ساهه کڻڻ
مان زنده رهڻ لاءِ ساهه کڻندو آهيان، ڇو ته آڪسيجن منهنجي لاءِ
ضروري آهي، اها جيڪڏهن نه مليم ته هوند مري وڃان.
آءٌ گھڻو ڪري ناسن رستي ساهه کڻندو آهيان. هونئن
ته مان وات سان به ساهه کڻي سگھان ٿو، پر اهو
منهنجي لاءِ خطرناڪ آهي، ڇو ته ناسن سان ساهه کڻڻ
ڪري هوا ڇڻي گرم ٿي ۽ ڇڪجي اندر وڃي ٿي، ائين
ساهه کڻندي خبر پوندي اٿم ته اها هوا منهنجي لاءِ
سٺي آهي يا خراب. ٻيو ته ناسن سان هوا ڇڪجي اندر
وڃڻ سان اها منهنجن ڦڦڙن جي سڀني ڀاڱن کي چڱي
نموني سان ڀري ٿي.
هوا ناسن مان گلي ۾ اچي ٿي، جتان وري نڙ گھٽ ۾ اچيو پوي. منهنجو
نڙگھٽ هيٺان ٻه شاخو آهي، جنهن مان هڪ شاخ هڪ ڦڦڙ
ڏانهن ۽ ٻي ٻئي ڏانهن وڃي ٿي. نڙ گھٽ ڪچڙين هڏين
جو ٺهيل آهي ۽ سدائين کليل رهي ٿو، جيئن هوا
سولائيءَ سان ايندي ويندي رهي.
ڦڦڙ
اسان جانڻ جا ڦڦڙ آهيون. هڪ ساڄي پاسي ۽ ٻيو کان کاٻي پاسي کان.
جيئن ته آءٌ جانڻ جو ساڄي پاسي وارو ڦڦڙ آهيان ۽
کٻي پاسي واري کان ٿورو وڏو آهيان، انهيءَ ڪري
آءٌ ئي توهان کي پنهنجو احوال ٻڌائيندس. منهنجا ٽي
حصا آهن ۽ کاٻي جا ٻه.
جانڻ جي سيني ۾ الله سائينءَ ٽي خانا ٺاهيا آهن، جيڪي بلڪل بند
آهن، جن مان هڪڙي ۾ مان آهيان ۽ ٻئي ۾ منهنجو کاٻو
حصو ۽ ٽئين خاني ۾ دل اٿم. مان پنهنجي خاني ۾ پوري
پوري جاءِ والاريان ٿو. منهنجو وزن پائونڊ کان مٿي
ٿيندو. اسان کي هلائڻ لاءِ ڪابه مشڪ ڪانه آهي،
انهيءَ ڪري اسين پنهنجو پاڻ ئي پيا هلندا آهيون،
اصل ائين جيئن جانڻ جي دل هلندي آهي. اسان جي خانن
۾ خال آهي، انهيءَ ڪري جڏهن جانڻ هوا اندر کڻندو
آهي ته اسين ڦوڪجي ويندا آهيون ۽ جڏهن هو هوا ٻاهر
ڪڍندو آهي ته اسين وري سُسي ويندا آهيون. اسان جا
خال جيڪي هوا کان بلڪل خالي هوندا آهن، اهي جيڪڏهن
ڪنهن حادثي ۾ ٽٽي پون ته اسين پوري نموني سان ڪم
ڪري نه سگھندا آهيون، جيستائين اهو حصو ٺيڪ ٿي
وڃي.
