سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: بدن ۽ ان جو ڪم

باب: پهريون

صفحو :4

 

جانڻ پاڻ کي خوش ۽ تندرست رکڻ لاءِ کاڌو کائيندو آهي، جنهن ۾ اَن، ڀاڄيون، ميوا، کير، مٺايون ۽ گوشت خاص تمام ضروري آهن. هو ٽن قسمن جو کاڌو کائي ٿو. انهن ۾ پهريون اهو آهي، جنهن ۾ طاقت ٿئي ۽ جانڻ طاقتور بنجي، ان لاءِ هو ڪڻڪ، چانور، کنڊ، بٽالون، گيهه ۽ مکڻ واپرائيندو آهي. پنهنجي ٺاهه ۽ واڌ لاءِ وري آءٌ گوشت، کير، آنا، پنير،

داليون ۽ مڱيرا وغيره کائيندو آهيان ته جيئن اهي مون کي ٺاهيندا اچن. منهنجي کاڌي جو ٽيون قسم اهو آهي، جيڪو ٻاهرين حملن کي منهن ڏيڻ ۾ منهنجي مدد ڪندو آهي. اهڙن کاڌن ۾ مان پنن واريون ڀاڄيون ۽ ميوا، خاص ڪري کَٽا ميوا جھڙوڪ:  مالٽا، موسميون، گوشت ۽ کير وغيره کائيندو آهيان، اهي ٻاهرين حملن کان منهنجو بچاءُ ڪندا آهن.

کاڌو هضم ڪري رت سان ملائڻ لاءِ مون کي خاص عضوا آهن، جيڪي کاڌي کي هاضمي جي رسن سان ملائي اهڙي ساديءَ صورت ۾ آڻيندا آهن، جو پوءِ آنڊي مان چوسجي ان مان رت ٺهيو، وڃيو رت نلين  ۾ پوي. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ اهڙيون به شيون کائي ويندو آهيان، جو ڳچ وقت تائين پيٽ تي بار ٿي پونديون آهن ۽ اوڳرايون ڏيندو رهندو آهيان. اهڙيون شيون مون کي بدهاِضمو ڪري وجھنديون آهن.

کاڌي چپاڙڻ ۾ آءٌ تڪڙ ڪڏهن به نه ڪندو آهيان، جو ائين ڪرڻ سان مون کي سخت تڪليف ٿئي ۽ اهو دير سان هضم ٿئي، پِڪَ، جيڪا کاڌي کي نرم ڪرڻ ۾ ڪم ٿي اچيم، سا ڏاڍي ڪارائتيءِ شيءَ آهي. انهيءَ ڪري آءٌ هروڀرو ٿُڪ ٿُڪ به نه ڪندو آهيان. چٻاڙڻ کان پوءِ کاڌو لُڪيءَ ۾ اچيم، جا وات ۽ معدي جي وچ ۾ هڪ نلڪي وانگي آهي، کاڌو ان مان هيٺ لهندو،  اچي معدي ۾ نڪري ٿو. منهنجي معدي کي پيٽ به چون.

 

پيٽ

پيٽ يا معدو مضبوط ۽ خودڪار مشڪن جي جڙيل هڪ ڳوٿري آهي. هن ۾ کاڌي کي چار ڪلاڪ رهڻو پوندو آهي. هتي به پڪ وانگي هڪ ٻي رس پيدا ٿيندي آهي، جيڪا معدو ئي پيدا ڪندو آهي. اها سواد ۾ کٽي ٿئي. اها معدي جي رستي کاڌي کي وڌيڪ هضم ڪري، بلڪل پٽڙو ڪريو ڇڏي. منهنجي کاڌي جي ٽين ۽ چوٿين منزل ننڍو آنڊو آهي. هتي کاڌو بلڪل هضم ٿيو وڃي. هي آنڊو ور وڪڙ ٿيل ويهن فوٽن جي هڪ ڊگھي خودمختار مشڪ جي ٺهيل نالي آهي. هتي به هڪ قسم جي رس پيدا ٿيندي آهي، جنهن کي آنڊي جي رس به سڏجي ٿو. آنڊي جي رسن، جيري ۽ لب لب جي رسن سان ملي، رهيل کهيل اڻ هضم ٿيل کاڌي کي به هضم ڪري اهڙو ڪريو ڇڏي، جو اهو آنڊن جي چوسيندڙ نلين مان کڄيو وڃيو رت سان ملي؛  جتان وري اهو رت جي دوري وسيلي سڄي جسم کي خوراڪ پهچائيندو رهي ٿو، باقي ڦوڳ ۽ اڻ هضم ٿيل کاڌو ۽ پاڻياٺ وڃيو وڏي آنڊي ۾ پوي. هن جي ڊيگھ پنج فٽ کن آهي. هي ننڍي آنڊي کان گھڻو ويڪرو آهي. هن ۾ ڳچ وقت رهڻ ڪري ڦوڳ جو پاڻي به سڪيو وڃي ۽ پوءِ اهو وڏي آنڊي مان ٻاهر نيڪال ٿيو وڃي.

