ ۾ آيم، بنھھ ڪاري ٻاٽ. تڏھن ڀانيم تھ متان اھا ئي شيءِ آھي، جنھن لاءِ من ماندو اٿم. سو جيئن تيئن ڪري اوڏانھن لڙيس. ڏسان تھ ماڻھن جا حشام آھن. پر سڀ انڌا، ماڪوڙين جيان پيا چرن مان نڪرن، ٿڙن ۽ ٿاٻڙن. جي ڪا شيءِ آڏو اچين ٿي تھ انھيءَ جي اڳيان ڇپ ھنيو بيھو رھن. اھڙو تھ اچي ڀؤ لڳم جو وٺي پويان پير ڪيم تھ ڪٿي متان مان بھ انھن اونداھن غارن ۾ ڦاسي نھ پوان. اھڙو تھ ڊنس جو وري پٺيان لوڻو بھ نھ ھنيم.

ڪئين صديون گذرڻ کان پوءِ مون کي ھڪ ھنڌ وري روشني ڏسڻ ۾ آئي. چئني پاسي نوراني ڪرڻا پئي وٺا. تڏھن ڀانيم تھ بس، مون کي جو گھرجي سو اھو آھي. سو تڪڙو تڪڙو اوڏانھن لڙيس ۽ نوراني ڪرڻن ۾ جھاتي پاتم. جان کڻيو ڏسان تھ مار ماڻھن جا ميڙا لڳا پيا آھن، پر سڀ انڌا – روشنيءَ اڳيان سڀ چچيءَ چمڙي جيان اونڌي ٻوٿ لڙڪيا پيا آھن. حيرت تھ حيرت جي ماڳ پر اچي ڊپ کنيم، سو وٺي پويان پير ڪيم.

ڪئين خلائن جا سمنڊ جھاڳڻ کان پوءِ ڏسان تھ ھڪ اھڙي ھنڌ بيٺو آھيان، جنھن جي ھڪ پاسي کان ٻرندر جبلن جا سلسلا آھن، جن مان لاوو ۽ باھ جا الا پيا نڪرن تھ ٻئي پاسي برفاني پھاڙن جا سلسلا آھن، جن مان ڪئين ٿڌڙا آبشار وھيو پيا ھيٺاھين سبز شاداب وادين ۾ پکڙجن ۽ وچ ۾ ھڪ ديويءَ جو مجسمو آھي، جو پيو آسمان سان ڳالھيون ڪري. پھرين تھ انھيءَ مجسمي کي ڏسي منھنجي لئون، لئون ڪنبي وئي. ڀانيان تھ منھن ڪري ڀڄان. پر نھ ڄاڻ ايتري ھمٿ مون ۾ ڪٿان آئي جو دل جھلي چتائي ڏٺومانس تھ منھنجي حيرت جي انتھا نھ رھي. ھن جي جسم جو ھڪ حصو جيترو ئي حسين ۽ دلڪش ھو تھ ٻيو حصو اوترو ئي بي ھنگم ۽ ڀيانڪ. ھن جي ھڪ اک ۾ خوشي ۽ شادماني ھئي تھ ٻيءَ اک ۾ رنج ۽ ڳوڙھا. ھن جي ھڪ ٻانھن ۾ ھيرن جڙيل سوني ٻانھن پھريل ھئي تھ ٻي ٻانھن ۾ ڪٽيل زنجير لڙڪي رھي ھئي. ھن جي سنھڙي چيلھھ جي ھڪ پاسي کان سونھري تلوار ٻڌل ھئي تھ ٻئي ڪک ۾ زخم ۽ ناسور. ھڪ پير ۾ ڇيرل ٻڌل ھئي تھ ٻئي ۾ ھڪ وڏو واسينگ لڙڪي رھيو ھئس. ھوءَ جتي بيٺي ھئي، اتي ھڪ پاسي گلن جي سيج وڇايل ھئي ۽ ان جي مٿان وڇون ڊوڙي رھيا ھئا. مان خوف کان ٿر ٿر ڪنبي رھيو ھوس. مون اتان ڀڄي وڃڻ ٿي چاھيو، پر الائي اھا ڪھڙي ڪشش ھئي، جو مان ان پٽيءَ تان ڀڄي وڃڻ تان تر جيترو بھ چري نھ سگھيس. جيتوڻيڪ ھن کي ڏسڻ سان مون تي دھشت چڙھيو ٿي وئي، تڏھن بھ نھ ڄاڻ ڪيتري دير تائين مان ھن کي ڏسندو رھيس.