نڙگھٽ هيٺ لهي ٻن هڪ جھڙين شاخن ۾ ورهائجي ٿو، جن مان هڪڙو مون
کي ۽ ٻيو منهنجي کاٻي پاسي واري سنگتيءَ کي هوا
پهچائيندو رهي ٿو. اصل ائين سمجھو ته ڄڻ ڪو ابتو
وڻ ٽنگيل آهي. جيئن وڻ ۾ شاخون ٿين ۽ اهي وري اڳتي
هلي پنن ۾ ورهائجن، تيئن نڙگھٽ به ائين ئي ورهايل
آهي، جيڪو اڳتي هر هڪ ڦڦڙ ۾ بلڪل ننڍن انگورن جھڙن
گول گول هوا جي ڦوٽن ۾ ٿيو وڃي. اسان کي اهڙا
پنجويهه لک کن انگورن جھڙا هوا جا ڦوٽا آهن. اهو
ئي اسان جو اصل حصو آهي، جتي هوا جي صاف ٿيڻ جو ڪم
ڪندا آهيون.
اسان جا اهي انگور ڪوريئڙي جي ڄار وانگر رت نلين سان ڍڪيل آهن،
جن مان هرهڪ جي پڇاڙيءَ تائين، دل پنهنجي زوردار
ڌڌڪي سان رت پهچائيندي رهندي آهي. انهن ۾ رت جا
ڳاڙها جزا هڪ قطار جيان رت نلين مان داخل ٿيندا
آهن، جن کي اتي پهچڻ ۾ هڪ سيڪنڊ لڳندو آهي. اهي
جڏهن رت جي نلين جي ڄار مان لنگھندا آهن ته هڪدم
اسان جي انهن انگورن جھڙن ڦوٽن مان ڪاربان ڊاءِ
آڪسائيڊ چُهي وٺندا آهن ۽ ان وقت ئي اسان جا جزا
وري آڪسيجن کڻي وٺندا آهن. ڪيتري نه عجب جھڙي
ڳالهه آهي ته انهن رت نلين ۾ هڪ پاسي کان نيري رنگ
جو رت، آڪسيجن کان خالي وهندو رهندو ته ٻئي پاسي
کان ڳاڙهو، جيڪو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کان خالي
هوندو آهي.
جيڪا هوا ڦڦڙن ۾ استعمال ٿيندي آهي، اها نه رڳو صاف ۽ گرم هوندي
آهي، پر گھميل پڻ ٿئي. هوا کي گرم ۽ گھميل بنائڻ
لاءِ جانڻ جا ڳوڙها پيدا ڪندڙ غدود، جيڪي سندس اک
کي پاڻي پهچائيندا آهن ۽ هو روئي اک کي صاف ڪندو
آهي، اهي ۽ نڪ خواهه گلي وارا غدود پڻ منهنجي مدد
ڪندا رهندا آهن.
خراب ۽ گندي هوا اسان جي لاءِ نقصانڪار هوندي آهي، ڇو ته جانڻ
جا ٻيا عضوا اهڙين ڳالهين کان ڍڪيل ۽ بچيل هوندا
آهن. اسين سڌو سنئون انهيءَ خراب هوا جو شڪار
ٿيندا رهندا آهيون، ڇاڪاڻ ته هوا سڌو سنئون ڦڦڙن ۾
هلي ايندي آهي، پوءِ به آءٌ ايترو بهادر ۽ دلير
آهيان جو جيئرو رهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته
زهريليون گئسون جھڙوڪ: سلفوڊاءِ آڪسائيڊ، بينزو
پائرين ۽ نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ به اسان ۾ اچي
وينديون آهن. انهن مان ڪي ته اهڙيون سخت ۽
زهريليون آهن، جو اهي جيڪر توهان جا جوراب به ڳاري
ڇڏين. توهان سمجھي سگھو ٿا ته پوءِ اسان جي ڪهڙي
حالت ٿيندي هوندي، پر پوءِ به اسين ڪوشش ڪري هوا
کي ڇاڻي، پوءِ ئي استعمال ڪندا آهيون. انهيءَ ڪم ۾
اسان جي مدد نَڪ جي وارن کان شروع ٿيندي آهي، جيڪي
هوا سان ايندڙ وڏن وڏن مٽيءَ جي ذرن کي جھلي
ڇڏيندا آهن. انهن کان پوءِ به جيڪڏهن ڪي اهڙيون
ذريون پرزيون بچي وينديون آهن ته اهي نَڪ، نڙگھٽ ۽
ان جي ٻه ڇانگيءَ ۾ ڦاسي پوندا آهن، جو اتي هڪ قسم
جو لڳلڳدار مادو چنبڙيل ٿئي. اهي هوا سان ايندڙ
مٽي ۽ دز کان سواءِ زهريلين شين کي به ختم ڪري
ڇڏيندا آهن. جيئن اڳي ٻڌايو اٿم ته انهيءَ کان
سواءِ هوا جي ناليءَ ۾ لکين خوردبيني_ وار پڻ ٿين،
جيڪي اڳتي پوئتي ٿيندا هوا کي ڇاڻيندا ۽ صاف ڪندا
رهندا آهن.