       

جيرو

هاضمي ۾ جيرو به منهنجي مدد ڪري ٿو. هي پيٽ جي ساڄي پاسي، ڦڦڙن جي هيٺان اٿم. مون کي ڦڦڙن ۽ جيري جي وچ ۾ پيٽ_ڇهه پڻ آهي، جيڪو رنگ جو ناسي ۽ وزندار آهي ۽ جيڪو ڪيترين ئي هضم ٿيل شين جي ڀنڊار آهي. مون کي جڏهن به ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوندي آهي ته هي هڪدم اها شيءِ پهچائي ڇڏيندو آهي. مان جيري کان سواءِ زنده رهي نٿو سگھان، جو هي منهنجي لاءِ پِت پيدا ڪندو آهي، جيڪا رنگ ۾ سائيرڙي آهي ۽ سخت ڪڙي ٿئي. هيءَ کاڌي جي سڻڀ واري حصي کي ختم ڪندي رهندي آهي. مان جڏهن بيمار ٿي پوندو آهيان ۽ بخار هوندو اٿم؛ تڏهن پِت گھڻي پيدا ٿيندي آهي. اُلٽيءَ اچڻ ڪري، ان جو رنگ به ان ڪري سائو هوندو آهي؛  جو انهيءَ ۾ پِت به ايندي آهي.

معدي جي پٺيان لب لب به ٿئي، جيڪو چار انچ ڊگھو ۽ انچ ويڪرو آهي. هي سڄي کاڌي کي هضم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي. هن جي رس هڪ ناليءَ رستي اچي ننڍي آنڊي ۾ پويم. انهيءَ کان سواءِ هي منهنجي لاءِ هڪ ٻي به رس پيدا ڪندو آهي، جيڪا کاڌي کي هضم ٿيڻ ۾ مدد نه ڏيندي آهي، پر اها منهنجي کنڊ کي خارج ڪندي رهندي آهي. اها رس هوند پيدا نه ٿئي ته پوءِ جانڻ کي پيشاب ۾ کنڊ اچڻ جي بيماري ٿي پوي.

بڪيون ۽ مثانو

توهان سوچيندا هوندا ته جانڻ پنهنجو سمورو ڦوڳ ۽ کاڌل پيتل شيون رڳو ڪاڪوس رستي ڪڍندو آهي، پر ائين نه آهي. انهيءَ کان وڌڪ مان مثانو سندس لاءِ ڪارائتو آهيان.

جانڻ جيڪڏهن چار_ پنج ڏينهن پائخانو نه به ڪري، ته به هن تي ڪو خاص اثر نه پوندو، پر جي آءٌ رڳو هڪ ڏينهن ڪم نه ڪيانس ته هو بيمار ٿي پوي. جانڻ منهنجو حڪم جھٽ پٽ مڃيندو آهي. جڏهن به کيس چوان، پوءِ ڇونه سخت ٿڌ يا گرمي هجي، ته به هڪدم اٿي مون کي خالي ڪري ڇڏيندو آهي. ڇو ته جي هو ائين نه ڪري ته مان مٿس ماڻهو کلايان.

مان گھڻيون غلاظتون گڏ ڪندو آهيان، جيڪي پاڻياٺيون هونديون آهن. اهي مون تائين پهچائڻ لاءِ سندس بُڪيون، رت مان چوسي وٺنديون آهن. مان 6 کان 24 آئونسن تائين سندس پيشاب ڪٺو ڪري، ٻاهر ڪڍي سگھان ٿو، پر جيئن ته جانڻ مضبوط ۽ تندرست ماڻهو آهي،  انهيءَ ڪري هو هڪ لٽر تائين مون منجھ پيشاب ڪٺو ڪري سگھندو آهي. جڏهن هن کي پگھر گھڻو نڪرندو آهي، تڏهن هو گھٽ مُٽندو  آهي ۽ جي پگھر نه نڪرندو اٿس ته پوءِ هو گھڻو مُٽندو آهي.

مان جسم جي ٻين عضون جون بيماريون ته ختم ڪندو رهندو آهيان؛  پر ڪڏهن ڪڏهن آءٌ پاڻ هڪ بيماريءَ ۾ ڦاسي پوندو آهيان.  مون کي پٿري ٿي  پوندي آهي؛ جنهن جي ڪري مون کي سخت سور ۽ تڪليف ٿي پوندي آهي ۽ مون منجھ گڏ ٿيل پيشاب، رستي جي بند ٿي وڃڻ ڪري واپس رت سان وڃي ملندو آهي. پيشاب جي واپس رت سان ملڻ ڪري، رت زهريلو بڻجي ويندو آهي، پوءِ جسم ختم به ٿي سگھي ٿو.  پٿري انهن معدني جزن مان ٺهندي اٿم جيڪي پيشاب ۾ گھڻي مقدار ۾ گڏ ٿي ويندا آهن. انهيءَ کان سواءِ ڪن ٻين سببن جي ڪري پڻ پٿري جڙي ٿي. ڪن حالتن ۾ ورزش نه ڪرڻ ڪري به پٿري ٿي پوندي آهي. پٿريون جدا جدا وزن جون ٿين. انهن مان ڪي ايتريون ته ننڍيون ٿين جو پيشاب سان گڏ وهيو وڃن ۽ ڪي تمام وڏيون ٿين جن جو علاج ڪرائڻو پوندو آهي.

توهان کي عجب لڳندو ته آءٌ نارنگيءَ جيتري پٿري به ڪيترن سالن تائين جھلي سگھان ٿو. اها پٿري تڏهن خطرناڪ ٿي پوندي آهي، جڏهن انهيءَ ۾ نوڪدار چهنبون پيدا ٿينديون آهن، پوءِ آءٌ بيوس ٿي پوندو آهيان. پوءِ به هيءَ بيماري منهنجي لاءِ ايتري خطرناڪ ناهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org