”اي عظيم ديوي! تون ڪير آھين؟“ مون ڊڄندي پڇيو. منھنجو سڏ سڻي ديويءَ مونڏانھن نھاريو ۽ ڪيتري دير تائين ھوءَ پنھنجي ننڊاکڙن نيڻن سان ھڪ ٽڪ ٻڌيو مون ڏانھن نھاريندي رھي، ڄڻ ھوءَ مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھجي. مان ھن جي نظرن جو تاب نھ جھلي سجدي ۾ ڪري پيس.

”اي روح! تون مون کي نٿو سڃاڻين؟ مان آدجڳاد کان آھيان. تڏھن اڃا نھ ھن پاسي ھي پھاڙ ھئا نھ ھن پاسي ھي ٻرندڙ جبل. اي روح، بس ائين سمجھھ مان ابتدا آھيان، مان انتھا آھيان، مان راڳ آھيان، مان روڄ آھيان، مان پيار آھيان، مان نفرت آھيان، مان فنا آھيان، مان بقا آھيان، سڀ ڪجھھ مون سان آھي.“

ھن جي آواز ۾ ايترو تھ ڏک ھو جو ڪجھھ دير تھ مون تي سڪتو طاري ٿي ويو. جيئن اوچتو مرليءَ جو آواز ٻڌي نانگ پھرين ڇپ ھڻندو آھي. پوءِ ڪر مٿي کڻي مرليءَ جي آواز ڏانھن وڌندو ويندو آھي. مان سجدي مان ڪنڌ کڻي ڏڪندو ڏڪندو ھن جي ويجھو ويس ۽ روئڻھارڪي آواز سان چيم: ”اي ديوي، مان ھڪ ڀٽڪيل روح آھيان. صدين کان آجھاڳ خلائن کي جھاڳڻ کان پوءِ تو وٽ آيو آھيان. اي عظيم ديوي! مون کي ھنن آجھاڳ خلائن مان نڪرڻ جي ڪا واٽ ڏيکار.“ مان ھن جي اڳيان سڏڪا ڀري روئڻ لڳس.

ديويءَ جي چھري تي ڦڪي مرڪ ڦھلجي وئي. ھڪ اک مرڪڻ لڳس تھ ٻيءَ مان لڙڪ ڪري پيس. ٿڌو ساھ ڀري چيائين:

”اي روح، مان ڏاڍي دکي آھيان. توکان پھرين بھ مون وٽ ڪوڙين روح آيا. ھنن ليلائي مون کان منھنجي پيار جي بيک گھري. مون پنھنجي سٻاجھڙي فطرت سان ھميشھ ھنن کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لاتو. پر مون کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھو مون کي ڀلجي ويا. ھنن مون کي ڇڏي پنھنجي لاءِ نوان ديوتا تعمير ڪيا. ھنن مان ڪنھن بھ منھنجو ڏک نھ پروڙيو. ھي ڳوڙھا منھنجي اکين ۾ ڏسين ٿو، ازل کان آھن. ڪنھن منھنجي ڳوڙھن کي نھ ڏٺو، ڪنھن منھنجي پير ۾ وچڙيل نانگ ڏسي مون تي رحم نھ کاڌو. ھنن پنھنجي ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ منھنجي ھٿن ۽ پيرن ۾ زنجير ٻڌي، انھيءَ جا ڪلا ڌرتيءَ جي پاتال ۾ کوڙي ڇڏيا. ھنن پنھنجي ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ قھري ڪان ھڻي، منھنجي ڪک کي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو. ھاڻي مون وٽ ڪجھھ بھ نھ آھي. تون مون کان ڇا ٿو گھرين؟ وڃ،ا ي روح وڃي اگھور خلائن جي رنگينين ۾ بانبڙا پاءِ. وڃ..... مون توکي نرواڻ ڏنو آھي.“ ائين چئي ھوءَ سڏڪن ۾ ٻڏي وئي. ھن کي ائين روئندي ڏسي منھنجي دل بھ ڀرجي آئي. مون رڙ ڪندي چيو: ”نھ نھ اي عظيم ديوي! مون کي خلائن جي رنگيني نھ کپي. مون کي نرواڻ نھ کپي. مان توکي دکي نٿو ڏسي سگھان. مان توسان وعدو ٿو ڪريان تھ مان توکي پنھنجي ساھ سان سانڍيندس. مان ماڻھن کي وري ھڪوار تنھنجي آڏو جھڪائيندس. اي ديوي، جيستائين تنھنجي ھٿن پيرن ۾ اھي زنجيرون ۽ تنھنجي ڪک ۾ اھو زخم آھي، مان سک سان نھ سمھندس. اي عظيم ديوي! آئون تنھنجا زخم ڌوئندس. مون تي ديا ڪر، مون کي شڪتي ڏي.“ مان رانڀاٽ ڪري ھن جي اڳيان زارو زار روئڻ لڳس.