جانڻ انهن سڀني ڳالهين جو خيال رکندو آهي ته جئين اسان کي ڪابه
تڪليف نه ٿئي، ان ڪري هو نڪي سگريٽ ڇڪيندو آهي ۽
نه ئي اهڙي هنڌ رهندو آهي، جتي دونهون يا ڌپ وغيره
هجي. جانڻ جڏهن سخت پورهيو ڪندو آهي، ڏاڪڻ تي
چڙهندو يا ڊوڙندو آهي، تڏهن آءٌ هن لاءِ گھڻي
آڪسيجن هوا مان کڻندو آهيان، جيڪا رت سان ملي سندس
سڄي جسم کي ملندي رهندي آهي، ڇو ته ائين سخت ڪم
ڪرڻ سان هو تڪڙا ۽ اونهان ساهه کڻندو آهي، جنهنڪري
هوا گھڻي ۽ جلد جلد اسان کي پهچندي رهندي آهي.
رت جو دورو ۽ دل
ڪهڙي به سنهي سُئي بت تي ڪٿي به لڳي وڃيم ته رت نڪري ايندو،
ڇاڪاڻ ته آءٌ جانڻ جي ذري ذري ۾ موجود آهيان. مون
کان سواءِ جيڪر جانڻ جيئرو رهي نه سگھي. آءٌ ٽن
شين جو ٺهيل آهيان: (1) پاڻياٺ (2) ڳاڙها جزا ۽
(3) اڇا جزا.
مان هڪ اهڙوسرشتو آهيان، جو جانڻ جي بدن ۾ پنجهتر هزار ميل پنڌ
ڪندو آهيان. انهيءَ نموني سان آءٌ هر هڪ عضوي ۽
ٻوٽيءَ ٻوٽيءَ جو چڪر لڳائي، ان کي نه رڳو کاڌو
پهچائيندو آهيان. پر غلاظت به ڪڍي، صاف ڪندو رهندو
آهيان ته جانڻ جي جسم ۾ هڪ ڪروڙ ويهه لک ڳاڙها جزا
آهن ۽ هر هڪ ڳاڙهو جزو هڪ سؤ ويهه ڏينهن زنده
رهندو آهي، پوءِ مري ويندو آهي. ساڳي وقت اوترا
ٻيا جزا تيار ٿيندا رهندا آهن.
آءٌ جانڻ جي دل کان اهو سفرشروع ڪندو آهيان ۽ جسم جي سڀني
عضون کان ٿيندو، وري اچي واپس دل ۾ پهچندو آهيان.
دل منهنجي لاءِ هڪ پمپ ڪرڻ جي مشين آهي، جيڪا مون
کي ڌڪي ۽ واپس ڇڪي ٿي.
منهنجو ڳچ حصو پاڻياٺ آهي، جيڪو هلڪي پيلي رنگ جو اٿم. جانڻ
جيڪي ڪجھ کائيندو آهي، ان جا هضم ٿيل، طاقت ڏيندڙ
جزا پاڻِي منهنجيءَ پاڻياٺ ۾ گڏ ٿي ويندا آهن،
جيڪي بدن جي جدا جدا هنڌن تي پهچن ٿا ۽ موٽ ۾ وري
اتان خراب ٿيل ۽ پراڻا جزا موٽي انهيءَ پاڻياٺ ۾
ملندا اٿم. جڏهن آءٌ بُڪين مان لنگھندو آهيان ته
اتي جانڻ جون بُڪيون مون منجھان غلاظتون، پيشاب جي
صورت ۾ چهي، ڇاڻي ڪڍي ڇڏينديون آهن.
منهنجي ذري کي خوردبينيءَ جي مدد سان جاچي ڏسبو ته منجھس لکين
گول ذرڙا ڏسڻ ۾ ايندا، جيڪي ڳاڙها ۽ اڇا اٿم.
منهنجو ڳاڙهو رنگ به انهن ڳاڙهن جزن جي ڪري آهي.
سرءُ جي تپ ۾ هي ذرڙا گھڻي ڀاڱي ناس ٿي ويندا آهن،
پوءِ جانڻ بيمار ٿي پوندو آهي ۽ پيلو لڳندو آهي.
اهي ئي گول ذرڙا آهن، جيڪي سڄي جسم کي آڪسيجن
پهچائين ٿا. انهن ۾ وري ٻه شيون آهن: هڪ فولاد جا
پتڪڙا ذرا ۽ ٻيو گلوبين. گلوبين جو اهو ڪم هوندو
آهي ته آڪسيجن کي گڏ ڪري، هڪ هنڌان ٻئي هنڌ
پهچائي.
جانڻ پنهنجي جسم ۾ ۽ مون ۾ هڪ خاص مقدار ۽ داٻ کي برقرار رکڻ
لاءِ پاڻي به پيئندو آهي، پوءِ مون کي جڏهن جڏهن
پاڻي جي ضرورت پوندي آهي ته آءٌ اهو پاڻي گھربل
مقدار ۾ کڻي وٺندو آهيان ۽ جي گھڻو ٿي ويندو آهي
ته وري پيشاب، پگھر ۽ هوا کي گھمائي ٻاهر ڪڍي
ڇڏيندو آهيان، انهيءَ ڪري آءٌ پاڻيءَ جو هڪ هڪ ڦڙو
سنڀالي رکندو آهيان.
منهنجا به ڪجھ قسم آهن. جھڙوڪ: اي، بي، او ۽ اي، بي. انهيءِ
کان سواءِ منهنجا ڪي ٻيا به قسم ٿين، جھڙوڪ: ايم،
اين، پي ۽ آر،ايڇ وغيره.
منهنجو نّظام ائين آهي، جيئن هڪ وڏي شهر جو پاڻي پهچائڻ جو
بندوبست. دل مون کي هر هڪ هنڌ تائين پهچائڻ لاءِ
رڳن ۽ شريانن وسيلي منهنجي مدد ڪندي آهي، جيڪي
ڄار وانگر جسم جي هر هڪ حصي ۾ پکڙيل آهن. انهيءَ
ڪم لاءِ وار_ نليون پڻ منهنجي مدد ڪنديون آهن،
اهي وري ايتريون سوڙهيون ۽ ننڍيون آهن، جو آءٌ
انهن مان هڪ تهه وانگر ٿي لنگھندو آهيان.
جانڻ ائين سمجھندو آهي ته هو ساهه ڦڦڙن سان کڻي ٿو، کاڌو آنڊي
سان هضم ڪري ٿو، پر ائين ناهي، سچ پچ ته هو اهي سڀ
ڪم رت جي نلين جي ڪري ڪندو آهي. انهيءَ ڪري ئي هو
جڏهن بيمار ٿي پوندو آهي ته سڀ کان اڳ ڊاڪٽر سندس
اک واريون رت - نليون ۽ وار-نليون تپاسيندو آهي،
ته اهي صحيح نموني سان ڪم ڪري رهيون آهن يا نه،
ڇو ته اهي بند ٿي وڃن يا ڦوڪجي وڃن ته اها جسم
لاءِ هڪ خطرناڪ ڳالهه ٿي سگھي ٿي.