ديوي ڪجھھ دير تھ منجھي پئي ۽ پوءِ ڪنڌ جھڪائي مون ڏانھن نھاريائين، ايئن جيئن ڪا وڌوا پنھنجي ابھم ڏانھن نھاري، ۽ پوءِ ھن جھڪي مون کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لاتو.

۽ اڄ مان انساني روپ ۾ دنيا جي عجائب گھر ۾ حيران پريشان بيٺو آھيان.

جڏھن مون اکي پٽي ھئي تھ منھنجي ڪنن ۾ بمن جا ٺڪاو گونجي رھيا ھئا. آسمان مان باھ جا الا وسي رھيا ھئا ۽ ڌرتيءَ جو سينو ڏڪي رھيو ھو ۽ منھنجي چئني طرف انساني لاش پکڙيا پيا ھئا، جن جو ماس ڳجھون ۽ جھنگلي جانور روڙي رھيا ھئا. موت جي ڏائڻ ڏند ٽيڙيو پئي ٽھڪ ڏنا ۽ زندگيءَ جي ڪنوار سڪرات ۾ ھئي.

مان چپ چاپ ھلندو رھيس.

ھاڻ مان پنھنجي اکين جي جوت وڃائي چڪو آھيان. منھنجي ھٿن پيرن ۾ لرزش پئدا ٿي چڪي آھي ۽ ھاڻ مان سمجھان ٿو تھ منھنجي سفر جو آخري وقت اچي چڪو آھي، جيتوڻيڪ اھا ستر سالن جي زندگي مون گمناميءَ جي غارن ۾ گذاري آھي، سڀني کان جدا، پنھنجو پاڻ کان ويڳاڻو. پر مون کي انھيءَ جو ذرو بھ افسوس نھ آھي، ڇو تھ مون دنيا ۾ اچي پنھنجي جذبن ۽ احساسن کي گڏ ڪيو آھي. مون انھن کي وجود ڏنو آھي. منھنجي ستر سالن جي زندگيءَ جو تاثير ھي مجسمو آھي، جنھن کي مون دنيا جي چوواٽي تي بيھاري ڇڏيو آھي. مون سوچيو ھو، ماڻھو ھن کي تعجب سان ڏسندا، پنھنجي ماضي، حال ۽ مستقبل جي باري ۾ سوچيندا ۽ مان انھن جو انتظار ڪرڻ لڳس.

ھڪ صبح جو سوير مون پنھنجي جھڳيءَ مان ڏٺو تھ ماڻھن جو ھڪ وڏو ٽولو منھنجي مجسمي جي چوڌاري بيٺو سجدا ڪري رھيو آھي. پوءِ ھو سڀ گڏجي مون وٽ آيا ۽ چيائون: ”اي پوڙھا! ھي بت تو ٺاھيو آھي؟“

مون خوشيءَ مان ڪنڌ ڌوڻي ھا ڪئي.

”اسين انھيءَ کي خريد ڪرڻ گھرون ٿا. ٻڌاءِ گھڻي رقم وٺندين؟“

”مان اوھان جو مطلب ڪونھ سمجھيس.“ مون حيران ٿيندي چيو.

”اسين انھيءَ کي پنھنجي مندر ۾ سجائي رکنداسين ۽ انھيءَ جي پوڄا ڪنداسين.“

منھنجي تن من ۾ باھ ٻري وئي. مون ڪاوڙ مان ڏڪندي چيو: ”مون انھيءَ کي پوڄا لاءِ نھ ٺاھيو آھي. مون ان کي توھان جي ماضي، حال ۽ مستقبل سڃاڻڻ لاءِ ٺاھيو آھي. توھان سڀ ھتان ھليا وڃو، نڪري وڃو.....“

ھو سڀ وائڙا ٿي ويا ۽ منھنجي حال تي افسوس ظاھر ڪندي چيائون: ”ويچارو چريو آھي.“

۽ مان پنھنجي جھڳيءَ ۾ اچي روئڻ لڳس.