جڏهن جسم کي ڌڪ لڳندو آهي يا ڪو چير ايندو اٿس ته هو مون کي
وهائڻ شروع ڪندو آهي. جي هو ائين مون کي وهائيندو
رهي ته شايد پاڻ به پورو ٿي وڃي. انهيءَ نقصان کي
ختم ڪرڻ لاءِ آءٌ هڪدم پنهنجي رت جي پاڻياٺ جا جزا
اوڏانهن موڪليندو آهيان ته جيئن اهي اتي پهچي هڪدم
چير واري هنڌ تان منهنجو وهڻ بند ڪري ڇڏين. اهو
سڄو ڪم اصل منٽن ۾ ٿيندو آهي. پوءِ جڏهن منهنجي
وهڪ بند ٿي ويندي آهي، تڏهن آءٌ وري اوڏانهن هڪ
ٻيو ڪيميائي مرڪب فائبرن موڪليندو آهيان، جيڪو زخم
سڪائڻ ۽ بند ڪرڻ لاءِ تمام سٺي شيءِ آهي. هي مرڪب
آءٌ ڪڏهن به پاڻ سان گڏ نه رکندو آهيان، ڇو ته جي
اهو آءٌ هميشه پاڻ وٽ رکان ته هي نسن ۽ شريانن جي
وهڪ کي به بند ڪري ڇڏي، بس وقت پوڻ تي هي مدد لاءِ
هڪدم تيار ٿي ويندو آهي. هن جي ٺاهڻ ۽ پيدا ڪرڻ جو
عمل به سيڪنڊن ۾ شروع ٿيندو آهي.
منهنجي اڇن جزن ۾ وري هيءَ خوبي ٿئي ته اهي ٻاهرين زهريلن جيتن
جي حملن کي روڪيو ۽ انهن کي هڪدم کايو کپايو ختم
ڪريو ڇڏين. منهنجا اڇا جزا تمام ڪارائتا ۽ ضروري
آهن. هي نه هجن ته جانڻ کٽ تان به اُٿي ڪين سگھي.
منهنجي هنن اڇن جزن ۾ هڪ ٻي به خوبي ٿئي، جيڪا
تمام سٺي آهي. اها هيءَ ته جانڻ جڏهن ننڍو هو،
تڏهن کيس وڏي ماتا ٿي پيئي هئي، انهيءَ کان پوءِ
هن وقت تائين کيس اها بيماري وري نه ٿي آهي، ڇو ته
اڇن جزن جي يادگيري ڏاڍي تيز آهي. هڪ دفعي کان
پوءِ هنن اها ڳالهه اهڙي ياد ڪري ڇڏي آهي، جو هاڻي
جڏهن به اهڙي ڪا گڙ ٻڙ محسوس ڪندا آهن ته ان کي
هڪدم ختم ڪري ڇڏيندا آهن. انهيءَ کان سواءِ هي جزا
اهو ڪم پڻ ڪندا آهن ته جي هڪ دفعو اهڙي ڪا بيماري
ٿي پيئي ته انهيءَ جو خاتمو ڪري، اڳتي لاءِ به
دشمن کي مارڻ لاءِ ساڳيون شيون سانڍيندا ايندا.
اڇا جزا جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري ناس ٿي وڃن يا گھٽجي وڃن ته جسم
مري به سگھي ٿو، ڇو ته انهن کان سواءِ هو گھڻو وقت
زنده رهي نٿو سگھي.
آءٌ دل جي پمپ جي مدد سان سڄي جسم ۾ گشت ڪندو آهيان ۽ اهڙيءَ
طرح جسم جي هر هڪ خليي تائين پهچندو آهيان. توهان
سمجھندا هوندا ته جانڻ جي جسم ۾ ڪي سوين هزارين
خليا هوندا، پر نه، اهي ڇهه ڪروڙ آهن. جانڻ جيئن
ته صحتمند ۽ سگھو آهي، انهيءَ ڪري سندس جسم ۾ پنج
لِٽر رت آهي، جنهن مان هو ٻه آئونس روز خرچ ڪندو
رهندو آهي. اها کوٽ، هو هڏن جي مک مان نئون رت
ٺاهي پوري ڪندو آهي.