انھيءَ کان پوءِ ھڪ صبح جو فوجين جو ھڪ ٽولو مون کي پنھنجي مجسمي جي چوڌاري ڦرندو نظر آيو. انھن مان ھر ڪنھن پنھنجا پنھنجا دليل ڏنا ۽ چيائون: ”ھي پوڙھو تھ ديوانو آھي. ھن ڪيتري نھ سھڻي مورت کي بگاڙي ڇڏيو آھي“ ۽ انھن جي وڃڻ کان پوءِ مون ڏٺو تھ منھنجي مجسمي جي چيلھھ ۾ ٻڌل تلوار غائب ھئي.

انھيءَ کان پوءِ ھڪ نقادن جو ٽولو آيو. ھو ڪجھھ دير تھ منھنجي گھڙيل مجسمي کي پرکيندا رھيا ۽ پوءِ ھنن سڀني مون ڏانھن آڱر کڻي چيو تھ: ”ھي دھريو آھي، ھن کي ماريوس، ھي مادھ پرست آھي.“ مان وائڙو ٿي ھنن ڏانھن ڏسندو رھجي ويس. ھنن مون مٿان پھڻن جا مينھن وسايا، مان زخمن کان چور ٿي ڪري پيس.

انھيءَ کان پوءِ ھڪ ٻيو مذھبي ٽولو مون وٽ آيو ۽ مون ڏانھن نفرت سان نھاري چيائون: ”تو خدا کي ڇڏي بت پرستيءَ جو سھارو ورتو آھي ۽ خدا توکي ڪوڙھ لڳائي، انھيءَ ۾ ڪينئان وجھي ڇڏيا آھن. تون ڪتي جو موت مرندين ۽ توکي پاڻي ڏيڻ وارو ڪونھ ملندو. ھاڻ ويٺو پنھنجي گناھ جي سزا ڀوڳ.“

سڀ ماڻھو مون کي پنھنجي حال تي ڇڏي ھليا ويا. پوءِ مان ماڻھن کان مايوس ٿي موت جو انتظار ڪري رھيو ھوس.

ھڪ صبح جو، جڏھن سج جو گولو اوڀر مان پنھنجا رنگين شعاع پکيڙيندي نڪتو، مان پنھنجن زخمن کي سيڪڻ لاءِ ٿڙندو ٿاٻڙندو پنھنجي جھڳيءَ کان در وٽ آيس تھ مون ڏٺو تھ منھنجي مجسمي جي چوڌاري ننڍڙا اسڪولي ٻارڙا راند رچايو ويٺا ھئا. انھن مان ھڪ شھزادو ٿيو بيٺو ھو. ھن جي ھٿ ۾ ننڍڙي ڪاٺيءَ جي تلوار ھئي ۽ ھو پنھنجي تلوار کي زور زور سان ھوا ۾ لھرائي چئي رھيو ھو: ”دوستو، ھيءَ پيار جي پري آھي. ھن کي ھڪ وڏي ظالم ديو زنجير ۾ ٻڌي جادوءَ جي زور سان پنڊپھڻ ڪري ڇڏيو آھي. اوھان ھن زنجير کي کولڻ جي ڪوشش ڪريو تھ مان ھن لاءِ ڪوھ ڪاف مان آب حيات ٿو آڻيان.“ ھن جو حڪم ٻڌندي ئي ھن جا ننڍڙا ساٿي زنجير ۾ چنبڙي ويا ۽ شھزادو ڪاٺيءَ جي گھوڙي کي ڊوڙائيندو وڻن جي جھنڊ ۾ گم ٿي ويو.

ھنن اسڪولي ٻارڙن جي راند ڪيتري نھ پياري آھي. خوشيءَ کان منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا ۽ مان پيو سوچيان، ھي ننڍڙا ٻارڙا انھيءَ پربت جھڙي زنجير کي ڪيئن ٽوڙي سگھندا ۽ ڪاٺيءَ جي گھوڙي تي سوار ننڍڙو شھزادو ڪوھ ڪاف مان ڪڏھن آب حيات آڻي ديويءَ کي زندگي ڏيندو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com