دل
مان جانڻ جي دل آهيان. هڪ مشڪائون لوٿرو، پان جي پتي جهڙي.
منهنجو ڪم رت کي پاڻ کان جسم جي مختلف حصن تائين
موڪلڻ ۽ اتان واپس پاڻ ڏانهن آڻي، وري ڦڦڙن تائين
آڻڻ ۽ نيڻ آهي. آءٌ ڏاڍي حساس آهيان ۽ کاٻي ببيءَ
جي هيٺان، سيني ۾ اندر رهان. آءٌ ٻين عضون کان الڳ
هڪ پردي ۾ ويڙهيل آهيان، جنهن مان رڳون ۽ نسون
نڪرن ٿيون. منهنجا چار خانا آهن: ٻه مٿان ۽ ٻه
هيٺان، جيڪي هڪٻئي کان بلڪل الڳ آهن ۽ ساڳئي وقت
وري ننڍڙين درين رستي هڪٻئي سان مليل پڻ آهن. آءٌ
هڪ ئي وقت ۾ ٻن پاسن ڏانهن رت جا وهڪرا وهائيندي
آهيان.
مون ۾ رت رڳو هڪ پاسي، يعني مٿئين سڄي پاسي کان داخل ٿيندو آهي،
جيڪو جسم جي جدا جدا حصن کان ايندو اٿم، سو گندو ۽
آڪسيجن کان خالي ٿئي. پوءِ جڏهن هن حصي ۾ رت
پهچندو آهي ته اهو حصو سوس کائي اهو رت هيٺين حصي
ڏانهن موڪلي ڏيندو آهي. رت موڪلڻ لاءِ انهن ٻنهي
خانن جي وچ ۾ هڪ دري اٿم. هيٺئين حصي کان پوءِ اهو
رت سڌو سنئون ڦڦڙن ڏانهن هليو ويندو آهي، جتان
آڪسيجن کڻي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ڪڍي وري هڪ نَس
وسيلي موٽي اچي دل جي مٿئين کاٻي خاني ۾ پوي ۽ وري
هيٺين خاني ۾ اچي، جتان وري سڄي جسم ڏانهن موڪليو
ويندو آهي، ايتريقدر جو جيڪي سنهيون وارن جھڙيون
نليون ٿين، جيئن اک ۾، ته اتي به هي پهچي ويندو
آهي. رت جي وهڪ منهنجي ڪري ئي ٿيندي آهي جو آءُ هڪ
خودمختار ۽ زبردست ڌڪيندڙ ۽ ڇڪيندڙ پمپ آهيان.
منهنجو وزن به ڪو گھڻو ڪونهي، بس رڳو ٽي سؤ گرام ۽
هر روز رت کي جسم ۾ سٺ هزار ميل پنڌ جيترو ڌڪيدي
آهيان.
مون کي ڪي بيماريون به ٿي پون. انهن مان ڪي اهي آهن، جيڪي مون
کان سواءِ رڳن ۽ نسن سان به واسطو رکنديون آهن.
مون مان جيڪي نليون نڪرن ٿيون، انهن کي شريانيون چوندا آهن....
لچڪيدار رت-واهڻ آهن، جي رت لنگھڻ تي پيون سُسن ۽
ڦنڊن، جنهنڪري ڪرائي يا ٻين هنڌن تي ’دڪ دڪ‘ پئي
معلوم ٿئي. شريانيون جيئن پوءِ تيئن وڃن سنهيون
ٿينديون، تان جو وار جھڙيون سنهيون نليون ٿيو وڃن،
ان ڪري اهي سڏجن ئي وار_نليون. وار نليون سڄي بدن
۾ پکڙيل آهن. هنن مان ڪي توهان کي اکين ۾ به ڏسڻ ۾
اينديون. سندن ڀتيون اهڙيون ته سنهيون آهن، جو
منجھانئن گئسون به اچي وڃي سگھن ٿيون. جڏهن
شريانين مان رت، وار نلين ۾ اچي ٿو، تڏهن رت ۾
جيڪو سٺو کاڄ آهي، سو وار نلين جي سنهين ڀتين مان
نڪري، بدن ۾ ڪم اچي ٿو ۽ بدن ۾ جيڪو گند آهي، سو
وار نلين ۾ وڃي، رت سان گڏجي ٿو. تنهن کان پوءِ
وار نليون گڏجي وڃن وڏيون ٿينديون ۽ خراب ٿيل رت
کنيو موٽن مون ڏانهن. انهن کي نَسون سڏجي ٿو.
چمڙيءَ جي اندران، هٿ جي پٺئين پاسي ڪاري رنگ جا
جيڪي رت_واهڻ آهن، سي نسون آهن.
منهنجي بيمارين ۾ هڪ بيماري اها به آهي، جيڪا ڄمندي ئي ملندي
اٿم. ان ڪري مان صحيح ۽ پوري نموني سان سُسي ۽
ڦنڊي نه سگھندي آهيان، جنهنڪري سڄي جسم ۾ رت
پهچائي نه سگھندي آهيان ۽ نه ئي وري پنهنجو پاڻ کي
ڀري سگھندي آهيان. منهنجي ٻيءَ بيماري ۾ اها خرابي
آهي، جنهن ۾ منهنجي خانن جون دريون وقت تي سُسڻ ۽
ڦنڊڻ سان کُلنديون ۽ بند نه ٿينديون آهن، جنهنڪري
صاف ۽ خراب رت ۾ ملاوت ٿيندي رهندي آهي ۽ پوءِ آءٌ
جسم کي پوري آڪسيجن نه پهچائي سگھندي آهيان. ڪڏهن
ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ٻاهريان پتڪڙا خوردبيني
زهريلا جيوڙا مون تائين پهچي ويندا آهن، جنهن ڪري
آءُ جسم جو گرمي پد برقرار رکي نه سگھندي آهيان ۽
پوءِ جانڻ بخار محسوس ڪندو آهي.
هڪ ٻي وڏي بيماري تڏهن به ٿيندي اٿم، جڏهن سڻڀ ۽ لوڻ منهنجين
نسن جي اندرين حصن ۽ ڀتين تي گڏ ٿيڻ شروع ٿيندا
آهن، پوءِ انهن جا گس سوڙها ٿي ويندا آهن، جنهنڪري
رت جي وهڪ گھربل مقدار ۽ رفتار سان نه ٿيندي آهي ۽
آءٌ گھٽ ۽ ٻُسٽ محسوس ڪندي آهيان.
ڪڏهن ڪڏهن رت جو دِڳ وري منهنجي ڪنهن نَس ۾ ڦاسي ۽ اٽڪي پوندو
آهي ، جنهنڪري رت جو دورو منهنجي ڌڌڪي کي بيهاري
ڇڏيندو آهي ته پوءِ ماڻهو مري ويندو آهي، پر جي
ساڳئي قسم جي رت جو دڳ منهنجي ميڄالي ۾ پيدا ٿئي
ته اهو به مون کي اڌ رنگ جي بيماري ڏئي ڇڏي، ڇاڪاڻ
ته ائين مان ميڄالي جي انهيءَ حصي کي رت پهچائي نه
سگھندي آهيان.
رت جي گهڻي دٻاءَ ڪري به ائين ٿيندو آهي ته مون تي ڇڪ وڌي ويندي
آهي، جنهنڪري آءٌ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهيان، پر جي
ائين نه ٿيو ته پوءِ هيئن به ٿي سگھي ٿو ته منهنجي
دڙڪن بي قاعدي ٿي وڃي ۽ انهيءَ سان پڻ آءٌ رت کي
ڌڪڻ ۽ ڇڪڻ جو ڪم صحيح نموني سان ڪري نه سگھندي
آهيان |